ڪالم / مضمون

آءُ نه اڪيلو

ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪالم نگار ثاقب بلوچ آھي.
ثاقب جي تحريرن جا عنوان عام طور اُهي آهن جيڪي وقت ۽ حالتن جي حساب سان جنم وٺن ٿا، مطلب تہ ثاقب عام رواجي عنوانن کان هٽي ڪري انهن موضوعن تي پنهنجو قلم کنيو جن تي کيس اهو محسوس ٿيو تہ مون کي لکڻ گهرجي يا وري وقت جي تقاضا سمجهي ڪري انهن تي لکڻ مناسب هجي.
  • 4.5/5.0
  • 1603
  • 472
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ثاقب بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آءُ نه اڪيلو

وري تعازيتن جا تڏا وڇائبا

تمام جلد هن هيسايل عوام کي هڪ موسم سان منهن ڏيڻو آھي. هڪ اهڙي موسم جيڪا وري ٻيھر مرحومن جا تڏا وڇائيندي, رستن تان ڌوڙ اڏائيندي, وري اسان کان وسري ويل مرحومن جا نالا ياد ڏياريندي. اها موسم عوام جي عزت ضرور وڌائيندي پر ڪنهن محدود مدت لاء ۽ اهي عجيب چهرا ڏيکاريندي جيڪي هن عوام پنج سال پهريان ڏٺا هئا, هن موسم ۾ ڪجھ موسمي ماڻھو وري ايندا لڙي جن هن بيوس عوام کي پيهڙيو هو, اهي چهرا اسانجي اوطاقن تي نظر ايندا جن ڪالھ اسان جي لڙي وڃڻ تي به نه ڏيکاريا هئا, ڪالھ اسان هنن جي اوطاقن تي ويٺا هئاسين اتي سائين جي ڪمدار چيو هو ته سائين جن آرام پذير آھن سائين جن وٽ توهان جي لاء ٽائيم ناهي, هاڻي ان موسم جي مدد سان سائين جن پنهجي سر پاڻ پنهجي ڪمدارن سان گڏ منهجي اوطاق ٻاھريان مونکي سڏڙا ڏيندو, چوندو بابا فلاڻا تنهنجي ڏک ۾ مان شريڪ ٿيڻ آيو آهيان. اهو به تڏھن جڏھن مون کان ئي ڏک وسري ويو هجي. اسين عوام ڇا ڪنداسين هر دفعي جي دهرايل جملن تي, اسان جو جواب نئون هوندو يا اهو ئي پراڻو عزر ته سائين توهان قبلا آھيو، ابو آيو, مرشد آيو, سردار آيو اسان اوهان کي ئي ووٽ ڏينداسين اسان اوهان کان ڪڏھن به منهن نه ڦيرينداسين ۽ مان قسمت وارو آھيان جو اوهين مون مسڪين جي اڱڻ ھلي آيا آھيون.
دراصل هي عوام پرکجي ئي نٿو الاء ڪهڙي مٽي منجھ ٺھيل آھي, پنج سال لڳاتار ڪيل ظلمن جو ازالو الاء ڪئين انهن کان وسري ٿو وڃي ڇا انهن وٽ لامحدود ظلمن جا امبار سهڻ جي صلاحيت آھي يا اهي ناقصي سوچ جو شڪار آھن, ناقص سوچ مطلب اهڙي سوچ جيڪو ذھن جو ڪيڙو هجي يا ان کي دماغي ڀوت به چئي سگهجي ٿو, هي عوام هٿ ڪڙي لڳل ان مجرم جيان آھي جنهن وٽ ھٿڪڙي جي چاٻي به موجود هجي ۽ اهو فرار ٿيڻ نه گهري, ڇو ته عوام کي ازل کان وٺي بيوقوف بڻايو ويو آھي هميشه ٺڳيو ويو آھي, هر دور ۾ ھن کي سنگهرون پارائيون ويون آهن. ڪڏھن سردارن قوميت جي آڙ ۾ عوام کي لٽيو ٿي ته ڪڏھن پيرن پنهنجي مريدن کان ووٽ نظراني طور ورتا. برحال ٻنھي صورتن ۾ عوامي نسلن جو نقصان ٿيو آهي سردارن ۽ ميرن پيرن کي داد هجي هنن کيل چڱو رچيو آهي الاء ڪھڙي ته سوچ عوام جي ذھنن منجھ ڀريو آھي جو هو اڃا تائين انهن جا ٻول ٻولين ٿا, ان ناقصي سوچ سبب اهي چڱي ريت سوچڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺا آھن, هاڻي انهن سان تبديلي جي ڳالهه ڪرڻ انهن کي باھ جي مچ ۾ اڇلڻ برابر آھي.
قومون قومن مان ئي جنم وٺنديون آھن, پر وقت جي حساب سان هڪ قوم ٽٽندي آھي ته ان مان ڪي ئي قومون پيدا ٿينديون آھن, اسين هر حساب سان طبقن ۾ ورهايل آھيون مذھبي حساب سان به ته قومي حساب سان به وري قومن کان ذاتن پاتن ۾ ورهايل آھيون, وري ذاتن پاتن کان اوڙن پاڙن ۾ ورهايل آھيون, اسان جي تباهي جو مها ڪارڻ اسانجي ورهاست آھي, جنهن مان تباهڪار مڪمل لاڀ وٺن ٿا, اهي اسان کي ڪٽ پتلين جيان نچائن ٿا, ان تفاوت جا مثال اوهان کي معاشري منجھ ڪي ئي ملندا, ۽ ائين ئي ذات پات جي نالي تي سردار