مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان چار ڏينهن گڏ : مولانا محمد منظور نعماني/سنڌيڪار: محمد عثمان عباسي
1937ع ۾ جڏهن انڊيا ايڪٽ 1935ع جي تحت ملڪ جي سڀني صوبن ۾ قومي حڪومتون قائم ٿيون ته مولانا سنڌي کي هندستان موٽڻ جي اجازت ملي، پاڻ 1939ع ۾ آيو هو. اچڻ سان ان ڪجهه اخبارن ۾ بيان ڏنا، جيڪي اسان جهڙن کي هضم ٿي نه سگهيا ۽ اسان محسوس ڪيو ته مولانا تمام گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي. ان ئي زماني ۾ هڪ جلسي جي صدر جي حيثيت سان جيڪو ان خطبو ڏنو ۽ ان ۾ جيڪا رهنمائي ڪئي،خود جمعيت العلماءِ وارن ان کي قبول ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ کي معذور سمجهيو ۽ جيتريقدر مونکي ياد آهي ته ان کانپوءِ جمعيت جي ڪنهن به اجلاس ۾ مولانا صدارت نه ڪئي. انهن ڳالهين جي ڪري سندن اها علمي ۽ ديني عظمت منهنجي دل مان بلڪل نڪري ويئي، جيڪا 20 سالن کان قائم هئي پر اڃا به هڪ طرح جي دوري ۽ نفرت پيدا ٿي پئي. هي حال اڪيلي منهنجو نه هو. اسان جي عام ديني حلقي جو به اهوئي حال هو. ايتري تائين جو حضرت مولانا سيد حسين احمد مدني ؓکي دارالعلوم ديوبند جي صدر ۽ ديوبند جي جماعت جي اڳواڻ جي حيثيت سان هڪ وضاحتي بيان شايع ڪرائڻو پيو، جنهن ۾ مولانا سنڌي جي عزت ۽ ان جي قربانين جو اعتراف ڪندي ساڻس انهن ڳالهين ۾ پنهنجو هم خيال نه هئڻ ظاهر ڪيو ويو هو ۽ ٻڌايو ويو هو ته مولانا جي هيءَ ذهني ڪيفيت هنن سببن جي ڪري آهي.
ان ئي زماني ۾ مون پنهنجي ماهوار رسالي ”الفرقان“ جو (جيڪو ان وقت بريلي مان نڪرندو هو.) ”شاهه ولي الله نمبر“ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. حضرت مولانا عبيدالله سنڌي جيئن ته پنهنجي زندگيءَ جي احوال ۽ نظرين جي سلسلي ۾ حضرت شاهه ولي الله ؓجو نالو تمام گهڻو استعمال ڪندو هو ۽ پنهنجي فڪر جو ماخذ ان جي ئي فلسفي کي ٻڌائيندو هو، ان ڪري مون ساڻس مراد آباد جي هڪ ملاقات ۾ کيس حضرت شاهه ولي الله رحمت الله عليه تي هڪ مقالي لکڻ جي درخواست ڪئي، جا مولانا منظور ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نوي صفحن جو اهو مقالو موڪلي ڏنو، جيڪو شاهه ولي الله نمبر ۾ ۽ ان کانپوءِ ڪتابي شڪل ۾ به شايع ٿي چڪو آهي جيڪو بلاشڪ مولانا جو شاهڪار آهي. مولانا سيد سليمان ندوي ان مقالي کي شاهه ولي الله نمبر ۾ پڙهي ڪري ان ئي زماني ۾ لکيو هو ته هن مقالي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته مولانا سنڌي جي نظر شاهه ولي الله رحمت الله عليهه جي علمن تي ڪيتري قدر گهري آهي ۽ حڪمت الاهي جي معرفت ۾ ان جو مقام ڪيترو بلند آهي.
مولانا صاحب پنهنجي ان مقالي ۾ انهن ڳالهين کي بلڪل نه ڇهيو هو، جن کي پاڻ شاهه صاحب جو نالو کڻي ۽ ان جي فلسفي جو حوالو ڏئي نيشنل ازم ۽ وطنيت جي نظريي جي سلسلي ۾ ان زماني ۾ بيان ڪندو هو، جنهن کان اسان جهڙن کي سخت نفرت ٿيندي هئي.
