8. عشق جا ابابيل
“...”
“پي پي... پي پي...”
“....”
“پي پي... پي پي پي پي... پي پي ...”
“...”
مون ٽيون ڀيرو موٽر سائيڪل جو هارن نسبتاً لاڳيتو وڄايو، پر تڏهن به هُن مون ڏانهن ڪو توجهه ڪونه ڏنو. آئون ڏاڍو پريشان ٿيس. پرائي مائي! سا به نوجوان ڇوڪري!! اُن سان گڏ هيءَ حقيقت به سورنهن آنا سچ ته هِن ڳوٺ ۾ رهندڙ برادريءَ جا ماڻهو ويڙهاڪ ۽ جهڳڙالو. جهيڙي لاءِ هر وقت تيار. بس رڳو ڪو معمولي بهانو ملي وڃي. پوءِ ته ننڍا وڏا، پوڙها پڪا، ٻار ٻچا، رنين آهرين، سڀ ڪو مرڻ مارڻ لاءِ اصل تيار. هاڻ ڇا ڪريان!؟
هُوءَ سندن ڳوٺ کان فرلانگ کن پري لنگهندڙ پڪي لنڪ روڊ جي پاسي کان ٻارڻ لاءِ ڄار جون ڪاٺيون ڪهاڙيءَ سان وڍي روڊ جي ڀرسان ڇڏيندي پئي ويئي. هيءُ ڳوٺ ٻهراڙيءَ جي اڪثر بدحال ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ گهڻو خوشحال ڳوٺ هو ۽ منجهس اڪثر پڙهيل ماڻهو به رهن ٿا. پر پوءِ به سندن عورتون ٻنيءَ ٻاري جي ڪم سان گڏ مال ڍور جو ڪم ڪار ۽ ڪاٺي ڦانگو هٿ ڪرڻ ۾ رڌل هونديون هيون. جانورن جي علاج جي بهاني سان منهنجو اڪثر هن ڳوٺ ۾ به اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو.
جيڏي مهل آئون اتي پهتو هوس، تيڏي مهل روڊ سڄو بلاڪ ٿيو پيو هو ۽ ڪٿان به موٽر سائيڪل جي مٽڻ جي جاءِ ڪانه هئي. لاچار مون کي موٽر سائيڪل جهلي بيهڻو پئجي ويو.
هاڻ ڇا ڪجي؟
آئون وٽرنري ڊاڪٽر آهيان. تڏهن هڪ ننڍي شهر جي جانورن جي اسپتال ۾ سرڪاري ڊيوٽي ڪندو هوس. مون کي هن اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندي ڇهه سال ٿي ويا هئا. تنهنڪري آس پاس جي اٺن ڏهن ميلن اندر رهندڙ تقريباً سڀني ڳوٺن جي ماڻهن سان چڱا خاصا واسطا ٿي ويا هئا. ان ڏينهن به اسپتال ۾ ويٺو هوس جو ٽي ميل کن اڳيان هن روڊ جي ڇيڙي تي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ ڀاڳئي فون ڪئي هئي ته سندس مينهن جي ويم جو ڪيس ٿورو مُنجهي پيو آهي، سو مهرباني ڪري اچي ڏس. اوڏيءَ مهل آئون اوڏانهن وڃي رهيو هوس. پري کان ڏٺم ته ڪا مائي ڪاٺيون وڍي رستي جي پاسي تي اڇلائيندي پئي ويئي. سو مون پري کان ئي هارن وڄائڻ شروع ڪيو. مائيءَ مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ جيستائين آئون اُن تائين پهچان، پاڻ تڪڙو تڪڙو ڪاٺيون اڇلي سڄو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيائين. يعني بنا ڪنهن شڪ گمان جي، هيئن چئي سگهجي ٿو ته هُن مونکي سڃاڻي پوءِ ڄاڻي واڻي روڊ بند ڪيو هو. ۽ هاڻي باوجود هارن وڄائڻ جي، مون ڏانهن ڪو توجهه ئي ڪونه ٿي ڏنائين. هيءُ رستو به ڪو هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن ويندڙ مصروف روڊ ڪونه هو. هيءُ رستو هڪ لنڪ روڊ هو جيڪو عام پڪي رستي کان چار ميل پري هڪ وڏي ڳوٺ تائين ويندڙ ٻهراڙيءَ جو رستو هو. جنهن تان ڪنهن ڪنهن وقت ڪا موٽر سائيڪل، ڪا رخشا يا ڪا سوزوڪي وين مٽي ٿي، نه ته ٻيو مڙيئي ٿيو خير. ڏينهن جا 11 ٿيا هئا ۽ فيبروريءَ جو ٻيو هفتو ختم ٿيڻ وارو هو.
