• ريگنگ ڏوهه آهي
“ نئون آيو آهين!؟”
“ها، ڪالهه آيو آهيان!”
“ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ٿي اٿئي!؟”
“فرسٽ ييئر پوليٽيڪل سائنس ۾.”
“نالو ڇا اٿئي؟”
“شفيع محمد.”
“هتي ڪنهن رهايو اٿئي؟”
“اسان جي شهر جو هڪڙو ڇوڪرو منهنجي وڏي ڀاءُ جو دوست آهي، ان جي روم تي رهيل آهيان.”
“اها بالٽي کڻي ڪاڏي پيو وڃين؟”
“وهنجڻ لاءِ پيو وڃان.”
“توکي خبر ناهي ڇا ته منهنجي اجازت کان سواءِ هتي ڪير به ناهي وهنجندو.”
“ نه ڀائو مون کي خبر نه هئي!”
“هاڻي اها بالٽي ڳچيءَ ۾ وجهي هاسٽل ونگ جو گول چڪر ڏئي ۽ پوءِ ڀلي اچي وهنج.”
سينيئر جي چهري تي رعب ۽ دٻدٻو ڏسي پلاسٽڪ جي بالٽي پنهنجي ڊگهي ڳچيءَ ۾ وجهي ونگ جو طواف ڪري واپس آيو ته واش روم جي ٻاهران ڪوبه نه هيو. جلديءَ ۾ وهنجي ٽوال وڪوڙي روم تي آيو، سندس روم ميٽ اگهور ننڊ ۾ هو. نئين سلائي ڪرايل ڊريس پهري، پرفيوم لڳائي، موبائيل، ڊائري ۽ پين کڻي ڪيمپس لاءِ روانو ٿيو هو. هاسٽل جي مين گيٽ وٽان ڪجهه ٻيا شاگرد به تڪڙ ۾ ايندي ويندي نظر آيا هئس، سينٽرل لائبريري وارو رستو پڪڙي آرٽس فيڪلٽيءَ جو رُخُ رکيائين، اهي رستا انٽري ٽيسٽ وقت وڏي ڀاءُ سمجهايا هئس. آرٽس فيڪلٽيءَ جي مين گيٽ ڪراس ڪري ڏاڪڻين طرف رخ رکيائين، ڏاڪڻين جي ڀرسان ڪلف ٿيل ڪاٽن پهريل ۽ ڪارا چشما اکين تي لڳايل شاگرد نظر آيس، جيڪي ڄڻ ته شڪاريءَ جيان ڪنهن شڪار جي تاڙ ۾ هئا. هو مٿي چڙهي ويو. هي ماحول هن لاءِ بلڪل نئون هو، ڪاليج ۾ ڪلاس هلندا نه هئا ۽ يونيورسٽيءَ لاءِ هو گهر به ڇڏي آيو هو. هتي هر ڪوئي اڻ سڃاتل هو وڻ وڻ جي ڪاٺي وانگر، لهجا، انداز ۽ سوچ مختلف.
پڇندي پڇندي نيٺ پنهنجي ڊپارٽمينٽ تائين پهتو هو، ڪلارڪ ٻڌايس ته ڪلاسن هلڻ ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا.
فيڪلٽيءَ جو گول چڪر ڏيڻ لڳو، مختلف ڊپارٽمينٽس جا شاگرد ڪاريڊور ۾ هيڏي هوڏي ٽهلندي نظر آيس.
ڪجهه وقت خالي ڦيرا ڏئي هاسٽل جي روم تي واپس ورڻ جو سوچي هيٺ لهڻ لڳو، هن جا پير ڏاڪڻين تي اوچتو رڪجي ويا. ڏاڪڻين واري هال ۾ ڪلف ٿيل ڪاٽن پهريل ۽ ڪارا چشما لڳل ڪجهه سينيئر شاگرد ٻن نون شاگردن کي گهيري بيٺا هئا، هن تي نظر پوندي ئي ڪاري ڊريس پاتل هڪ شهپري سڏيندي چيس، “اڙي تون ڀي جلدي اچ هيڏي!”
ڊنل ۽ هيسيل هرڻيءَ جيان سرڪندو ويو انهن ڏي. ڪاري ڊريس وارو ٿلهو شهپري هڪڙي نئين آيل شاگرد کان سوال پڇي رهيو هو.
“اڙي! تنهنجونالو ڇا اٿئي؟”
“نندلال!” ڊڄندي ٻڌايئينس.
“ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ آيو آهين!؟”
“ ايڪانامڪس ۾.”
“اڙي شڪل ڏسوس..... هي وڏو ٿي بئنڪ مينيجر ٿيندو!” سڀني ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. ٿلهي هڪڙي ٻي سنهڙي شاگرد کي گهوريو، جنهن کي بلو جينز ۽ چيڪ تي شرٽ پاتل هئي، اکين تي نظر جو چشمو لڳل هوس.
“تون وري ڪير آهين ڙي...جهرڪي!!؟”
“مين سمجها نهين!“
“اڙي مهاجر ٿئي..... بيهه بيهه....!!”
