11. مان کي ياسر سان ڳالهائڻو هو...!
“هَـ ... ـلَـ ... ؤ ...!” Hello لفظ کي پنهنجي بنهه خوبصورت انداز ۾ اينگهائيندي چيائين.
“جي، ڪير؟” مون پنهنجي نارمل آواز ۾ پڇيو.
“مان کي ياسر سان ڳالهائڻو آهي....” مترنم اواز جا تِرنگ گُونجڻ لڳا.
“نه ماءِ ڊيئر (منهنجي پياري)، نه مان ياسر آهيان ۽ نه ئي اسان جي پاڙي ۾ ڪو ياسر نالي شخص رهي ٿو.” مٺڙو آواز ٻڌي دل بيمان ٿيڻ لڳي، سو رانگ نمبر چئي فون بند ڪرڻ بدران دل لڳيءَ خاطر اڻ سڃاتل پرائي ڇوڪريءَ کي ماءِ ڊيئر چئي وراڻيم.
“جڏهن توهان ياسر نه آهيو ته پوءِ مان کي ‘ماءِ ڊيئر’ ڇو چيووَ!”
“اهڙِي مٺڙي ۽ سُريلي آواز جي مالڪ کي ته پياري ئي چئي سگهجي ٿو نه!”
“اڇا ....! ڏاڍا رومانٽڪ ٿا ڏسجو...” هِن ڀيري لفظ اڇا کي به پنهنجي ئي پياري انداز ڊگهاريندي چيائين: “ڀلا اِهو ٻڌائيندؤ ته مجنوءَ سان توهان جو ڪهڙو تعلق رهيو آهي؟”
“ڏسو محترمه، توهان ۽ اسان ڪي آسماني فرشتا ته آهيون ڪونه. توهان ۽ اسان سوين سال اڳ وارن انسانن جو تسلسل آهيون. سو جهڙو توهان جو ليليٰ سان تعلق ٿي سگهي ٿو، تهڙو ئي مان جو رشتو مجنوءَ سان ٿي سگهي ٿو. باقي ذاتي طرح مان جو هيءُ خيال آهي ته سڃاڻپ سان ئي تعلقاتن جي شروعات ٿئي ٿي. اڻ سڃاڻو ئي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هوندا آهن. سو جي سڃاڻپ ٿي ويئي ته تعلق خُوبخود وڌي ويجهي سگهي ٿو. ۽ پوءِ ته پراڻن ليليٰ مجنوءَ جي جاءِ تي نوان نوان ليليٰ مجنون به ٿي سگهن ٿا. توهان جو ڇا خيال آهي؟”
“اوهه ....! توهان ته مرڳو ڪا گيدوڙي جي گِگَ آهيو. ماڳهي چنبڙي پيا آهيو. رانگ نمبر چئي ڪال ڊراپ به ڪري پئي سگهيا. هروڀرو هيڏي ساري ڊيگهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.” سندس لهجي ۾ شوخي هئي، غرور هُيو ۽ پر هڪڙِي قسم جي ڪوٺ پڻ هئي.
“ايئن ته توهان به ڪري پئي سگهيون. پوءِ هيتري دير گِگَ جو ساٿ ڏيڻ جو ڇا مقصد؟”
“اوهه.... توهان مردن کي به نه رڳو ڪو موقعو ملي وڃي، پوءِ ته بنهه جند ئي ڪانه ڇڏيندا آهيو.”
“هروڀرو ايئن به ڪونهي، توهان ئي کڻي ڪال ڊراپ ڪري ڇڏيو، توهان جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ به جهان هليو پئي، ۽ هاڻ به جهان هلندو پيو، توهان بي فڪر رهو.”
“اڇا...! ايترو توهان کي پاڻ تي گهمنڊ آهي؟”
“توهان ڇا ٿيون سمجهو ته مان ويٺو ئي توهان جي ڳالهائڻ جي انتظار ۾ هوس ڇا؟ ها، اهو ممڪن آهي ته جيترو توهان جو آواز مِٺڙو ۽ وڻندڙ آهي، اُن کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ توهان خوبصورت هجو، حسين هجو، نازڪ ۽ نفيس هجو ۽ ... ۽ ڏسڻ سان ماڻهوءَ کي ديوانو بنائي ڇڏيندڙ هجو. پر... پر چون ٿا ته هٿ هٿن کان ڀلا پيا آهن. ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي. اِها ڳالهه به توهان کي وسارڻ نه گهرجي.”
“ڀلير! ڏاڍي پيا ٻڌايو”. پوءِ هلڪڙو ٽهڪ ۽ پوءِ طنزيه ۾ انداز ۾ چيائين “هونهه... ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي...!”
“اسان جي ڪهڙي مجال، جو ڏاڍي ٻڌايون. اسان ته مڙيئي دنيا جي ڳالهه ڪئي. نه وڻي هجي ته موٽائي ڏيو. پر ... پر هڪڙو عرض آهي...!”
“لڳي ويا نه لائين سان” مان جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين، “بس گهمنڊ پورو ٿيو. ها، چئو ڪهڙو عرض آهي؟ اِهو ئي نه ته رابطو ختم نه ڪجو. ڪڏهن ڪڏهن توهان جي مٺڙي آواز ٻڌڻ جو موقعو ڏينديون رهجو، ايئن نه ؟”
“او ماءِ گڊنيس...! توهان ته دل جا راز به ڄاڻو ٿيون. بس، هاڻ توهان سان بحث ۽ تڪرار ڪهڙو! هاڻ ته اسان ٿياسين توهان جي وس. جيئن واريو تيئن وران ڙي يارَ...!”
“چڱو چڱو، گهڻو ٿيو. مان کي ته ياسر سان ڳالهائڻو هو.” ۽ لائين ڪٽجي ويئي.
مان پنهنجي موبائيل ۾ سندس نمبر Save ڪيو ۽ نالي جي جاءِ تي لکيم “مٺڙو آواز”.
