• موچي هرروزهن کان گهرَ جي ڪانه ڪا جُتي ڳنڍرائيندو هيس، هو به ڪڪ ٿي پيو هو، دوستيءَ جي ڪري پئسا به نه وٺندو هيس. هڪ ڏينهن چيائينس: “يارتنهنجيءَ ڀاڄائيءَ صفا هيانءُ اڊيڙي رکيوآهي.” جتيءَ کي ٽاڪو هڻندي ئي وراڻيائينس: “ ها، کڻي اچجانءِ، ڳنڍي ڏيندومانءِ!” ***