شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي: انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سنڌ جا مڙئي پڙهيا ڪڙهيا ماڻهو احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. اها محبت ان جي نظرين ۽ فڪر سان آهي، ان جي ڪمن ۽ ڪارنامن سان آهي ۽ ان شخص جي زندگيءَ ۾ ڪيل حاصلات سان آهي. هو تمام غير معمولي انسان هو. هن ڪتاب ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي عظيم انقلابيءَ جي عظمت، شخصي سندرتا ۽ سڀاءَ جون عڪس آرايون به آهن ته هُن جي ڪارنامن جو وچور به ڦهليل آهي. اسان جو نئون نسل ان مان سوچ، لوچ، همتن ۽ انساني ڀلاين لاءِ جهد جا ڪيترائي سبق حاصل ڪري سگهندو. اهو ئي سوچي هي ڪتاب سهيڙيو ويو آهي.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي:  انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي حاضري ۾ : مولانا حڪيم محمد معاذ

هيءَ ڳالهه 1319 هجري جي آهي جڏهن آئون 7 سالن جو هوس ۽ مون کي چڱيءَ طرح يادگيري به نه آهي. جڏهن بابا مرحوم مون کي مولانا مرحوم جي حاضريءَ ۾ ڇڏي ويو هو. اهو زمانو هو جڏهن مولانا مرحوم مدرسه دارالرشاد پير جهنڊو تعلقو هالا ضلعو حيدرآباد ۾ جاري ڪيو هو. اهو مدرسو حضرت پير صاحب خلافت ڌڻي مرحوم جي نوازش سان جاري ٿيو. جيئن ته پير صاحب مرحوم سنڌ ۾ سياسي تحريڪ خلافت ۾ زبردست حصو ورتو هو، ان ڪري جماعت ان مرد مجاهد کي خلافت ڌڻي جي نالي سان سڏيندي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي، مذهبي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ ۾ حضرت مولانا سنڌي جو هٿ آهي ته ان وقت اسان حضرت پير صاحب مرحوم خلافت ڌڻي کي وساري نٿا سگهون. 1919ع ۽ 1920ع ۾ جڏهن سنڌ جي مسلمانن ۾ جهالت جو دور دوره هو ۽ اهڙي وقت ۾ سنڌ جو هڪ وڏو پير سنڌ جي سياست ۾ پهچي هزارين مريدن سان حصو وٺي ان تي سنڌ وارا جيترو فخر ڪن اوترو ٿورو آهي، ان ڪري آءٌ سنڌ جي مسلمانن خاص ڪري حضرت پير صاحب مرحوم جي معتقدن کي عرض ڪندس ته حضرت پير صاحب مرحوم جي وفات جو ڏينهن به يادگيريءَ طور ملهايو وڃي. خير اهو ذڪر به ڏاڍو ضروري هو ان ڪري اچي ويو. آءٌ ننڍو هوس ابتدائي تعليم حاصل ڪندو هوس، پورو شعور به ڪو نه هو ٿوري عرصي ۾ ابتدائي تعليم ختم ڪري عربي جي ثانوي تعليم ۾ داخل ٿيس، اتي حضرت مولانا کي به ڏسڻ لڳس. مون کي مولانا سان ڪو تعلق نه هو. ابتدائي ڪتاب پڙهندو هوس پر اهو معلوم هو ته مولانا کي ”وڏو مولوي صاحب“ ڪري سڏيندا هئاسون. 7-8 مدرس هئا ان ۾ مهتمم صاحب حضرت مولانا هئا. تقريباً ننڍا وڏا 300 کن شاگرد هئا. حضرت مولانا گهڻو ڪري هر شاگرد ننڍي وڏي کي سڃاڻندا هئا. مولانا جي ان وقت ڦوهه جواني هئي. سفيد ۽ منور چهرو، ڪاري ڊگهي ڏاڙهي، وڏيون ۽ پررعب اکيون، بارعب چهرو. فقط هڪ وڏو ڪڙتو ۽ ننڍي شلوار، مٿي تي ٻه ٽي هٿ پٽڪو هميشه سوچيندڙ ۽ غور ڪندڙ معلوم ٿيندا هئا. سڄو ڏينهن تعليم جي خيال ۽ مدرسي جي نظام ۾ مشغول هوندا هئا. قرآن شريف جو ترجمو ۽ حديث شريف جا ڪتاب ۽ حجة الله البالغه جو پڙهائڻ سندن محبوب ترين مشغلو هوندو هو. سندن رهڻ جو ڪمرو بلڪل ننڍو ۽ سوڙهو هو. ڪمري ۾ هڪ تڏو ۽ چٽائي، کٽ ۽ وڪيل، پئسا اخبار ۽ وطن اخبارن جا ڍڳ لڳا پيا هوندا هئا. شاگردن جي تعليم تربيت اخلاق، آداب کائڻ ۽ پيئڻ جو وڏو خيال رکندا هئا. ايڏو مدرسو هڪ گهر معلوم ٿيندو هو ۽ ايئن پيو معلوم ٿيندو هو ته ان گهر جو ابو اهو ”وڏو مولوي صاحب“ آهي. مدرسي جي يتيمن تي خاص نظر ڪندا هئا، مدرسي جا يتيم ايئن سمجهندا هئا ته اسان جو ابو جيئرو آهي. مدرسي ۾ عربي تعليم لاءِ بهترين استاد مولانا پيدا ڪندو هو. انهن استادن جي هر طرح خاطري ڪندا هئا. سندن پگهار ان زماني ۾ پنجاهه رپيا هوندو هو. اهو سمورو پگهار انهن استادن ۽ يتيم شاگردن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا. هفتي ۾ هڪ دفعي عربي جي شاگردن کي هڪ جاءِ تي گڏڪري قرآن شريف مان ڪنهن آيت تي تقرير ڪندا هئا ۽ اهو سلسلو سارو سال هلندو هو. مدرسي جي شاگردن کي کاڌو، ڪتاب مدرسي مان ملندا هئا. ڪيترن شاگردن کي ته ڪپڙا به ڏيندا هئا. شاگردن جي صحت ۽ صفائي جو وڏو خيال رکندا هئا. ڪڏهن تفريح لاءِ شاگردن کي سنڌو درياهه (جو هتان 3 يا 4 ميل هو) وٺي ويندا هئا. اتي پلا وغيره وٺي شاگردن کي کارائيندا هئا ۽ سڄو ڏينهن شاگرد سنڌو درياهه تي رهندا هئا. مولانا مدرسي ۾ عربي جي شاگردن لاءِ انگريزي جي تعليم شروع ڪرائي. عربي سان گڏ انگريزي جي تعليم لاءِ هڪ انگريزي ماستر مقرر ڪيل هو ۽ انگريزي کي لازمي ڪري ڇڏيائون، جنهن تي ڪيترا عربي جا طالب العلم ناراض ٿي مدرسو ڇڏي ويا پر مولانا جنهن کي هڪ دفعو جاري ڪندا هئا ته ان کي مضبوطيءَ سان هلائيندا هئا.

حضرت مولانا جي والده:
حضرت مولانا جي والده سک ڌرم جي هئي ۽ مذهب جي پابند هئي. سندن والده به ساڻن پير جهنڊي ۾ رهندي هئي. ان جو وڏو خيال ڪندا هئا ۽ هر طرح جي خدمت ڪندا هئا. پير جهنڊي جي ڀرسان هڪ ڳوٺ هو جنهن ۾ سک گهڻا رهندا هئا. مولانا پنهنجي والده کي مهيني ۾ هفتو کن اتي ڇڏي ايندا هئا ۽ مائي اتي سکن جي ٺڪاڻي ۾ رهندي هئي. مولانا سمورو خرچ ڏئي ايندا هئا. والده جو ايڏو ته ادب رکندا هئا جو مائي ڪاوڙبي هئي ته مولانا مٿو جهڪائي ڏيندا هئا ۽ هوءَ پئي ماريندي هئي ۽ هي بندو خدا جو ماٺ ڪريو بيٺو هوندو هو. جڏهن ماري ٿڪندي هئي ته صبر سان هليو ويندو هو. ايڏو وڏو سياسي ۽ مذهبي مفڪر ۽ ايڏو وڏو ڪردار ۽ اخلاق جو مجسمو! شايد موجوده دنيا مثال پيش نه ڪري سگهي. 1916ع ڌاري حضرت مولانا مدرسي دارالرشاد مان هليا ويا ۽ دهلي ۾ وڃي ٽڪيا. اتي فتح پوري مسجد جي اترئين دروازي جي مٿان حضرت مولانا 5-6 ڪمرا ڪرائي تي ورتا. ان ۾ هڪ مدرسو نظارة المعارف قرآنيه کوليائون، ان ۾ ٻن قسمن جا طالب العلم مولانا رکيا. هڪ عالم عربي جا فاضل ۽ ٻيا گريجوئيٽ بي اي ۽ ايم اي هر هڪ طالب العلم کي پنجاهه رپيا ماهوار وظيفو ڏيندا هئا. آئون 3-4 