• پنهنجي پاران: اڌ ۾ ڇڏيل اندر ا ﺂر
تَـــــــنَ! تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پکڙا.
¬¬¬
(شاهه)
پورا نوَ سال گذري ويا آهن، اوهان سان اندر اﺂري. وقت جي گهڙين ڊوڙي ڊوڙي پنهنجو ۽ منهنجو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي، منزل طرف قدم وڌيا، پر حاصلات کان ڏور، ڌنڌ، ڪوهيڙو، ڌنڌلا عڪس، منزل جون پري کان نظر ايندڙ روشنيون، ڄڻ ڪو وچ درياهه ۾ بتيلو. هر احساس لڇ پڇ، هر قدم غير يقيني، ڪجهه ٿيڻ، نه ٿيڻ جي آنڌ مانڌ. منزل کي اڳيان پسندي به بس پري کان سلام ڪري، خالي خالي واپس ورڻ.
خاموشي.... خاموشي...... بس خاموشي، جيڪا وجود سان چنبڙيل.
اهڙي ئي هڪ خاموش ڪردار جو قصو، اوهان سان ونڊيان پيو. ان خاموش ڪردار جي ماءُ ٻڌائيندي رهندي آهي ته جڏهن هو پيدا ٿيو، ته صبح جو ٿڃ پياري سمهاري ڇڏيندي هئس ته سڄو ڏينهن گذري ويندو پر هو اٿندو ئي نه هو ۽ اگر اٿي به پوندو هو ته چپ چاپ پينگهي ۾ ليٽيو رهندو هو، هوءَ پاڻ وڃي ٿڃ پياريندي هئس.
ڪجهه وڏو ٿيو ته مٽيءَ سان کيڏڻ لڳو، نه بک جي، نه لُڪ جي، پنهنجي ڌُن ۾ مگن. جڏهن اسڪول موڪليو ويو ته غير معمولي ذهانت سبب استادن کي پسند اچڻ لڳو. جسماني چستيءَ کان خالي هجڻ ڪري هجوم وارين راندين کان پري رهيو.
هڪ دفعي پيءُ سان گڏجي بازار ويو، اسٽال تان انگريزي رسالو وٺي ڏيڻ جو ضد ڪيائين، اسٽال واري ننڍڙو سمجهي ڪجهه ٻاراڻا ڪتاب ڏئي ڇڏيس. پڙهندي حد درجي جو مزو آيس. پنهنجي ئي ڳوٺ جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ هڪ ڇوڪري کي خرچيءَ وارا 15 روپيه ڏنائين ته جيئن اهو حيدرآباد مان کيس ڪتاب وٺي آڻي ڏي. ڇهن مهينن جي انتظار کان پوءِ مليس ڪجهه ڪتاب، عمرو عيار، هرڪوليس ۽ جادوگرن جا. رانديڪن جي عمر ۾ ڪتابن سان کيڏڻ لڳو.
ستين ڪلاس ۾ هڪ ڪهاڻي لکيائين، عنوان“ پاڇا”، ننڍي ڀاءُ پڙهي، نهايت هجت مان مٿان لکيائينس: “.....، ڪهاڻيون ته ڀليون ٿو لکين!”اتساهه ملي ويس اڳتي لکڻ جو.... ۽ اڄ اوهان جي هٿن ۾ ان خاموش ڪردار جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو آهي.
منهنجو ساهه سمونڊ، لهر لهر ۾ تون،
ڪڏهين نه ڀانئيو مون، پري توکي پاڻ کان.
ادب کي لفظن جي دنيا چيو ويندو آهي، جتي ادب احساس آهي ۽ تاريخ اعتراف. واقعن کي جيئن جو تيئن بيان ڪرڻ تاريخ آهي ۽انهن واقعن ۾ نظرانداز ڪيل احساسن جو اظهار ادب آهي. زمان، مڪان ۽ زبان جون حدون اورانگهيندڙ ادب ڪلاسيڪل جو درجو ماڻي ٿو، اهڙي ادب ۾ موضوعاتي چونڊ آفاقي هوندي آهي، ادبي تنقيد جا استاد ان کي ادبي لاڙن جي ڪسوٽيءَ تي پڻ پرکن ٿا.