هڪڙي ٻئي اڳتي ايندي چيس، “ قومي ترانو ته ٻڌاءِ پُٽ!”
ڇوڪرو ڊڄندي ڊڄندي شروع ٿي وڃي ٿو، “پاڪ سر زمين شادباد.......”
“اڙي اهو نه سنڌو ديش وارو ٻڌاءِ ڙي....”
“وه تو مجهي نهين آتا!”
“ توجيئي سنڌ کا گانا سنا جلدي!”
“جيئي سند جيئي.... سند وارا جيئن....”
“هاڻي فل آواز ۾ جيئي سنڌوديش جو نعرو هڻ ۽ گولي ٿي.” اڇي ڪاٽن پهريل سينيئر شاگرد چيس.
“اڙي اُٺ! اورتي سُري اچ.” ٿلهي ڪامريڊ هن کي هڪل ڪندي چيو هو، هي ڏانهنس سرڪي ويو.
“ ڪٿان آيو آهين ڙي اُٺ!”
“دادوءَ مان!”
“دادو!!!..... هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ....... توهان دادو وارا ڇوڪرا ڪٿان گهرائيندا آهيو!؟”
“نه وڏا...! پنهنجن کي ئي ڪندا اٿئي!”، ڪاري ڊريس پاتل شهپري جواب ڏنس.
“مطلب اڌ دادو ته ......آهي نه!!!”، “خير ٻڌاءِ ته نالو ڇا اٿئي!؟”
“شفيع محمد!”، منهن هيٺ ڪندي جواب ڏنائينس.
“ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ آيو آهين؟”
“ پوليٽيڪل سائنس.”
“ شفو پُٽُ وڏو ٿي ڇا ٿيندو؟؟”شهپري طنز ڪندي چيس.
“ جيڪا منهنجي وڏي ڀاءُ جي مرضي!”
“پوءِ وڏي ڀاءُ کي موڪل ته اهو اچي پڙهي نه جهرڪي!” ڪاري ڊريس واري ٽوڪيندي چيس.
“ جيڪو منهنجو وڏو ڀاءُ چوندو آهي مان تيئن ئي ڪندو آهيان!”
“وڏو ڀاءُ چوئي ته فلاڻي ڪامريڊ کان ڪراءِ ته پوءِ......؟؟؟” ٽهڪڙو مچائيندي شهپري چيس، “هل هاڻي هل لوسي...... کسڪ سورت پڙهه!”
تڪڙو تڪڙو هاسٽل تي پهتو هو، سندس روم ميٽ، جيڪو سندس ڀاءُ جو دوست پڻ هو، جاڳي رهيو هو پر اڃا بستري مان ئي نه نڪتو هو.
“ واپس اچين وئين.....!؟”
“ ها، ڪلارڪ ٻڌايو ته اڃا ڪلاس هلڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا.”
“مونکي خبر آهي يار اڃا هفتو ڏهه ڏينهن ته ان اٽڪ مٽڪ ۾ لڳي ويندا، ڪڏهن استاد نه هوندو، ڪڏهن شاگرد.”
“ مان ته نئون آهيان، مون کي ڪهڙي خبر، وڏي ڀاءُ ٻڌايو هو ته اٺين تاريخ تي صبوح جو ساڍين اٺين وڳي کان پهريون ڪلاس هلندو.”
“ها ها.... چڱو هاڻي ڪپڙا مٽاءِ ته مان ناشتو وٺي اچان ته گڏجي کائون.”
اهو چئي هو ٻاهر هليو ويو، ٻئي لمحي روم جو دروازو کڙڪيو، پهرين آهستي پوءِ تيزيءَ سان، هن وڃي در کوليو هو، سامهون ٻه ڪلين شيو ڇوڪرا بيٺل هئا.
“ اسد، ڪٿي آهي؟”
“ اهو ماني وٺڻ ويو آهي.”
“ تو ڪير آهين؟”
“مان ان جو نئون روم ميٽ آهيان.”
“اڇا ! توهان نوان آيا آهيو؟”
“ها، ڪالهه آيو آهيان.”
“ادا ٻيو خير ، اسد کان ٽرپل ايڪس وٺڻي هئي.”
“ ڀاءَ! مون کي خبر ناهي، اهو پاڻ اچي ته پوءِ اچي وٺجوس.”
“ تون ئي ڏي نه...” ٻئي هجائتو ٿيندي چيس.
“ ادا مون کي خبر ناهي مان نئون آيو آهيان.”
“ٽرپل ايڪس لاءِ نئون پراڻو هجڻ ڪهڙي معنى ٿو رکي، تون ڏي نه، موبائيل ۾ هوندئي، ڏي ته چيڪ ڪريان.”
پهرين ڇوڪري هن جي هٿ مان موبائيل ڦري هئي.
هيسيل هرڻيءَ جيان چپ رهيو هو، ڇوڪري موبائيل چيڪ ڪندي چيس:
“ هن ۾ ته ڪجهه به ناهي، ڀلا ائين ڪر ڀرسان واري روم مان ڪنهن کان وٺي ڏي.”
