شخصيتون ۽ خاڪا

مولانا عبيدالله سنڌي: انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

مولانا عبيدالله سنڌي هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن کي سنڌ جا مڙئي پڙهيا ڪڙهيا ماڻهو احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان سان محبت ڪن ٿا. اها محبت ان جي نظرين ۽ فڪر سان آهي، ان جي ڪمن ۽ ڪارنامن سان آهي ۽ ان شخص جي زندگيءَ ۾ ڪيل حاصلات سان آهي. هو تمام غير معمولي انسان هو. هن ڪتاب ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي عظيم انقلابيءَ جي عظمت، شخصي سندرتا ۽ سڀاءَ جون عڪس آرايون به آهن ته هُن جي ڪارنامن جو وچور به ڦهليل آهي. اسان جو نئون نسل ان مان سوچ، لوچ، همتن ۽ انساني ڀلاين لاءِ جهد جا ڪيترائي سبق حاصل ڪري سگهندو. اهو ئي سوچي هي ڪتاب سهيڙيو ويو آهي.
Title Cover of book مولانا عبيدالله سنڌي:  انقلابي شخصيت ۽ انقلابي ڪارناما

تنهنجي ياد جي وري آ وير : مولانا عزيز الله جروار

1941ع ۾ مان جڏهن مدرسي دارالسعادت گوري پهوڙ ضلعي شڪارپور ۾ پڙهندو هوس ته تڏهن اخبارن مان معلوم ٿيو ته جمعيت علماءِ هند پاران پني عاقل ۾ هڪ عام جلسو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي پڻ تشريف فرما ٿيندا. ان سلسلي ۾ اسان شاگردن پنهنجي پياري استاد مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن کي عرضي ڪيوسون ته جلسي ۾ شرڪت ڪريون ۽ امام سنڌيءَ جي زيارت ڪريون ۽ سندن ارشادات کان مستفيض ٿيون. اسان کي استاد سڳوري همت ٻڌرائي ۽ جلسي ۾ هلڻ لاءِ تيار ٿيڻ جو چيو. استاد قاسمي صاحب ڪجهه ٻين استادن ۽ شاگردن سان گڏجي شڪارپور، سکر کان ريل رستي پني عاقل پهتا ۽ اسان ڪجهه غريب شاگرد (محمد حسن بروهي، محمد صالح عاجز، شيخ امجد سنڌي، يار محمد تنيو ولد مولانا خوش محمد ميرو خاني، رشيد احمد لاشاري، محمد يوسف کوسو، عبدالعزيز مستوئي، مولوي عبدالمجيد ٽانوري، شاهه محمد بلوچ ۽ مان) وچان درياهه جو پتڻ ٽپي وڃي پني عاقل پهتاسين. جلسي ۾ سنڌ ۽ هندستان جي ڪيترن ئي مشهور عالمن شرڪت ڪئي، جن ۾ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حسين احمد مدني، مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي، مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارو، مولانا حمادالله هاليجوي، مولوي نذير حسين جتوئي جلالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ تقريرون ڪيائون. خاص طرح مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي (ناظم اعليٰ جمعيت علماءِ هند) جي تقرير هندستان جي حالتن ۽ آزادي بابت نهايت اثرائتي هئي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي به پنهنجي تقرير ۾ مولانا حفظ الرحمان جي تقرير جي تعريف ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن اڄ مون کي پريس هجي ها ته آءٌ لکن جي تعداد ۾ مولانا حفظ الرحمان جي تقرير جا پمفليٽ ڪڍي سڄي ملڪ ۾ ورهايان ها. جلسي کان بعد ۾ مولانا سنڌيءَ سان گڏ ڪچهري ۾ ويهڻ جو شرف حاصل ٿيو. ڳالهين ڪندي مولوي نذير حسين جتوئي جلاليءَ کي چيائون ته ”تون اسان جو آهين“ پاڻ مولوي نذير حسين ڏانهن گهڻو متوجهه هئا.