ان مقالي جي مطالعي جو ۽ ان سلسلي ۾ مولانا سان جيڪا خط و ڪتابت ڪرڻي پيئي ان جو نتيجو هي نڪتو جو مولانا جي باري ۾ ذهن هو ته اعتراف ڪري ورتو ته سندس علم گهڻو اونهو آهي ۽ هي به اندازو ٿيو ته اهو عوامي ۽ اخباري بيانن ۾ جديد طبقي کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ان لاءِ لفظن ۽ تعبيرن ۾ تمام گهڻو اڳتي هليو ويندو آهي، پر ان سلسلي جي انهن ڳالهين ۽ بيانن جي ڪري جيڪا ڪاوڙ ۽ نفرت دل ۾ پيدا ٿي چڪي هئي، اها گهڻو گهٽجي وئي. 1941ع ۾ راندير ضلعي سورت ۾ هڪ ديني مدرسي جي دعوت تي جلسي ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو. اتي پهچڻ کانپوءِ خبر پيئي ته حضرت مولانا عبيدالله سنڌي به جلسي ۾ مدعو آهن ۽ ٿوريءَ ئي دير ۾ اچڻ وارا آهن. ٻه ڪلاڪ به نه گذريا هئا ته مولانا پهچي ويو. اسان ٻنهي جي رهڻ جو انتظام هڪ ئي ڪمري ۾ هو. جلسو ته فقط هڪ ئي ڏينهن جو هو پر راندير جي عالمن ۽ معززن سان اسان جي جماعت ديوبند ۽ ان جي اڪابرن جا جيڪي پراڻا تعلقات آهن، ان جي ڪري ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان ٻنهي کي اتي رهڻو پيو. پهرين ئي رات جو هي واقعو پيش آيو ته سومهڻيءَ جو ڪافي دير تائين هتي جي رهاڪن، پيارن ۽ مخلصن جون ڪچهريون هن ئي ڪمري ۾ ٿي رهيون هيون. انهن جي وڃڻ کانپوءِ اسان ٻئي پنهنجي پنهنجي پلنگن ۽ پنهنجن پنهنجن بسترن تي سمهي پياسين. ڪنهن سبب جي ڪري ان رات ٿوري وقت کانپوءِ منهنجي اک کلي ته مون ڏٺو ته مولانا پنهنجي مصلي ۾ ويڙهيل هيٺ فرش تي سمهيا پيا آهن. مون خيال ڪيو ته شايد نفلن جي لاءِ سوير سوير اٿيا آهن ۽ انهن کان واندا ٿي اتي ئي سمهي پيا آهن پر مولانا رات جي آخري وقت ۾ اٿيو ۽ نفلن وغيره ۾ مشغول رهيو. ٻي رات به ساڳيو ئي واقعو پيش آيو. پوءِ ٽئين رات به ايئن ئي ٿيو. جيئن ته ڪيترا ڏينهن ۽ ڪيتريون راتيون گڏ رهڻ ڪري ڪجهه بي تڪلفي (گهرائپ) ٿي ويئي هئي ۽ سندن زندگيءَ جا ڪي پهلو سامهون اچي ويا هئا، جنهن جو انهن جي باري ۾ تصور به هئو، ان ڪري ٽئين رات جي ان تجربي ۽ مشاهدي کانپوءِ صبح جو فجر کانپوءِ مون اڪيلائي ۾ مولانا کان پڇيو ته توهان رات جو پلنگ تي سمهندا آهيو، پر انهن ٽن راتين ۾ جنهن وقت به منهنجي اک کلي مون توهان کي هيٺ فرش تي آرام ڪندي ڏٺو، اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ مولانا پهريائين ته مونکي ٽارڻ چاهيو، پر جڏهن مون گهڻو زور ڀريو ته ٻڌايائين ته مون پنهنجي سياسي زندگيءَ جي ڪجهه اهڙين سنگين غلطين جي ڪري، جيڪي ياد رکڻ جي لائق آهن، پنهنجي مٿان ڪجهه اهڙيون پابنديون وجهي ڇڏيون آهن، جيڪي مونکي اهي غلطيون ياد ڏيارينديون رهن. هي به فرمايائون ته انقلابين لاءِ هيءُ ضروري آهي ته اهي پنهنجي غلطين جي پنهنجو پاڻ کي سزا ڏين ۽ انهن کي ياد ڪن. انهن ئي پابندين مان هڪ هيءَ به آهي ته مان رات جو پلنگ تي نٿو سمهان. پوءِ منهنجي اصرار تي انهن غلطين ۽ پابندين جو ڪجهه تفصيل ٻڌايائون. فرمايائون ته هڪ زماني ۾ جورابن پائڻ جو مان ايترو گهڻو عادي هئس جو مئي، جون ۾ به جورابن کانسواءِ مون کي تڪليف ٿيندي هئي، پر جڏهن مون کان مشن ۾ هڪ غلطي ٿي ويئي ته مون جوراب پيرن تان لاهي ڇڏيا. وري هڪ ٻي غلطي مون کان ٿي ته مون رات جو پلنگ تي سمهڻ ڇڏي ڏنو. هتي رات جي شروعات ۾ مان ان ڪري پلنگ تي سمهي پوندو آهيان ته توهان کي پلنگ تي سمهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي. جڏهن مان سمجهندو آهيان ته توهان کي ننڊ اچي ويئي آهي ته مان پنهنجي معمول مطابق هيٺ لهي سمهي پوندو آهيان.