ڪھاڻيون

پنهنجي ڌرتي

عباس جتي روايتي مختصر ڪهاڻي لکي آهي اتي ڪهاڻيءَ جي جديد فارميٽ تي پڻ پاڻ آزمايو آهي، جيڪا ڪهاڻيءَ جي فن ۾ نواڻ آهي. سنڌ جي تعليم جهڙي وقتائتي موضوع تي لکيل سندس ڪهاڻين جي موضوعاتي ورڇ پڻ مان لهڻي ٿي.
Title Cover of book پنهنجي ڌرتي

• ڳيت ڏنل سڏڪا

رڻ کي ميگهه ملهار ڇڏي ويا هئا، رڻ اٻاڻڪو هو، رڻ جي نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. رڻ جو بدن ٿوهارجي چڪو هو. رڻ جي اڪيلائي ڏسي ٿوهر روئي رهيا هئا. رڻ جي ننڊ ڦٽل هئي، رڻ ميگهه ملهار لاءِ ٻاڪي رهيو هو. تڙپي رهيو هو پر هن جي خشڪيل نڙئَ جي اڃ اجهائڻ وارو ڪوبه نه هو.
هڪ لڱي هڪ گس ڀليل واٽهڙو رڻ جي ريتئَ سان مليو. ان دفعي رڻ سرهو هو، ميگهه ملهار جي سڪ لهي وئي هيس. واٽهڙو کي ميگهه ملهار سمجهي ٻکجي ويو هو، واٽهڙو هڪو ٻڪو ٿي ويو، واٽهڙو جي زندگي ۾ هڪ نئون موڙ هو. واٽهڙو ڪنهن لمحي صفا هلڪو ٿي هوا ۾ اڏامي رهيو هو ته ڪنهن لمحي صفا ڳرو بڻجي واريءَ ۾ دٻجندو ٿي ويو.
واٽهڙو جي ڪلهن تي بار وڌي رهيو هو، هن جي چيلهه چٻي ٿي رهي هئي، هن جي ڇاتئَ کي زمين ڇڪي رهي هئي، ڪشش ثقل وانگي واٽهڙو جا عضوا هيٺ ڇڪجي رهيا هئا، بس هو جهڪندو رهيو. . . جهڪندو رهيو...... سجاڳي....!
کٽ تي ستل، ٽائيم منجهند جو هڪ ، ڪمري جو در کليل، جوڻس اندر ٽپي آئي هئي، هٿ ۾ ماني هجيس ٿي، ننڍڙو پٽهنس ڪڇ تي هجيس ٿو، هن کي ڌونڌاڙي ٿي، هو بي سڪونيءَ واري اکٻوٽ ۾ هجي ٿو، هوءَ ماني ڀرسان واري کٽ تي رکي ٿي، ننڍڙي پٽهنس کي هن جي سيني ڀرسمهيل هجڻ ڪري، هن جي پٺيءَ تي ويهاري ٿي، هو اٿڻ واري ڪري ٿو ته ننڍڙي کي کڻي ٻي کٽ تي ويهاري ٿي، رلي بدن تان هٽائي اٿي ويهي ٿو، جوڻس پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي سڏڪو ڀري ٿي.
هو منهن ڌوئڻ کان پهرين هن جي روئڻهارڪي چهري ڏي نهاري ٿو. هوءَ ماني کڻي هن جي اڳيان رکي ٿي، هو پاڻيءَ سان پهريائين منهن کي ڇنڊا هڻي ٿو، پوءِ ماني کڻي اڳيان رکي ٿو، گرهه ڀڃندي هن ڏانهن نهاري ٿو، هن جون اکيون ڳاڙهيون آهن، تارا پاڻي ۾ ڀريل اٿس، فقط هڪ اوڇنگار جي دير هئس.
“ڳالهائين ڇونه ٿي گونگي! رڳو مسڪڻ ۾ پوري آهين؟!”
هوءَ ڇلڪي پئي، پوتيءَ جي پلاند سان اکيون اگهڻ لڳي.
“تنهنجي مرضي آهي ته مان سڪون سان ٻه گرهه مانيءَ جا به نه کاوان!؟”
هوءَ لڇندي ننڍڙي کي ڪڇ تي کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.