مهينن کانپوءِ دهلي هليو ويس ۽ وڃي حضرت مولانا جي خدمت ۾ رهيس. مولانا صبح جو سوير اڃا رات پئي هوندي هئي ته سير لاءِ نڪري ويندا هئا. آئون ڊسمبر ۾ دهلي پهتو هوس. ان وقت سخت سردي هوندي هئي پر حضرت مولانا پنهنجي معمول تي سختيءَ سان پابند هوندا هئا. سير کان فارغ ٿي پوءِ درس قرآن شروع ٿيندو هو. علماءَ ۽ گريجوئيٽ پڻ شريڪ ٿيندا هئا. 4 ڪلاڪ حضرت مولانا درس ڏيندا رهندا هئا. حضرت مولانا مذهب جا سخت پابند هوندا هئا. جڏهن مدرسي دارالرشاد ۾ هوندا هئا ته ڪو به طالب العلم ٻيڙي يا حقي وغيره کي اصل ويجها نه ويندا هئا، پر ڏاڙهي به شرعي هوندي هئي. هتي نظارة المعارف قرآنيه ۾ سڀئي انگريزي خوان ڏاڙهي ڪوڙ ۽ سگريٽ پيئندڙ هوندا هئا.
پر مولانا ڪنهن کي به سگريٽ پيئڻ کان يا ڏاڙهي ڪوڙائڻ کان منع نه ڪندا هئا. پر 15 ڏينهن کان پوءِ اهي ساڳيا ماڻهو پاڻ مرادو سگريٽ ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ڏاڙهي رکڻ لڳندا هئا. ايئن پيا ڏسڻ ۾ ايندا ته وڏا پرهيزگار ۽ مولانا آهن. مولانا جي درس قرآن ۾ شهر دهلي جا ڪيترا علماءَ ۽ اڪابر به شريڪ ٿيندا هئا. اهو وقت هو جو هندستان جي مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ٿيڻ لڳو هو. دهلي ۾ رئيس الاحرار مولانا محمد علي مرحوم همدرد ۽ ڪامريڊ اخبار ڪڍندا هئا. ڊاڪٽر انصاري مرحوم ۽ مسيح الملڪ حڪيم اجمل خان مرحوم اهي مسلمانن جا رهنما پنهنجي نوع ۾ مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪري رهيا هئا. اهي رهنما ته مولانا سان ملندا رهندا هئا. 1857ع کان پوءِ هي پهريون دور هو جو مسلمانن ۾ سياسي بيداري اچڻ لڳي هئي ۽ انگريزن جي برخلاف کلم کلا بغاوت جو سلسلو شروع ٿيو هو. مولانا ابوالڪلام آزاد جي الهلال ۽ مولانا محمد علي مرحوم جي همدرد ۽ ڪامريڊ قلمي جهاد شروع ڪيو هو ۽ مسلمان غلام هئڻ کي محسوس ڪرڻ لڳا هئا ۽ چوڻ لڳا ته غلامي کان نجات ڪيئن حاصل ڪجي. هيڏانهن مولانا سنڌي مرحوم جو درس قرآن جنهن ۾ علماءِ ۽ انگريزي خواندن جو وڏو انگ جو شريڪ هو، اها مذهبي رنگ ۾ قرآني تعليم ۽ ان سان گڏ قرآني سياست اهي ٻئي طبقا حاصل ڪري رهيا هئا. گويا ڪه علي ڳڙهه ۽ ديوبند ٻئي گڏجي مسلمانن جي رهنمائي لاءِ حقيقي ماڻهو پيدا ڪري رهيا هئا. مولانا سنڌي مرحوم جي درس ۾ هاڻي ته تمام وسعت پيدا ٿي چڪي هئي ۽ گريجوئيٽ طبقو ڪثرت سان شريڪ ٿيڻ لڳو هو، ان سان سي آءِ ڊي جو به چڱو تعداد اچي شريڪ ٿيو هو ۽ ٿوري وقت ۾ مولانا معلوم ڪري ويندا هئا ته هي صاحب سي آءِ ڊي سان تعلق رکندڙ آهي، پر مولانا صاحب ان سان پاڻ محبت سان پيش ايندا هئا ۽ هنن کي به ساڳيو وظيفو ملندو پر هنن جي طبيعت ۾ ڪو به ڦيرو ڪو نه ايندو هو. نظارة المعارف قرآنيه دهلي جا خاص پراڻا حضرت مولانا جا شاگرد مولانا شائق احمد نعماني ايڊيٽر اخبار عصر جديد ۽ حڪيم مولوي فضل الرحمان صاحب هاڻي ڪراچيءَ ۾ موجود آهن، ان دور ۾ جڏهن انگريز سامراج جي برخلاف چپ چورڻ گناهه سمجهيو