• ڪاش! مان ڪهاڻيڪار هجان ها!
مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته لعلڻ تي ڪهاڻي لکان ها، لعلڻ ٽنگن کان معذور فقير آهي، گرميءَ جي مند ۾ ڪنهن ڀت جي ڇانوُ ۾ ويهي رهندو، سردين ۾ جتي دل چوندس اتي ويهي رهندو، پراڻي ۽ ميري گوڏ ۽ ڪاري قميص پاتل هوندي اٿس، جنهن جي آڏو واري کيسي ۾ ڳاڙهو ڌاڳو ٻيڙين جي پُڙي، خالي ۽ ڀريل ماچيس ۽ چار پنج سگريٽ پيل هوندا اٿس. ڄائي ڄم کان معذور هجڻ ڪري ڳالهائي به ناهي سگهندو، بس ڪڏهن ڪڏهن “الله الله” پيو جهونگاريندو آهي . ٻيڙيءَ جو ڪش هڻندو ته دونهون ڪفن بڻجي هن جي مُنهن جي چوڌاري پکڙجي ويندو اٿس، سدائين ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم رهندو آهي، ڪڏهن کِليو ته سڄو ڏينهن کِلندو ۽ ٽهڪ ڏيندو رهندو ۽ ڪڏهن رنو ته سڄو ڏينهن روئندو رهندو، ماني ڀي نه کائيندو. هن جي اکين مان ڳوڙها نه وهندا آهن هن جي اکين مان حسرتون وهنديون آهن.
مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته پنهنجي ان مُشڪي رنگ جي ڳوٺائي تي به ڪهاڻي لکان ها جنهن کي اداڪاريءَ جي شوق ڪراچي پهچايو.
“ڪراچي تمام وڏو شهر آهي.”، مون کيس ڪراچي وڃڻ کان اڳ چيو هو.
“ڪراچي ڪيڏو به وڏو شهر ڇو نه هجي پر منهنجي دل جي شهر کان ننڍو هوندو.”، هن جوش ۾ وراڻيو هو.
ٽن سالن تائين هو مسلسل ڪراچيءَ ۾ رهيو هو، هڪ گرم ڏينهن ۾ هو ڳوٺ موٽيو هو، گھٽيءَ ۾ مليو، پگھر ۾ شلِ هو، مونکي ڏسي روئي پيو هو.
“ڏي خبر، آهي نه ڪراچي وڏو شهر ؟!”
ڍنڍڪر ڏئي روئي پيو، روئندي روئندي چيائين:
“ڪراچي تمام ننڍو شهر آهي، دل جو شهر تمام وڏو آهي.”
“پوءِ روئين ڇو پيو؟! ”
“يار ! ڪراچيءَ کان دل جو شهر تمام وڏو آهي، جتي سوين ڪراچيون آباد ٿي سگھن ٿيون پر جڏهن اتي ذاتي فائدن جا فليٽ اڏجن ٿا ته خلوص جي جھوپڙيءَ لاءِ به جڳهه نٿي بچي. ”
مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان چاليهه سالن جي بي اولاد پاڙيسرڻ تي به ڪهاڻي لکان ها جيڪا دري کولي پنهنجي پاڙي جي ان گھر ۾ ڏسندي رهندي آهي، جنهن ۾ رهندڙ ڏهن انگ اُگھاڙن ٻارن کي سندن ماءُ ٻهارو کڻي ڊڪائيندي وتندي آهي. هوءَ پنهنجي خالي جھولي ڏسي ڪيترو تڙپندي هوندي، اهو اندازو ڪو ڪهاڻيڪار ئي لڳائي سگھي ٿو، انهن احساسن کي لفظن جو روپ ڪو ڪهاڻيڪار ئي ڏئي سگھي ٿو.
مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان ايم _اي پاس ٻڪرار تي به ضرور ڪهاڻي لکان ها، جيڪو بيورو ڪريٽ ٿيڻ جا خواب کڻي نڪتو هو ۽ فقط “ڪريڪ” ئي ٿي سگھيو هو. پڻس هڪ ڏينهن چيو هئس:
“پئسا ڏئي پندرهين سورهين جماعت تائين پڙهايو اٿمانءِ، هاڻي ان ماڻهين سرڪار کي چئه ته نوڪري ڏيئي نه! گاڏين ۽ بنگلن جا خواب ڏٺا هيئي، ڀڳل سائيڪل به اٿئي هٿ ۾؟!”
“بابا! نيٺ هڪ ڏينهن ته سڀ خواب پورا ٿيندا!”
“ڇورا! مون وٽ هاڻي ايترا فضول پئسا ناهن جو اڃا تنهنجا خرچ کڻان، گھر ۾ ٻڪريون بيٺيون اٿئي، سڀاڻي چارڻ لاءِ ڪاهي وڃجانءِ!”
ٻئي ڏينهن ٽاڪ منجهند جو منڊڪائيندو ٻڪريون ڪاهي اچي رهيو هو، پڇيومانس ته ٻڌايئين ته ڪنڊو لڳوهئس.
