• پرويز جو فن
سنڌ ۾ منهنجن اهڙن پيارن دوستن ۾، بٺوري جي ميان علي محمد ميمڻ عُرف پرويز ايترو ته پيار ۽ ساٿ ڏنو آهي، جو ان جو بوجهو مون کي ڏاڍو وڻندڙ ۽ عزيز لڳو آهي. پرويز مون کان ٻه-ٽي سال ننڍو هوندو. پر اسان جو ادبي ۽ سياسي ميدان ۾ لهڻ وارا ڏينهن ذري گهٽ ساڳيا ئي آهن. مون مهڙ ۾ ڪهاڻي ۽ تنقيد ڏانهن رخ رکيو. پر ڪهاڻيءَ جي جاءِ تي شاعري ۽ تنقيد اچي پهتا. ليڪن پرويز مهڙ کان اڄ تائين سنڌي ڪهاڻيءَ کي عروج وٺرايو آهي، هن جي ڪهاڻين جو مک موضوع سنڌ ۽ رومانس رهيو آهي. هو جهڙو ٻاهران خوبصورت آهي تهڙو ئي اندران ۽ هن جا ڪردار به مٿي ڄاڻايل ٻنهي ڪيفيتن جو سنگم آهن.
هو ڏاڍو سادو ۽ معصوم آهي- ڇاڪاڻ ته معصوميت ۽ سادگي فطري طور فن کي بلندين تائين رسائينديون آهن، ۽ پرويز انهيءَ منزل تي پهچي چڪو آهي. اُن جون لِکڻيون ڏاڍيون تکيون ۽ ڌونڌاڙيندڙ هونديون آهن. ان جا لاڙي ڪردار اڏول ۽ عاشق مزاج هوندا آهن. جن جي اثر انگيزي ڊگهي عرصي تائين ذهن ۾ ٻُرندي رهندي آهي.
جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي ته پرويز روماني ڪهاڻيڪار آهي ۽ هن جو رومانس فن جي انهن تجريدي سطحن کي ڇُهي ٿو، جيڪي اعليٰ تخليقي عمل جو بنياد هونديون آهن. هن جا ڪردار ڪنهن خلائي سياري بدران لاڙ جي حسن پرست مٽيءَ مان مهڪيل هوندا آهن. ‘آخري چميءَ’ جي گريشا مارٿر هجي، ‘مرکي ڪولهياڻي’ جي مرکي، جيڪا پنهنجي محبوب راملي ڪولهي جي انتقام لاءِ ويرين جي وجود ۾ ڪرٽ وهائي ڪڍي ٿي، يا سندس سوجهرو ايوارڊ يافته ڪهاڻي ‘اکين ۾ ڄمي ويل لڙڪ’ جو ڊاڪٽر لطيف هجي يا آمنت، جيڪي لازوال ۽ سچي محبتن جون وارتائون آهن.
پرويز جو فن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ادب جون اُهي ڏسائون آڏو آڻي ٿو، جيڪي نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن لاءِ لاٽ-واٽ جو ڪم ڪندڙ آهن. اُن ڏس ۾ سندس تازيون ڪهاڻيون ‘آزاديءَ جي صبح جي ويجهو...’ جي سهڻي هجي يا ‘مانکي ياسر سان ڳالهائڻو آهي.’ جو فيميل ڪردار، جيڪو شيزوفرينا جو شڪار آهي يا ‘ڳوڙهن جا ڪبوتر’ جي آسوڙي، اهي سڀ ڪردار ڌرتيءَ مان ڦٽي ڌرتيءَ جي قرض چڪائڻ لاءِ پرويز جي فن ۾ وڏي قوت بڻجي ظاهر ٿيا آهن.
پرويز، پنهنجي روماني انداز سان نيچر ۽ رياستي جبر جي قوتن خلاف مهاڏو اٽڪائي، سونهن جي ازلي رمز کي آشڪار ڪري ٿو ۽ محبت جي لازوال جذبي کي شڪست کائڻ کان پوءِ به فاتح بڻائي ٿو. هن جا ڪردار ميچوئر، ذهين ۽ ڏک سهندڙ ڪردار آهن.
پرويز جي ڪهاڻين جو نيٽ ورڪ اصلوڪو، داخلي ۽ خارجي دنيا سان هم آهنگ آهي. هن جي فن جو سنجيدگيءَ سان اڀياس ڪبو ته هن کي سنڌ ۽ ٽين دنيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي قطارن ۾ بيهاري فخر محسوس ٿيندو. شهرت ۽ پبلڪ رليشنز کان ڏور هي پورهيت ڪهاڻيڪار، جيڪو زمين ۾ گُڏ ڪري ٿو، رونبو هڻي ٿو. پنهنجي فصل جي جهار هڪلڻ سان گڏ ڪهاڻي جي اُفق تي ڇانيل دونهي کي به هٽائي ٿو. هن جو فن ۽ مشاهدو ساهس ڏيندڙ، تُز ۽ ٺهڪيل آهي.
هن جي ڪهاڻين جا ست خوبصورت مجموعا، هڪ ناول ۽ آتم ڪٿا شايع ٿيل آهن.
پرويز، نيچر جي اُرههَ زورائي ۽ درد جي سلسلي کي جنهن ماڳ تي رسايو آهي، اهڙي منزل ٿورن ڪهاڻيڪارن کي نصيب ٿي آهي.
سالگره جي موقعي تي، “سوجهرو” نماڻي ڪوشش سان کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هن ڪارنر جو اهتمام ڪيو آهي.
تاج بلوچ
ايڊيٽر ماهوار سوجهرو ڪراچي.
موبائيل: 0313-9288496