14-15 ڏينهن گذري ويا پر وري اُن نمبر تان ڪال نه آيو، ٻه ٽِي ڀيرا سوچيم ته مان پاڻ ڪال ڪيانس. پر وري اِهو سوچي صبر پئي ڪريم ته متان نه گيدوڙي جي گِگَ چئي چنبڙي پوڻ جو ميهڻو ڏي. سو ڏاڍي دل چاهيندي به ڪال ڪري نه سگهيو هومانس. هونئن ته اڪثر رانگ نمبر لڳندا پيا رهندا آهن، جن کي ساري Sorry چئي ڪابه اهميت ڪانه ڏبي آهي، پر هيءُ رانگ نمبر جهڙوڪر منهنجي دل تي نقش ٿي ويو هو. منهنجي خيال ۾ اهڙيِ ڪا خاص ڳالهه به ڪانه هئي، پر پوءِ به مان خبر ناهي ڪهڙي اڻ لکي ڇِڪَ محسوس ڪري رهيو هوس. موبائيل تي ڳالهائڻ سان ڪنهن اجنبي مرد يا عورت جي باري ۾ ڪو صحيح فيصلو ته نٿو ڪري سگهجي. البت لفظن جي چونڊ، ادائيگي، لهجي ۽ آواز جي مٺاڻ ۽ ڪؤڙائڻ مان ٿورو گهڻو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اڳلو ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. سو مون کي به سندس شوخيءَ، الهڙپن، ڇيڳرائپ ۽ ڇڙواڳ ڳالهين مان سندس بي باڪي، عورتاڻي نفاست، معصوميت ۽ ڪنهن حد تائين پنهنجائپ لياڪا پائيندي نظر آئي پئي. اِهو منهنجو ذاتي اندازو هو. باقي هُن طرفان اهڙو ڪو به سنجيده اشارو ڪونه مليو هو، جنهن کي بنياد بنائي سندس ڪَڍَ لڳي پئجي. سندس مِٺڙي آواز مان سندس عمر به 13-14 سالن کان ڪا گهڻي ڪانه پئي لڳي. مون کي لڳو هو ته هُن کان اتفاقاً رانگ نمبر ڪونه لڳو هو ۽ نه ئي ڪنهن ياسر سان کيس ڳالهائڻو هو. هُن ڄاڻي واڻي اڻ ڄاتل نمبر ڊائل ڪري هڪڙِي قسم جي چيٽنگ ڪئي هئي. اِها شيءَ هِن اَمرَ مان به ظاهر ٿي ٿي، ته هوءَ باوجود رانگ نمبر جي ڄاڻ پوندي، پوءِ به لاڳيتو ڳالهائي رهي هئي. ته پوءِ مان به سوچيو ته مان ڇو نه ساڻس به چيٽينگ ڪريان، اهو سوچي پوءِ مان کيس ڪال ڪيو، پر احتياطاً سِم ڪارڊ بدلائي ڇڏيم.
هُن جي رِنگ ٽون وڄندي رهي ۽ وڄندي ئي رهي. هر ڀيري ڪمپيوٽر ٿي ٻڌايو ته جواب ڪونه پيو ملي. پهريان چار ڀيرا فون نه کڻڻ ڪري مان پئي سمجهيو ته شايد هن ڀيري به فون نه کڻي. پر رِنگِ ٽون وڄندي ئي هن فون کنئي ته مان کان ڇرڪ نڪري ويو. پر هڪدم حواسن تي قابو پاتم ۽ مِٺڙي آواز جو انتظار ڪرڻ لڳس. ڪجهه ساعتون ٻنهي طرفان انتظار ٿيندو رهيو. نه مان ڪجهه ڳالهايو ۽ نه ئي وري هُن ڳالهايو. موبائيل هن جي به آن هئي، ڪجهه دير بعد پهرئين واري ساڳئي لهجي ۾ لفظ هيلو کي پنهنجي انداز ۾ اينگهائيندي چيائين “هَـ ... ـلَـ ... ؤ ...”
“..........” مان خاموش رهيس.
“هَـ ... ـلَـ ... ؤ ...! ڪنهن کي کُٽيءَ کنيو آهي....!”
“.........” مان وري به خاموش رهيس.
“فون ڪرڻ جي جرئت ڪئي اٿئي ته پوءِ ڳالهائي به کڻي ته ڏسان ته سهي ته ڪهڙي باغ جي موري آهين؟ هان! ڳالهائين ڇو نٿو؟” سندس لفظن مان ته ڪؤڙائڻ ٽپڪي رهي هئي، پر لهجو ۽ آواز ساڳيو ئي مٺڙو ۽ قربائتو هو.
“مان موري ناهيان سرڪار. دنيا اڃا ايتري ترقي ڪانه ڪئي آهي، جو موريون به موبائيل استعمال ڪري سگهن.”
“اوهه...... ته پوءِ ڪير آهيو ۽ ڪٿان پيا ڳالهايو؟”
“مان مجنوءَ جو تسلسل آهيان حضرت انسان ۽ وات مان پيو ڳالهايان. توهان ٻڌايونن ته توهان جا ڪهڙا حال آهن؟”
“اڇا اڇا .... گيدوڙي جي گِگَ آهيو. I See ها، اِها ته مان کي پڪ هئي ته توهان فون ضرور ڪندؤ، پر ايترو دير سان، اِها خبر ڪانه هئي، خير، ٻڌايو ڇو فون ڪئي اٿوَ؟”
“پهرين توهان ٻڌايو ته اڳي توهان فون ڇو ڪئي هئي ۽ اِهو به ته وري فون ڇو ڪانه ڪَيَوَ؟
“توهان ٿيندا ڪير آهيو حڪم هلائڻ وارا؟ مان ڪا توهان جي نوڪرياڻي آهيان ڇا؟” ڇو ڪريان ها فون مان توهان کي؟ .... هونهن ڄٽ جو مرڳو دماغ خراب ٿيو آهي.” سندس مٺڙي آواز ۾ غصو ڀرجڻ لڳو هو.
“نوڪر ته اسين ٿي سگهون ٿا، توهان ته مالڪ آهيو.”
