• چريا منهنجا آئڊيل آهن!
ڊاڪٽر جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، ڊاڪٽر نمبر واري پرچيءَ تان نالو پڙهندي چيس:
“ جي اسد الله!... ڇا ڪندو آهين؟”
“ سائين مان شاگرد آهيان ۽ گذريل ڇهه مهينا مون شهر جي ڪيترن ئي چرين سان گڏ گذاريا آهن!”
“ چرين سان گڏ ڇو!؟؟” ڊاڪٽر تعجب مان پڇيس.
“ چريا منهنجا آئڊيل آهن!” هن معصوميت مان وراڻيو.
“ آئڊيل...!!!”ڊاڪٽر لفظ تي زور ڏئي پڇيس.
“ ها، هي سماج انهن کي چريو سمجهي مذاق اڏائي ٿو، پر هو هن سماج جا باغي ڪردار آهن، انهن کي پنهنجو الڳ سماج گهربل آهي، جيڪو انهن جي اصولن تي هلندڙ هجي، جيڪو انهن کي مڃتا ڏئي.”
“ پر اهڙو سماج ٺهندو ڪيئن!؟” ڊاڪٽر ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ موضوع ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، ڇو ته کيس اندازو ٿيڻ لڳو هو ته مريض غير معمولي ذهانت رکندڙ آهي.
“ جيئن هي سماج ٺهيا آهن، تئين اهو سماج به ٺهي ويندو. پر اڄ جو باشعور سماجي جانور انهن باغين جي رستا روڪ ڪيون بيٺو آهي، جڏهن ته انهن چرين ۾ ڪيترائي انقلابي، فطرت پسند ۽ مفڪر آهن.”
“اڇا...! اهڙن ڪجهه چرين جو ذڪر مون کي ڀي ٻڌاءِ!!” ڊاڪٽر مريض جي ذهني ڪيفيت معلوم ڪرڻ لاءِ پڇيو.
“ ڊاڪٽر، مارڪيٽ ٿاڻي جي پٺيان واري گهٽيءَ ۾ هڪ چريو رهندو آهي، جيڪو هر ٻئي ڏينهن ٽاڪ منجهند جو ڪو نه ڪو ڪتاب ساڙيندو آهي، ماڻهو پڇندا اٿس ته ڪتاب ڇو پيو ساڙين؟ خبر اٿئي ڊاڪٽر اهو ڪهڙو جواب ڏيندو اٿن!؟”
ڊاڪٽر ڀرون مٿي ڪندي جواب معلوم ڪرڻ چاهيو.
“.... اهو چوندو اٿن ته ان ڪتاب ۾ الف جو ذڪر گهڻو آهي ۽ الف اهو اکر آهي، جيڪو ٻين اکرن جا ٽٻڪا، زيرون، زبرون ۽ پيش ضبط ڪري رهيو آهي.”
ڊاڪٽر حيرت مان ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته مريض ڳالهايو:
“ڊاڪٽر ! ڦاٽڪ وارو چريو به عجيب آهي، جڏهن ريل جي اچڻ جو ٽائيم ٿيندو آهي ته هو ڪٿي به هجي اتي پهچي ويندو آهي، جيستائين ريل گاڏي اچي مختلف گاڏين وارا بار بار هارون وڄائيندا ۽ هروڀرو جو گوڙ ڪرڻ لڳندا آهن، موٽر سائيڪلن ۽ پنڌ ڪرڻ وارا ڦاٽڪ بند هجڻ باوجود، وٽ پاسو وٺي نڪرڻ ۾ لڳل هوندا آهن. ڊرائيور شيشا هيٺ ڪري ، پنهنجي منڍي ٻاهر ڪڍي اجايو پيا اڳين ۽ پوين کي هڪلون ڪندا رهندا آهن. مسلسل هارونن جو آواز ٻڌي، ريل ڏسڻ لاءِ آيل هي چريو مڇرجي پوندو آهي، پوءِ تيز آواز ۾ رڙيون به ڪندو، ٻنهي هٿن سان هر هڪ گاڏيءَ واري کي ڀونڊا ڏيندو ۽ تيزيءَ سان روڊ تي لتون هڻندو رش ۾ گم ٿي ويندو آهي.”
“اهو ته مون به ڏٺو آهي!”، ڊاڪٽر کي لڳو ته مريض حقيقي ڳالهيون ٻڌائي رهيو آهي.