“ جيستائين مونکي ياد آهي ته انهن غلطين جو تفصيل مولانا مونکي نه ٻڌايو جنهن ڪري مولانا پنهنجي مٿان هي پابنديون وجهي ڇڏيون آهن. هائو ٽين غلطي مولانا وضاحت سان ٻڌائي. اها هيءَ ته ڪابل ۾ رهڻ دوران جڏهن افغانستان جو اقتدار امان الله خان جي هٿ ۾ هو ۽ اهو منهنجو چوڻ مڃيندو هو ته مون انگريزن جي خلاف جنگ لاءِ مٿس زور وڌو. ذاتي راءِ نه هئي. مون مٿس پنهنجي ڪوشش سان پورو پورو زور وجهي کيس مجبور ڪري ڇڏيو. آخرڪار ان منهنجي ڳالهه مڃي ورتي. جنگ ٿي ۽ ٽنهي محاذن تي ٿي. هڪ محاذ جي ڪمان جنرل نادر شاهه جي هٿ ۾ هئي، ٻئي محاذ تي ان جي هڪ ٻئي ڀاءُ جي هٿ ۾ ۽ ٽئين محاذ تي ان جو هڪ ننڍو ڀاءُ ولي خان ڪمانڊر هو، مان ان سان گڏ محاذ تي هئس. جنگ جو نتيجو اهو نڪتو جو جنهن محاذ تي جنرل نادر خان هو ان تي هن انگريزي فوجن کي شڪست ڏني ۽ کين تمام گهڻو نقصان پهچايو. باقي ٻنهي محاذن تي اسان کي شڪست ملي. خاص ڪري جنهن محاذ تي جنرل ولي خان سان گڏ مان هئس ان محاذ تي اسان جو وڏو نقصان ٿيو ۽ جنگ جي مجموعي نتيجي ۾ افغانستان کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ مان ان سڄي نقصان جو ذميوار پنهنجو پاڻ کي قرار ڏيان ٿو، ڇو ته مون جنگ ڪرڻ لاءِ زور ڀريوهو. پنهنجي ان غلطيءَ کي ياد رکڻ لاءِ ان ڏينهن کان مون ٽوپي مٿي تان لاهي ڇڏي. (مولانا هر وقت مٿي اگهاڙو هوندو هو. نماز به عام طور تي اهڙي طرح پڙهندو هو) هي جنرل ولي خان جنهن سان گڏ مولانا جنگ جي محاذ تي موجود هو شاهه افغانستان ظاهر شاهه جو چاچو آهي.
جنهن ڏينهن مولانا منهنجي اصرار تي پنهنجا هي واقعا بيان فرمايا ان ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي. مولانا مونکي فرمايو مان هندستان ۾ هڪ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو (مولانا جو مقصد سياسي ڪم هو) ڇا منهنجو ساٿ ڏيندؤ؟ مون صفائي سان عرض ڪيو. مان شايد اوهان جو ساٿ نه ڏئي سگهندس. مولانا مون کان سبب نه پچيو. مون پاڻ عرض ڪيو ته اوهان ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهيو جيڪي اسان جهڙن جي سمجهه کان مٿانهيون هونديون آهن ۽ اسان انهن سان اتفاق نه ٿا ڪري سگهون، ان ڪري مان اوهان سان گڏ هلڻ جو واعدو نٿو ڪري سگهان. مولانا ان تي ڪجهه به نه چيو ۽ ڪجهه منٽ خاموش رهڻ کانپوءِ فرمايو: ”منهنجو اندازو آهي ته توهان آرام سان نه ويهندؤ، ڪجهه نه ڪجهه ڪندؤ، ان ڪري مان توهان کي ٻه نصيحتون ڪريان ٿو، جيڪي منهنجي سياسي زندگيءَ جي تجربن جو نچوڙ آهن.“
هڪ هيءَ ته ڪنهن اهڙي ڳالهه کي ڪڏهن به راز نه سمجهه جيڪا توکانسواءِ ڪنهن به ٻئي جي علم ۾ اچي چڪي هجي، ڀلي اهو تنهنجو ڪيڏو به خاص دوست هجي. راز بس ان وقت تائين راز آهي جيستائين سيني ۾ رهي. اسان جي ناڪاميءَ جو وڏو سبب اسان جي اهائي غلطي هئي جو اسان انهن ڳالهين کي راز سمجهندا هئاسين جيڪي اسان جي سينن کان ٻاهر نڪري چڪيون هيون. بلڪل انفرادي ڪم راز نٿو ٿي سگهي. ان ڪري جيڪو ڪجهه ڪرڻو هجي، ميدان ۾ اچي ڪريو ۽ ان جي نتيجي لاءِ پوريءَ طرح تيار ٿي ڪري ڪريو.