“Just Shutup (پنهنجو وات بند ڪر) وڏو آيو آهي...!” ۽ رابطو ڪٽجي ويو.
مان شدت سان محسوس ڪيو ته مان کي فون ئي نه ڪرڻ گهرجي ها، اجائي جلد بازي ڪيم ته ان جو نتيجو ڀوڳڻو پيو. ڌڙڪا به مليا، هوءَ ناراض به ٿي ويئي ۽ مرڳو ڳالهائڻ جي واٽ ئي بند ٿي ويئي. پر هاڻ ... هاڻ جيترو لڳي چڙهبو، اوترو ضد ڪندي ۽ کاريون کٽيون پيو ٻڌڻيون پونديون، تنهن ڪري في الحال ڇڏي ڏجيس ته ڀلي ٿوري ٿڌي ٿئي، پوءِ به ڳالهه پري ڪانهي. هونئن به ڪو لهي اڀري اُن تي ڪونه پيو. اسان وٽ ته هونهن به موجون لڳيون پيون آهن. ڪهڙِي ضرورت آهي جو ويهي ڌڙڪا سهجن، ٺيڪ آهي ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾...! ڪهڙي خبر ته هيءَ ڪير آهي ڇا ڪندي آهي؟ ڪٿي پيا سندس پٺيان ڌڪا کائبا! ٺهيو، خير ٿيو.
هونئن به موبائيل تي ڳالهائيندڙ سان سندس مرضيءَ کانسواءِ ته ملي به نٿو سگهجي، ڪهڙِي خبر ته ملڪ جي ڪهڙي حصي مان پيئي ڳالهائي، ان صورت ۾، اهڙن ماڻهن لاءِ پريشان ٿيڻ اجايو آهي. تنهن ڪري ماٺ ڪري مان پنهنجي روٽين جي سرگرمين ۾ مشغول ٿي ويس.
ٻه مهينا گذري ويا. شروعاتي ڪجهه ڏينهن مان ڪال جو انتظار به ڪيو، پر پوءِ آهستي آهستي مِٺڙي آواز کي هڪ پاسو ڪري مان پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويس جو وري اُن طرف ڌيان ئي ڪونه ٿيو. ٻي به ڳالهه ٿي هئي. اسان جي آفيس ۾ ڪجهه ٻاهريون انسپيڪشن ٽيمون لڏو لاهي اچي ويهي رهيون هيون، اڪائونٽس جي آڊٽ، آفيس ريڪارڊ جي چيڪنگ، فيلڊ ورڪ جي وزيٽنگ، پبلڪ سان گڏجاڻيون، ورڪشاپ، ڪانفرنسون، ريلين جو انتظام، جلسن جو اهتمام وغيره وغيره... اهڙي ته وٺ وٺان هئي جو ٻه مهينا لاڳيتا مٿو کنهڻ جي به فرصت ڪانه ٿي ملي، ۽ جڏهن انهن سمورن ڦڏن مان آجو ٿي سک جو ساهه کنيم، تڏهن، هڪڙي ڏينهن اوچتو مٺڙو آواز ذهن تي تري آيو، شام هئي، ٿڌڪار هئي، اڪيلو هئس، وانڌو هوس، دل ۾ ڇڪ پيدا ٿي ته ساڻس رابطو ڪريان، ڪريان يا نه ڪريان، ڪري ڏسانس، اونهون... نٿو ڪريان....چوندي ته بنهه ڪو لُوسي آهي، جند ئي ڪونه ٿو ڇڏي... ڪٿان رانگ نمبر لڳو، ڪٿان مرڳو ڦاسي وياسين.... هيڏي ساري بي عزتي ڪئي مانس ته به پچر نٿو ڇڏي... ٺهيو، ڇڏيئينس کڻي. نٿو ڪريان رابطو. لاچار ٿيندس ته پاڻيهي فون ڪندي، پر جي نٿي ڪري ته خير هجيس...!
منهنجي ذهن ۾ اڃا اِهي ئي خيال وٽجي سٽجي رهيا هئا، جو موبائيل جو رِنگ ٽون وڳو... آجا ميرڳ ميت، تجهڳ ميرڳ گيت بلاتڳ هيڻ... اسڪرين تي نظر وجهڻ سان خبر پئي ته منهنجي موبائيل ۾ سيو ٿيل نمبرن کان علاوه ڪو ٻيو نمبر هو. ڇا هو جو اُن مهل اسانجي N.G.O (غير سرڪاري اداري) ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ نون اميدوارن جون اڪثر فونون اينديون رهنديون هيون. سو مان سمجهيو ته شايد هيءُ به فون ڪنهن اميدوار جو هوندو، سو فون آن ڪري پنهنجي آفيسراڻي دٻدٻي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي آواز کي ڪنهن حد تائين ڳؤرو بڻائي، برجستي لهجي ۾ چيم “هلو ....”
“.........” ٻئي طرفان جواب ڪونه آيو.
“هلو......” پنهنجي آواز کي اڃا به ڳؤرو ڪري ٻيهر چيم.
“مان ... م ... مان ... کي ... ياسر... سان ڳالهائڻو آهي..!” ڌڪڙجي ڌڪڙجي، آهستي آهستي، قسطن ۾ جواب مليو.
مان آواز سڃاتو. اُهو ئي مِٺڙو آواز هو. حال هڪيو ته ٽڙي پيس. مان جي واڇ لڙي پيئي. پنهنجي آواز کي اصل ليول تي آڻي، منجهس جيترو به مٺاس ڀري سگهيس ٿي، ڀري چيم: “او ... هو....! توهان آهيو. ٻڌو محترمه، جڏهن اسانجو ڳالهائڻ به توهان کي نٿو وڻي ته پوءِ وري فون ڇو ڪئي اٿوَ؟”
“اڃا ناراض آهيو، آئي ايم ريئلي ويري ساري فار دَيٽ. مون کي معاف ڪجو، آئينده ايئن نه ٿيندو.” هُن معذرت ڪئي.