ووٽ وٺندا آھن, لازمي آھي مان پنهجي ذات ڀائي سردار کي ئي ووٽ ڏيندس, ڇو ته سڀاڻي مون کي ان سان ئي منهن ڏيڻو آھي, هڪ چوڻي آھي ته ”فقير فقير کي نـ سھي“ اھڙي ريت هڪ ذات واري اميدوار کي ٻئي ذات جو عوام نه سھي ڇو ته هو انهن جو ذات ڀائي ناھي ڀلي پوء اھو اهل اميدوار ئي ڇو نه هجي پر ان جو ذات ڀائي هجڻ اوش آھي ۽ پوء ٿيندو به ائين ئي آھي ته جيڪا ذات اقليت ۾ ھوندي آھي اها پنهجا گوڏا کوڙيندي آھي ۽ جيڪا اڪثريت ۾ ھوندي آھي اها ئي سوڀ ماڻيندي آھي ڀل پوء ڇو نه انهي قوم ۾ڪو چور اميدوار ئي ڇو نه هجي.
انهن سڀني تفاوتن جي آڙ ۾ اسين گهڻو ڪجھ وساري ٿا ويھون اسين وساري ويهندا آھيون فٽ پاٿ تي ويٺل اهي ماڻھو جن کي سندن ذات پات جي ڪا خبر ڪانهي, اسين اهي چهرا وساري ويهندا آھيون جيڪي هوٽلن تي پندي نظر اچن ٿا, ڪڏھن ان ڳالھ تي غور ڪيو اٿئو ته آخر اهي ڪير آھن, ڇا اهي هن ملڪ جو حصو آھن, جيڪڏھن هو واقعي ئي هن ملڪ جو حصو آھن ته اهي هن ملڪ جي مهيا ڪيل اڻپورن لاڀن کان محروم ڇو آھن, ڇا تعليم انهن جو حق ناهي, اهڙي ريت اسان مان هر هڪ فرد خود پرست آھي, اسين صرف پنهنجي لاء سوچون ٿا اسان صرف پنهجي ٻارن جي بهتر تعليم لاء جاکوڙيون ٿا, اسين پندڙ ٻارن کي خيرات ۾ ڏھ رپيا ڏيندا آھيون يا انهن کان معذرت وٺندا آھيون, انهن جي زندگي بهتر ٿي سگهي جيڪڏھن اسان مان هر هڪ فرد انهن کي خيرات جي بجاء پنهجو ووٽ ڏئي مطلب ته هڪ دفعو انهن لاء ووٽ ڏيو ڪنهن اهل اميدوار کي ۽ آزمائلن کي هرگز به نه آزمايو ڇو ته انهن اڳئي نه ٻاريو هاڻي ڇا ٻاريندا, بيشڪ اوهين انهن کي مالي مدد نه ڪريو پر هنن جي ذاتي حقن لاء واجهايو.
پ پ پ حڪومت ختم ٿي چڪي آهي سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو هاڻي پاڻ سنڌ جا ڌڻي بڻجن! سنڌ مان پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڄڻ عوام تان هڪ عذاب لهي چڪو آهي صوبن اندر توڙي وفاق ۾ اهڙيون حڪومتون وجود ۾ آيون، جيڪي عوام سان گهٽ پر پنهنجي کيسي سان وڌيڪ سچيون رهيون نتيجي طور سنڌ سميت سڄي ملڪ جي عوام جو ڪو هڪڙو بنيادي مسئلو به حل نه ٿي سگهيو. ڪروڙين ماڻهو اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن. عوام کي صحت ۽ تعليم جون معياري سهولتون ميسر ناهن. توانائي جو بحران اڄ به برقرار آهي. مهانگائي ۽ بيروزگاري ساڳئي نموني انتها تائين پهتل آهي ۽ عوام سان سڀ کان وڏو آزار جيڪو درپيش آهي، سا آهي ڪرپشن، جيڪا جيئن جو تيئن جاري آهي. ڪرپشن ۾ واڌ ته آئي آهي، پر گهٽتائي اچي نه سگهي آهي. اسان سڄي ملڪ جي ڪهڙي ڳالهه ڪريون؟
جيڪڏهن سنڌ ڏانهن ڏسون ٿا ته اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا، ڇو ته وک وک تي اهڙا منظر موجود آهن، جيڪي دليون ڏاري وجهن ٿا. ڪٿي بک بيروزگاري سبب آپگهات ڪندڙ ماڻهن جا لاش پيل آهن ته ڪٿي وري اسپتالن منجهان معصوم ٻارڙن جا جنازا نڪري رهيا آهن. ڪٿي عورتون امداد جي چند ٽڪن لاءِ لٺيون کائيندي نظر اچن ٿيون ته ڪٿي وري مسڪين ماروئڙن کي ڪڻڪ جي لپ لاءِ لتاڙيو ۽ چيڀاٽيو وڃي ٿو. معصوم ٻارڙن سان جنسي درندگي ۽ مظلوم نياڻين سان لڄالٽ جا سوين واقعا به هِن ختم شده حڪومت جي چهري تي ڇاپيل آهن!
پيپلز پارٽي جي 10 ورهين جي دور حڪمراني سنڌ کي اجاڙي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن دوران ترقياتي ڪمن جي نالي تي کربين رپيا کائي هڙپ ڪيا ويا، پر سنڌ کي اهڙي ڪا به اسڪيم ۽ اهڙو ڪوبه ميگا منصوبو نه ملي سگهيو، جنهن سبب فخر سان چئي سگهجي ته هي پيپلز پارٽي جي حڪومت جو ڪارنامو آهي. پوء جي هي عوام وري به پ پ پ کي ووٽ ڏئي ته بيشڪ اهو جاهل عوام ئي چئبو.