ٻي نصيحت توکي هي ٿو ڪريان ته ڪڏهن به ان بنياد تي نه سوچجان ته هندستان کان ٻاهر فلاڻن فلاڻن ملڪن ۾ مسلمان رهن ٿا، اهي اسلامي رشتي جي ڪري توهان جي ڪا مدد ڪري سگهندا. مدد ته پري رهي پر اهي توهان تي ايترو به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته توهان کي آزاديءَ سان پنهنجي زمين تي رهڻ جي اجازت ڏين. توهان جيڪڏهن قرآن هٿ ۾ کڻي ڪري قسم کڻي چوندؤ ته مان مسجد ۾ نماز پڙهندس ۽ ويهي ڪري الله جي ٻانهن کي قرآن جو درس ڏيندس ته اهي ان ۾ به توهان تي اعتماد نه ڪندا ۽ توهان کي ان جي آزادي نه ڏيندا.
مولانا جي انهن نصيحتن کي راقم جي دل اهڙو قبول ڪيو جو هي ٻئي ڳالهيون عقيدي وانگر ٺهي پيون آهن ۽ 20 سالن کان تجربوان جي بيشڪ تصديق ڪري رهيو آهي.
راندير جي ان رهڻ جي آخري ڏينهن جو واقعو آهي، هڪ مائي خير جي لاءِ دعوت ڪئي، اسان سان گڏ راندير جا گهڻو ڪري علماءِ ۽ معزز به شريڪ هئا. کائڻ کان واندا ٿياسين ته ان مائي جي طرف کان هڪ بند ٿيل لفافي ۾ مولانا کي ڪجهه هديو (سوکڙي) پيش ڪيو ويو. مولانا ان کي قبول ڪري کيسي ۾ رکي ڇڏيو. هڪ ماڻهو جيڪو يو پي جي ڪنهن مدرسي جو شايد سفير هو، اهو به دعوت ۾ شريڪ هو. ان مولانا جي سامهون ان مائيءَ جي خاص طور تي سخاوت جي تعريف شروع ڪئي. مولانا نهايت غصي ۾ اچي ڪري ان کي ڳالهايو ۽ فرمايو تون اسان کي مشرڪ ڪرڻ ٿو چاهين. اسان هي سمجهي ڪري قبول ڪندا آهيون ته الله تعاليٰ پنهنجي هڪ بندي ذريعي عطا فرمائي رهيو آهي. ڇا تون چاهين ٿو ته اسان انهن ٻانهن کي عطا ڪرڻ وارو سمجهون ۽ هي به پاڻ کي عطا ڪرڻ وارو سمجهڻ لڳن.
ان سفر ۾ مون مولانا کي عرض ڪيو ته حضرت شيخ الهند رحمت الله عليه جي ڳجهي سياسي تحريڪ جي باري ۾ اسان مختلف ماڻهن کان تضاد واريون ڳالهيون ٻڌيون آهن. ڪنهن مستند ذريعي سان اڃا تائين ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي. جيڪڏهن اوهان جي اصولن ۽ مصلحتن جي خلاف نه هجي ته انهن کي مان اوهان کان ٻڌڻ چاهيان ٿو. مولانا فرمايو: هاڻي ته بس اها هڪ تاريخ آهي، انشاءَالله ڪنهن موقعي تي توکي ٻڌائيندس. واپسيءَ ۾ جڏهن اسان سورت اسٽيشن کان ريل تي سوار ٿياسين ۽ اطمينان ۽ اڪيلائي جو موقعو مليو ته مولانا حضرت شيخ الهند جي سياسي تحريڪ ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي سفر ڪابل جي باري ۾ مونکي وضاحت سان ٻڌايائون.