“پر توهان کي ته ياسر سان ڳالهائڻو آهي ۽ مان ياسر ناهيان.” مان ٻاهرئين ٻنين لاغرضي ڏيکاري.
“ها، برابر توهان ياسر ته نه آهيو پر....” جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين.
“پر ڇا ... سنئين سبتي ڳالهه پيئي آهي. ڪنهن کي وٺڻا هجن پٽاٽا ۽ ملن بصر، ته هُو بصرن کي ڪيئن قبول ڪندو؟! ساڳي طرح توهان کي کپي ياسر، جيڪو مان ناهيان. ته پوءِ توهان پنهنجو ۽ مان جو وقت ڇو پيون ضايع ڪريو.” مان لهجي ۾ طنز ڀري چيو.
“چئبو ته اڃا به ناراض آهيو...”
“نه مان ناراض نه آهيان.”
“ته پوءِ ڳالهائڻ ۾ هيءَ تلخي ڇا جي آهي!”
“چڱو، ڇڏيو اِن ڳالهه کي. توهان پنهنجو نالو ٻڌايو ته جيڪڏهن گسان پنڌان ڪو ياسر ملي وڃي ته کيس توهان جو نياپو ڏيئي ڇڏيان.”
موٽ ۾ هلڪڙو ٽهڪڙو ڏنائين، ۽ پوءِ ڪجهه ساعتن کان پوءِ چيائين “مان کي ڪوبه ياسر نه، پر مان کي مان جو ياسر کپي، آئي ڳالهه سمجهه ۾، مجنا!”
“سمجهه ۾ ته گهڻو ڪجهه اچي پيو ليليٰ، پر وري به توهان پنهنجو نالو ٻڌايو ته مان توهان کي ياسر ڳولي ڏيڻ ۾ ڪا مدد ڪري سگهان.”
“اڇا .... !” لفظ کي اجائي ڊگهار ڏيئي اينگهائيندي چيائين: “ڪنهن اڻ واقف ڇوڪريءَ کان نالو پڇڻ جو واهه جو طريقو آهي. لڳي پيو ته هن ميدان ۾ ڪافي ڊگهو تجربو رکو ٿا. باءِ دي وي، توهان کي هن فيلڊ ۾ گهڻا سال ٿيا آهن ڌڪا کائيندي؟”
“نه محترمه، مان جي اِها فيلڊ ڪانهي. مان يونيسيف جي طرفان ملندڙ ايڊ جي ڊالرن تي هلندڙ هڪ اين جي او مانيٽر ڪندو آهيان، ۽ اسان جي N.G.O سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي واهر ڪرڻ جي بهاني سنڌ جي سموري معلومات جا انگ اکر گڏ ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن روانا ڪندي آهي.”
“اوهه...” لفظ کي ٻيهر اينگهائيندي حيرت جو اظهار ڪيائين، “ته چئبو ته اها ڳالهه آهي. ڀلا ٻيو ڇا ڇا ڪندي آهي توهان جي اين جي او؟” پڇيائين.
“اسان جي اين جي او وڏا وڏا ڪم ڪندي آهي، جن مان مکيه هي آهن: هڪ اهڙا نوجوان. جيڪي ڪاپي ڪلچر ذريعي ڊگريون حاصل ڪري بيروزگار ويٺا آهن. جن کي انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ هڪ جملو به ڪونه ٿو اچي، تن کي ڀرتي ڪندا آهيون. ٻيو اهڙا نوجوان جن سچي پچي پڙهائي ۽ محنت ڪري پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي سٺي گريڊ ۾ امتحان ته پاس ڪيا، پر رشوت جو پئسو ۽ سورس نه هئڻ ڪري ۽ جيالن طرفان وڪجندڙ نوڪريون نٿا خريد ڪري سگهن. جن کي وطن ۽ قوم جي فلاح و بهبود لاءِ فڪر ته آهي پر کين موقعا نٿا ڏنا وڃن. ٽيون اهڙن سياسي ڪارڪنن کي نوڪريون ڏيندا آهيون، جيڪي قوم پرست تنظيمن ۾ ڳچ جيترو عرصو پنهنجي ايمانداري، سچائي، لگن ۽ محنت سان جاکوڙ ته ڪندا رهيا، پر کين هر سطح تي نظر اندازيءَ جو شڪار بنايو ويو. کين پنهنجي صلاحيتن آهر اڳيان اچڻ جا موقعا ڄاڻي ٻجهي نه ڏنا ويا. جنهن ڪري هو مايوس ٿي ٿڌا ٿي ويا هئا. مان به اتان کان ئي هتي آيو آهيان. هاڻ اسان سڀ گڏجي ٻاهرين ايجنسين جي منشا مطابق کين گهربل سنڌ جي سموري ڄاڻ جا انگ اکر گڏ ڪري موڪليندا آهيون. موٽ ۾ اسان جهڙن گهڻن سنڌ جي سچن پچن قومي ڪارڪنن، ڀرپور صلاحيتن سان مالا مال هوشيار گريجوئيٽن ۽ جذباتي نوجوانن کي ذاتي لالچ جي ڪوڙ ڪيءَ ۾ ڦاسائي، اسان جي اين جي او کين ناڪاره، عياش، ڪرپٽ ۽ بي ايمان بنائي، پنهنجو مقصد حاصل ڪري، اسان کي ڪنهن نه ڪم جو ڪري غلاظت جي ڍِڳَن تي ڦٽو ڪري ٿي ڇڏي. جتي اسان رڳو بدبوءَ ئي ڦهلائي سگهون ٿا ۽ بس.”
“اڇا......!” حيرت مان چيائين، “۽ توهان اُن اين جي او کي مانيٽر ڪندا آهيو؟”
“ها، مان اُن ئي اين جي او ۾ ڪم ڪندو آهيان.”
“توهان جي صاف گوئيءَ تي توهان کي شاباس هجي. پر پوءِ توهان اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿا مينيج Manage ڪريو. توهان ڪڏهن پڇتاءُ محسوس ڪيو؟” هن پڇيو.
“ڇا جو پڇتاءُ محسوس ڪريان؟” ورائي پڇيو مانس.
“اِهو ئي ته ڪڏهن توهان سنڌ جي ڪاز لاءِ جاکوڙيندا هئا ۽ هاڻ هٿ وٺي دشمن قوتن کي سنڌ متعلق ذري پرزي جي ڄاڻ فراهم ڪري رهيا آهيو. هڪ سنڌي هجڻ جي حيثيت ۾ آخر توهان تي به ڪي ذميواريون عائد ٿين ٿيون نه، توهان کڻي ٻين تي ٿورو نه ڪريو، پر پنهنجو فرض ته هر ڪنهن کي نڀائڻو آهي نه!”
“ها، برابر، مون تي فرض به عائد ٿين ٿا ته ذميواريون پڻ، ۽ مان اُهي فرض ۽ ذميواريون پوريون به ڪري رهيو هوس. پر .... پر منهنجي پيٽ گذر ۽ مان سان لاڳاپيل خاندان جي پيٽ گذر جون ذميواريون به ته مان کي ئي پوريون ڪرڻيون آهن. جڏهن سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري A گريڊ ۾ پاس ڪيل سرٽيفڪيٽ کڻي در در جون ٺوڪرون کائي کائي ڪا وڏي نوڪري ته ٺهيو، پر پرائمري ماستريءَ لاءِ به پٽڪا پلانڌ ۽ آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳس. تڏهن به سنڌ جي حڪمرانن مون کي ماستري به ڪانه ڏني، ته پوءِ مان جي لاءِ باقي ٻيو ڪهڙو ٿي آپشن رهيو، سواءِ ان جي ته يا خاندان سميت اجتماعي خودڪشي ڪريان ۽ يا نه ته وري ڪا اين جي او جوائن ڪريان. جيجل امڙ، خوبصورت نوجوان ڀيڻ ۽ ٻن گلاب جي گلن جهڙن ڀائرن سميت خودڪشي ڪرڻ جو ارادو پوءِ مان ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ هيءَ اين جي او جوائن ڪئي. فقط پنجن سالن جي مختصر عرصي اندر اندر مان پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي مانيٽرنگ جي عهدي تي پهتو آهيان. پنج سال اڳ بکون ڪاٽيندڙ مان جو خاندان هاڻي ڏاڍي عيش ۽ آرام جي زندگي گذاري رهيو آهي. ڀائر ڪراچي جي بهترين نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهي رهيا آهن. ۽ .... ۽ ...!”
“اوهه ...!” ساڳئي اينگائيندڙ لهجي ۾ چيائين، “ته چئبو ته اِها ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن توهان جهڙا باشعور ماڻهو به ايئن شارٽ ڪٽ جو سهارو وٺن ۽ سنڌ جي لڏندڙ ٻيڙي کي ايئن وچ دريا ۾ وڏين وڏين ڇولين جي حوالي ڪري، نڌڻڪو ڇڏي وڃن ته پوءِ آخر هِن وطن جو وانگي ڪير ٿيندو؟ ٻڏندڙ ٻيڙي ڪناري سان ڪير لڳائيندو؟ توهان ڪڏهن اِن پاسي تي به سوچيو آهي؟ مون کي ڏاڍي حيرت ٿي آهي توهان جي موجوده سوچ ۽ عمل تي.”
“ايترو جلد حيران نه ٿي ماءِ ڊيئر...” جملو اڌ ۾ ڪاٽي ورتائين.
“Please mind your language, Iam not your dear, ok.” شوخيءَ مان چيائين. (مان توهان جي پياري ناهيان، پنهنجي زبان سنڀالي ڳالهايو.)
“اوهه، معاف ڪجو محترمه، جلديءَ ۾ وات مان نڪري ويو. ها، سو ڳالهه ٿي ڪيم ته ايترو جلد حيران نه ٿيو. حيران ڪرڻ لاءِ اڃا پوئتان ڪافي حقيقتون موجود آهن، جيڪي توهان کي حيرت ۾ وجهنديون. مان ته ڇڙو ٻاهرين ايڊ جي ڊالرن عيوض هڪ اين جي او جوائن ڪئي آهي، پر هي جيڪي وطن جا وانگي هجڻ جون وڏيون وڏيون دعوائون پيا ٿا ڪن، اخبار، ريڊيو، ٽي وي، ريليون، جلسا، ڌرڻا، ڦيٿا جام، هٽ تاڙ، روڊ بلاڪ، تعليمي ادارا بند ۽ روز ٻئي ڏينهن بک هڙتالون ڪريو هرڪو پاڻ کي اڪيلي سر سنڌ جو وارث پيو سڏائي، تن جا ڪرتوت ڏٺا اٿوَ؟ هي جيڪي سنڌ سنڌ، آزادي آزادي چيو چيو ٿڪن ئي نٿا، تن کان ڪنهن پڇيو آهي ته ڪلهه اوهان وٽ داخلا جا پئسه به ڪونه هئا ۽ اڄ هاءِ ڪلاس جي گاڏين ۾ پيا هلو، سي گاڏيون ڪٿان آيون؟ ڪلهوڪا اڀرن سڀرن گهرن ۾ رهندڙ اڄ خبر ناهي ڪيترين پلازائن جا مالڪ بڻجي ويا آهن، اِهي پلازائون ڪٿان آيون،؟ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر ۾ هزارين گاڏين جي قافلن ذريعي ماڻهو گڏ ڪري شوبازي ڪرڻ تي جيڪو ڪروڙين رويپا خرچ ٿو ٿئي، اُهي ڪروڙين روپيا ڪٿان ٿا اچن؟ سنڌ ته ساڳئي سورن ۾ آهي. سنڌ جي درد جو ته ڪو درمان ٿئي ڪونه ٿو. پوءِ انهن سنڌ جي دعويدارن ڪڏهن اهو اعتراف ڪيو آهي ته هو رڳو پاڻ ٺاهڻ ۾ پورا آهن ۽ قبضه گيري، ڀته خوري، ڌاڙن، ڦرن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ذريعي رڳو پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ لڳا پيا اهن... ۽ .... ۽ ڇا ڪڏهن سنڌ جي چونڊيل نمائندن اهو اعتراف ڪيو آهي ته هنن اسيمبليءَ ۾ ويهي سڄي سنڌ دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي؟ ... اوهه ... معاف ڪجو. مان به الاجي ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتو آهيان. توهان سان نه ڄاڻ نه سڄاڻ ۽ مان ايئن بڪواس ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. معاف ڪجو محترمه I am realy very Sorry”
.”Never mind, It’s ok” مان توهان جو درد سمجهي سگهان ٿي. جنهن ماڻهوءَ جو خلوص ائين مجروح ٿيندو هجي، تنهن کان دانهن ته ضرور نڪرندي نه ۽ جيڪڏهن اڳيان ٻڌاڻ وارو ڪو همدرد هجي، پوءِ ته ماڻهوءَ جو هِينئون ڦاٽي پوندو آهي. مان توهانجي جذبن جو قدر ڪيان ٿي.”
“همدردي جتائڻ لاءِ وڏي مهرباني.” مان جا جذبات وهلورجي وڃڻ لڳا.
.”Just Relax ايترا Imotional نه ٿيو. پاڻ تي ضابطو رکيو هونئن به تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ مختلف قومن ۽ ملڪن تي اهڙيون ڪيفيتون اينديون رهيون آهن. پر پوءِ وقت شاهد آهي ته هر ڀيري قوم جي سڄاڻ ماڻهن پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي تاري آڻي ڪناري سان لڳايو آهي. اسان تي به هن وقت اُهي ئي تاريخي ڪيفيتون ماڪ جي ڌنڌ وانگر ڇانئجي ويون آهن، جن ۾ ماڻهو ڇڙوڇڙ، دربدر ۽ ڇڙواڳ ٿي ويا آهن. پر اُهي ڪيفيتون گهڻو وقت رهڻيون نه آهن. اِهي عارضي آهن. جيڪي اسان جي پنهنجي غلطين سُستين بي حسيءَ ۽ لاتعلقيءَ جي ڪري وڌي وڻ ٿي ويون آهن. پر جڏهن به اسان ڪَر موڙي، آرس ڀڃي وري اٿنداسين، تڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. توهان مايوس نه ٿيو.”
“توهان يج مهرباني. توهان کي ته اسان جي مسئلن جي گهڻي قدر ڄاڻ آهي. توهان ته ڪافي باشعور، سڄاڻ ۽ سنجيده ٿيون لڳو، پرپوءِ توهان جو شروعاتي الهڙپن، ڇيڳرائپ ۽ شوخي... تنهن کي ڇا چئجي؟ اوڏيءَ مهل ته توهان جو رخ ئي ٻيو هو.”
“اوهه... اُهو ته بس مڙيئي ائين هو. بس ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سان ڀوڳ ڪرڻ تي دل ٿي پوندي آهي. توهان اِن کي مذاق ئي سمجهو ۽ وساري ڇڏيو.”
“وساري ڪيئن ڇڏيان اُن مذاق کي، جنهن توهان جهڙي باشعور ۽ باذوق شخصيت سان ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. جيڪا... جيڪا.... نالو ڇا آهي توهان جو؟”
“اڄ نالو پيا پڇو ۽ سڀاڻي چوندا ته ٽائيم ڪڍو ته ڪٿي گڏجي ويهي چانهه پيئون ۽ پرينهن ....”
“سڀاڻي ڪنهن ڏٺو آهي!” مان سندس ڳالهه ڪاٽي ڇڏي، “سڀاڻيءَ کي سڀاڻي ڏسنداسين. اڄ توهان رڳو پنهنجو نالو ٻڌايو، باقيءَ کي ڇڏي ڏيو.”
“ڀلا ايتري جلدبازي به ڇو؟ گهٽ ۾ گهٽ مان ايندڙ ِ ٽي چار هفتا ته ڪيڏانهن ٻاهر ڪانه ٿي وڃان، جتي هيءُ موبائيل نمبر ويلڊ نه هجي.”
“چڱو ڀلا، جي پنهنجو نالو نٿيون ٻڌايو، ته گهٽ ۾ گهٽ مان کان ته پڇو!”
“اُهو ته توهان هونئن به ٻڌائيندا، پڇي ڇا ڪريان؟”
“هروڀرو ائين به ڪونهي. جيستائين توهان نه پڇنديون،تيستائين مان به نه ٻڌائيندم.”
“ٺهيو، نه ٻڌايو. مان زور ته ڪانه ٿي ڪريان، ۽ هونئن به نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟”
“ڇو؟ نالي جي ڇو اهميت ڪانهي؟ هي جيڪي تاريخ ساز شخصيتون ٿي گذريون آهن، سي سندن نالن سان ئي ته ڄاتيون سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ نالن سان ئي ته مشهور آهن. پر جي نالن جي ضرورت نه هجي ته مائٽ پنهنجي اولاد تي نالا ڇو رکن. وڏي ڳالهه ته توهان جو سڃاڻپ ڪارڊ به ته توهان جي نالي سان ٺهيو هوندو. اڙي ... توبهه ... توبهه... معاف ڪجو توهان جو ته سڃاڻپ ڪارڊ اڃا ٺهيل ئي ڪونه هوندو.”
جواب ۾ هڪ زوردار ٽهڪ... ۽ پوءِ ڪجهه دير تائين لاڳيتو کلندو ئي رهڻ... جواب ڪو به نه ... پوءِ ڳچ وقفي کان پوءِ پڇيائين: “ڇو؟ مان جو ڪارڊ ڇو نٿو ٺهي سگهي؟”
“سرڪار، ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ 18 سالن جي عمر لازمي آهي، ۽ توهان ته ماشاءَ الله اڃا انڊر فِفٽين ٿيون لڳو.”
“اِهو توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو؟”
“گهٽ ۾ گهٽ توهان جي مِٺڙي، سُريلي ۽ معصوم آواز مان ته ايئن ٿو لڳي، وري به ڪهڙي خبر!”