ـــــــــــ فليش بئڪـ ـــــــــــــ
گهرو جهڳڙا _ ملڪيت جي ورهاست_ چاچي سان تڪرار _ ڀاڻس جو قتل ٿيڻ _ فيصلو _ عيوضي ۾ سڱ چٽي _ هن جي شادي _ ڇهن مهينن بعد شهر لڏي اچڻ _ گهر وارن کان ڌار _ خانگي نوڪري ٻن سالن جو عرصو گذري وڃڻ.
هوءَ چانهه کڻي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي، ننڍڙو ڪڇ تي هجيس ٿو. هن کي چانهه ڏئي ڀرسان واري کٽ تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي، هن جو سڏڪڻ ٻڌي سگهيو پئي.
هُن ٿانوَ کڻي پنهنجي ڀرسان رکيا.
“آخر ٿيو ڇا آهي، مسڪڻي!؟ وات مان مڱ ڪڍندينءَ به يا نه !”
“توکي ڇاهي، تون هوش ۾ هجين ته توکي خبر به پوي!”
“وري ڪهڙا پور پيا اٿئي؟”
“سڄي رات ننڍڙي کي پيٽ ۾ سور هيو، نه پاڻ ستو نه مونکي ئي سمهڻ ڏنائين.”
“گرائپ واٽر پيارينس ها !”
“گرائپ واٽر کان ڳالهه چڙهي وئي آهي.”
“هن وڏي شهر ۾ ننڍي ۾ ننڍي ڊاڪٽر جي فيس به پنج سئو روپيه آهي ۽ اسٽور جي دوا ان کان الڳ آهي.”
“ته پوءِ ننڍڙو ڀلي جان تڙپي، ڦٿڪي!”
“هتي جا ڊاڪٽر منهنجا ڏاڏي پوٽا ته نه آهن جو رحم کائي اوڌر تي دوا ڏيندا.”
هن جو چهر ڪاراٽجي ويو، تڪڙ ۾ ننڍڙي کي ڪڇ تي کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.
ياد ٿو اچيس ته ٻه ڏينهن اڳ آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ پنجابي دوست کي چيو هئائين:
“متين ڀائي! مان جڏهن به سمهي پوندو آهيان ته منهنجي خوابن ۾ بي سڪوني هوندي آهي، هر وقت صحرا ۾ ڀٽڪندو وتندو آهيان. رڻ ۽ ريگستان منهنجا ساٿاري هجن ٿا، رڻ ئي رڻ هوندو آهي، منهنجي خوابن ۾. . . . .”
“ڀلا، ماضي ياد ايندو اٿئي ڇا!؟”
“مون ماضيءَ کي وساري ڇڏيو آهي ايترو جو مون پنهنجي ڳوٺ واري گهر جو ٻن سالن کان در به ناهي ڏٺو.”
“ته پوءِ ڪا گهرو پريشاني هوندئي!؟”
“ها يار منهنجو ننڍڙو بيمار ٿو رهي، سوچيان پيو ته هن آچر تي آرام نه ڪريان ۽ کيس دوا لاءِ کڻي وڃان پر هڙ ۾ پئسا به ناهن. . . . . . . . تون اگر پگهار تائين هڪ هزار اڌارو ڏين ته مهرباني ٿيندي.”
“مون وٽ آهن پر مان اڄ ڳوٺ پيو وڃان، هفتي کان پوءِ موٽندس.”
ٻيڪڙيل در آهستي کليو.
هوءَ ننڍڙي کي ڪڇ تي کڻي اندر ٽپي آئي، هن دفعي هن جو سڏڪڻ بند هو، اوجاڳي ۽ روئڻ جي ڪري اکيون ڳاڙهيون هيس، ڀرسان واري کٽ تي اچي ويهي رهي، هن ڏي نهاري وري اکيون هيٺ ڪري ڇڏيائين، چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪي بس ڪيائين.
“هون. . . . . ها چئو ڇا ٿي چوڻ گهرين؟”
“سئوٽ تنهنجي پگهار اچڻ ۾ اڃان تيرنهن ڏينهن آهن، جي تون اجازت ڏين ته مان ڪجهه پئسا امان وارن کان گهرائي وٺان.”