جلسي کان بعد ۾ معمول مطابق مدرسي ۾ پڙهائيءَ ۾ رڌل رهيس. رمضان جي موڪلن کان ٿورو اڳ ۾ مونکي اچي سوداءُ لڳو ته منطق، نحو، معاني ۽ ٻين علمن ۾ ايترو وقت وڃايوسين پر قرآن پاڪ سمجهڻ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي سون. تنهن ڪري خيال ٿيو ته مشهور مفسر قرآن مولانا حسين علي صاحب وانڀچران ضلعي ميانواليءَ واري کان قرآن پاڪ سمجهان. تنهن ڪري استاد علامه قاسمي صاحب کان اجازت وٺي اوڏانهن روانو ٿي ويس. ريل ۾ سفر دوران هڪ اهل علم ماڻهوءَ مون کان پڇيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين. مون کيس جواب ڏنو ته طالب علم آهيان. قرآن سکڻ وانڀچران مولانا حسين عليءَ ڏانهن وڃان ٿو. هن مونکي چيو ته ڀائي سنڌي مون کي ته عجب ٿو لڳي (حضرت مولانا سنڌيءَ جو نالو وٺندي چيائين) ته تون قرآني علوم جي معرفت جي درياهه کي جيڪو سنڌ ۾ موجود آهي ان کي ڇڏي هڪ واهڙ جي ڳولا ۾ ٿو وڃين. (ساڻس گفتگو سرائيڪي زبان ۾ ٿي.) ان وقت منهنجو سمورو توجهه اوڏانهن ڇڪجي ويو پر جيئن ته ارادو ڪري نڪتو هوس تنهن ڪري هلندو رهيس ۽ وڃي وانڀچران ميانواليءَ پهتس. صبح جو وقت هيو. مسجد ۾ داخل ٿيس. ڏٺم ته مولانا حسين علي صاحب ڀت سان ٽيڪ ڏيون بيٺو آهي ۽ سندس هڪ عالم شاگرد کيس چمچي سان نرم کاڌو کارائي رهيو آهي. ان وقت مولوي صاحب کي هٿن ۽ پيرن ۾ رعشه جي بيماري هئي. مان سلام ڪري خدمت ۾ حاضر ٿيس. احوال پڇيائون ته مون کين حقيقت ڪئي. فرمايائون ته آءٌ بيمار آهيان، صحتياب ٿيان ته پوءِ توکي پڙهائيندس. باقي منهنجي شاگردن مولوي غلام الله ۽ مولانا طاهر ڏانهن وڃي پڙهو. انهيءَ جواب ملڻ تي مان واپس مدرسي دارالسعادت گوري پهوڙ ۾ اچي پهتس. پهچڻ سان پنهنجي دوست مولوي عبدالمجيد شيخ امجد سنڌيءَ سان مشورو ڪري امام عبيدالله سنڌيءَ کي پير جهنڊي خط لکيم ته مان اوهان وٽ قرآن شريف ۽ شاهه ولي الله جا ڪتاب پڙهڻ گهران ٿو. اجازت هجي ته آءٌ حاضر ٿيان. ورندڙ ٽپال ۾ خط مبارڪ مليو ته پهچي وڃو. مونکي ته اڳ ۾ ئي شوق هيو سو استاد قاسمي صاحب کان اجازت وٺي پير جهنڊي پهتس. جمعي جو ڏينهن هيو. امام انقلاب جماعت کي خطاب ڪري رهيا هئا. مان به ٻڌڻ ويهي رهيس. نماز بعد خدمت ۾ حاضر ٿيس. سندن پڇڻ تي پنهنجو نالو ۽ حقيقت ٻڌايم. پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا. پاڻ تنهن وقت لاهور يا دهلي وڃڻ جي تياريءَ ۾ هئا. ڪجهه ڏينهن اتي هئا، مان سندن خدمت ۾ رهيس، سانجهيءَ جي نماز بعد کٽ تي سمهندا هئا. مان ويهي کين زور ڏيندو هوس. ان دوران ڪڏهن شاهه رفيع الدين جي ڪتاب ”تڪميل الاذهان“ جي ڪن ڳالهين جي تشريح ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪنهن قرآن پاڪ جي آيت تي ارشاد فرمائيندا هئا. مان خدمت به ويٺو ڪندو هوس ۽ ويٺو ٻڌندو به هوس.
انهيءَ عرصي ۾ سندن خيال هو ته شاهه ولي الله جو فڪر پڙهندڙ شاگردن ۽ پنهنجي تحريڪي ۽ تنظيمي ساٿين جي رهائش ۽ ٻين انتظامي ڪمن لاءِ زمين جو ٽڪرو حاصل ڪجي. ان سلسلي ۾ گهڻين ڪوششن بعد مولوي عبدالقادر لغاري سانگهڙ واري جي معرفت هڪ زمين جو ٽڪرو (سروي نمبر 52 ديهه مناهي تعلقو هالا) دارالرشاد مدرسي جي ڀرسان 17 جولاءِ 1943ع مطابق 14 رجب 1362هه تي سرڪاري روينيو جي دفتر کان منظور ٿي مليو. (حوالو: ماهوار ”توحيد“ ڪراچي آگسٽ 1943ع صفحو 12) امام سنڌيءَ جن ان جو نالو ”محمود نگر“ رکيو. هڪ ڏينهن مونکي فرمايائون ته عزيز الله! ڪجهه شاگرد وٺي هلو ته محمود نگر ۾ هلون. اسان امام سنڌي ۽ ڪجهه ٻين شاگردن سان گڏجي محمود نگر پهتاسين. اتي