ويندو هو، اهڙي وقت حضرت مولانا سنڌي وائسراءِ جي تخت گاهه دهليءَ ۾ مسلمانن ۾ قرآني درس شروع ڪيو جو سراسر سياسي بيداري جي شروعات هئي ۽ انگريز سامراج اهو معلوم ڪري ڇڏيو هو ته اهو قرآني درس جنهن ۾ جهاد جو سبق مسلمانن کي ڏنو وڃي ٿو، جتي حجة الله البالغه حضرت شاهه ولي الله صاحب جو صحيح مفهوم مسلمانن کي سمجهايو وڃي ٿو. انگريز بخوبي معلوم ڪرڻ لڳو ته اهو قرآني درس انگريز سامراج جي حڪومت لاءِ ضرور خاتمو آڻيندو. ان ڪري انگريز جي نظر ان طرف زياده ٿيڻ لڳي پر مولانا صاحب به ان فرصت کي غنيمت سمجهي وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳا. صبح جو درس قرآن هوندو هو ته هفتي ۾ 2 ڀيرا ضرور ديوبند ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن صاحب قبله جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ حضرت مولانا سنڌي فرمائيندا هئا ته دهلي ۾ سندس قيام حضرت شيخ الهند مرحوم جي ارشاد موجب آهي. حضرت مولانا جي ان محنت ۽ زعماء هند جي مسلمانن جي ڪوشش جو نتيجو اڳتي هلي تحريڪ خلافت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، پر حضرت مولانا ان خلافت هلچل کان اڳ ۾ افغانستان هجرت ڪري چڪا هئا. اها هجرت به حضرت شيخ الهند مرحوم جي حڪم موجب هئي. ڇو ته هڪ دفعي مڪي معظمه جي حرم شريف ۾ جتي مولانا هميشه عصر نماز کان پوءِ مالڪي مصلي وٽ ويهندا هئا ۽ هميشه سندن حلقي ۾ سوين ماڻهو موجود هوندا هئا، ان موقعي تي مولانا صاحب مدرسه عاليه ڪلڪته به موجود هئا جو حضرت مولانا سنڌي جو همعصر هو. مولانا سنڌي فرمائڻ لڳا ته حضرت شيخ الهند مرحوم ٻه دفعا فرمائي چڪا هئا ته ڪو ماڻهو هجي جو افغانستان هليو وڃي، مولانا صاحب ان مجلس ۾ فرمايو ته ٽئي دفعي مون سمجهيو ته جيڪڏهن حضرت شيخ الهند مرحوم جي حڪم جي تعميل نه ڪيم ته شايد ڪفر جي حد کي وڃي رسبو، ان ڪري اسان هندستان کي خيرباد چئي افغانستان هجرت ڪري وياسون. 1926ع جولاءِ ۾ حج گذرڻ بعد حضرت مولانا يورپ مان مڪي معظمه ۾ پهتا هئا. مولانا 12 سال مڪه معظمه ۾ رهيا پر حڪومت سان سندن ڪو به تعلق ڪو نه هو. نه وري مولانا صاحب ڪو سياست ۾ بهرو وٺندا هئا. مولانا جن فرمائيندا هئا ته اسان خانه ڪعبه ۾ اچي امن ورتو آهي. مولانا اتي ڀوپال جي رباط ۾ رهندا هئا ۽ هميشه جيئن متو ڪلانه زندگي بسر ڪندا هئا، اتي به ايئن رهندا هئا، ڪيترا دنيا اسلام جا علما ۽ هندستان جا انگريزي خوان قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا. مڪه معظمه جي حرم جو پيش امام ۽ ٻيا علماءَ ڪرام جي جامعه ازهر جا فارغ التحصيل هوندا هئا، اهي مولانا مرحوم وٽ قرآن حڪيم جو درس وٺندا هئا، جيئن ته روس جو مولانا علامه موسيٰ جارالله جڏهن مڪه معظمه ۾ آيا ته مولانا جو قرآن حڪيم جو درس ٻڌي گرويده ٿي پيا ۽ مولانا کان درس ورتائون تازو ان تفسير جو هڪ پاره به الهام الرحمان في تفسير القرآن اداره بيت الحڪمت ڪراچي پاران سنڌي زبان ۾ شايع ٿيو آهي.