مائيءَ سان ڳالهائي جهيڙي جي رِسِڪِ کڻڻ پنهنجي جاءِ تي، پر هيئن ٺلهو پرائي مائيءَ جي پاسي ۾ بيهڻ به ته خطري کان خالي ڪونه هو. تنهنڪري، ماٺ ڪري واپس وري پوئتي وڃڻ کان بهتر سمجهيم ته مائيءَ سان ڳالهائجي. پوءِ جيئن ٿيندو، تنهن کي مُنهن ڏبو.
آئون انهيءَ لنڪ روڊ تان اڪثر پيو ايندو ويندو هوس. ڇو ته چئن ميلن جي انهيءَ لنڪ روڊ تي ۽ انهيءَ لنڪ روڊ مان نڪرندڙ گاڏا واٽن تي ڳچ جيترا ڳوٺ هئا، جن جا رهندڙ ڀاڳيا منهنجا گراهڪ هئا ۽ جيئن ته گهڻا غريب ۽ هاري طبقي سان واسطو رکندڙ هئا. تنهنڪري منجهن گهڻو ڪري پردي جي پابندي ڪانه هئي. اڪثر ماين کي سندن ڪرت وهير، لاباري، مال چارڻ يا ڪاٺيون ڪرڻ دوران گسان پنڌان پيو ڏسندو هوس. سو مون کي لڳو ته هيءَ نوجوان ڇوڪري به هن کان اڳ ۾ ٻه ٽي ڀيرا منهنجي ڏٺل هئي ۽ اِهو به ته هڪ ڀيرو هِن ڇوڪريءَ مون ۾ گهوري نهاريو به هو. اُن بنياد تي ٿورو مطمئن ٿيس ته هيءَ منهنجي رستا روڪ هُن ڄاڻي واڻي ڪئي آهي. تنهنڪري جهيڙي جا امڪان گهٽ هئا. سو ٿورو کنگهڪار ڪري، گلو صاف ڪري چيم:
“هاڻ ڀلا رستو کول ته هيءُ غريب ماڻهو لنگهي وڃي. الاجي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پيئي وڃي!”
“جي رستو نه کوليان ته ڇا ڪندين؟” داٻو ڏيندي چيائين، پر مون ڏانهن نهاريائين ڪونه.
“ته پوءِ هيڏانهن نهار ته بيٺو تنهنجي منهن ۾ نهاريان. ٻيو ڀلا آئون توکي ڇا ڪندس!”
“اڳي ڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪونه ڏٺي اٿئي ڇا؟”
“ها، پر اڄ ڍؤ ڪري تنهنجو منهن ڏسان.” سندس نرم پوندڙ لهجي جي ڪري منهنجي همت وڌي ويئي.
“ڍؤ ڪري ڏسڻ وارن جو ته ٺهيو، پر رڳو اک کڻي نهارڻ وارن جو حشر ڳوٺ وارا ڪهڙو ڪندا آهن، سا خبر اٿئي؟” وري داٻو ڏنائين.
“توکي جيڪو وڻي سو ڀلي ڪر، باقي ٻين هٿان بي عزتو نه ڪرائجانءِ.”
“ڇو، ٻين هٿان ڇو نه؟”
“ڇو ته مون کي ڏسي پوءِ تو پاڻ ڄاڻي واڻي رستو بند ڪيو آهي. اِن ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي جو ٻين هٿان بي عزت ڪرائين.”
لاجواب ٿي ويئي. پوءِ ڪجهه پل ترسي چيائين: “ته چئبو ته اِها ڳالهه آهي.” ائين چئي منهن مون طرف ڪري مون ڏانهن نهارڻ لڳي.
اوڏي مهل نه رستي تان ڪو ايندڙ ويندڙ ماڻهو نظر ٿي آيو ۽ نه ئي ڪير آس پاس ۾ ٻنين تي موجود هو. پريان، گهڻو پريان ٻنين ۾ مال پئي چريو. پر انهن جا دراڙ به اسان کان گهڻو پري هئا. سو ٿورو ڊپ هلڪو ٿيو ۽ منهنجي دلچسپي به وڌڻ لڳي.