ڪولهي هارين جون ڪکايون جهوپڙيون ٺهيل هيون جيڪي خالي ڪري زمين ڇڏي ويا هئا. اتي پهچڻ کان پوءِ مون هڪ جهوپڙيءَ جي صفائي ڪري اتي چادر وڇايم. اسان شاگرد امام سنڌيءَ جي سامهون ٿي ويٺاسون. اتي ڪجهه سبق پڙهايائون جيڪي هن وقت ياد نه آهن. ان بعد ڪجهه ڏينهن ۾ دهلي يا لاهور روانا ٿي ويا. پاڻ جڏهن واپس آيا ته شعبان جو مهينو هو ۽ مدرسي کي ساليانو موڪلون ٿي چڪيون هيون. منهنجي خط لکڻ تي مولوي شيخ عبدالمجيد ”امجد“ صاحب به اچي پهتو. ان کانپوءِ استاد علامه قاسمي صاحب ۽ سندس سنگتي مولوي علي محمد ڪاڪيپوٽو (جيڪو مشهور شاعر ڊاڪٽر اقبال جو استاد به رهيو هو.) مولوي عبدالحق رباني، مولوي خليل احمد ۽ مولوي نور محمد سجاولي جيڪي پنهنجي وقت جا وڏا عالم هئا به سندن خدمت ۾ پهچي ويا ۽ درس تدريس جي هڪ بهترين جماعت تيار ٿي وئي. ان وقت مولانا دين محمد وفائي، شيخ بشير احمد لوڌيانوي، ڪيپٽن خدا بخش لاهوري، مولانا عزيز احمد (جيڪو مولانا سنڌي سان ڪابل کان وٺي سنڌ واپسي تائين خدمت ۾ گڏ رهيو هو) مرشد محمد نور مڪي (جيڪو امام سنڌي جو مڪي ۾ شاگرد رهي چڪو هو ۽ عرب جي تڏهوڪن وڏن عالم مان هيو) ۽ ٻيا ڪافي سنڌي ۽ ٻيا شاگرد درس ۾ ويهندا هئا. هڪ عجيب روح پرور نظارو هو. امام سنڌي گهڻو وقت پنهنجي شاگردن کي تفسير قرآن جي خاص جاين ۽ شاهه ولي الله جي ڪتابن جي خاص ٽڪرن جي تشريح سائنسي انداز ۾ ۽ ولي اللهي انقلابي فلسفي مطابق ارشاد فرمائيندا هئا. گهڻو ڪري سندن مخاطب استاد قاسمي صاحب ۽ مولانا عبدالحق رباني هوندا هئا. هڪ دفعي مون ۽ استاد علامه قاسمي مدرسي جي ورانڊي ۾ مٿي بيٺا هئاسين ته امام سنڌي پنهنجي ڪمري مان پيرين اگهاڙو ٻاهر نڪري آيو ۽ مونکي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته عزيز الله! قاسمي صاحب جي آءٌ پاڻ خدمت ڪريان ها پر مان پوڙهو آهيان ۽ تون جيئن ته استادن جي خدمت ڪرڻ ڄاڻين ٿو تنهن ڪري قاسمي صاحب جي خدمت ڪندو رهه.
درس تدريس جو اهو اجتماع رمضان جي آخر تائين جاري رهيو ۽ عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ هر هڪ امام سنڌيءَ کان موڪلائي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽيو. عيد خير سان گذاري اسان سمورا ساڳيا شاگرد (جيڪي اڳ ۾ مون سان گوري پهوڙ ۾ پڙهندا هئا.) درالسعادت گوري پهوڙ ۾ پڙهائيءَ ۾ لڳي وياسين.
شايد مارچ جي پڇاڙيءَ ۾ 1944ع ۾ جمعيت علماءِ سنڌ جي اڳواڻن جو هڪ وفد مولانا عبدالحق ربانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ درالسعادت مدرسي ۾ پهتو، جنهن جو مقصد جمعيت علماءِ سنڌ طرفان 15، 16، 17 اپريل تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ عام جلسي کي سنڌ جي عربي مدرسن جي شاگردن جي ڀرپور شرڪت سان ڪامياب ڪرڻ هيو. اسان کين صلاح ڏني ته جلسي دوران هڪ ڏينهن شاگردن لاءِ به مخصوص ڪيو وڃي ۽ ان ڏينهن واري اجتماع جي صدارت لاءِ امام عبيدالله سنڌيءَ جن کي درخواست ڪئي وڃي. مولانا عبدالحق رباني ۽ ٻين اسان جي انهيءَ صلاح کي خوشيءَ سان قبول ڪيو. اهو وفد اسان کان موڪلائي هليو ويو ۽ اسان پنهنجي اجتماع کي ڪامياب بنائڻ ۽ شاگردن جي تنظيم قائم ڪرڻ ۽ امام انقلاب کي دعوت ڏيڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف ٿي وياسين. مولانا شيخ ”امجد“ صاحب، مولوي عبدالڪريم ٻير واري، مولانا عبيدالله لاڙڪاڻوي ۽ مولوي محمد سليمان ٻگهئي ۽ مون انهن سرگرمين ۾ خصوصي حصو ورتو ۽ استاد علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن اسان جي خاص رهنمائي ڪئي.