اهو تفسير قرآن علامه موسيٰ جار الله عربيءَ ۾ مولانا سنڌي مرحوم کان حاصل ڪيو هو. ان قسم جو هاڻي سنڌيءَ ۾ پهريون پاره سوره بقره جو شايع ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي مسلمانن بيت الحڪمت وارن جي مدد ڪئي ۽ سيپاره خريد ڪيائون ته آهستي آهستي سڄو تفسير القرآن حضرت علامه سنڌيءَ جو شايع ٿي ويندو، ان مان سنڌ جي مسلمانن ۾ سچو اسلامي ۽ سياسي شعور پيدا ٿي پوندو. ڪابل جي رهڻ جي وقت ۾ استقلال افغانستان مولانا مرحوم جي فڪر ۽ محنت جو نتيجو هو. اوهان ”سلڪ ليٽرس“ ٻڌا هوندا جنهن هندستان کان ٻاهر رهي هندستان جي آزاديءَ جو لاتعداد عمل هو اهي به مولانا جي فڪر جا نتيجا هئا. مطلب ته ملڪ کان ٻاهر رهي سمورو وقت حضرت علامه سنڌي هندستان ۽ مسلم دنيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ گذاريو ۽ ملڪ کان ٻاهر رهي وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. مطلب ته دنياءِ اسلام جو هي وڏو مفڪر ۽ قرآن حڪيم جو وڏو عالم پنهنجي زندگي قوم ۽ وطن ۽ قرآن حڪيم جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئائون. هن وڏي انسان پنهنجي سڄي زندگي ۾ نه گهر ٺاهيو، نه در، نه وري ڪا ملڪيت. سندن ملڪيت فقط هڪ قميص ۽ سٿڻ هئي. اسان کين ڪڏهن بسترو به ڪو نه ڏٺو. الله اڪبر اهي وصفون اولياءَ الله ۽ نبين جون آهن. موجوده دور ۾ اوهان ڪنهن رهنما ۽ ليڊر ۾ اهي صفتون نه ڏسندا. اڄ به مسلمان سندن زندگيءَ مان سبق سکن ته دين ۽ دنيا جي ترقي ڪري سگهن ٿا.
1939ع جي شروعات ۾ مولانا مرحوم سنڌ جي ليڊرن جي ڪوشش سان سنڌ ۾ اچي ويا. ان وقت مولانا پوڙها ٿي ويا هئا. مسلسل 30 سال سفر جي تڪليفن کين ضعيف ڪري ڇڏيو هو. تنهن هوندي به سندن فڪر جوان هو ۽ همت عالي هئي ۽ وطن جي خدمت جو جذبو ڀرپور هو. اهوئي سبب هو جو مولانا ان پيرانه سالي ۾ ڪڏهن ڪلڪتي ته ڪڏهن مدراس ته ڪڏهن احمد آباد ته ڪڏهن دهلي ته ڪڏهن لاهور گهر گهر آزادي جو پيغام پهچائيندا رهيا.
۽ اهوئي سبب هو جو ان پيرانه سالي ۾ سفر ۽ ان سان گڏ ڪا به سهوليت ڪا نه، نه کائڻ جو بندوبست نه رهڻ جو. روز بروز ضعف وڌندو ويو پر مولانا صبر ڪري نه ويٺا ۽ ايئن فرمائيندا هئا ته اسان جو وقت ختم ٿيڻ تي آهي، ان ڪري هي فرض آهي ته وقت کي غنيمت ڄاڻي آزادي جو پيغام گهر گهر پهچايو وڃي پر افسوس جو قوم اهڙن مخلصن کي تمام گهٽ ٻڌندي آهي. اڄ به قوم جيڪڏهن هن مخلص جي پيغام تي عمل ڪري ته ان ۾ قوم جي ترقي ۽ بهبودي جو راز سمايل آهي.