دؤرِ قديم ۾ اهڙن احساسن کي خيالي رنگن ۾ رنڱي پيش ڪيو ويندو هو، واندڪائيءَ جي وندر طور، پوءِ ان احساس کي ڊگهي داستان، قصي، ناول، فلم يا طويل ڪهاڻيءَ جي فارميٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو. اها سموري وارتا پڙهڻ کان پوءِ ڀي ان نتيجي تي پهچبو هو ته چڱائيءَ جو بدلو چڱو ۽ برائيءَ جو انجام برو ثابت ٿيندو آهي پر اڄ ان ساڳي خيال/احساس کي اجائي اينگهه مان ڪڍي مختصرپڻي جي جامي ۾ پيش ڪيو ويو پيو وڃي.
تجربن کي روايت بڻجڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، اگر قليچ نثري صنفن کي سنڌيءَ ۾ متعارف نه ڪرائي ها ته سڀاڻي ڪو ٻيو اهو عَلَمُ کڻي ها، پر اها سندس عظمت هئي جو ان دور ۾ مستقبل کي جانچي، هن نين نثري روايتن جو بنياد وڌو.
ضروري ناهي جدت جي نالي تي لکيو ويندڙ ادب ڪلاسيڪيت جو درجو ماڻي، نه ئي اهو ضروري آهي ته روايت بڻجي ويل صنفون ئي صدين تائين لکيون وينديون. ڳالهه آهي وقت، گهرج ۽ پيشڪش جي. اڄ جو دور ڊگها طويل قصا ۽ داستان پڙهڻ جو ناهي، اڄ جو آدم مختصر کان مختصر جي تلاش ۾ آهي. موبائيل sms (شارٽ ميسيج سروس) ان جو عملي اعتراف آهي. جديد ادبي لاڙن کي فن توڙي خيال تي حاوي ڪري پيش ڪري ڏسو پوءِ نتيجا ڏسو. ان جو آسان مثال هي آهي ته اگر برياني ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پيش ڪئي ويندي ته ڪانڌپي جو ڀت لڳندي، اگر شيشي جي پليٽ ۾ چمچي سان گڏ پيش ڪبي ته فائيو اسٽار لڳندي.
منظور ڪوهيار پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب “سچا ڪوڙا رشتا” جي مهاڳ ۾ مختصر مختصرڪهاڻي بابت ڏاڍي وڻندڙ وصف پيش ڪئي آهي: “جيئن اکيون روح ۽ جسم جون دريون آهن، تيئن مختصر مختصر ڪهاڻي به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن مان زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي يا محسوس ڪري سگهجي ٿو.”
ٻڙي اکر ڪهاڻين بابت ڪوهيار صاحب پنهنجي ڪتاب “ڀئونرن جي انتظار ۾” انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: “ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي اٺن، ڏهن پيراگرافن ۾ بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال طور تي ٻڌائي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا ڪهاڻي سڏيو ويندو آهي. مثال: “ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون.”
ان پسمنظر ۾ ڄاڻايل هڪ ڪهاڻي هت پيش ڪجي ٿي:
“سامان سان ڀريل ٻيڙي هڪڙي پتڻ کان ٻئي تي پُور کنيون پئي وئي ته واٽ تي طوفان سبب اونڌي ٿي پئي. ماڻهو جيئن تيئن بچيا پر سامان سارو درياهه ۾ داخل ٿي ويو. هرِيڙن جي هڪڙي ٻوري پئي تري، جيڪا ناکئو صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي آيو ته اهو ڏسي مالڪ چيو، “ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون”
مطلب ته اهڙي قسم جا پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڙي ڪهاڻيون آهن، جنهن جي عنوان ٻڌڻ سان ماڻهوءَ کي پس منظر ۾ ڪهاڻي/آکاڻي/حڪايت وغيرهه ياد اچي وڃي.”
شيخ اياز جي هنن سٽن مونکي ڪيترائي ڀيرا سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي:
ماڻهو مٽيءَ مان ٺهي، مٽيءَ کي ٺاهي،
ڏٺي تو ناهي، شايد ڪار ڪنڀار جي.
وجوديت جي عقلي دليلن کي ڊوڙائيندي ڪڏهن ڪٿ پهتو آهيان ته ڪڏهن ڪٿ. آخر ڪهڙي معنى ڏجي حيات کي؟ مٽي، مٽيءَ کي ڳوهي ان جو جوهر تخليق ڪيو يا تخليق خود جوهر کي خلقيو آهي. هتي ماڻهو، ماڻهوءَ کي ماري رهيو آهي، انسانيت ٻاڪاري ٿڪي آهي، ڪنڀار ٻوڙو ٿي ويٺو آهي. زندگيءَ مان روح نڪري ويو آهي، حيات جو بدصورت ۽ ڀيانڪ چهرو اڳيان آهي. سوچيان ٿو ته ڇا واقعي زندگيءَ کي ڪا معنى ڏئي خلقيو ويو آهي يا پنهنجي معنى ڏئي جيئڻو آهي؟ اهڙي نفسانفسيءَ واري ماحول ۾ جڏهن ماڻهوءَ کي اڪيلو ڪري اڇلايو ويو، تڏهن جنهن شفقت ۽ پيار آڇيو اها ڌرتي آهي.