امام عبيدالله سنڌي جن ان وقت لاهور ۾ ترسيل هئا. اسان پنهنجي استاد محترم کي گذارش ڪئي سون ته سنڌ جي عربي شاگردن جي تنظيم جمعيت الطلبه عربيه سنڌ پاران اوهان امام سنڌيءَ کي جلسي جي صدارت لاءِ درخواست موڪليو. استاد علامه قاسمي صاحب خوشيءَ سان اسان جي انهيءَ استدعا کي قبول ڪندي امام سنڌيءَ کي عريضو موڪلي ڏنو. ورندڙ ٽپال ۾ امام سنڌيءَ جو نوازش نامون آيو، جنهن ۾ ارشاد فرمايائون ته جيتوڻيڪ منهنجي طبيعت ضعيف آهي ۽ صحت ٺيڪ نه آهي، ان هوندي به اوهان جي جلسي ۾ شريڪ ٿيندس. سندن خط اچڻ کانپوءِ اسان جمعيت الطلبه جي جلسي جي امام سنڌيءَ جي صدارت بابت اخبارن ۾ اعلان شايع ڪرايو. اسان مقرر ڏينهن کان ٻه ڏينهن اڳ 13 اپريل تي حيدرآباد پڪي قلعي پهتاسون ۽ انتظامي ڪمن ۾ مصروف ٿي وياسون. پهرين ٻن ڏينهن ۾ جمعيت علماءِ سنڌ طرفان جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت قاري محمد طيب ڪئي. جلسي ۾ سنڌ ۽ هند جي بلند پايه عالمن ۽ سنڌي عوام هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جلسي دوران امام سنڌيءَ ڳالهين ڪندي قاري طيب جي تقرير کي ساراهيو.

ٽئين ڏينهن جمعيت الطلبه پاران جلسو شروع ٿيو. امام عبيدالله سنڌي پنهنجو صدارتي خطبو پڙهيو، جنهن ۾ هي تاريخي اعلان ڪيائون ته ”اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور حڪومت قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ اسان ڪو به مذهبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان سنڌ جي سرزمين کي هڪ مستقل ملڪ مڃئون ٿا.“ کين تقرير دوران الٽيون به آيون. امام انقلاب کانسواءِ مولانا عبيدالله لاڙڪاڻوي، مولوي محمد چنڊ، مولوي محمد صالح عاجز ۽ ٻين تقريرون ڪيون. مولوي محمد صالح عاجز صاحب پنهنجي تقرير ۾ هارين جي حقن جي حمايت ۾ ۽ زميندارن جي خلاف جارحانه انداز ۾ تقرير ڪئي جنهن تي مولانا سنڌي، محمد صالح عاجز کي تقرير ڪرڻ کان روڪيو ۽ پاڻ اٿي تقرير ڪندي ارشاد فرمايائون. ”اسان هارين جا طرفدار آهيون، اسان هارين کي تعليم ڏيڻ گهرون ٿا، انهن جي سياسي تربيت ڪرڻ گهرون ٿا، اسان انهن کي هن لائق بنائڻ گهرون ٿا ته هو اسيمبلي جا نمائندا بڻجي ڪري اسيمبليءَ ۾ ويهي سگهن، اسان هارين لاءِ سڀ ڪجهه گهرون ٿا، پر انهن کي زميندارن سان ٽڪرائڻ نه ٿا گهرون. اسان جي ملڪ ۾ زميندارن جو هڪ درجو آهي، اهي هارين کان ڍلون وٺي حڪومت کي پهچائين ٿا، جڏهن اسان حڪومت سان ئي نه ٿا لڙون ته هارين کي زميندارن سان ڪيئن لڙايون. اسان کي ڄاڻ آهي ته ڪيئن اسيمبليءَ ۾ وڃي زميندارن کان هارين جا حق وٺي سگهبا آهن. اها اسان جي خصوصي ڳالهه آهي. انهيءَ لاءِ اسان هڪ مستقل سياسي پارٽي ٺاهيون ٿا. اسان هارين جي حقن تان هٿ کڻڻ وارا نه آهيون، پر ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ روس کان آيل هڪ تحريڪ هلي رهي آهي. انهيءَ تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڪامريڊ هارين کي زميندارن سان وڙهائڻ گهرن ٿا ۽ آءٌ به روس کان ٿي آيو آهيان، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪن ماڻهن جو خيال هجي ته اسان به هارين کي زميندارن سان وڙهڻ جي دعوت ڏينداسون. سو اسان جي باري ۾ ايئن سمجهڻ ٺيڪ نه آهي. اسان جو پروگرام وقتي نه آهي. اسان هڪ ڊگهي عملي واٽ جي طرف سڏيون پيا.“
سڀني مقررن جي تقريرن کان بعد ۾ جمعيت الطلبه جي مرڪزي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ مونکي جوائنٽ سيڪريٽري (نائب ناظم) مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ جلسو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو. بعد ۾ مون امام سنڌيءَ جو صدارتي خطبو، جلسي جي ڪارروائيءَ سميت شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو. حضرت سنڌيءَ جن اصل مسودي جي اصلاح ڪرڻ وقت مون کي حڪم ڪيو هو ته پمفليٽ جي مٿان هي شعر ضرور لکجو:
یا برو ہمچوں زنان رنگ بوئی خوبگیر،
یاچہ مردان آبچو گان گوءِ در میدان بزن۔
(معنيٰ: يا وڃي زالن وانگر هار سينگار ڪر يا مڙس ٿي ميدان ۾ نڪر)
اسان حيدرآباد جي جلسي جي ڪم کان واندا ٿي وري اچي درالسعادت مدرسي گوري پهوڙ ۾ تعليم وٺڻ لڳاسون.