“ادا! مان ڪنهن کي ڪين سڃاڻان، توهان پاڻ وٺو انهن کان!” گهٻرائيندي چيو هئائينس.
“جيستائين ٽرپل ايڪس نه وٺي ڏيندين، موبائيل ڪونه ملندئي!”
ڳوريون وکون کڻندو سرڪي ويو هو ڀرسان واري روم جي در وٽ. ڏوڏين سان آهستي آهستي ٺڪ ٺڪ ڪيو هئائين، ڪيتري ئي دير تائين کڙڪائيندو رهيو هو، ٻئي ڪلين شيو ڇوڪرا هن کي گهوري مشڪي رهيا ها. اوچتو روم جي دروازي کلڻ جو چيڪٽ ٿيو ۽ روم مان هڪ الف اگهاڙو ڇوڪرو ٻاهر نڪري آيو.
“ڇاهي ڙي..... ڪنهن در ٺڪايو!؟”
هو ڊوڙندو پنهنجي روم ۾ آيو هو، زارو قطار روئڻ لڳو هو، سسڪيون ۽ پوءِ رانڀاٽ ڪرڻ لڳو هو، ٿوري ئي دير ۾ سندس روم ميٽ آيو، هٿ ۾ بريانيءَ جون ٻه ڪليون هئس. هن کي موبائيل واپس ڏيندي چيائين:
“يار معاف ڪجان! انهن کي مون موڪليو هو توکي تنگ ڪرڻ لاءِ.... پر شايد هي ڪجهه گهڻو ئي ڪري ويا.”
ماني نه کاڌي هئائين، شام جو وڏي ڀاءُ فون تي ڳالهايو هوس، هيءُ يونيورسٽي نه پڙهڻ ۽ واپس اچڻ جو ضد ڪري رهيو هو ۽ وڏو ڀاءُ کيس دلاسا ۽ دلجايون ڏئي رهيو هو. آخرڪار ٻن ڪلاڪن جي ليڪچر کان پوءِ راضي ٿيو هو. هن جي وڏي ڀاءُ هن جي روم ميٽ کي فون ڪري هجت مان گاريون ڏنيون هيون ۽ هن جي پارت ڪئي هئائينس.
يونيورسٽيءَ ۾ سال گذرڻ جي خبر ئي نه پئي هيس جو نئين سال جا نوان شاگرد ڪلاس وٺڻ لاءِ اچي رهيا ها ۽ هي پاڻ سان ٿيل هر تذليل جو حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻ لاءِ سوير ئي ڪيمپس پهتو هو ته جيئن هو پاڻ به ريگنگ ڪري پنهنجي دل کي اطمينان ڏئي.
اوچتو هن جي نظر هڪ نئين ڳوٺائي شاگرد تي پئي، سنيٽر جا خلاصا سبيل ڪپڙا ۽ باٽا جي ٻڪهي جتي پاتل هئس، هٿ ۾ پراڻو رجسٽر هئس، رنگ جو ٿورڙو سانوڙو. هڪل ڪندي بيهڻ جو چيائينس. ڊڪي وڃي ويجهو پهتس.
“ ڪاڏي پيو وڃين...؟”
“ادا، آئون نئون آيو آهيان ڊپارٽمينٽ ڳولڻ پيو وڃان.”
“ نالو ڇا اٿئي؟”
“ علي بخش.”
“ ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ٿي اٿئي!؟”
“ادا سنڌيءَ ۾.”
“ الف بي ايندي اٿئي ڙي، جلدي ٻڌاءِ!”
“ ڇو ٻڌايانءِ؟”
“ اڙي ڇو جا سڪا، ٻڌائين ٿو يا هڻانءِ پادر.” جوتي ڏانهن جهڪندي چيائينس.
“الف اک، بي بدڪ... يي يڪو.”
“شاباس، بابهين ڇا ڪندو آهي؟”
“ اهو مري ويو آهي.”
“ وڏو ڀاءُ اٿئي!؟”
“ها، هيو، اهو به روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويو.”، اداس ٿيندي چيائين،“ان جي خواهش هئي ته مان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهان، پر ان کان اول هو پاڻ هليو ويو.”
“پوءِ تون هتي ڪيئن پهتو آهين!؟”
“پاڙي جي هڪ همراهه، جيڪو منهنجي ڀاءُ جو دوست هيو ان منهنجي فيس جو ذمو کنيو آهي ۽ مان پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي خواهش پوري ڪرڻ آيو آهيان.”
هن جي اکين ۾ پڻ لڙڪ ڀرجي آيا. علي بخش جي اکين ۾ پنهنجو عڪس نظر آيس، ان جو وجود پنهنجو ئي وجود لڳس.
سٽ ڏئي کيس ڳلي لاتائين.
“مون کي معاف ڪر منهنجا ڀاءَ....... مون توکي تنگ ڪيو. اڄ کان پوءِ مان تنهنجو وڏو ڀاءُ آهيان!!”
*****