“واهه! سبحان الله. واقعي ٺاهڻ واري توکي خوب ٺاهيو آهي.” مون سندس تعريف جا ڍُڪ ڀريا. پر پاڻ مون کي نظرانداز ڪري پڇيائين:
“ٻڌو آهيم ته مال جو ڊاڪٽر آهين. سو رڳو ڍورن جو علاج ڪندو آهين يا ماڻهن جو به ڪندو آهين؟”
“الاجي اِهو وري ڪهڙو مريض آهي، جيڪو مون کان ٿو علاج ڪرائي؟” حيران ٿيندي پڇيومانس.
“حال هڪيو ته آئون آهيان. منهنجو علاج ڪر.” ڏاڍو قربائتو ماڻو ڪندي چيائين.
“اڇا! ته اِها ڳالهه آهي، هاڻ ڳالهه ٻڌ. هونئن ته علاج لاءِ اسپتال اچڻو پوندو آهي. پر تو سان خاص رعايت ٿو ڪريان. تون هتي ئي ٻڌائي ته توکي ڇا ٿو ٿئي؟”
مون سندس سراپا تي نظر وڌي. پگهر ۾ شل هئي. ڄار جو هڪڙو ننڍڙو سائو پن سندس پگهر هاڻيءَ مِٽَ تي چِپِڙيو پيو هو. ڪهاڙي سندس هٿ ۾ هئي. ڄارين مان اٿندڙ دَزَ سندس اڌ اگهاڙين ٻانهن، مٿي ۽ مُنهن تي نمايان پئي ڏسڻ ۾ آئي. سوير کان ڪاٺيون وڍڻ جي ڪري هوءَ ساهه ۾ ڀرجي ويئي هئي ۽ هاڻي مس مس وڃي سندس ساهه سانتيڪو ٿيو هو. سندس جسم تي اوچي پرنٽ لان جو شهري فيشن وارو وڳو پاتل هو ۽ پوتي مٿي تي اوڍيل هجڻ بدران سندس ڳچيءَ ۾ پيل هئي. سندس نرڙ تي پگهر جون بوندون لاڳيتيون ظاهر ٿي رهيون هيون. هُن پنهنجون اکيون منهنجي اکين سان اٽڪائي ڇڏيون. سندس اکين ۾ هڪ نرالو جهان آباد هو. جنهن ۾ پيار جي پَلَرَ جي پالوٽ ٿي رهي هئي. جنهن ۾ ترنگ جا تاڙا تنواري رهيا هئا. جنهن ۾ محبت جي مستي مخمور ٿي رهي هئي. جنهن ۾ عشق جا ابابيل اڏري رهيا هئا ۽ جنهن ۾ عابده پروين “مين يار دي گهڙولي ڀردي” ڳائي رهي هئي.
“جي اِهو به آئون ٻڌايان ته مونکي ڇا ٿو ٿئي ته پوءِ ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ضرورت ڪهڙي؟ پوءِ ته سڌو سنئون ميڊيڪل اسٽور تي وڃي چئجي ته مون کي فلاڻي درد جي دوا ڏي. ايتري ته انهن کي به خبر آهي ته مٿي جو سور پونسٽان گوريءَ سان گهٽجي سگهي ٿو. پوءِ هي اسپتالون ڇو ٺهيون آهن؟ ڊاڪٽر ڇا جي لاءِ ٿيا آهن؟”
حال هڪيو ته منهنجا به تاڪ لڳي ويا. پر ڌڪ پچائي، ڳيتون ڏيئي چيم:
“اُهي اڳوڻي زماني جا ڏاها ۽ ڄاڻو حڪيم هئا جيڪي ماڻهوءَ کي پري کان ايندو ڏسي ٻڌائي سگهندا هئا ته توکي ڪهڙو درد آهي. هاڻي جيڪي ڊاڪٽر ڪاپي ڪري امتحان پاس ڪن ٿا، يا جيڪي استادن کان گن پوائنٽ تي مارڪون وٺن ٿا يا جيڪي پئسن تي ڊگريون حاصل ڪن ٿا، تِنِ، اسان جهڙن ڊاڪٽرن کي ڪهڙي سڌ سور جي! اسين جيڪي لئيءَ مان لٺ ڀڃي ڊاڪٽر ٿيا آهيون، سي ڇا ڄاڻون ته ڪنهن جي دل، ڪنهن جي اوسيئڙي ۾، ڪيئن رستا روڪ ڪريو، گس بند ڪريو، ڳوڙهن جا ڪبوتر پئي اڏائيندي آهي ته ڪڏهن ٿا پرديسي پرين هن واٽ تان واهرو ڪن... اسين ته ڌُڪڙيا ڊاڪٽر آهيون. سو جي ڌُڪو لڳو ته واهه واهه. جي نه لڳو ته ڏوهه وري به مريض جو ڪنداسين ته ‘اسان ته توکي چيو هو ته گوريون پاڻيءَ سان وٺجانءِ، تو کير سان ڇو ورتيون. پوءِ فاعدو ڪيئن ٿيندو!’“