امام عبيدالله سنڌيءَ جن سنڌي نوجوانن کي سجاڳ ڪرڻ خاطر اتر سنڌ جو دورو ڪندي شڪارپور ۾ (پنهنجي خاص خادم شيخ امجد سنڌي صاحب سان گڏ) خاڪسار تحريڪ جي ورڪر حڪيم غوث بخش پٺاڻ وٽ 16 مئي 1944ع تي پهتا. اتي مانجهاندي ۽ آرام ڪرڻ کانپوءِ شام جو ٽانگي تي مدرسي درالسعادت گوري پهوڙ تشريف فرما ٿيا.
گوري پهوڙ ۾ رهڻ دوران هڪ ڏينهن مونکي فرمايائون ته گهوڙيءَ جو بندوبست ڪر ته مان ان تي سوار ٿي گهمندس. مون گزي شهر جي هڪ امروٽي جماعت جي فقير کان گهوڙيءَ جي گهر ڪئي. هن گهوڙي آڻي ڏني جيڪا رنگ جي سرخي هئي. مون تيار ڪري اچي کين ڏني. پاڻ تمام ضعيف هئا. گهوڙي قداور هئي، مولانا ۾ ايتري طاقت نه هئي جو پاڻ چڙهي سگهن ۽ ٻئي ڪنهن جي مدد وٺڻ لاءِ به تير نه پيا ٿين. مون کين گهوڙيءَ جي ڀرسان هڪ کٽ رکي ڏني. گهوڙي غريب هئي. پاڻ سوار ٿيا. مان ميل کن گهوڙيءَ جي اڳيان ڊوڙندو رهيس. پاڻ پويان گهوڙيءَ تي سوار هئا. واپس جڏهن مدرسي پهتاسون ته گهوڙي ڊگهي هئڻ ڪري لهڻ ڏاڍو ڏکيو هو. امام سنڌيءَ جن کٽ به رکڻ نه ڏني ۽ يڪدم گهوڙي بيهاري پنهنجي قوت اراديءَ جي سهاري لهي پيا لهڻ وقت کين ٿوري تڪليف پهتي.
مدرسي ۾ رهڻ دوران مون کين ٻڌايو ته محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل اسڪول جي قيام خاطر شهدادڪوٽ ۾ ڪجهه زمين جو پلاٽ خريد ڪيو اٿم. مدرسي مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ اوهان جي رهنمائيءَ ۾ هن مدرسي کي هلائيندس، جنهن جو ذڪر امام سنڌيءَ مولانا دين محمد وفائيءَ ڏانهن لکيل خط ۽ هڪ مضمون ۾ ڪيو آهي.
اتي هڪ دفعي امام سنڌيءَ سان ڪنهن ماڻهوءَ شڪايت ڪئي ته عبدالغني شاهه مدرسي جي چندي مان پئسا کائي ٿو وڃي، جنهن تي مولانا سنڌيءَ کيس ڪاوڙ مان چيو ته عبدالغني شاهه ٻه مدرسا (هڪ گوري پهوڙ جو ۽ ٻيو نور محمد شجراع وارو) هلائي رهيو آهي ۽ پني به پورت ڪري ٿو. ايڏي وڏي خدمت ڪرڻ جي باوجود جيڪڏهن ڪجهه پئسا پنهنجي خرچ ۾ آڻي ٿو ته ان جي گلا ڪرڻ ۾ اوهان کي شرم نه ٿو اچي؟
درالسعادت گوري پهوڙ ۽ جامعه هاشميه نور محمد شجراع ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ دوران اسان شاگردن کي قرآن جي انقلابي تفسير ۽ سياسي ڄاڻ کان مستفيض ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ساڳئي خاص خادم شيخ امجد سنڌي صاحب سان گڏ شڪارپور کان امروٽ ۽ اتان ٿريچاڻيءَ کان ٿيندا ڀرچونڊي شريف پهتا. انهيءَ سفر۾ شيخ صاحب کانسواءِ ساڻن گڏ مولانا دين محمد وفائي به هيو. مان ان دوران مدرسي درالسعادت ۾ تعليم کي پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ رهي پيس. شعبان ۾ منهنجي دستاربندي جي تقريب ٿي جنهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي نامور عالمن شرڪت ڪئي.
