• جانب جي عظيم ديوار
“منهنجو ڏاڏو به باگڙياڻي ڀڄائي آيو هو، مسلمان ته ڪيو هئائينس پرنڪاح جي پڪ نٿو ڏئي سگهان! ”
جانب “ڇڙا ڊپارٽمينٽ” جو ماڻهو آهي پر ڪجهه وقت اڳ “سگهرا ويلفيئر ايسوسيئيشن” ۾ ميمبر شپ لاءِ فارم جمع ڪرايو هيئين، مطلب ته مڱڻي ڪئي هيئين!
ها سو ڳالهه پئي هلي جانب جي لڏي اچڻ جي، جانب کي منهنجي پاڙي ۾ جيڪو گهر مليو سو هيو ته پڪ سِري ، پر ڪمپائونڊ وال ڪچي ۽ موئن جي دڙي جيان ڊهندڙ پئي لڳي. هن کي ڏاڍي اڻ تڻ لڳل هئي ته هو اها ڀت پڪي ڪرائي ڇڏي، جيئن هو ۽ سندس باگڙياڻي ڏاڏي پنهنجي ملڪيت سميت محفوظ ٿي وڃن. سندن ملڪيت هڪ مينهن ، هڪ پيتي، ٻه کٽون ، ٽي دلا ۽ هڪ مٽ ۽ ڪجهه بسترن ۽ ٿانون تي مشتمل آهي. پيتيءَ ۾ جانب جي ڏاڏي جي حياتيءَ ۾ گڏ ڪيل ملڪيت هئي، جيڪا هن لڏي ويل واڻين جي زمينن تي قبضا ڪري حاصل ڪئي هئي. جانب ۽ سندس ڏاڏي ان ملڪيت جا مالڪ هئا، ڇو ته جانب جا ماءُ پيءُ زلزلو اچڻ ڪري سندن پراڻي جڳهه جي ڪرڻ سبب هيٺان اچي مري ويا هئا، جانب ٻاهر ڪرڪيٽ کيڏڻ ويو هو ۽ سندس ڏاڏي صحن م ويٺي کجيءَ جي پنن مان نئون تڏو تيار ڪري رهي هئي، جانب جو ڏاڏو اڳواٽ ئي قبر ۾ پيل هو. جانب ۽ سندس ڏاڏيءَ کي مزو بلڪل نه آيو ، تنهن ڪري اتان لڏي اچي منهنجي پاڙي ۾ ويٺا هئا.
جانب خوش مزاج آهي، جيسين مون پرکيو آهي ته گهري ۽ وسيع سوچ رکندڙ آهي، هڪ ڏينهن رستي ۾ مليو ان ڏينهن جُوءِ جو رهزن ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو. مونکي چيو هئائين :
“ ماستر! ماڻهو دٻدٻو ۽ رعب ويهارڻ لاءِ ڪيڏا به خون ڇونه ڪن پر جي رب عزت نٿو رکي ته انهن وڏن رهزنن جو اولاد به “پنج منٽ” پوئتي ٿي پوي ٿو پر جي رب عزت رکي ته هوءَ جهنگ ۾ مال چاريندڙ شمونءَ جي ڌيءُ به صاف اٿئي!”
هڪ ڏينهن تمام تيز بارش پئي ۽ بارش ۾ جانب جي گهر جي موئن جي دڙي جيان جهريل ڪمپائونڊ وال هڪ هنڌان ڪري پئي، بارش وسي دنگ ڪيو ته هو مون وٽ اسڪول ۾ آيو، مان پنجين ڪلاس جي شاگردن کي سبق ٻارهون “آفريڪا جا عجائبات” پڙهائي رهيو هئس ۽ عجائبات مان ڦري سمجهاڻي دنيا جا عجوبا ۽ تنهن بعد “ چين جي عظيم ديوار” تي اچي بيٺي، مون شاگردن کي ٻڌايو پئي:
“چين جي ماڻهن ٻاهرين جابرن جي حملن کان بچڻ خاطر ٺاهيل ننڍين ننڍين ديوارن کي پاڻ ۾ ڳنڍي اها عظيم ديوار ٺاهي، جيڪا چين جي “شن” گهراڻي جي حاڪم “شهه هوانگ تي” جي دور ۾ ٺهي، اها ديوار 25 فٽ اوچي آهي، جنهن ڪري چين جا ماڻهو هميشه لاءِ ٻاهرين حملن کان بچي ويا.”
جانب ڊيسڪ تي ويٺو منهنجون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو، ايتري ۾ رسيس جو گهنڊ وڳو ٻار اسڪول مان ٻاهر نڪري ويا.
جانب منهنجي ڀرسان سُري آيو.
“ماستر! چين جا ماڻهو صفا ٻاهرين حملن کان بچي ويا هئا؟”
“ها جانب! هو نه فقط ٻاهرين حملن کان بچي ويا هئا پر انهن پنهنجي تهذيب به جوڙي ورتي هئي.”
“ماستر! اڄوڪي برسات ۾ منهنجي گهر جي ٻاهرين ڀت به ڪري پئي آهي.”
“ته پوءِ ٻي ڀت ٺهرائي وٺ! ”
“ڀت نه ماستر! اگر چين جا ماڻهو “چين جي عظيم ديوار” ٺاهي سگهن ٿا ته هي جانب به “جانب جي عظيم ديوار” ٺهرائيندو.”