پهريون ڀيرو مُرڪ سندس سڻڀن چپن تي “ڏانڍيو راند” کيڏڻ لڳي. ساڄي هٿ سان پنهنجي نرڙ تي گڏ ٿيل پگهر اگهيائين. تِهائين وڌيڪ گهُوري منهنجي اکين ۾ نهاريائين، ۽ لاڳيتو پئي نهاريائين. مرڪَ جي ڏانڍيو راند جاري هئي. آئون پڻ سندس گهُور جي سحر ۾ گهائجي سُن ٿي ويس...
ڪي ساعتون... الاجي ڪيتريون ساعتون، يا صديون گذري ويون. زمان ۽ مڪان مٽجي ويا. وايومندل تبديل ٿي ويو. رُتيون اينديون وينديون رهيون. سانوڻن جا اوهيرا وسندا رهيا. سيارن جا پارا پوندا رهيا. ڪڏهن ڪنول ٿي ٽڙيا ته ڪڏهن موتيا ٿي مهڪيا. ڪڏهن سرنهن پيلا گل ٿي جهليا ته ڪڏهن سارين جي سائي چادر ڌرتيءَ تي وڇائجي ٿي ويئي. ۽ آئون انهن زمانن ۽ مڪانن کي لتاڙي وڃي ٽنڊو ڄام جي زرعي يونيورسٽيءَ جي وٽرنري فيڪلٽيءَ ۾ پهتس، جتي منهنجي تعليم جاري هئي. ان عرصي دوران، هڪ ڏينهن جڏهن ڪالوني اسٽاپ تان بس ۾ چڙهي حيدرآباد ٿي ويس، تڏهن مون سان گڏ بس ۾ چڙهندڙ ٻين پيسينجرن سان گڏ “مهڪ” به چڙهي هئي. هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ مقرر ڪنهن پروفيسر جي ڌيءَ هئي. اُن ڏينهن اسان جي اکين پاڻ ۾ نينهن جا ناتا جوڙيا هئا. جيڪي پوءِ پاڻ ۾ جُڙندا ئي ويا. پختن پيچن ۾ تبديل ٿيندا ويا. واعدا اقرار ٿيندا رهيا. گڏجي جيئڻ مرڻ جا قول اقرار ٿيندا رهيا. منهنجي تعليم مڪمل ٿي. قسمت سان ڊيوٽي به ملي ويئي. پوءِ جڏهن منهنجي طرفان مهڪ جي مائٽن ڏانهن پرڻي جو پروپوزل پهتو، تڏهن پراڻي ۽ دقيانوسي سوچ موجب، اسان جي وچ ۾ Living Standard جي فرق کي سبب ڄاڻائي مون کان مهڪ کي هميشه لاءِ ڌار ڪيو ويو. اهو سوچي ته متان نه مهڪ ڪو انتهائي قدم کڻي، سندس مائٽن هڪ مهيني اندر ئي، اتي رهندڙ ٻئي پروفيسر جي آفيسر پٽ سان کيس پرڻائي ڇڏيو هو...!
مون کي خيالن ۾ کوئجي ويل ڏسي چيائين “ڍورن جا ڊاڪٽر، تنهنجو ڌُڪو اڄ لڳي ويو. الاهي، الاهي ڏينهن کان، جڏهن کان ڪنهن، ڪنهن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو، تڏهن کان سڄيون راتيون هورا کورا جي ور چڙهيو وڃن. ننڊ ڪانه ٿي اچي. ڀلا ٻڌائي انهيءَ بيماريءَ جو علاج ڪهڙو آهي؟” موهيندڙ مرڪ اڃا به سندس چپن تي وڙڪي رهي هئي.