مون تاريخ 4 آگسٽ 1944ع تي شهدادڪوٽ ۾ محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل اسڪول جي افتتاح جي سلسلي ۾ هڪ جلسي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي صدارت لاءِ مون پنهنجي دوست سائين شاهه محمد شاهه هنڱوري واري جي مشوري سان مير علي احمد ٽالپر مرحوم کي سڏيو ويو ۽ مهمان خصوصي مولانا سنڌي جن مدعو ڪيل هئا. مون کين خط لکي عرض ڪيو ته اوهان جلسي ۾ مهمان خصوصيءَ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو جنهن جو جواب هن طرح موڪليائون:
”آءٌ بيمار آهيان پر تنهن هوندي به اوهان جي مبارڪ تقريب ۾ شامل ٿيڻ گهرون ٿا. اسان کي صاف طرح لکي موڪل ته ڪهڙي تاريخ آگسٽ جي اسان لاڙڪاڻي پهچون. اسان پنهنجي حال موافق تياري ڪنداسون. اسان سان گڏ عبدالمجيد ۽ مولانا وفائي صاحب به هوندا. عبيدالله سنڌي 944-1-24 هه سنڌ ساگر اڪاڊمي لياري ڪراچي مظهرالعلوم.“
ان کانپوءِ مون پنهنجي دوست مولوي محمد يوسف کوسي کي ساڻن سفر ۾ گڏجي اچڻ لاءِ ڪراچيءَ موڪليو. جيئن کين ڪا تڪليف نه پهچي. جلسي ۾ مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي واري، مولانا دين محمد وفائي، استاد علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، مولانا خوش محمد ميروخاني ۽ ٻين گهڻن بزرگ عالمن کي پڻ مدعو ڪيو ويو هو.
مولوي محمد يوسف کوسي جي ڪراچيءَ سندن خدمت ۾ پهچڻ کانپوءِ امام سنڌي کي بيماريءَ جي تڪليف انتهائي وڌي وئي، تنهن ڪري پاڻ بيماريءَ جي تڪليف جي حالت ۾ جلسي لاءِ افتتاحي خطبو لکڻ شروع ڪيائون، سو پورو ڪري محمد مشتاق ڪاتب کي گهرائي چيائونس ته اسان کي هي خطبو ڇاپي ڏيو ۽ پاڻ اهو مولوي محمد يوسف کوسي جي هٿان ڏياري موڪليائون، جنهن ۾ مدرسي جي کولڻ ۽ تعليم جو مقصد بيان ڪيو هئائون ۽ ان سلسلي ۾ هڪ تار پڻ موڪليائون ته اسان جي طبيعت ڍر ڪندي پئي وڃي.
جلسو مولانا محمد صادق صاحب جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن کي ڦٽائڻ ۽ ناڪام بنائڻ ۾ تر جي ليگي وڏيرن وسان ڪين گهٽايو. جلسي کانپوءِ اسان امام سنڌيءَ جي موڪليل تار جي بنياد تي ڪراچيءَ روانو ٿياسون. سندن تيمارداري ۽ خدمت ۾ سنڌ جو ڪانگريسي اڳواڻ ۽ شهيد الله بخش سومري جو خاص دوست محمد امين خان کوسو عاشقانه طور مصروف هيو.
امام عبيدالله سنڌي جن ڪراچيءَ ۾ مدرسي مظهرالعلوم ۾ ترسيل هئا. اتي هڪ سنڌ مدرسي جو تڏهوڪو عربي استاد مولوي نواب الدين چانڊيو آيو ۽ مونکي چيائين ته مونکي امام سنڌيءَ کان جهاد جي بعيت ڪرايو. مون امام سنڌيءَ جن کي عرض ڪيو جنهن تي فرمايائون ته جهاد لفظ جي بدران انقلاب جو لفظ ڪم آندو وڃي ۽ بعيت ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. مون کين ٻيهر مؤدبانه عرض ڪيو ته مولوي صاحب جي دلي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري سندس بعيت وٺو ۽ مون مولوي صاحب کي اڳڀرو ٿي امام سنڌيءَ جي اڳيان بعيت لاءِ هٿ وڌائڻ لاءِ چيو. مولوي صاحب ويجهو ٿي هٿ وڌايا ۽ امام سنڌيءَ سندس هٿ وٺي پوءِ دعا گهري.
اسان جي پهچڻ کانپوءِ پاڻ پير جهنڊي هلڻ لاءِ تيار ٿيا. مولانا محمد صادق صاحب کان موڪلائي اسٽيشن تي پهتاسون. امام سنڌيءَ سان گڏ ريل جي سفر ۾ مان، مولانا قاسمي صاحب ۽ مولانا وفائي ساڻ هئاسون. محمد امين خان کوسو ۽ مولانا وفائي صاحب، مير غلام علي ٽالپر جي واسطي سان حيدرآباد اسٽيشن تي موٽر جو انتظار ڪري ڇڏيو هو. اسٽيشن تي پير علي محمد راشدي ۽ قاضي عبدالمجيد عابد وارا به بيٺا هئا. پير علي محمد راشديءَ مولانا جا ڪجهه فوٽو ورتا. موٽر ۾ چڙهياسون، گاڏي قاضي عبدالمجيد عابد هلائي رهيو هو. مولانا وفائي صاحب جن اڳيان ويٺا هئا. مان حضرت امام سنڌيءَ سان گڏ پويان ويٺو هوس. پاڻ ان وقت ايترا ته ڪمزور هئا جو مون کين کڻي گاڏي ۾ ويهاريو هو. رستي ۾ امام سنڌي فرمايو ته جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ايندو هجي ته ٻڌايو. ڪجهه ڪلام عبدالمجيد عابد ٻڌايو. مون به کين ”ڇاکي وڃين ڇو ٻيلي رهين ٻين جو، وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو“ ۽ ڪجهه ٻيا بيت ٻڌايا.