ڌرتي، جيڪا ماتا آهي، ماءُ آهي، ان سان ڪيڏو نه پنهنجائپ وارو رشتو آهي. جنهن وٽ پنهنجي ڌرتي ناهي، اهو ڌاريو ۽ پناهگير سڏجي ٿو.
“پنهنجي ڌرتي” اچارڻ سان اندر ٺري پوي ٿو، مامتا جو اڻ ملهيو پيار ٿي آڇي ڌرتي. شفقت ۽ پناهه جو احساس آهي، ڌرتيءَ جي هڪ ڳالهه مونکي بيحد متاثر ڪندي آهي، اُها اِها ته ڌرتي فقط ماڻهن جي ماءُ ناهي، اها پالي ٿي ڪيترائي ماڻهو، جانور، پکي ۽ جيت. ڪو به ته فرق ناهي ان وٽ. شيخ اياز چواڻي:
ڀونءِ انوکي گانءِ، ڏُههُ ته ڏَهوڻي ٿئي،
ڀٽاريءَ جو ڀانءِ، کير کُٽي ئي ڪونه ٿو.
پر ماڻهن جي بي قدري ۽ بي ڌياني سبب ان ڌرتي ماتا جو سور ۽ اهنج وڌي رهيا آهن، انسان پنهنجي سرمستي ۾ آهي.
منهنجيون تقريبن سڀ ڪهاڻيون اڄ کان ست اٺَ سال پهرين جون لکيل آهن، سواءِ چند مختصر مختصر ۽ ٻڙي اکر ڪهاڻين جي. منهنجيون هي ننڍڙيون ڪاوشون آهن.... هي سنڌي ادب، باغُ ڀٽائيءَ جو آهي، جتي هر گل جي خوشبو لطيفي فڪر ۾ وهنتل آهي، هر پنکڙي ان جي سلامي ٿي ڀري ، هن باغ جو مالهي ڀٽائي آهي، جنهن ٻوليءَ ۽ فڪر جا سلا پوکيا ۽ پاڻي ڏنو. اسين پڻ پاڻي ڏيڻ جو وارو سنڀالي رهيا آهيون.
هن ڪتاب جي تڪميل، ترتيب توڙي قدم قدم تي رهنمائيءَ ۾ ساٿ ڏيڻ تي سائين منظور ڪوهيار، ثقلين لاشاريءَ، هوش ڀٽيءَ، سعيد سومري، اسد جوڻيجي ۽ عزيز قاسماڻيءَ جو ٿورائتو رهندم.
منهنجي استادن جامي چانڊيي، الطاف شيخ، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ۽ اسحاق سميجي جن جا اڻ ڳڻيا احسان، جن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه لمحا مون لاءِ ڪڍيا ۽ ٻه اکر ۽ مهاڳ لکي ڏنو.
پهرين ملاقات ۾ منهنجي اسرار تي سنڌ جي نالي واري آرٽسٽ فتاح هاليپوٽي پاران ڪتاب لاءِ ڪيليگرافي ڪري ڏيڻ جي حامي ڀرڻ ۽ وقت کان پهرين تڪميل ڪرڻ تي سندس وڏا وڙ.
يونيورسٽيءَ جي دوستن ڪاشف ميمڻ، علي اڪبر نوحاڻيءَ، عبيد سنڌيءَ، سعيد چانڊيي ۽ ٻين ڪلاس فيلوز جو هميشه ٿورائتو رهندس، جن جي ساٿ سرهو رکيو آهي.
ڦورو ڦولهه ته مان وڃان، مون کان وٺُ اُٽلَ،
مان ڄاڻان جي مون ڏنا، پوڻيءَ پوڻيءَ پلَ،
توکي ڪهڙي ڪَلَ، مون ڇا اوريو ارٽ سان. (شيخ اياز)
ادب جو شاگرد
عباس ڪوريجو
موبائيل: 03003434235
www.abbaskorejo.com
abbaskorejo@gmail.com