“ڪنڊن کي ڪهڙي خبر ته هي ٻڪرار ايم _ اي پاس آهي.”، طنزيه ٿي چيو هيو مانس، هن ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو هو. اڄ به نوڪريءَ جي انتظار ۾ جھنگ جي ڪنڊن سان مُهاڏو اٽڪائيندو پيو اچي پر ڪنهن پٽيوالو ڪري رکڻ جي به حامي ڪونه ڀري اٿس.
مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان ضدي ڇوڪري تي به ضرور ڪهاڻي لکان ها، جنهن کي آرميءَ ۾ ڀرتي ٿيڻ جو جنون هئو، پنهنجي قميص کي شلوار ۾ اندر وجھي پيو ٺينگ ٽپا ڏئي ٽريننگ ڪندو هو. آرمي ۾ ريڪروٽ ڀرتي ٿي ويو، محنت ڪيائين لاس نائيڪ، پوءِ نائيڪ ٿي ويو، بارڊر تي جھڙپن ۾ وڙهيو، “سياچن” تي هڪ سال جي ڊيوٽي به ڏئي آيو. خواهش هئس ته هيلي ڪاپٽر تي چڙهي ڳوٺ اچي ۽ ڳوٺ وارن جي عزت وڌائي. نيٺ هڪ ڏينهن هن جي خواهش پوري ٿي وئي، هو هڪ نه پر ٻن هيلي ڪاپٽرن ذريعي ڳوٺ پهتو هو پر هو ان دفعي پنهنجي ڳوٺ کي پنهنجي اکين سان ڏسي نه سگھيو هو، هو ڪارگل تي وڙهندي شهيد ٿي ويو هو، سندس فوجي کيس دفنائڻ لاءِ کڻي آيا هئا.
مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته ان پوڙهي اديب تي به ڪهاڻي لکان ها، جنهن ساري ڄمار ڪتابن جي پنن کي اٿلائيندي گذاري ڇڏي، ڪتابن جا انبار پڙهيائين، ڪتابن جي اکرن ۾ نظر گم ڪري ڇڏيائين، ڏهاڪو ڪتاب پنهنجا به لکيائين، معاشي مسئلن جي ڪري ڇپرائي نه سگھيو.
هاڻي سندس اکين عادتون ساڳيون آهن پر نظر ڪجهه به نه ايندو اٿس.
هڪ ڏينهن ڪينجھر جي ڪپ تي ويهي ڪينجھر کي چيو هئائين، “اکيون ته ساڳيون آهن پر اها ديد هاڻي ڪونهي!”
ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان ها ته انهن سڀني ۽ اهڙن ٻين انيڪ ڪردارن تي ڪهاڻيون لکان ها جن جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيون آهن.
ڪهاڻي لکڻ لاءِ هڪ ڪردار پروفيسر جي ان ڌيءُ جو به آهي، جيڪا پنهنجي پيءُ کي اهو احساس ڏياريندي رهي ته هوءَ سندس ڌيءُ نه پر پٽ آهي، ڇوته پروفيسر کي پٽ جو اولاد نه هو.
هوءَ سدائين مرداڻي انداز ۾ رهي، پينٽ شرٽس ۽ جينز پائيندي، وار به مرداڻي انداز جا رکائيندي، ڳالهائڻ جو انداز به مرداڻو بڻائيندي هن جو ننڍپڻ گذريو.
جڏهن به پيءُ سان ملندي ته هڪ جوان پٽ وانگر، ڪچهري ڪندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم ٿي ويندا، ننڊ اينديس ته پيءُ کي چوندي :
“بابا ! مان هاڻي هلانءِ ٿو.”
“چڱو پٽ تون هاڻي وڃي آرام ڪر!“
ڪيترا ئي رشتا آيا پر هن پيءُ سان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ، “بابا ! مان شادي نه ڪندسُ!”
“پٽ ! شادي ته هر عورت يا مرد کي ڪرڻي هوندي آهي.”
“ بابا ! قلندرن ته شادي ڪونه ڪئي هئي، مان به قلندري رمز جو علمبردار ٿيندسُ.”
“ پٽ ! قلندر ۽ عام ماڻهو ۾ فرق هوندو آهي.”
هن نه مڃيو هو ۽ پروفيسر ڪجھه وقت لاءِ خاموش ٿي ويو هو.
هڪ رات جڏهن پروفيسر تعليم جي سيمينار ۾ شريڪ هو ۽ رات جو دير سان ورڻو هو، پاڙي جا اوباش ڇوڪرا هن جي گھر ۾ ڪاهي پيا هئا ۽ اجتماعي طرح هن کي عورت بڻائي ڇڏيو هئائون.
جڏهن مٿيان سڀ ڪردار مون آڏو کلندا ، روئندا يا معمو بڻجندا آهن ته منهنجي دل مان ٿڌو شوڪارو نڪرندو آهي ته:
“ڪاش ! مان ڪهاڻيڪار هجان ها .”
****