ڪلينڪ جو دروازو کليو، ڪمپائونڊر اندر اچڻ جي ڪئي ته ڊاڪٽر هٿ جي اشاري سان منع ڪري ڇڏيس. مريض گهري سوچ بعد وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“شهر جي مشهور ۽ مهانگي پرائيويٽ اسڪول جي ٻاهران ڦرندڙ چريو سڄو ڏينهن قميص ڪلهي تي رکي پٺيءَ اگهاڙو پيو گهٽيءَ ۾ ڦيرا ڏيندو آهي، ڪيترائي ڀيرا چوڪيدار پڪڙي مار ڏني اٿس يا ڀڄائي ڪڍيو اٿس، پر ٻئي ڏينهن ساڳيو ڦري اچي بيهندو آهي. اسڪول اندر داخل ٿيندڙ ڇوڪرين کي ڏسندي ئي تيزيءَ سان سٿر تي ٿڦ وهائي ڪڍندو ۽ گهٽيءَ ۾ اڳتي رڙهي ويندو، سندس اهو آواز چوڪيدار کي پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هَتِ.....!! هَتِ...!!!”
ڊاڪٽر جي دلچسپي ۽ کوج ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، مريض انتهائي رازداري واري انداز ۾ پڇيس:
“ڊاڪٽر، مينٽل هاسپيٽل جي هڪڙي چريي جي ڳالهه ٻڌايانءِ!؟”
“ها ها، ٻڌاءِ...!”، ڊاڪٽر اکيون اکين ۾ ملائيندي چيس.
“اهو چريو اتر سنڌ جو آهي، چريو ٿيڻ کان پهرين سياسي ڪارڪن هو، ڀاڄائيءَ کي ڪهاڙين جا وار ڪري “ڪاري” ڪري ماري وڌائين، تڪ جي ٻنهي سياسي اڳواڻن واري واري سان ٿاڻي تي ڪٽرايس، ٽارچر ۾ هوش وڃائي ويٺو. هاڻي اسپتال ۾ به نعرا هڻندو رهندو آهي، نعري....... نواب خان، جيئي سردار خان،........نعري نعري نواب خان...... جيئي جيئي......سردار خان!! جڏهن صفا سهڪي پوندو آهي ته چوندو آهي ته انهن ٻنهي جي ته زال کي مان....... ڀاڄائي چوان!!”
ڊاڪٽر مريض جي ذهني ڪيفيت معلوم ڪندي، موجود ڊس آرڊرس پئي تلاش ڪيا.
“ ڊاڪٽر! خبر اٿئي مان تو وٽ ان لاءِ آيو آهيان ته منهنجي گهر ۽ پاڙي وارا چون ٿا ته مان چريو ٿي ويو آهيان، ڇا واقعي توهان کي ائين لڳي ٿو؟!”
“ اڄ هر ماڻهو فرسٽريشن جو شڪار آهي ۽ هر ماڻهوءَ ۾ ڪيترائي سمپٽنس چرين وارا هوندا آهن....”
“ ڊاڪٽر، خبر اٿئي اسان چريا ان لاءِ آهيون ته اسان وٽ اظهار جو انداز الڳ آهي، اسان ڳالهيون دل ۾ ناهيون رکندا، اسان کان منافقي ناهي پڄندي، جيڪو ڪجهه به دل ۾ ايندو آهي چئي ڏيندا آهيون، پوءِ اها گار ئي ڇونه هجي!” مريض، ڊاڪٽر جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
“ پوءِ تون چرين جون اهي سچيون ڳالهيون ڪيئن سمجهي ويندو آهين!؟”
“ڊاڪٽر صاحب! سچ کي سمجهائڻ لاءِ زبان جي ضرورت ناهي هوندي ۽ ڪوڙ هميشه ڳالهايو ويندو آهي ۽ جيڪي ٺيڪ طرح ڳالهائي ئي نه سگهندا هجن، اهي ڪوڙ ڪيئن ڳالهائيندا؟؟”
ڊاڪٽر مرض جي تشخيص ڪري چڪو هو، دوائون ۽ ٽيسٽون لکڻ کان پهرين مريض کان آخري سوال ڪيائين:
“ڇهه مهينا چرين سان رهيو آهين، مليو آهين! تنهنجو سڀ کان وڌيڪ آئڊيل چريو ڪهڙو آهي؟”
مريض ڊاڪٽر جي منهن ۾ نهاريندي مٿي اٿيو ۽ ڦڙتيءَ سان چيو:
“ڊاڪٽر، مان سائڪالاجيءَ ۾ ايم فل جو شاگرد آهيان، منهنجي ٿيسز جو موضوع هو، “چرين جو سماج تي اثر”، اڄ منهنجي ٿيسز پوري ٿي ۽ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته چرين جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر پڻ چريا هوندا آهن... ۽ منهنجو سڀ کان وڌيڪ آئڊيل چريو تون آهين!!!”
*****