“اِها بيماري ڪا عام بيماري ڪانهي. انهيءَ وچڙندڙ بيماريءَ جا جيوڙا تڏهن کان هلندا پيا اچن جڏهن کان انسان وجود ۾ آيو آهي. انهيءَ بيماريءَ جي علاج ۽ ٽيسٽن لاءِ لاڳيتو سوچڻو پوندو. هونئن بيمار جو نالو ڇا آهي ۽ ڌيءَ ڪنهن جي آهي؟”
“نالو نه ٻڌايان ته!” دلربائيءَ سان ڏاڍو پيارو ماڻو ڪيائين.
“سڃاڻپ جي ڪتاب ۾ داخلا ته نالي سان ئي ٿيندي آهي نه. باقي هونئن دل جي دفتر ۾ تنهنجا نيڻ نقشا ائين چٽجي ويا آهن، جيئن ٺٽي واري بادشاهي مسجد جي چٽسالي، جيڪا صديون گذرڻ کانپوءِ به جيئن جو تيئن نئين نڪور آهي.”
“نيڻ تارا... (پهريون ڀيرو کِلَ جي جهِرڻي ڇِڻڪاٽ ڪيو)... نيڻ تارا ڌيءَ طارق علي...” شرمائجي نگاهه نيچي ڪري ڇڏيائين.
“جهڙي صورت سبحان، تهڙو پؤتر ۽ پيارو نالو. واهه، سبحان الله...”
پريان کان ايندڙ سوزوڪيءَ جي گوڙ ٻڌڻ سان اسان جا ڪن کڙا ٿيا. نيڻ تارا رستي تان ڄارين جا ڍنگهر هٽائڻ لڳي ۽ آئون گس آجو ٿيندي ئي روانو ٿي ويس. ويندي ويندي چيم: “آئون سڀاڻي ساڳئي ٽائيم تي وري ايندس.”
۽ اُها رات، مون سڄي رات جاڳي گذاري هئي. اوسيئڙي جي عذابن جي ٽانڊن تي هلندي نه، وڇوڙي جي ڪاريهرن هٿان ڏنگنجندي نه پر، نيڻ تارا جي هن نموني ۾ پيار جي آڇ جي سرور ۾ مخمور ٿيندي. سندس مرڪ جي سحر ۾ وهلور ويندي. سندس سراپا جي حسن جي حسين وادين ۾ سير ڪندي ۽ سندس بيباڪي، برجستائي ۽ بي ڊپائيءَ واري قدم جو قدر ڪندي سڄي رات خوشيءَ ۾ ٽڙندو رهيس. ايئن صبح ٿي ويو، پر نه ٿڪ محسوس ڪيم ۽ نه اوجاڳو.
ڪلهوڪي ڳوٺ ۾ اڄ وري وڃڻ جو بهانو ڪلهه ئي ٺاهي آيو هوس سو تقريباً ڪلهوڪي ٽائيم تي موٽر سائيڪل کڻي روانو ٿي ويس. نيڻ تارا اڄ به ساڳئي هنڌ تي بيٺي ڪاٺيون وڍيون. پر اڄ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي هئائين. ۽ مون به بنا هارن وڄائڻ جي موٽر سائيڪل آهستي آهستي آڻي سندس پاسي ۾ جهليو. هيڏانهن هوڏانهن لؤنڻا ڦيرايم پر اڄ به آس پاس ۾ ڪير به موجود ڪونه هو.
“اڄ ته گس کليو پيو آهي، پوءِ ڇو بيهي رهيو آهين؟” منهنجي منهن ۾ نهاري مُرڪي چيائين.
“پهرين تون ٻڌائي، ڪلهه تو منهنجو گس ڇو بند ڪيو هو؟” مون به مرڪندي پڇيو.
“الاجي. مون کي خبر ڪانهي.” شرمائيندي اکيون پوري وري کوليائين ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين.
“الله سائين، تنهنجي قدرت ڪيڏي نه حسين آهي.” سندس شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪرڻ مون کي ايڏو ته وڻيو جو بي اختيار منهنجي اندر مان دانهن نڪري ويئي.