هو مائٽن جو ذڪر ٻڌي ڳاڙهو ٿي ويو، لوندڙيون ڌوڻ لڳس، جهٽ هڪڙيءَ ۾ نرڙ پگهرجي ويس.
جنهن ماضيءَ کي هن وساري ڇڏيو هيو سو فليش بئڪ ٿي هن جي اڳيان وري جهٽڪا ڏيڻ لڳو.
گهرو جڳهڙا، ملڪيت جي ورهاست، چاچي سان تڪرار، ڀاڻس جو قتل ٿيڻ ، فيصلو. . . . .. . هن جي وجود اڳيان ڌماڪا ٿيڻ لڳا، ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما کان به وڌيڪ ڌماڪا. هن جي اکين اڳيان دونهون ئي دونهون ڦهلجي ويو.
هوءَ جنهن ٻن سالن ۾ ڪڏهن به پيڪن جو نالو زبان تي نه آندو هو، اڄ انهن جو ذڪر ڪري اربع خطا ڀانئي رهي هئي، ڪنڌ شرمساريءَ کان جهڪي ويو هوس، همٿ نه پئي ٿيس جو مڙسنهس جي منهن ڏانهن نهار وجهي.
خاموشي ۽ ڪمري جي سانت.
ڪجهه لمحن کانپوءِ سانت جو آواز _ ننڍڙي جو روئڻ.
هُن جو ننڍڙي کي گود ۾ لڪائڻ.
“ڏس سئوٽِ ! تنهنجو منهنجو ڳانڍاپو هڪ دکدائڪ افسانو آهي، جنهن ۾ بيشمار غمن جون ڳنڍيون آهن ۽ جنهن جو ماضي هڪ المناڪ الميو آهي، اُن ماضيءَ جي سرچ لائيٽ کي ٻارڻ کان اڳ ايترو ضرور سوچجانءِ ته هن جي روشني ۾ ڪيترا ئي لڪل ۽ اڻ ڏٺل منظر به ٻيهر ظاهر ٿي پوندا.”
هوءَ ڪنڌ مٿي کڻي هڪ نهار مڙس تي وجهي ٿي، جتي کيس پٽ جو ڪفن ڏسڻ ۾ اچي ٿو، وري هڪ نهار ننڍڙي پٽ تي وجهي ٿي، جيڪو سندس هنج ۾ بخار ۾ تپيل آهي هوءَ سڏڪندي چوي ٿي.
“مان ممتا کي ڪاڏي ڪريان ! جيڪا مونکي هڪ پل به ساهه پٽڻ نه ٿي ڏي.”
“. . ... ۽ مان حالتن هٿان مجبور آهيان، سئوٽِ ! مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، مان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيان، اڳيان اجرو پاڻي آهي ۽ پٺيان گٽر جو وهڪرو. . . . مان پوئتي لڙهڻ نه ٿو چاهيان.. . . نه ٿو چاهيان!!”
هوءَ ٽاهڙ تتر جيان ڀڙڪو ڏئي اٿي، ننڍڙي کي ڇاتيءَ سان ائين چنبڙائي ڇڏيائين ڄڻ ڪو کانئس ڦري رهيو هجي، ٻنهي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ سُڪ ڪري، سسڪندي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.
هو ڪيترائي پَل مجسمي جيان ساڪن ويٺو رهيو، ڪمري ۾ خاموشي هئي، هو اٿيو هينگر ۾ ٽنگيل قميص جي کيسي مان واليٽ ڪڍيائين، واليٽ مان ڊائيزِپام گورين جو اڌ بچيل پتو ڪڍي ٽي گوريون بغير پاڻي جي ڳهي ورتائين.
ڪجهه لمحن بعد.
هن کي خشڪيل نڙيءَ وارو پياسو ۽ اٻاڻڪو رڻ ڏسڻ ۾ ٿي آيو جنهن کي ميگهه ملهار ڇڏي ويا هئا، جتي هو روئندڙ ٿوهر کي پرچائڻ وڃي رهيو هو، پياسي رڻ جي اڃ اجهائڻ وڃي رهيو هو.
*****