پير جهنڊي جي مدرسي پهچي امام سنڌيءَ کي بستري تي سمهاريو ويو. مون کي فرمايائون ته عزيز الله! وڃي جاچ ڪر ته جماعت جو فقير ڪو راڳ چوڻ وارو آهي ته ان کي وٺي اچ ته راڳ ٻڌائي. جيڪڏهن اهو نه هجي ته فونو هجي ته اهو کڻائي اچ. مون ٻاهر وڃي جاچ ڪئي ته هڪ ڳائڻ وارو فقير ملي ويو. ان کي وٺي آيس. هن ڪجهه ڪافيون ٻڌايون.
پير ضياءَالدين شاهه صاحب وارا سڀ امام سنڌيءَ جي خدمت ۾ حاضر هئا. امام سنڌيءَ جو ڏهٽو ميان ظهيرالحق پنهنجي والده (امام سنڌيءَ جي نياڻي) جو پيغام کڻي اچي پنهنجي رفيق ميان سراج احمد، ميان بشير احمد ۽ شيخ خدا بخش سان گڏ اتي پهچي ويو. امام سنڌيءَ جي خدمت ۾ عرض رکيائين ته والده فرمايو آهي ته امام سنڌيءَ جن اسان کي اجازت ڏين ته اسان پير جهنڊي اچون يا پاڻ هيڏانهن دينپور اچن. پاڻ پنهنجي نياڻيءَ جو پير جهنڊي اچڻ هن ڪري به گوارا نه ڪيو جو سندن مرشد مولانا غلام محمد دينپوريءَ جي اهليه پڻ هئي، تنهن ڪري دينپور هلڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳا.
پير جهنڊي ۾ تقريباً ٽي ڏينهن رهڻ ٿيو. ان دوران مان هر پل سندن خدمت ۾ حاضر هوندو هوس جيڪا مان پنهنجي لاءِ تمام وڏي سعادت ٿو سمجهان. امام سنڌيءَ کي ضعف سبب گهڻو ڪري رات جو آرام گهٽ ايندو هو. تنهن ڪري مان سڄي رات جاڳندي گذاريندو هوس. پاڻ ٻئي ڪنهن کان به خدمت نه وٺندا هئا، کين اسهالن جي تڪليف هئي تنهن ڪري رات ڏينهن ۾ ڏهه، پندرنهن دفعا قضا حاجت لاءِ اٿندا هئا.
ان دوران هڪ دفعي اڌ رات جو مونکي فرمايائون ته عزيز الله اٿي! هن ڪمري ۾ لاش پيو آهي ان کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪر! مون ڏٺو ته ڪجهه به نه آهي، پاڻ وري ٻيهر چيائون، مان جيئن ته ڪافي عرصو سندن خدمت ۾ رهڻ ڪري ڄاڻندو هوس ته جيڪو ڪم چوندا هئا اهو ڪرڻو پوندو هو، سوال جواب ڪرڻ جي همت نه ٿيندي هئي. تنهن ڪري مان اٿيس ٿورو هيڏي هوڏي قدم کڻي دريءَ وٽ بيهي ايئن ڪيم جيئن ڪنهن شيءِ کي ڦٽو ڪبو آهي. موٽي اچي ٻڌايم ته حضرت! مون لاش کڻي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ مون کي فرمايائون ته ”عزيز الله مون تو مان مردگي ڪڍي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته تو منهنجي حڪم جي تعميل ڪئي. هاڻي سنڌ ۾ جيڪو انقلاب ايندو ان ۾ تنهنجو حصو هوندو.“
ٻئي ڏينهن امام سنڌيءَ مون کي فرمايو ته پير صاحب ميان ضياءُالدين ڏانهن وٺي هل. مان امام سنڌيءَ کي وٺي پير صاحب جي خدمت ۾ پهتس. پاڻ پير صاحب کي چيائون ته مان دينپور وڃڻ لاءِ موڪل وٺڻ آيو آهيان. مون کي خوشيءَ سان موڪل ڏيو. جڏهن منهنجي صحت ٺيڪ ٿي تڏهن واپس ايندس ۽ اچي محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جو ڪم شروع ڪندس. پير صاحب ضياءَالدين کين عرض ڪيو ته حضرت! اوهان پاڻ ايڏي تڪليف ڪري مون وٽ آيا، مونکي فقط اطلاع موڪليو ها ته خدمت ۾ اچي حاضر ٿيان ها. امام سنڌيءَ کين فرمايو ته مونکي ئي اوهان وٽ اچڻو هو.پير صاحب کين اجازت ڏني ۽ ٻئي ڏينهن هلڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳاسون. ٻئي ڏينهن مولانا دين محمد وفائي، مان ۽ دينپور کان آيل مهمان سڀ تيار ٿي اسٽيشن سعيد آباد ننڍي لائين جي ريل تي چڙهي روانا ٿياسون. پڊعيدن ۾ ان گاڏيءَ تان لهي مين لائين جي گاڏيءَ ۾ سوار ٿياسون. مولانا وفائي مولانا سنڌي ۽ منهنجي سيٽ فرسٽ ڪلاس ۾ تبديل ڪرائي اسان کي ويهاريو. مولانا وفائي ۽ دينپوري وفد وارا ٻئي گاڏي ۾ ويٺا. روهڙي اسٽيشن تان مولانا وفائي موڪلائي روانو ٿيو.
