• لال ڪنوار “ياد ٿئي! ننڍڙا هئاسين، لوڙهي ڀرسان بيهي ڀنڀوريون پڪڙي رهيا هئاسين، مون ڳاڙهي ڀنڀوري پڪڙي هئي، جنهن کي تون “لال ڪنوار” چوندي هئينءَ! تو معصوميت مان چيو هو: “راجو، امان چوندي آهي، جيڪو لال ڪنوار کي پڪڙي ماري ڇڏيندو آهي، ان کي ڪني ڪنوار ملندي آهي.” ***