مهاڳ
هن مهل جيڪو ڪتاب اوهان جي موبائل جي اسڪرين ۾ ڏيکارجي پيو ۽ اوهان کيس پڙهو پيا، اِن ڪتاب بابت جامع راءَ مطلب تہ مهاڳ لکڻ جي درخواست مون کي ڪئي وئي، مهاڳ لکڻ هڪ انتهائي حساس ڪم آهي، مهاڳ ۾ ليکڪ جي سڄي محنت تي تکي نظر رکي ڪري سندس تحريرن جو مثبت توڙي منفي پهلو واضع ڪبو آهي ان کان علاوه سندس تحريرن منجھ اُڻايون ۽ چڱايون پڻ ڳولڻيون پون ٿيون، ثاقب بلوچ جي هن مجموعي جي تاليف مون ڪئي ۽ آءُ ئي سندس ڪتاب جو تدوين ڪندڙ آهيان، سندس تحريرن تي جڏهن مون گهري نگاه وڌي تہ مونکي محسوس ٿيو تہ ثاقب وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ هن معاشري جو اُهو فرد آهي جنهن جو ذهن شعور جي لاٽ ٻرڻ شرط بغاوت واري طرف روان دوان ٿي وئي آهي…!
سندس تحريرن ۾ معاشرتي رياڪارين خلاف جيڪا ڪروڌ نظر اچي ٿي سان سندس شعور جي بالغ هجڻ جو چٽو ثبوت آهي، ثاقب بلوچ حڪومتي ويڳاڻپ ۽ لاوارثي تي انهن طرف ڌڪارت واري لهجي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو تہ” مان سرڪار کي گذارش نہ ڪندس ڇو تہ سرڪار کي گذارش ڪرڻ ٻوڙي جي ڪن ۾ ڳالھ ڪرڻ جي برابر آهي، اسان جي گذارش سرڪار آڏو هڪ چرچو آهي، ڊسٽ بن ۾ اڇليل خالي ڪاغذ جيان آهي“، اهڙي ريت سندس تحريرن ۾ هن سماج جي پوري ناڪاره نظام تي ڪاوڙ جو اظهار سخت لفظن ۽ لهجن ۾ ڪيل آهي، ثاقب جيتوڻيڪ ادب سان لاڳاپيل ڳچ عرصي کان هو ليڪن لکڻ جي حوالي سان کيس تمام مختصر عرصو ٿيو آهي ۽ انهي مختصر عرصي ۾ مسلسل ڪالم لکڻ ڄڻڪ سندس مشغلو بڻجي چڪو آهي، سندس اِن مشغلي کيس پوري سنڌ اندر بي پناھ پيار بخشيو، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس تحريرن ۽ ڪالمن کي وقت بہ وقت جڳھ ملندي رهي…!
اهڙي ريت کيس اتساھ ملندو رهيو ۽ سندس تحريرن جو جامع ڪتاب هن قت اوهان جي هٿن ۾ آهي، ثاقب جي هڪ ڳالھ مون کي ڏاڍو لڀائي وئي اُها اِها تہ ثاقب جي تحريرن جا عنوان عمومن اُهي آهن جيڪي عنوان وقت ۽ حالاتن جي حساب سان جنم وٺن ٿا، مطلب تہ ثاقب عام رواجي عنوانن کان هٽي ڪري انهن موضوعن تي پنهنجو قلم کنيو جن تي کيس اهو محسوس ٿيو تہ مون کي لکڻ گهرجي يا وري وقت جي تقاضا سمجهي ڪري انهن تي لکڻ مناسب هجي، مطلب تہ ثاقب پنهنجي مرضي مطابق ڪنهن بہ عنوان کي ڪونہ سرجهيو بلڪ وقت ۽ حالاتن کي مد نظر رکندي پنهنجو قلمي جدوجهد ڪندو رهيو…!
ثاقب جي ڪالم تي هندي ٻولي جو تمام گهرو اثر ڏسڻ وٽان مليو، ان جو بنيادي ڪارڻ اِهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ ثاقب سنڌي هندو ليکڪن جا ڪتاب جهجي انگ ۾ پڙهيا هجن جنهن سبب هاڻ سندس حافظي ۾ اُهي الفاظ گهر ڪري ويهي رهيا آهن…!
مهاڳ ۾ ڪتاب بابت سڀئي ڳالهيون اڳم ڪونہ ڪري ڇڏبيون آهن، ڪجھ چاھ، چش ۽ چاشني پڙهندڙن لاءَ بہ بچائي رکبي تہ جئين اُهي بہ علم جي لاٽ مان ڪا واٽ ڳولهي سگهن، ان لاءَ آءُ پنهنجي ڳالھ کي پنهنجي ننڍڙي نثري نظم لکندي اختتام تائين پهچائيندس، آءُ پنهنجو هي نثري نظم ڪتاب کي پڙهندڙ سڀني دوست کي ارپيا ٿو…!
منهنجي سـوچ جو ”
محـور ۽ مرڪـز تنهنجي
خيالـي دنيا کان ڪـوهين
ڏور مضبوط بيٺل آهي،
تنهنجيون اٽڪلون، ٺڳيون،
دولاب توڙي چالاڪيون
مون کـي هڪ پل لا۽ بہ
ڪمزور يا هيڻـو ڪري
ڪو نہ سگهنـديون يا وري
منهنجي منـزل جي آڏو
هڪ پل لاءِ ٽڪي
ڪـئين نہ سگهنديون...!“
يوسف جميل لغاري / ٺري ميرواه