لطيف جي بيتن جهڙي صائمـه
ڇا معصوم صائمـ جروار کي اهو حق نه هو ته هو ٿيهلو کڻي اسڪول وڃي سگهي, پنهجي سرتين سان راند رچائي سگهي, اهو ڪو پهريون ڪڙڪيل ڪهر ناهي، انهيء ئي پي پي جي پئرس لاڙڪاڻي جي ست سالا ساحل ڪوريجو ۽ پنج سالا سنڌو سومرو, خانپور جي نو سالا سرور پونهر, قصور جي ڇهه سالا زينب, عمرڪوٽ جي اميشا, ٺل جي فضيلا سرڪي انهن سمورن مظلومن کي ازيت جو نشانو بڻايو ويو. اڃا ڪيترا قهر ڳڻايان.
ڪيتري نه افسوس جي ڳالھ آھي ته حڪمرانن جون ڌيئريون ڇوٽن ڪپڙن ۾ به محفوظ آھن ۽ سنڌ جي سادن سانگين جون معصوم ۽ سٻاجهڙيون نياڻيون ستن ڪپڙن ۾ به اذيت جو نشانو بڻجن ٿيون, صائمه جروار جيڪا هن دجالي دور جي سماج کان اڻواقف هئي ان کي ڪهڙي ڪل ته هن سنڌ ڌرتي جتي لطيف سرڪار جي سر ٻولي ٿي ۽ جتي قلندر جو رقس ٿئي ٿو, جتي موئن ڌڙي جي مٽي آھي اتي انسانيت کي داغيندڙ درندا هوندا جن جي اندر جو انسان مئل هوندو, اهي حيا و شرم کان خالي هوندا, ان معصوم نينگر کي ڪهڙي خبر ته انهن ماڻھن جي چهرن پٺيان چهرا چڙهيل آھن, جيڪي حيوانيت جا چهرا آھن. جي انهن درندن کي جانور چئجي ته اها جانور جي توهين آھي ڇو جو ڪتو به ان گهر جي باٿي کي ڏاٺ ناهي ڏييندو جتان هو کائيندو آھي هي هڪ صائما جروار جو قتل ناهي هي سنڌ جو قتل آھي.
سنڌ جنهن ڪالھ ھندستان مان آيل مهاجرن جي نياڻين مٿان شفقت جو هٿ رکيو هو ۽ انهن جي مٿي تي پنهجائپ جي پوتي رکي هئي, جتي نياڻن کي ست قرآن سمجهيو ويندو هيو, اتي اڄ صائما جو روح چوندي هوندي ته مون کي ست قرآن نه صرف انسان سمجهيو ها, اي سنڌ ڌرتي تو ته هميشه ننگن کي ساک ڪري رکيو پر اتي منهجي عزت محفوظ ناهي رهي.
مان ته هڪڙي ننڍڙي جان هئس مان ته اڃا دنيا جي دستور کان ئي اڻواقف هئس, اڄ تنهجي نگري ۾ ڪنهن دندري جي ساھ مان وحشيت جي دپ آئي جنهن مون کي اذيتن سان قتل ڪيو, اي منهنجي ڌرتي اهو مان ڄاڻان ٿي ته مون کي ڪئين چيڀاٽيو ويو, مون تي ڪيل قهر جو ته ڪير اندازو ئي نٿو لڳائي سگهي. منهجي ڌرتي هڪ دانهن توکي آھي, ٻي دانهن لطيف سرڪار ۽ مخدوم بلاول کي ڏيندس, ته اي ڀٽائي جنهن ماروئڙن تي تو بيت لکيا انهن اڄ تنهجي بيتن جو قتل ڪيو, اي مخدوم بلاول جنهن سنڌ لاء تو سر ڪٽايو اڄ ان ئي سنڌ جي واسين سنڌ جو قتل ڪيو, پر افسوس آھي اڄ جي حڪمرانن تي جن جو ضمير صدين کان مئل آھي, جن کي صائمه جي سور جو احساس ئي ڪونهي.
گلگت جي ملالا لاء تـ دنيا واجهائي ٿي پر سنڌ جي صائما جي سور کان واقف هوندي به اڻواقف آھن, اڄ صائمه سان گڏ سنڌ به دفن ٿيو پر اسان جي نااهل حڪمرانن جو وار به ناهي چريو, اهي ووٽ وٺڻ لاء ته فڪرمند هوندا آھن ۽ اسيمبلين ۾ اپوزيشن خلاف ته ڳالهائيندا آھن پر ڪنهن مظلوم تي ٿيل ظلم تي نٿا واجهائن, انهن جو پنهنجيون نياڻيون ته محفوظ رهندا آھن پر سنڌ جون نياڻيون اذيت جو شڪار ٿينديون آهن, آخر ڪيسيتائين سنڌ کي بار بار قتل ڪيو ويندو, ۽ ڪڏھن اسان جا حڪمران نشيلي ننڊ مان اٿندا ۽ لطيف جي نگري جي واهر ڪندا سنڌي ماڻھو ته سڄي دنيا لاء درد رکي ٿو ,دنيا ۾ ڪٿي به ڪو واقعو ٿئي ته اسان سڀني کان اڳڀرا هوندا آھيون پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سنڌ جي سورن جو ڪنهن کي به احساس ڪونهي صائمه جروار قتل انهي ڳالھ جو ثبوت آھي.
برحال بحثيت هڪ عام فرد جي مان گذارش ٿو ڪريان هن دجالي دور جي حڪمرانن کان ته اهي صائـمه جو سور محسوس ڪن جئين قصور جي ذينب لاء واجهائيو ويو ائين ئي سنڌ جي صائمه جي واهر ڪئي وڃي, ان نياڻي جي روح کي انصاف ڏياريو وڃي, ۽ صائمه جي وارثن جو زخم ڀريو وڃي, ۽ جئين اسيمبلين ۾ حڪمرانن جي مفاد ۾ بل منظور ٿيندا آهن ائين ئي انهن مظلوم ماڻھن جي لاء به ڪا قانون ٺاھي وڃي جئين هن ملڪ جي قانون ۾ غريبن لاء انصاف ڪجھ سستو ٿي سگهي, ۽ صائمه جي قاتل کي سرعام عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جئين وري ڪا صائمه ازيت جو شڪار نه بڻجي, ۽ بار بار سنڌ جو قتل نه ٿئي.