ريل جي جنهن گاڏيءَ ۾ اسان ويٺا هئاسين ان ۾ انگريز به ويٺا هئا. مولانا سنڌيءَ مونکي فرمايو ته انگريزن کي هن گاڏي مان اٿاري ٻئي گاڏي ۾ موڪليو. مون امام سنڌيءَ کي عرض ڪيو ته هنن جون سيٽون بڪ ٿيل آهن، جنهن ڪري مون تي ناراض ٿيا ۽ چيائون ته تون انگريزن کي گاڏي مان نه ٿو ڪڍي سگهين. مون سندن ناراضگيءَ سبب انگريزن کي اڙدوءَ۾ چيو ”آپ مهرباني فرما ڪر دوسري گاڙي ۾ جا ڪر بيٺين.“ هو اڙدوسمجهي رهيا هئا. هنن مون کي چيو ته ”آپ بيوقوف هين ڪيا هم اپني سيٽين ڇوڙ ڪر چلي جائين.“
افسوس جو مان امام سنڌيءَ جي حڪم جي تعميل نه ڪري سگهيس ۽ خدمت ۾ ويهي کين جهوليءَ ۾ جهليم. مولانا جن مون کي ڏسي منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ڪاوڙ کان هٿ وجهي چيائون ”منهنجي حڪم جي تعميل ڪري انگريزن کي نه ٿو ڪڍين!؟ مان سندن تڪليف دور نه ڪرڻ ڪري روئي رهيو هوس. ايتري ۾ مولانا کي ليٽرين ڏانهن وڃڻ جو خيال ٿيو. مون کين کڻي وڃي حاجت پوري ڪرائي صفائي ڪري کڻي اچي سيٽ تي پنهنجي جهولي ۾ويهاريو. امام سنڌيءَ مون کي فرمايو: ”عزيز الله تون ٻروچ آهين! مان تنهنجي ڏاڙهي مان ورتو آهي، مون کي معاف ڪر.“ مان شرم ۽ ڏک کان روئي رهيو هوس ته مان امام سنڌيءَ جي حڪم جي تعميل نه ڪري سگهيس. روهڙيءَ کان خانپور تائين سفر جي دوران ميان ظهيرالحق وارن مان ڪو نه ڪو ماڻهو اچي سڌ سماءُ لهندو رهيو.
خير سان ٻين وڳي ڌاران خانپور ڪٽوري پهتاسين. لهي اسٽيشن جي ڀرسان مسجد ۾ ويٺاسين. مولانا کي کٽولي تي دينپور کڻي وڃڻ لاءِ ماڻهو گهرايا ويا. امام سنڌيءَ کي کڻي دينپور پهتاسون. اتي مسجد جي ڀرسان هڪ ڪمري ۾ رهڻ ٿيو. مان سندن خدمت ۾ رهيس. ٻيپهري، ٽيپهري ۽ سانجهيءَ جي نماز جماعت سان مسجد ۾ پڙهي سون. نماز دوران امام سنڌيءَ کي پهرين صف ۾ اتر طرف ويهاريندو هوس. پاڻ اشارن سان سجدو ۽ رڪوع ڪندا هئا. مان ساڻن گڏ ڀرسان نماز پڙهندو هوس.
انهيءَ وچ ۾ مختلف ماڻهو مزاج پرسيءَ لاءِ ايندا ويندا رهيا. سانجهيءَ جي نماز کانپوءِ ميان ظهيرالحق امام سنڌيءَ کي عرض ڪيو ”سائين گهر هلو! امڙ پريشان آهي، اوهان سان ملڻ گهري ٿي.“ مون امام سنڌيءَ کي هٿن تي کڻي گهر پهچايو. کٽ تي آرامي ٿيڻ بعد مون کي فرمايائون ته عزيز الله تون ڳوٺ هليو وڃ. محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل اسڪول جو ڪم وڃي ڪر! مان کانئن موڪلائي ٻاهر نڪتس ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ميان ظهيرالحق کان موڪلائي شهدادڪوٽ آيس. ٻئي ڏينهن تي ٽيليگرام مليو ته ايشيا جو عظيم انقلابي مفڪر، سنڌ جو سرويچ سپوت ۽ عظيم مفسر قرآن امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون.