4. اکين ۾ ٻڏي ويل درياهه
“سوڍي، سوڍي آئون... آئون...!” سنگهار چوندي چوندي ماٺ ٿي ويو.
“ڏس، وري به اِها آئون... آئون... توکي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، سو کُلي چئو نه. ائين مُنجهين ڇو پيو؟” سوڍيءَ ورائي سنگهارَ کان پڇيو.
“سوڍي، سوڍي آئون هاڻ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.” سنگهار ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چيو.
“ٿڪي پيو آهين؟” سوڍيءَ حيرت مان ڏانهس نهاريو. “هي تون چوين ڇا پيو؟”
“ها سوڍي، هاڻ آئون ڏاڍو ٿڪي پيو آهيان.” سنگهار ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو.
“پر به ڇو ته سهي؟ آخر ڳالهه ڪهڙي آهي؟ ٻڌائين ڇو نٿو؟” سوڍي فڪرمند ٿيندي پڇيو.
“اُن ڪري جو مونکي حال هڪيو پنهنجي شاديءَ جو ڪوبه آسرو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ۽ هوڏانهن منهنجي گهر وارن جو مون تي زوربار الاهي وڌي ويو آهي.” هُن جون نگاهون هيٺ هيون.
“ڇا ٿا چون تنهنجا گهروارا؟” سوڍيءَ کي جهڙوڪر دل ۾ وَڍَ پئجي ويا ۽ هُن دلگير ٿيندي پڇيو.
“چون ٿا ته جي سوڍيءَ وارا هينئر جو هينئر شادي نٿا ڪري ڏين ته منهنجي پهرين مَڱَ حاجوءَ وارا وري سَڱُ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهين. اُن سان شادي ڪري وٺان.” سنگهار بدستور ڪنڌ هيٺ ڪري وراڻيو.
“پوءِ منهنجو ڪُڄاڙو ٿيندو؟!” سوڍيءَ جي سدا ملوڪ مُکَ تي آتِر وَيلائيءَ جا آثار اُڀري آيا. هڪڙي ناقابل برداشت اذيت جا اهڃاڻ سندس چهري تي اُڀرڻ لڳا. سندس اندر جي ڇِنَ پَٽَ جي ايذاءَ جا اولڙا سندس مُنهن تي هنبوڇيون هڻڻ لڳا. هُن انتهائي ڪرڀَ ۽ درد جي ڪري سُڪي ويل سندس چپ چوريا ۽ سنگهار ڏانهن نهاريو.)
“پر ان ۾ ٿڪجڻ جي ڪهڙي ڳالهه ٿي! جيئن هيستائين مڙسي ڪري پنهنجن مائٽن کي مڃايو اٿئي، تيئن باقي ڪجهه وقت لاءِ به ترسائين. ڏسين ته پيو ته اسين ڪهڙي قيامت ۾ ڦاٿل آهيون. هِن حالت ۾، جڏهن اسان کي سِرَ سان لڳي پئي آهي. ٻنيون ٻارا ٻڏي ويا. اجها اُجڙي ويا. مال وجهو لڙهي ويو. هنڌ، ٽپڙ، ٿانوَ ٿپا ۽ سارو هَلَٽِ رُلي ويو. اسين ٺلها سِرَ کڻي ڀڄي اچي هن پڪي رستي تي پهتا آهيون. جتي ٻه مهينا ٿيا آهن، پر ڪوبه واهرو ڪونه وريو آهي. اسين ڪکن ڍڪيا ماڻهو، پنهنجي شرم ۾ ٻڏيو پيا مرون. ڪڏهن ڪنهن جي اڳيان هٿ ڪونه ڊگهاريوسين، سي امداد لاءِ قطارن ۾ ڪيئن بيهي پيا لٺيون جهليون، پنهنجا مٿا ڦاڙايون ۽ ذليل ۽ خوار ٿيون، تنهن کان ته مرڳو اُڃ بک تي پيا آهيون. اڃا تائين گهرن ۾ چيلهه جيڏو پاڻي بيٺو آهي. هي سڀ ڳالهيون تنهنجي سامهون آهن. پوءِ به تون پيو چوين ته مائٽ شاديءَ لاءِ تڪڙ پيا ڪن ۽ تون ٿڪجي پيو آهين! هن اوکيءَ ويل ۾ آڏو اچڻ ۽ ڀرجهلو ٿي بيهڻ ته ٺهيو، پر مرڳو چڳندڙ ڦٽن تي لوڻ ۽ مرچ ٻُرڪڻ آيو آهين! اِن کي آئون ڀلا ڪڄاڙو سمجهان؟” ۽ سوڍيءَ کان اوڇنگار نڪري ويئي. هُن پوتيءَ جي پلانڌ سان پنهنجي اکين مان وهندڙ نِيرَن جون لارون اُگهيون ۽ سنگهارَ ڏانهن ڏسڻ لڳي. جيڪو اڃا تائين ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺو هو.
“سا ڳالهه ته مون بابا سان به ڪئي هئي ۽ امان کي به الاهي آزيون ۽ منٿون ڪيم ته هِن ڏکيءَ مهل ۾ پاڻ کي هنن جي واهر ڪرڻ گهرجي ۽ هنن جو ڀرجهلو ٿيڻ کپي. پر ڪُٽڻ ڪم کي کڻيو بيٺا آهن، تن هڻي ملڪ جو نکوتر ڪڍي ڇڏيو آهي. ڪُٽڻيون رَنون اچيو امان جا ڪن ڀرين ته ‘ائي امان، آئين عزت وارا ماڙهو. ست راڄيءَ ۾ آنجي هاڪ پئي ٻُري. آنکي ڪي سَڱَ کٽا آهن ڇا، جو وڃي مٿي اگهاڙن ماڙهن سان مِٽئي ڪئي اٿوَ؟ جن کي مٿو لڪائڻ لاءِ ڪا ڀيڻي ڪانهي. ٻڙن فقيرن وانگر لاڏاڻا ٿيو پڪي رستي جي پاسي کان رلي ٽنگيو ويٺا آهن، ۽ آئي وئي جي اڳيان هٿ ڊگهاريو پينڙياتن جيان پيا جهوليون جهلين. ائي امان اهڙي نُنهن ڪيئن آنجي گهر ۾ سونهندي جنهن کي سڄي جهان خيرات جي ٽِرڪن اڳيان جهولي جهليندي ڏٺو هجي. مُئو کڏس، (وڃي کڏ ۾ پوي) اهڙو ته سون جو ٽڪر به ڪونهي جو آنکي ٻئي ڪنهن هنڌان نه ملي سگهي. اِن کان ته پنهنجي حاجو هزار ڀِرڪا ڀلوڙ زال آهي!’
“هاڻ امان آهي، سا ڳالهه تي بيهي ئي ڪانه ٿي. چوي ٿي ته اِها نُنهن هاڻي مون کي ڪڀي به ڪونه کپي. هاڻ آئون ڇا ڪريان؟ مون کي ته ڳالهه سمجهه ئي ڪانه ٿي اچي! سوڍي، جا نُورَ ڀٽاري جو سُنهن ته آئون توکان سواءِ مري پُوندس. مون کي نڪا حاجو کپي ۽ نڪا ڪا ٻي کپي. بابا به امان اڳيان بيوس ۽ لاچار آهي. هيءُ سڄو مهينو رَنِنِ جو اِهو رينگو سڻي سڻي منهنجا ڪن پچي پيا آهن. جڏهن وڌيڪ سهي نه سگهس، تڏهن وٺي ڀڳو آهيان توڏانهن. هاڻ تون ئي ڪا صلاح ڏي ته آئون ڇا ڪريان؟ نه ته مرڳو... آئون پاڻ ئي پاڻ کي ماري ڇڏيندس.”
سنگهار وري به سوڍيءَ سان نگاهون ملائڻ بدران ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي پنهنجي بيوسيءَ جي ماجرا بيان ڪئي...!
سوڍي، جا هيترو وقت رڳو چِتائي سنگهارَ جي مُنهن ۾ نهاري رهي هئي، جنهن جو ڪنڌ هيٺ هو، نگاهون نيچي هيون ۽ هوُ پنهنجي مَرمَ ۾ جلي پچي، کامي کِجي، پڄري ۽ پرزا پرزا ٿي رهيو هو، سا پڻ سنگهار جي بي همتي ۽ بيوسيءَ تي وڍجي ڪُسجي ترڳا ترڳا ٿي رهي هئي. سنگهار جيڪا صورتحال جنهن بيوسيءَ سان بيان ڪئي، تنهن سوڍيءَ کي پنهنجي نظرن ۾ پئي ڪيرائي وڌو. هن جي دل کُوهيءَ نارن وانگر ٺينڊيون ڪري رت جا ڳوڙها ڳاڙهڻ لڳي هئي. هن پنهنجي اندر ۾ سِرِن جو کُورو دُکندو محسوس ڪيو. هُن جي ڏکن کان ڏُجهريل چهري تي ڪرڀ ۽ اذيتَ جون پيڙاهون، مڙي اچي گڏ ٿيون هُيون. هُن کي ڏاڍو ڀانور هو ته سنگهار سندس ڀرجهلو ٿيندو ۽ مصيبت جي اوڙاهه مان ٻاهر ڪڍي ڪنهن ڪنڌيءَ پهچائيندو. پر هُوءَ اڄ پهريون ڀيرو پنهنجي پسند تي ۽ پيار جي پيل پهريئين پيچ تي پشيمان ٿي رهي هئي. هُن پنهنجو وجود فنا ٿيندي محسوس ڪيو. هوءَ لاڳيتو اکين مان گونگا ڳوڙها ڳاڙهي رهي هئي ۽ مسلسل سنگهار جي ڪانئرتا تي پڇتائي رهي هئي. هُن لاڳيتو پئي سوچيو ته سنگهار کي ڪهڙي ورندي ڏي. هوُ، جو سندن گهران نااميد ٿي مون ڏانهن ڀڳو آهي صلاح پڇڻ، تنهن جو ڪهڙو بلو ڪجي؟
سوڍي، جيڪا لاڳيتين برساتن جي ٻوڏ جي ڪري ۽ سم نالن جي پلٽي پوڻ جي پاڻيءَ جي ٻوڏ جي ڪري، پُراڻ کان پرڀرو هڪ پڪي پختي ڳوٺ جي ٻُڏي وڃڻ ڪري ميلن جا ميل پاڻي جهاڳي اچي جهڏو- نئون ڪوٽ روڊ جي پاسي کان ديوين جون ڪاٺيون وڍي ٺاهيل جهُڳين ۾ رهيل هئي. هوءَ، جيڪا ڪکن ڍڪي، ماني مڇي واري ۽ عزت ڀريئي گهر جي ڄائي هئي.
سوڍي، جنهن سندن مائٽن جي هڪڙي شاديءَ دوران ميرپور خاص ۾ سنگهار کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ مٿس موهت ٿي پئي هئي. هوءَ، جنهن سندس دل واري ساهيڙي سلميٰ سان صلاح ڪري، سنگهار جي ڀيڻ بانوءَ سان لاڳاپو جوڙيو ۽ پوءِ ان جي ئي مدد سان سنگهار سان وات واري ڪرڻ جو وجهه ورتو هو.
سوڍي، جنهن جڏهن سنگهار ڏانهن، پنهنجي اکين ۾ خمار جي مستي ڀري ڀرپور نيڻ نهار ڪئي هئي ۽ پنهنجي دل جي دريءَ جون چار ئي تاڪيون کولي ڇڏيون هيون، تڏهن سنگهار هڪ ئي نگاهه جي نشتر سان ڌڪيل تتر جيان ڦٿڪڻ ۽ بُل کائڻ لڳو هو. ۽ پوءِ سنگهار پنهنجي دل جو جهان ڦُرائي لُٽائي جڏهن هٿين خالي موٽي پنهنجي ماڳ سجاول ڀرسان ڳوٺ پهتو هو، تڏهن سندس ڪايا پلٽ ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ، جيڪا پنهنجي مائٽن جي شاديءَ ۾ وڃڻ لاءِ گهران ته سهي سنڀري، ڏاڍا هار سينگار ڪري، ڏاڍن نازن نخرن سان ويئي هئي، پر جڏهن موٽي هئي، تڏهن هوءَ ڪنهن هارايل جوئاري وانگر پنهنجي سموري هَڙَ جُوئا ۾ هارائي، سکڻن ٽن ڪپڙن ۾، جيئري لاش جيان گهلجي گهر پهتي هئي، تڏهن هوءَ، هوءَ ڪا نه رهي هئي. هُن جو سک ڦٽي پيو هو.
۽ هوُ سنگهار، جيڪو گهر پهچي پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺو هو. هُن کي ڪنهن جو ڳالهائڻ سمجهه ۾ ئي ڪونه پئي آيو. سندس ڪنن ۾ رڳو توتليون وڄي رهيون هيون. نه کاڌي جو هوش نه پيتي جي خواهش. نيٺ هن اعلان ڪيو ته “مون کي حاجو مور نه کپي. جي پرڻبس ته سوڍيءَ سان، نه ته منهنجي قبر کوٽڻ جو سعيو ڪريو. آئون پاڻيهي پاڻ کي ٿو ماريان. وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي ٿو مران. پاڻ تي گاسليٽ هاري تيلي ٿو ڏيان. ٻنيءَ جي دوا پي ٿو مران.” هڪڙيءَ تي هيءُ، ته ٻيءَ تي سندس مائٽ. ماڻس چوي ته: “مون کي پري جي ننهن ڪڀي به ڪونه کپي. مون تي منهنجي وَڏِڪَ ڀيڻ حوريءَ وڙ ڪيو آهي، اڌ ڳالهائي سان پنهنجا آنڍا منهنجي حوالي ڪيا اٿس. بچي شل حاجوءَ کي ڇڏي، آئون ٿي ٻي ننهن ڪريان! شادي ٿيندي ته حاجوءَ سان ئي ٿيندي. نه ته ڀلي وانڍو پيو هلي. چريا ڪي پنهنجي وس ڇڏبا آهن ڇا؟ حوري ته کڻي منهنجي ڀيڻ آهي، پر سندس گهر واري کي ڪهڙو جواب ڏبو.!!”
پڻس چوي ته: “ابا سنگهار، ڪجهه ساڃاهه ڪر. ٿورو سمجهه کان ڪم وٺ. اسان چئن ڀائرن جي وچ ۾ ويهي زبان ڪئي آهي. مٺائي ورهائي پڌري ڪئي آهي. هاڻ جو تون کيٽو ڪريو ويٺو آهين، تنهن کي ڪير پڄي!؟ ابا، مڙسن جي زبان هڪڙي ٿيندي آهي. ماڻهوءَ جي قول تي ئي دنيا جو ڪاروهنوار هلي پيو. ايئن ڪو ٿيندو ڇا؟ تون ڏاهو ٿي. ڀلا حاجوءَ ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي؟ سدا ملوڪ ته آهي! تنهنجي جيس آهي. وڏي ڳالهه ته پنهنجي آهي. گهر جي ڳالهه آهي. کاري کٽي کايو پيئي هوندي. ڪو هُل، هاءِ ديشو ڪونه ٿيندو. هينئر توکي اوچتو ئي اوچتو اچي سوڍيءَ جي عشق کنيو آهي. جي اهڙي ڳالهه هئي ته پهرين ڳالهه ڪرين ها نه؟!”
هوڏانهن ماسيهينس حوري ۽ ماسڙ هاشم به اَرَ تَرَ ڏيئي بيهي رهيا ۽ پوءِ نيٺ هڪڙي گهُمري ته حاجو به کيس ڦري آئي. پر سڀني کي ٺُٺيو! سنگهار جي هڪڙي ئي ٻولي ته “مون کي کپي ته سوڍي کپي، نه ته منهنجي قبر کڻو. آئون اجهو ٿو دوا پيان، تيلي ڏيان، يا ڦاهو کان!”
سڀئي منجهي پيا ته هاڻ ڇا ڪجي؟ ڇورو ته مرڳو هٿن مان پيو وڃي. ڪنهن صلاح ڏني ته “سنگهار ڀلي پيو ڀؤنڪي.اوهين رڳو ٻه ڀائر سڏي، ملئون گهرائي حاجوءَ سان نڪاح وجهي کڻي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪريوني. ڏٺيون مٺيون ٿينديون آهن. چکي ڏسندو ته پاڻ ئي گس تي اچي ويندو.”
سنگهارَ کي جا سُڻس پيئي ته سانجهيءَ تنهنجو بِلو ٿيندو. زوريءَ ٿا حاجوءَ سان تنهنجو نڪاح وجهن. سو نه ٿئي بڇڙو، ڊوڙي وڃي وٿاڻ مان ڍڳي جو رسو کنيائين ۽ سَٽَ ڏيئي گهران نڪتو. اِهو ته ڀلو ٿئي عمر فقير جو، جنهن بر وقت سنگهار کي پريان بيٺل نم تي چڙهندي ڏسي ورتو. تنهن وٺي جو “ورتو ورتو” ڪئي ۽ هڪلون ڪري همراه گڏ ڪري وڌائين، جن ڊوڙي وڃي سنگهار کي بچائي ورتو. سنگهار جي اهڙي ڪوشش کيس حاجوءَ سان نڪاح وجهڻ کان ته بچائي ورتو. پر ماڻس هَٺَ تان هيٺ لهي ئي نه! چوي ته “سنگهار مري ته ڀلي مري پئي. منهنجو ٻيو پٽ به ويٺو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته آئون اڃا اهڙي پوڙهي ٺوٻ به ڪانه ٿي آهيان. جي کپيو ته ٻيو پٽ ڄڻي به وجهنديس. باقي سوڍي اهو ڌونئرو ڀڃي کائي ته ڪو هوءَ منهنجي پٽ سان لانئون لهندي.”
سنگهار جي پيءُ ڳوٺ راڄ جا ڀائر گڏ ڪيا. سنگهار جا چاچا، ماما، سئوٽ ماسات اچي ڪٺا ٿيا. پر نه سنگهار سوڍيءَ تان هٿ کڻي ۽ نه ئي وري ماڻس سوڍيءَ کي قبولي. ايئن ڪندي ڪندي نيٺ ڀائر برادر به بيزار ٿي ڀڄي پرڀرو ٿي ويهي رهيا. سنگهار جو پيءُ ٻنهي پاسي بيوس ۽ مجبور ٿيو پئي اول پتڻ ٿيو. باقي سنگهار ۽ سندس ماءُ جو گهر ۾ سنجهي صبح ڏانڍيئپو لڳو پيو هوندو هو. سنگهار چئي ته آئون ٿو پاڻ کي ماريان ۽ ماڻس چوي ته آئون ٿي وِههَ جو وٽو پيئان.
۽ پوءِ نيٺ سنگهار جي سرسي ٿي ۽ ماڻس مات کائي ماٺ ڪري ويهي رهي. پر پوءِ به هن پنهنجي دل مان بغض ڪونه ڪڍيو. لوڪ لکا خاطر في الحال زهر جو ڍُڪ ته ڀري ورتائين، پر دل سان سوڍيءَ کي قبول ڪونه ڪيائين. پوءِ چار ڀائر گڏجي ويا سوڍيءَ جو سڱ گهرڻ. ٻه ٽي ڀيرا اچڻ وڃڻ کانپوءِ هاڪار ٿي ۽ ڳالهه پڪي ڪري، مٺائي ورهائي، اِهو فيصلو ڪيو ويو ته هِن ڪَتيءَ (سال 2011ع) جا فصل کڻي شادي ڪنداسين.
پر ڪَتي اڃا ٻه اڍائي مهينا پري هئي. تيستائين برساتن اچي بَرَ ڀڄايا. ٿَرَ ٿاديليون ڪيون. سنگهارن جي سک جا سانڀاها ڪيا. ماروئڙا، سانگيئڙا ۽ جهانگيئڙا خوشيءَ وچان جهمريون پائڻ لڳا. ڍاٽياڻيون ۽ ٿاريليون پنهنجي پنهنجي چونئرن اڳيان ڏانڊيو ڪُڏڻ لڳيون. سندن ملوڪڙن مهانڊن جون مُرڪون اڃايلن جون اُڃون اجهائڻ لڳيون. پنهنجي پر ۾ سڀ ڪو خوش. هرڪو ٻانهن پيو لوڏي ته هيل واهه جو وارو ملندو. مينهن جو ڀلا پيا وسن.
پر اِها خبر ته ڪنهن کي ڪانه هئي ته هيلوڪا مينهن، مينهن نه پر آفتون آهن. سانوڻيءَ جا وسڪارا خوشحاليءَ بدران بدحاليءَ جي علامت بڻجي ويندا. هڪڙو مينهن وٺو، ٻيو مينهن وٺو، ٽيو مينهن وٺو ۽ پوءِ لاڳيتو وسندو ئي رهيو. پهريائين هيٺاهيون، ترايون ۽ ڍنڍون ڍورا ڀريا. پوءِ هيٺاهين ۽ مٿاهين جا يڪا پانچا گڏجي ويا. ٻنا ٻوڙ ٿي ويئي. گس ۽ پيچرا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. سِمَ ناليون ڀرجي وهڻ لڳيون. سِمَ نالا پلٽڻ لڳا. هيٺاهين جا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچڻ لڳا. مٿانهان پڪا ڳوٺ به پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويا. ننڍا وڏا شهر به ٻڏڻ لڳا. ضلعن جي هيڊ ڪوارٽرن بدين، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ٺٽي جي ٻن تعلقن سان گڏ بينظيرآباد ۾ به ٻيڙيون هلڻ لڳيون. L.O.B.D ۽ R.O.B.D سِمَ نالن بي انداز پاڻي آڻي لاڙ ۾ گڏ ڪيو. هزارين وسنديون، بستيون، ڳوٺ، واهڻ ۽ شهر پاڻي هيٺ اچي ويا. سوين. ڳوٺن جا نشان ئي مٽجي ويا. لکين پالتو جانور مري ويا. ڪروڙين انسان بي گهر، بيوس ۽ بي سهارا ٿي ويا. پر هيلوڪا مينهن لاڳيتا وسندا ئي رهيا. بٺوري کان وٺي ڀڳڙا ميمڻ تائين، بدين کان وٺي بي نظيرآباد تائين، مٽياريءَ کان وٺي مٺيءَ تائين، جهول کان وٺي جهڏي تائين، تِڳوسر (سانگهڙ) کان وٺي تڙخواجه (جاتي، ٺٽو) تائين رڳو پاڻي ئي پاڻي، اڇ ئي اڇ! هر طرف کان، هر پاسي کان رڳو مال ڍورن جون رنڀون، ٻارڙن جون ٻاڪارون ۽ ڪيهون. عورتن جون دانهون ڪوڪون ۽مردن ۽ پوڙهن بيمارن جون ڪنجهڪارون... هڪڙي قسم جو قهرام هو، ڪربلا هئي يا قيامت هئي. خبر ناهي ڪهڙو امتحان هو؟ ڪهڙي آزمائش هئي؟ ڪهڙو رهيل پلانڌ هو؟ ٻنيون ٻڏي ويون. فصلن مان ڪابه شيءِ ڪانه بچي. بازاريون ڀڙڀانگ ٿي ويون. اجها اجڙي ويا. مال ڍور لڙهي ويا. ماڻهو- ڪي پاڻيءَ ۾ ٻڏي مئا، ڪي پاڻي سُرڪَ لاءِ تڙپي تڙپي مئا. ڪي بکن وگهي مئا. ڪي بيمارين جو بک ٿيا. ڪي ڦرجي لٽجي هٿين خالي ٿي ويا. ڪي ماني گراهه لاءِ آتا، امدادي سامان ورهائڻ وارن جي لٺين ۽ گولين جو شڪار ٿيا. (سانگهڙ وارو واقعو، جنهن ۾ هڪ وڏيري جي گارڊن هڪ شخص کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو.) ڪئين پرديدار عورتن جو پردو، پردو نه رهيو. ڪيترن عزتدار ۽ خوددار خاندانن جي مڙسالن کي ٻچن جو بک کان بي حال ٿي دانهون ڪرڻ تي، پنهنجي عزت ۽ خودداريءَ کي پاسيرو ڪري پاروٿي ۽ ڌپ واري ڀت گراهه خاطر ڪنڌ هيٺ ڪري هٿ ڊگهيرڻو پيو. پنهنجي پڪن گهرن جي ڪمرن ۾ بجليءَ جي پکن هيٺان آرامده بسترن تي سمهندڙ سنڌ جي سنگهارين کي، پڪن روڊن جي پاسن کان اڏيل جهڳين مٿان رليون ٽنگي، اگهاڙي آسمان هيٺ، ضروري حاجت لاءِ به ڪا ڀيڻي نه هئڻ ڪري پريشان، وسندڙ مينهن جي اوڙڪن، مڇرن جي ڪٽڪن ۽ ڪاٽڪو نگاهن جي نشترن جو مقابلو ڪرڻو پيو.
هيل سال جي برساتي ٻوڏ، سِمَ نالن تي قبضا ڪري پاڻيءَ جو گس بند ڪري، پاڻي اٿلڻ تي مجبور ڪري پيدا ڪيل ٻوڏ، حڪومتي جيالن ۽ غير حڪومتي پهچ وارن پنهنجون ملڪيتون ۽ ٻنيون بچائڻ خاطر هٿرادا ڪٽ ڏيئي پيدا ڪيل ٻوڏ ۽ سرنديءَ وارن پنهنجي ٻنين مان لنگهڻ جو گس نه ڏيئي پيدا ڪيل ٻوڏ جيڪي سنڌ جي ماڻهن سان هاڃا ڪيا، جيڪي ڪربلائون آنديون سي سڀ پنهنجي جاءِ تي هڪڙيون نه وسرندڙ سچيون ڪهاڻيون آهن. پر هيلوڪي برساتي ٻوڏ مختلف ماڻهن جي چهرن تان ماسڪ لاهي کين بي نقاب ڪري سندن اصلي چهرا به ظاهر ڪري ڇڏيا. انهن کي ڏسي ڪٿي ڪٿي ته فخر مان ڳاٽ اوچو ٿيو ٿي ويو. پر تمام گهڻين جاين تي ماڻهن جا مڪروه، غليظ، غلاظت سان ٿڦيل ۽ ڪراهت آڻيندڙ چهرا ڏسي انسانيت شرم کان ڪنڌ جهڪائي رت جا ڳوڙها ڳاڙهڻ لڳي هئي.
اهڙيءَ صورتحال جو شڪار سوڍي ۽ سندس ڳوٺ وارا ٿيا هئا. سندن ڳوٺ جون سون اپائيندڙ ٻنيون ته ٻڏي ويون، پر سڄي ڳوٺ ۾ پنج فوٽ پاڻي بيهجي ويو هو. ڪيڏانهن به نيڪال جو ڪو ذريعو ڪونه هو. سندن هڪڙي مِٽئي ميرپورخاص ۾ هئي، جيڪي خود پاڻيءَ جي گهيري ۾ هئا. ٻي مٽئي سجاول جي ڀرسان رهندڙ سنگهار وارن سان هئي. شروع ۾ انهن ڪوشش به ڪئي هئي ته سنگهار جن وٽ هلي پناهه وٺجي ۽ ڏکيو ٽائيم گذاري اچجي. پر جڏهن خبر لهڻ لاءِ اچڻ واري اچي سنگهار جي ماءُ جو اڍنگو رويو اکين سان ڏٺو، تنهن واپس وڃي همراهن کي چيو ته “ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان.” جيئون توڙي مرون، پر اوڏانهن ڪونه هلنداسين. مهلون مڙسن تي اينديون آهن. هي ڏکيا ڏينهن به ماڪَ جي ڍونگر وانگر ويندا گذري. قدرت کي جيڪو ڪرڻو هو، سو ڪري وڃي دنگ ڪيائين. جيترا بڇڙا ٿيڻا هئاسين، سي ته ٿي چڪاسين. باقي ماڻهن کي به جيڪو ڪجهه ڪرڻو هجي سو ڀلي زور لڳائي ڏسن. پر پاڻ هاڻ وڌيڪ اگهاڙا ڪونه ٿينداسين. سو به سنگهارَ وارن مانڌان هٿ ڪڏهن به ڪونه ٽنگينداسين.”
اهڙي طرح ٻه مهينا گذري ويا. پر ڳوٺ مان پاڻي نڪري نه سگهيو. جڏهن وڃي سج جي تپش تي کِجي کپي سڪي! تيستائين ڪو گس پنڌ، ڪا ڀيڻي ۽ ڪو بِلو ڪونه ٿي سُجهيو. هن صورتحال ۾، جڏهن ماڻهوءَ کي ٻچا وات ۾ هجن، پِنئي ٽڪر تي ساهه جي تند تڳندي هجي، ماڻهو شرم ۾ ٻڏندو هجي، مرندو ۽ جيئندو هجي، تڏهن ڪيئن ٿي ڪري سگهجي شادي!؟
۽ اوڏي مهل سنگهار جي ماءَ کي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جو بُل ملي ويو هو. مهيني کن کان گهر ۾ اِهو ئي ذڪر شاديءَ جو. سنگهار ۽ پڻس جي بنهه ماني وِههُ ڪري ڏنائين. اُٿندي ويهندي طعنا، ميهڻا، ٽوڪون، ٺٺوليون ۽ الاجي ڇا جو ڇا!
“بس چئونِ ته هينئر جو هينئر شادي ڪري ڏين. سو به ڏيڄ پوت سان، سون مِينَ سان، سامان سڙي سان. ٺلهي گنڌيءَ ۾ ويڙهي ڏيڻ بدران ڀلي پُراڻ جي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏينس. پر اِهي مئا بکيا ڀينگا، جيڪي پنيو پاروٿو ڀت کايو نٿا ڍاپن، سي ڏيندا به ڪُڄاڙو. ٻي ڳالهه ته آئون ڄڃ وٺي وڃي پڪي رستي جي ڀر ۾ ڀونگين ۾ ٿورو ئي ڪو لاهينديس؟ وڏي شان مان وارا شاميانا اڏينديس. دهل شرنايون گهرائينديس. گاڏين جون قطارون ڀري وينديس. سو مون کي اهڙن مٿي اگهاڙن وٽ وڃي خوار ٿيڻو ڪونهي. اِهو اسان جو شان ڪونهي. اي ٻُڌين پيو گهوٽ جا پيءُ!؟ ٺلهي ٻانهن پئي لُڏني. متان ڪنهن ڀُل ۾ هجين. جيڪو چوان پيئي، تنهن مان هڪڙو اکر به پوئتي ڪانه هٽنديس. تڏهن ته چوان ٿي ته مون وري به ڀيڻم حوري ۽ سندس گهرواري کي راضي ڪيو آهي. ڇڏيو هُن رَنَ نڀاڳيءَ جي پچر. جڏهن پاڻ کي گهر جو گهر ۾ سدا ملوڪ ڪنوار سان گڏ کوڙ ساري ڌن دولت به ملي پيئي ته پوءِ هروڀرو ڇو اچي ڇتا ٿيا آهيو؟”
هڪڙي ڏينهن سنگهار سندس ماءَ جي ڳالهين مان ايترو ته بيزار ٿيو جو مانڌان رکيل ماني به کڻي پري اڇلايائين ۽ پنهنجي مُنهن وڦلندي وڃي ڌوتل ڪپڙا ڪڍيائين. ڪپڙا بدلائي سٽ ڏيئي گهران نڪتو ۽ سجاول پهچي وڃي بدين واري بس ۾ چڙهيو.
شام جو سج لٿي کان ٿورو اڳ وڃي سوڍيءَ وارن وٽ سهڙيو. همراهن ساڻس هٿ ڀليڪار ڪئي ۽ خوش خير عافيت به پڇي. حال احوال پڇيائونس. پر سنگهار محسوس ڪيو ته همراهن جي ڳالهائڻ ۾ اڳوڻي گرم جوشي ۽ قرب ڪونه هو. هُن جي زبان ۾ ڪنڊا چُڀڻ لڳا. هُن جي نڙيءَ ۾ ڪانڊيرن جا وڻ مورڻ لڳا. هُن جو آواز گهُٽجي رهيو هو. هُن رڳو “هون، هان” پيئي ڪئي، پر دل جهلي، دل واري ڪنهن سان به سلي نه سگهيو. ائين منجهيل منجهيل پئي لڳو. خير، ٽڪرپاڻي به، جهڙو هو، گڏجي کاڌائون ۽ جڏهن رات جي ڪاري ڪانوَ پنهنجا پک پکيڙڻ شروع ڪيا، تڏهن هُو به ٻين سان گڏ ڊهي پيو.
صبح جو جڏهن سڀ مڙسالا ڳڀي جي ڳولا ۾ هٿ پير هڻڻ ڪاڻ مختلف ڏِسائن ڏانهن روانا ٿيا، تڏهن سنگهار اچي سوڍيءَ جي ڀر ورتي، جهڳيءَ کان ٿورو پرڀرو هڪ ديويءَ جي اڌو گابرو ڇانولي ۾ ويهي ساڻس سور سلڻ لڳو:
... ۽ پوءِ... ۽ پوءِ، ڳچ دير تائين سنگهار جي مُنهن ۾ نهارڻ بعد، سوڍيءَ ڳيت ڏيئي، وات ۾ گڏ ٿي ويل پِڪَ ڳڙڪائي. ليڪن ائين پئي لڳو ته هُن رڳو ڦيڻ ڪانه ڳڙڪائي هئي پر جهڙوڪر سوڍيءَ هيلوڪا ٻه مهينا جنهن دوزخ ۾ گذاريا هئا، انهن جا سمورا عذاب، اذيتون، ڀوڳنائون ۽ پيڙاهون به هن ڳيت سان گڏ ڳڙڪائي ڇڏيون هيون. سوڍيءَ هلڪي کنگهڪار ڪري نڙي صاف ڪئي ۽ نڪ ۾ مِڙي آيل سِنگهه کي ڪڍي ڦٽو ڪيائين، پوتيءَ جي پلانڌ سان پنهنجا ڳوڙها اگهي، جُوههَ وجهي سنگهار جي اکين ۾ نهاريائين، جنهن پهريون ڀيرو ڪنڌ مٿي کڻي ڏانهس نهاريو هو:
“ته پوءِ آخر تنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟”
“مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي سوڍي! مونکي رڳو ايتري خبر آهي ته آئون توکان سواءِ جي ڪونه سگهندس ۽ بس.”
“پوءِ تنهنجي ماءُ پيءُ ۽ مائٽ؟”
“امان توکي ڪڏهن به ڪا نه قبوليندي.”
“ته پوءِ تون سندس چيو مڃي حاجوءَ سان شادي ڪر ڇڏ.”
“ائين مون کان ڪونه ٿيندو.”
“پوءِ ڇا ڪندين؟”
“آئون تنهنجي آسري تي، تنهنجي ڀروسي تي پنهنجو گهر ڇڏي آيو آهيان.”
“ڇا؟”
“آئون توسان گڏ رهڻ چاهيان ٿو.”
“ڇا؟”
“آئون تو سان گڏ رهڻ چاهيان ٿو. ڀلي ڪهڙيون به حالتون هجن. ڀلي ڪهڙيون به قيامتون اسان تان گذرن. منهنجو توسان سر لڳي. آئون سڀني کان اڳيان ٿي ڪمائيندس ۽ جيڪو رٻ پاڻي ڪمائي آڻيندس، سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ بچيو ته کائيندس. نه، ته به ٻڙڪ ٻاهر ڪونه ڪڍندس. اِهو منهنجو قول آهي توسان! تون رڳو پنهنجن مائٽن کي سمجهائي ته هو امان جي رويي جي سزا مونکي نه ڏين. آئون انهن کي ڇڏي آيو آهيان. آئون وري اوڏانهن ڪونه ويندس، آئون وري اوڏانهن ڪونه ويندس.”
“ڇا؟؟؟”
“ڪالهه کان آئون ڏسان پيو ته تنهنجا مائٽ مون کي گهڻو مُنهن ڪونه پيا ڏين. جهڙوڪر اسان جي وچ ۾ اوپرائپ جو صحرا پکڙيو پيو آهي. تون پنهنجي مائٽن کي سمجهائي ته هو مونکي پنهنجو ڪن. هاڻي اِهي ئي منهنجا مائٽ آهن سوڍي!” ڪجهه دير ساهيءَ کان پوءِ وري چيائين:
“جي تنهنجي مائٽن مونکي پنهنجو نه ڪيو، ته به، آئون وري واپس ڪونه ويندس. هتي ئي، تنهنجي مانڌان پاڻ ئي پاڻ کي ماري ڇڏيندس. اِهو منهنجو وچن آهي تو سان. اِها منهنجي مڙساڻي زبان آهي توسان. ۽مرد جي زبان هڪڙي هوندي آهي.” ايئن چئي سنگهارَ نماڻان نيڻ کڻي سوڍيءَ ڏانهن نهاريو، جيڪا مسلسل کيس حيرت ۽ اچرج مان تڪي رهي هئي.
۽ هوءَ سوڍي، جنهن پهرين سنگهارَ جي بيوسي ۽ ڪانئرتا تي پڇتاءُ جا ڳوڙها پئي ڳاڙيا. پنهنجي پسند جي بي همتيءَ تي هنجون پئي هاريون. ۽ پنهنجي پاڻ کي اڪيلائيءَ جي احساس جي آرا مشين سان ڳترا ڳترا ٿيندو پئي محسوس ڪيو. تنهن سوڍيءَ جي ملوڪڙن چپڙن تي مُرڪن جون ڊيلون ٽِلڻ لڳيون. هن جي اندر جي آڳرتي مور نچڻ لڳا. هن جي اکين جي ايوانن ۾ گلاب جا گل ٽِڙڻ لڳا ۽ هُن، سوڍيءَ ويجهو ٿي سنگهار جو هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ سوگهو جهليو.
(6 نومبر 2011ع)
*