اوچتو ماٺ متل آواز
اسان جي هن ڌرتي تي ڪيترائي ئي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿي چڪا آھن ۽ ٿيندا رهن ٿا پر هڪ واقعي هاءن کي ڌوڻي وڌو, ائين ئي هڪ فنڪارا کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو, فنڪار جيڪو پنهجي فن سان ٻين جي روح کي راحت رسائي ٿو, پنهجا درد دل ۾ رکي ٻين جي خوشي خاطر چپڙن تي مسڪراهٽ جي ويکير آڻي ٿو جيڪو هميشـه اسان جي خوشين کي خوشگوار بڻائي ٿو, پر افسوس جو لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن شادي جي تقريب ۾ ڪنهن معصوم ڪوئل جي مٺڙي آواز کي دٻايو ويو ۽ ان جي سرن کي هميشـه لاء قبر جي قيد ۾ واڙيو ويو, ائين ئي مظلوم فنڪاره ثمينـه سنڌو کي هڪ شراب ۾ ڌت بدڪردار درنڌي سرعام گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو, ان دردنڌي نـه صرف هڪ مظلوم ثمينه جو قتل ڪيو بلڪي ثمينه جي ڪوڪ ۾ پلجندڙ ھڪ معصوم ٻار جو بـه قتل ڪيو جيڪو هڪ تازو ئي ٽرندڙ گل جيان هو, جنهن اڃا دنيا ۾ جهاتي ئي نـه پاتي تـه ان گل کي ڪماٽيو ويو, هاڻي مظلوم ثمينـه تـه ناهي رهي پر جي ڪجھ رهيو آھي تـه ثمينـه جي خون جي انصاف جو سوال, ڇا ثمينـه سان انصاف ٿيندو بـه يا نـه يا صرف اهو انصاف ڪوڙن ڪاغن تائين محدود رهندو يا اهڙي انصاف جي چڪر ۾ ثمينه جي وارثن کي ڪورٽن جا چڪر ڪٽائي زليل ڪيو ويندو, ڇو تـه اسان جي قانون ۾ غريبن لاء انصاف مهانگو آھي.
جنهن جي قيمت جي ادائگي انهن جي وس کان ٻاھر آھي, اسانجي ڪورٽن ۾ خون جي ڪيس جا قيدي جيلن ۾ تـه مري ويندا آھن پر ڪورٽ جي طرفان هتمي فيصلو ناهي نڪري سگهندو, تڏھن تـه ڪنهن صحيع چيو آھي تـه ”هي پاپ ننگر هي پاپ ننگر هن پاپ ننگر جي ڳالھ نـ ڪر تو چرٻٽ ننگري ناهي ٻڌو جتي ڏاڍو ٿيندو گابو. ھن راڄ جو راجا راڄڌڻي سو چرٻٽ جو بي بابو آ“. ثمينه سنڌو جو قتل نه صرف هڪ فنڪارا جو قتل آھي پر اهو قتل آھي ڳائيندڙ سنڌ جو، لطيف جي گيتن جو, روح کي راحت رسائيندڙ سر ۽ سنگيت جو ۽ انهن فنڪارن جو جيڪي پنهجا درد لڪائي هن جاهل سماج ۾ پنهجي سر سنگيت سان خوشيون وکيرين ٿا.
مقتولن جو روح به اهڙي انصاف کان تنگ ايندو آھي, پر اهڙي دجالي دور ۾ به غريب عوام چرٻٽ راجا جي راج ۾ بروسو رکي ٿي هڪ ڪوڙي اميد رکي ٿي, ۽ انصاف جو منتظر رهي ٿي جنهجي انت اچڻي ئي ناهي, اصل سوال ته اهو آھي ته ڇا هڪ محفل ۾ شراب پئيڻ ۽ پسٽل رکڻ غير قانوني نـه آھي, يا انهن لاء ڪو قانون ئي نـه آھي, يا هو قانون کي خريد ڪرڻ جي سگھ رکن ٿا, ھن ظالم زماني ۾ جي عوام لاء ڪو سهارو آھي تـه اهو ميڊيا, سوشل ميڊيا, اديبن ۽ دانشورن جو آھي جيڪي هر موڙ تي انهن لاء واجهائن ٿا, ۽ جيڪي پنهجي قلم جي طاقت سان سانگين جو سور لکن ٿا. مان سرڪار کان گذارش نـه ڪندس ڇو تـه سرڪار کي گذارش ڪرڻ ٻوڙي جي ڪن ۾ ڳالھ ڪرڻ برابر آھي, اسانجي گذارش سرڪار آڏو هڪ چرچو آھي ڊسٽبين ۾ اڇليل خالي ڪاغذ جيان آھي, مان بحثيت هڪ عام فرد جي گذارش ڪندس وري بـه ميڊيا, اديب ۽دانشورن کان تـه اهي ثمينـه جو سور لکن, ڪنهن مظلوم جو تڙپڻ لکن, ثمينـه جي وارثن جو انصاف لاء اپيل لکن, لاڙڪاڻي جي فضا ۾ اوچتو خاموش ٿيندڙ ثميبـه سنڌو جو آخري گيت لکن, ۽ ان درنڌي جي حيوانيت لکن. ثمينـه سان انصاف لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪن, ۽ ان حيوان درندي کي عبرتناڪ سزا ڏيارين جئين ڪو درنڌو سنڌ جي نياڻن تي هٿ کڻڻ کان اڳ ۾ ھزار بار سوچي.