سنڌ جي سمبارائن جي تذليل
ائين ئي اسان جي سنڌ ڌرتي جي شهر ڪراچي ۾ جيڪو هن رياست جو انٽرنيشنل شهر ڄاتو ويندو آهي اتي هن رياست جي وردي پوشن لطيف جي نياڻين جي عزت ۽ آبرو کي لتاڙيو آهي. انهن سنڌو جي تن مٿان ڪپڙا لاٿا آهن انهن رياستي دلالن سنڌ جي سمبارائن کي وارن کان وٺي گهيليو آهي. هن ملڪ جي آئين مطابق هر هڪ باشندي کي حق آهي ته هو پرامن احتجاج ڪري سگهي ٿو. پوء ڪراچي ۾ نياڻين مٿان تذليل هن رياست جي قانون جي ڀڃڪڙي ناهي يا انهن وردي پوشن تي غداري جو ڪيس داخل نٿو ٿي سگهي.
جيڪي رياست جي بڇ تي سرعام اسان سنڌ واسين تي حملو ڪن ٿا. ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته وردي پوشن ڪنهن سياستدان جي جلسي تي لٺ بازي ڪئي هجي. ڇو ته تاريخ اڃا ايتري به پراڻي ناهي ٿي جو لڪي سگهي. جڏهن عمران خان جي پارٽي جي ڪارڪنن سپريم ڪورٽ جي ديوارن تي شلوارون سڪائيون هيون ۽ جڏهن عمران خان جي ڪارڪنن ريڊزون ۾ داخل ٿيڻ جي جرت ڪئي هئي ته اتي رياست ماٺ متل هئي ڪنهن جي به تذليل نه ڪئي وئي. پر ڪراچي ۾ سنڌ جي نياڻن جا ڪپڙا ڦاڙيا ٿا وڃن.سسئي لوهار ۽ تنوير آريجو جيڪي پنهنجني وارثن جي آزادي لاء واجهائي رهيون هيون. بجاء انصاف جي انهن نياڻين جي تذليل ڪئي وئي. اسين هن رياست جي وجود کي پاڻ منجهه اوڙيوسين. اها رياست جنهن جي تاريخ 70سال اڳ جڙي. اهڙي رياست کي 5000 هزار سال اڳ جي سنڌ ڌرتي اپنايو پر هن رياست اسان کي ڏکن ۽ ڏولاون کان سواء ڪجهه بـ ناهي ڏنو هن رياست جي وردي پوشن ڪڏهن اسان جي استادن تي حملو ڪيو ته ڪڏهن مستقبل جي معمارن شاگردن مٿان ۽ وري ڪراچي ۾ سنڌي نياڻين مٿان تذليل جو قهر ڪڙڪايو ويو جيڪو ناقابل برداشت آهي. اسين سنڌي ماڻهو جيلن ۾ واڙيا وياسين. تشدد جو نشانو بڻياسين. هر دور ۾ اسان کي سنگهرون پارايون ويون. اسان جي قوم کي سدائين لٽيو ويو ۽ اهڙن ظلمن خلاف جيڪي به جوان اڀريا سي سرعام ماريا ويا.
سنڌي اهو آهي جيڪو ٻني ۽ وني ته جان گهوريندو آهي. هي رياست جيڪا 70 سيڪڙو سنڌ جي آمدني تي هلي ٿي اها ئي سنڌ جي مٿان قهر ڪڙڪائي ٿي. ڪراچي م لڳل ڪيمپ جو صاف موقف آهي ته هدايت لوهار ۽ ٻين 160 کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي بازياب ڪيو وڃي. هو ڪي دهشتگرد ناهن. پر هن رياست ۾ دهشتگردن کي به عدالت آڏو پيش ڪيو ٿو وڃي. پوء هن ڌرتي جا قومي ڪارڪن آخر ڪهڙي ڏوه جا ڏوهاري آهن جو انهن کي اهڙي ريت کنڀي گم ڪيو ويو آهي.
ڪامورا الڪيشن جي تيارين ۾ مشغول آهن هيڏانهن سنڌ جون 160 خاندان پنهنجي پيارن جي آزادي لاء پريشان آهن. پر افسوس هن رياست جو وار به ناهي چريو انهن تعسباتي روين مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هي رياست سنڌ کي پنهنجو حصو تسليم نٿي ڪري جي سنڌ کي هي رياست پنهنجو حصو تسليم ڪري ها ته سنڌ ائين ترقي جي راه ۾ ٻين صوبن جي نسبت پوئتي نه هجي ها. يا مشتاق ڪلهوڙي کي پي ايس ايل ۾ کيڏايو وڃي ها. آخر آدم جي اولاد ۾ ڪيتري سگهه جو هو ظالمن جا اڇليل امبار سهي. ڇو ته بيوس ٿي بار اٺن به ڦٽا ڪيا. پوء اهڙي ظلم تي بغاوت جو اڀرڻ واجب آهي.