ٻئي ڏينهن اسڪول ايندي مون گهٽيءَ ۾ ڏٺو ته ڪجهه مزدور جانب جي گهر جي ڪمپائونڊ وال کي ڊاهي رهيا هئا ته ڪي ڀنجوءَ کي کنڊيري رهيا هئا، چري به کوٽجي چڪي، ٽرئڪٽر وارو سرون به لاهي ويو، ٽئين صبح تي ٻه رازا ۽ اٺ ڏهه مزدور ڪم ڪري رهيا هئا، ڏسندي ڏسندي سموري ڀت ڊي پي سي جي سطح تائين نڪري آئي.
جانب کل ٻٽاڪ ماٺي ڪري ڇڏي هئي، سدائين پنهنجي ڪم ۾ محو رهندو هو. جانب جي ڏاڏي به رڌ پچاءَ لاءِ هڪ ڇوڪري پاڙي مان آندي هئي.
ڀت هاڻي لينٽر تائين پهتي، ڏسندي ڏسندي 30 فوٽ اوچي ديوار کڄي وئي، مزدورن جو تعداد به گهٽجي ويو، ڇو ته ديوار کي استر ٿي رهيو هو، پاڙي جو چـڱو اچي لنگهيو، ڪم جي چال ڏسي چوڻ لڳو:
“جنهن ڏينهن غريب جو ٻار ڍوءُ ڪري ماني کائيندو آهي ته زيان ضرور ڪندو آهي، جانب کي به ٻن رپين جي مڳز ۾ هواءِ هئس ، پاڻهي سڌو ٿي ويندو.”
استر مڪمل ٿي ويو ۽ پوءِ پلستر شروع ٿيو ، ڪجهه ڏينهن ۾ جانب جي عظيم ديوار ڪَرُ کڻي بيٺي، نقاش ۽ رنگساز گهرايا ويا، ڪجهه ڏينهن ۾ انهن نقش چٽيا ۽ ماربل جيان ديوار کي چمڪائي وڌو، نت نون ثقافتي اهڃاڻن سان ديوار کي سينگاريو ويو. خطاطيءَ سان ديوار تي “جانب جي عظيم ديوار” لکيو ويو. هڪ ڏينهن ڪم هلندي اخبار وارا آيا، جن جانب جي عظيم ديوار جون تصويرون ڪڍي وڏين سرخين سان خبرون ڇپرايون، ملڪ اندر ڌُم مچي وئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انگريز جانب وال ڏسڻ آيو ، انگريز حيران ٿيندي چيو:
“جانب وال هڪ نئون عجوبو آهي!”
“توهان پهرين موهن جي دڙي کي پنهنجن ڪتابن ۽ تاريخ ۾ عجوبو ڪري مڃيو، لکو ۽ پڙهو، تنهن بعد ئي جانب وال عجوبو ڳڻجو.” جانب جوشيلي انداز سان ورندي ڏنس.
“موهن جو ڊارو وٽ سنڌي ڊاڪو آهن ، جيڪي ڦر لٽ ۽ اغوا ڪري وڃن ٿا، اوهان جي حڪومت اسان کي اهڙا ڊپ ڏئي ، اتي وڃڻ ناهي ڏيندي.”
انگريز جانب کي چيو ۽ پوءِ ڊائريءَ ۾ ڪجهه لکيائين ۽ ديوار جون تصويرون ڪڍي پاڻ سان گڏ کڻي ويو.
جانب پنهنجي ڪمري ۾ اداس ويٺو سوچي ٿو، سندس ڏاڏي جي جمع ڪيل ملڪيت بلڪل پوري ٿيڻ تي آهي، اڃا سندس خواهش آهي ته ديوار جي ڪنڊن ڀرسان منارا ٺهن جيئن ديوار اڃا ڀي نکري بيهي، پر گهر صفا ڀينگ هئس، اوچتو کيس مينهن کپائڻ جو خيال آيو.
“ڇا پيو سوچين جانب ميان!؟ ”، جانب جي ٿيڻ واري سهري ڪمري ۾ داخل ٿيندي پڇيس.
“ڪجهه نه چاچا! ”، جانب وراڻيو.
“پٽ ! مان تو وٽ ان لاءِ آيس ته هاڻي تون شادي ڪر ۽ منهنجي ڪلهن تان بار لاهه، ڇو ته توکي خبر آهي ته مان هن مهيني مڪي پاڪ پيو وڃان ۽ شايد نه موٽان. . . . . . منهنجو خيال آهي ته تون شادي ڪري ڇڏ!”
“پر چاچا! هن وقت مان خالي آهيان، سڀ مُوڙي هن ديوار تي خرچ ڪري ڇڏي آهي.”
“مينهن ته بيٺي اٿئي نه! ڀل سادگيءَ سان ئي پر شادي ڪري ڇڏ، سڀاڻي ها ۾ جواب ڏجانءِ نه ته مان تنهنجو ڏوهي نه ٿيندس.”
اهو چئي جانب جو سهرو سندس ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
جانب عجيب ڪشمڪش ۾ هو، هڪ طرف سندس مڱ هئي ۽ ٻئي طرف سندس عظيم ديوار، پر هو فيصلي کان قاصر هو.
“خير آهي! مڙسن لاءِ زالون کوڙ. . سڀاڻي مينهن کپائي “عظيم ديوار” جا منارا لڳرائيندس.”
سوچيندي سوچيندي هن جي گهري اک لڳي وئي.
صبح جو جانب ۽ سندس ڏاڏي ننڊ مان جاڳيا، جانب ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو، سندس عظيم ديوار کي وڏو کاٽ لڳل هو، جتان سندس مينهن جي کُرن جا نشان ٻاهر گهٽيءَ ڏي پئي ويا.