“چريا ماڻهو، سنهڙو ۽ مِٺڙو آواز ته ڪنهن وڏي عمر جي عورت جو به ٿي سگهي ٿو. توها جو ٿورو اڳ ۾ اجائي خوشامند ڪندي پئي چيو ته مان ڪافي باشعور، باذوق ۽ الاجي ڇاڇا ٿي لڳان، سو ڪا انڊر ففٽين ڇوڪري ايترين لياقتن جي مالڪ به ٿي سگهي ٿي ڇا؟”
“ڇو ڪانه ٿي ٿي سگهي. لياقتون عمر جون محتاج ڪين هونديون آهن. ها، البت تجربي لاءِ عمر جو فيڪٽر ضروري آهي. پر .... پر ... پاڻ اِن بحث ۾ ڇو پيا اُلجهون. توهان باصلاحيت آهيو، سو آهيو. باقي رهي ڳالهه انڊر ففٽين يا ففٽين پلس جي سو عورتون هونهن به پنهنجي صحيح عمر ته ٻڌائينديون ئي ڪين آهن. ڏسڻ سان اندازو ڪري وٺبو آهي، سو جي ڪٿي ملياسين ته خودبخود خبر پئجي ويندي. توهان جو ڇا خيال آهي؟”
“ڏٺوَ! اڃا نالي جي تقاضا ئي پوري ڪانه ٿي آهي ته مٿان وري ملڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. هڪڙي ڳالهه ٻڌايانوَ: اجائي جلد بازي ماڻهوءَ کي رڻ ۾ رولي به سگهي ٿي. اجايون آسون ۽ اميدون زندگي زهر به بنائي سگهن ٿيون، تنهن ڪري....” شايد سندس موبائيل جو بيلنس ختم ٿي ويو هو، ڪال ڊراپ ٿي ويو.
پوءِ هُن جو فون ڪونه آيو. اوسيئڙو ٿيندو رهيو، انتظار وڌندو رهيو. ڪلاڪن مان پهر ٿيا، ڏينهن گذريو، رات آئي. هفتن مان وڌي مهينو ٿي ويو. اِن عرصي دوران مان ڏاڍو موبائيل کڙڪايو، پر هر ڀيري ڪمپيوٽر جي اطلاع موجب سندس نمبر بند پيا هئا. پوءِ ٻيو مهينو گذريو. ۽ ٽيون به پر ٻيو مڙيئي ٿيو خير. خير ته ٿيو پر مان جي حالت ڏاڍي ڏسڻ جهڙي ٿي ويئي هئي. ايئن سمجهو ته هُن محترمه جا آخري چيل ٻه جملا بنهه سئو سيڪڙو سچ نڪتا. مان کي ايئن پئي لڳو ته ڄڻ مان هلندي هلندي پنهنجي واٽ وڃائي ويٺو آهيان. ڄڻ ڪنهن دڳ وڃايل واٽهڙوءَ وانگر مان رڻ ۾ رلندو ڀٽڪندو پيو وتان. زندگيءَ جي هر پهلوءَ مان ڄڻ چس، چاهه، موهه ۽ ذائقو ختم ٿي چڪو هو ۽ مان کي زندگي زهر لڳڻ لڳي هئي. بظاهر ته مان جي اهڙي طرح سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ڪو به جواز ڪونه هو. پر پوءِ به خبر ناهي ڇو هن جو ڳالهيون منهنجي خيالن ۾ اچي مان جو سک چين وڃائي رهيون هيون. ٻيا ته ٻيا، پر خود مان به پاڻ کي، پنهنجي اِن عمل جي ڪري پاڳل چئي رهيو هوس. پر ڪنهن به حيلي هُن جي ڳالهين منهنجي پچر نٿي ڇڏي. هن جي خيالن مان پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ مان پَٽَ ڇني ڇڏيا. الاجي ڪهڙيون ڪهڙيون جائز توڙِ ناجائز ڪارگذاريون ڪري چُڪس، پر ‘چري ڪيئن! چي: چري ويران وير وڌ....!’ ساڳي حالت هئي منهنجي به.
ست مهينا گذري ويا پر مان ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل مڇر وانگر پاڻ کي آزاد ڪرائي نه سگهيس. بلڪه ايئن چوڻ صحيح ٿيندو ته جيترو ٿي ڦٿڙاٽيم، اوترو وڌيڪ جڪڙبو پئي ويس. آخرڪار منهنجي جان ڪنهن حد تائين تڏهن وڃي ڇُٽي، جڏهن اسان جو نئون M.D آيو. اڳوڻو مينيجنگ ڊائريڪٽر ٻن ٽن مهينن لاءِ سائوٿ آفريڪا جي ٽوئر تي پئي ويو. اسان سمورن آفيسرن کي هيڊ آفيس طلب ڪيو ويو ۽ لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين نئين ايم ڊي اسان مان هر هڪ کان پنهنجي پنهنجي ايريا جي ذري پرزي جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ موٽ ۾ اسان تي ايترو ته ڪم جو بوجهه وڌائين جو ايندڙ ٻن ميهنن تائين ته صحيح طرح ماني کائڻ جي ويسنڌ به ڪانه ٿي ملي. اسان به پنهنجو پگهار حلال ڪرڻ لاءِ يا ايئن کڻي چئجي ته پنهنجي بهترين ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پروموشن حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا. ٻئي مهيني جي پوري ٿيڻ تي اسان کي ٻيهر هيڊ آفيس طلب ڪيو ويو. اسانجي ڪارڪردگيءَ جي چڪاس ڪئي ويئي. ڏاڍي سخت اڪائونٽبلٽي ڪئي ويئي ۽ ان سخت احتساب جو نتيجو مان جي فيور ۾ ويو. مان کي مٿئين گريڊ ۾ ترقي ڏيئي ٻئي ايريا ۾ مقرر ڪيو ويو. مان ڏاڍو خوش ٿيم. ۽ خوش ٿيان به ڇو نه! صرف ترقي ملي، پر پگهار ۾ به چڱو خاصو واڌارو ٿيو ۽ رهائش ۽ ڪنوينس جون پڻ وڌيڪ مراعتون مليون، اصل ٺٺ ٿي ويا.
مان نئين ايريا ۾ پهچي، بنهه باريڪ بينيءَ سان هر ننڍي توڙي وڏي مامري جو جائزو ورتو. هر پهلوءَ کان ڪم ۾ واڌارو آڻڻ لاءِ، مان محسوس ڪيو ته هِن تر ۾ ٻه اهڙيون هستيون آهن، جن جو گهربل تعاون ۽ سهڪار جيڪڏهن اسان کي حاصل ٿي وڃي ته اڃا به سُٺا نتيجا ملي سگهن ٿا. مان محسوس ڪيو ته يا ته تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ انهن وٽ ڪير پهتو ئي ڪونهي ۽ يا ته وري انهن کي صحيح نموني ۾ قائل نه ڪري سگهيو آهي.
بهرحال، نئين سيٽنگ ۾ مان کي مهينو کن ٻيو به لڳي ويو. پوءِ هڪڙي ڏينهن انهن ٻن شخصيتن مان هڪ، ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي. شام جو 7 وڳي ڊي سي صاحب جي رهائش گاهه تي ساڻس ملاقات جو وقت طئي ٿيو. مان ۽ هڪ ٻيو مان جو سب آرڊينيٽ گڏجي صاحب جي رهائش گاهه تي پهتاسين. هڪڙيِ ڪُشادي ملاقاتي ڪمري ۾ ويٺاسين. دعا و سلام ۽ خوش خير عافيت کان پوءِ اسان پنهنجي مقصد طرف آياسين. ملازم چانهن وغيره رکي هليو ويو هو. ڪي 20-25 منٽ کن گذريا هوندا، جو گيسٽ روم جو اندريون دروازو زڙاپ ڪري کليو ۽ هڪڙي جوان زال ايئن سَٽَ ڏيئي اندر داخل ٿي. اوچتي دروازي کلڻ تي غيرارادي طور اسان سڀني جون نگاهون اوڏانهن کڄي ته ويون، پرپوءِ هڪدم اسان ٻنهي پنهنجون نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون. دروازو کولي اندر ٿيڻ شرط ئي اُن جوان زال، جيڪا 24-25 سالن جي ته هئي ئي هئي، صاحب کي “پاپا” چئي ٿي پڪاريو. پر جيئن ئي اسان تي نظر پيس، تيئن سندس زبان مان صرف اڌ لفظ “پا ...” ئي نڪري سگهيو ۽ بقايا اڌ لفظ کي وساري هوءَ اسان ڏانهن انتهائي معصوماڻي انداز ۾ نهارڻ لڳي، چند پل رکي هڪڙِي ڏاڍي دلڪش انداز ۾ اسان کي مخاطب ٿي چيائين “هَـ ... ـلَـ ... ؤ ...”
مان کان ڇرڪ نڪري ويو. جهڙو ڪر اوچتو ئي اوچتو بدن ۾ سُيون چُڀڻ لڳيون هُيون. منهنجي نظر خود بخود ڏانهس کڄي ويئي... سندس وات اڃا تائين “.... او” جو آواز نڪرڻ ڪري گولائيءَ ۾ کليل هو... بلڪل ساڳيو مِٺڙو اواز ... هنڊريڊ پرسينٽ ساڳيو دلربا لهجو ... بنهه هُو بَهُو اُهائي چنچلتا، ڇيڳرائپ، شوخي ۽ دلنوازي... خوبصورتيءَ جو ڇيهه... ڀرپور جؤڀن ۽ جوانيءَ جي انتها... انگ انگ مان ڇڻي ڪرندڙ مستي ...! مان ادب ۽ احترام سان ساڻس هيلو هائي ڪئي ۽ ٻيهر نگاهه هيٺ جهڪائي ڇڏي. ڪيئن به هو پر هن مهل مان ڊي سي صاحب جي رهائش گاهه تي ساڻس ڪنهن اهم اِشوءَ تي ملاقات ڪري رهيو هوس. تنهن ڪري مان کي پنهنجي ايٽيڪيٽس جي دائري ۾ ئي رهڻو هو.
“ڪو ڪم آهي پٽ! اسان هن مهل مهمانن سان گڏ ويٺا آهيون. توهان اندر هلو، پاپا ٿوري در ۾ اچن ٿا. شاباس ٻچا!” ڊي سي صاحب انتهائي شفقت، صبر ۽ ٻاجهاري انداز ۾ ساڻس ڳالهايو.
“پاپا، مان کي ياسر سان ڳالهائڻو هو... پر ٺيڪ آهي، اوهان ڀلي مهمانن سان ميٽنگ ڪريو. مان ياسر سان پوءِ ڳالهائيندم.” ايئن چئي هوءَ اندر هلي ويئي.
هن جي ويندي ئي صاحب اسان سان مخاطب ٿيو.
“معاف ڪجو، پاڻ ڊسٽرب ٿياسين. هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي. پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيٽ آهي. بيمار آهي. ڪجهه سال اڳ ڏاڪڻ تان لهندي پير ترڪي پڄڻ ڪري مٿي ۾ ڌڪ لڳو هوس جنهن جو دماغ تي اثر ٿيو اٿس. تنهن کان پوءِ هوءَ پنهنجي وس ۾ ناهي. پر ڪنهن ڪنهن وقت ته اهڙِيون سنجيده ۽ ڪم جون ڳالهيون ڪندي آهي جو اسان پاڻ حيران ٿي ويندا آهيون. اڪثر ڪري موبائيل تي اڻ ڄاتل نمبر ڊائل ڪري، سامهونءَ واري کي چوندي آهي مان کي ياسر سان ڳالهائڻو آهي...!”
ڊي. سي. صاحب معذرت سان گڏ وضاحت به ڪئي. پر منهنجي اڳيان جيڪو انڪشاف ٿيو هو، سو ڄاڻي منهنجا تاڪ لڳي ويا هئا.
(25 مارچ 2012ع )
*