هن ڌرتي جا ماڻهو رياستي ڏنڊي جي خوف کان ڀل ڪيترائي خاموش ڇو نه هجن. پر پنهنجن نياڻين جي عزت ۽ آبرو جي لتاڙ برداشت نٿا ڪري سگهن. هي رياست جنهن کي اسلامي جهموريا پاڪستان چيو وڃي ٿو مطلب هي هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهنجو بنياد مذهب تي رکيل آهي اهو به اهڙو مذهب جيڪو انسانيت سيکاري ٿي ماء ڀيڻ جي عزت سيکاري ٿي ۽ اخلاقيات جوعلم ڏئي ٿي. پوء ڇا اهو مناسب آهي تـ هڪ اهڙو ملڪ جيڪو اهڙي پاڪيزه مذهب جي نالي سان وجود ۾ آيو آهي ان ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلم اسرائيل کان به وڌيڪ هجن.
جتي نياڻين جون عزتون روڊن تي رلن انهن جا ڪپڙا ڦاڙيا وڃن. پرامن احتجاج ڪندڙن تي لٺ بازي ڪئي وڃي. هن رياست اسان جي سنڌ منجهان گهڻو ڪجهه ڦٻايو آهي. هي رياست سنڌ منجهان 70 سيڪڙو آمدني جو کڻي ٿي جنهن ۾ گئس، تيل، ڪوئلو ۽ کوڙ سارا ٻيا وسيلا. سنڌ واحد صوبو آهي جتي هر فصل ٿئي ٿو. هنن نياڻين جا پيئر کنڀيا ويا، هنن جي دانهن ٻڌڻ کان پوليس عدالتون سياسي پارٽيون بشمول قومپرست پارٽيون ۽ هر اليڪشن ۾ سنڌ ڪارڊ کيڏندڙ پ پ پ انڪاري آهين. پرامن احتجاج ڪرڻ تي به هنن مٿان رياستي ادارا تشدد ڪن ٿا ۽ اسان ستا پيا آهيون. پ پ پ جي حڪومت جيڪا سنڌين جي حڪومت چئي ويندي آهي ان حڪومت ۾ ئي وڌ کان وڌ قومي ڪارڪن ماريا ويا گم ڪيا ويا. سنڌ هن مشڪل گهڙي ۾ ته اڳئي گذري رھي آھي سنڌ ۾ جبر ظُلم جا روز نوان قصا به ڪنهن کان ڳجها ناهن پر جيڪو سنڌ جي عاشقن سان هن ڏھاڪي اندر وهيو واپريو آھي انهيء کان دنيا واقف آھي ڪيتري ئي وقت کان سنڌ جي حقن جي جاکوڙ ڪندڙ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي جن جي انتظار ۾ سندن ڪٽنب جون اکيون لڙڪ لاڙي رهيا آھن.
اي هن عظيم ڌرتيء جا سپوتو، اڄُ جيڪي زندانن ۾ ٽارچر سيلن ۾ قيد آھن اهي اوهان جي روشن مستقبل جا خواب ڏسندڙ هئا اڄُ انهن جا گهر ڀاتي لاوارثن جئيان پنهنجي پيارن جي آزادي لاء سراپا احتجاج آھن پر سنڌ ڌرتي جا وارث ڪا اثرائتي موٽ نٿا ڏين. گم ٿيل ڪارڪنن جون نياڻيون جن ۾ سورٺ لوهار سسئي لوهار، تنوير آريجو، نيلم آريجو مسلسل پنهنجي پيارن جي آزاديء لاء روڊن رستن تي نڪتل آھن. اڄُ زندانن مان قيدن مان اها پڪار ٿي اچي ڄڻُ اها ميار ٿي اچي ته اي ڌرتيء جا وارثو جن اوهان جي روشن مستقبل لاء ڌرتي جي بقا سلامتي لاء پنهنجي جاني مالي توڙي وقتي قرباني ڏني جيڪي سختين جو عذابن جو جيلن جو ٽارچر سيلن جو کاڄ بڻيل آھن اڄُ انهن جون نياڻيون ته روڊن تي آھن پر اوهان انهن سان ڪيتري قدر نڀايو آھي اي سنڌ جا وارثو اچو ته هنن نياڻين جا ٻانهن ٻيلي ٿي سڀني گم ٿيلن جي مالڪي ڪريون.