نيڻ تارا آهستي آهستي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ سندس نيڻن جا تارا هڪ هنڌ بيهي هڪ ٽِڪَ مون کي تڪي رهيا هئا. سندس نهارَ ۾ الاجي ڪهڙا ڪهڙا سنيها هئا، نياپا هئا، پيغام هئا، التجائون هيون، ارمان هئا ۽ الاجي ڇا ڇا هو. نيڻ تارا لاڳيتو مون ڏي نهاريندي رهي. چوڻ لاءِ سندس چپ ڦڙڪي رهيا هئا، پر ڪجهه چئي ڪونه پئي سگهيا. هوءَ ڏاڍي ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي. مون هُن جي، ٻهراڙيءَ جي حجاب کي پروڙي ورتو هو. اهڙن موقعن تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري هندي فلمن وانگر پنهنجي چاهت جو کلي عام ۽ وڏي واڪي اظهار ته نٿي ڪري سگهي نه. هُن لاءِ ته، ڪلهوڪو عمل ۽ اڄ وري اچڻ ئي سندس اٿاهه پيار جو اظهار هو. سو مون سندس جذبن جي ترجماني ڪندي چيو:
“نيڻ تارا، آئون... آئون تنهنجي هن پيار جي پالوٽ جو دل سان قدر ڪريان ٿو. آئون به توسان واعدو ٿو ڪريان ته ڪڏهن به توسان ڪچي ڪانه ڪندس. نيڻ تارا... نيڻ تارا... سچ پچ ته مون کي اُهي لفظ ئي نٿا هٿ اچن، جن سان آئون پنهنجي پيار جو اظهار ڪري سگهان. آئون توکي ڪيئن ٻڌايان ته پنهنجي پيار جي پهرين رات، راتَ مون ڪيئن آسمان ۾ اڏامندي گذاري آهي. تنهنجن داٻن، تنهنجي يادن، تنهنجي ماڻن ۽ تنهنجي مُرڪن جا جهول ڀري سڄي رات سرور ۽ خمار ۾ مون اکين ۾ ويهي وهائي ڇڏي آهي. ۽... ۽...”
“هاڻ ٺهيو ٺهيو...” مون کي اڌ ۾ ڪاٽي وري پنهنجي مُنهن سندن برادريءَ ۾ ڳالهائجندڙ لهجي ۾ چيائين “الائي ڪُرو ڪُرو ٻولي تو. مون ڪي ته ڪِي نائين سمجهه ۾ اچي تو رِيو.” (الاجي ڇا ڇا پيو چوي. مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي.)
“نيڻ تارا... پيار جو اظهار لفظن جي معنيٰ جو محتاج ڪونه هوندو آهي. پيار جون نديون ته نيڻن جي تارن مان ڦٽي نڪرنديون آهن. پيار جا چشما چهري جي ڀاونائن مان اُڀڪي نڪرندا آهن. ۽ نيڻ تارا... تنهنجي طرفان پيار جي واديءَ ڏانهن وڌايل وک ۾ هر قدم تي تنهنجو ساٿ ڏيندس. اهو منهنجو توسان وچن آهي.”
“ڍورن جا ڊاڪٽر، نه ايڏيون وڏيون دعوائون ڪر ۽ نه ئي ايڏي وڏي خوشفهميءَ ۾ وهلورجي وڃ. اسين ماڻهو ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ رهيا پيا آهيون. منهنجي برادريءَ جا ماڻهو ڏاڍا ڏِنگا آهن. نه رڳو منهنجي برادري جا ماڻهو، پر هر ماڻهو، هر پيار جو دعويدار ماڻهو ئي پيار جو وڏو ويري آهي. جيڪا شيءِ هُو پنهنجي لاءِ جائز قرار ڏي ٿو، سائي شيءِ پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ ناجائز، ڪفر ۽ ممنوع قرار ڏي ٿو. تنهنڪري اسين ماڻهو، جيڪي ريتن، رسمن، دين ۽ ڌرمن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هوندا آهيون، جوش ۽ جنون ۾ جڪڙيل هوندا آهيون، سي ايڏيون وڏيون دعوائون ڪٿي پاري سگهنداسين. سڀاڻي ايئن نه ٿئي جو پنهنجي ڪيل قولن جي ٻولن ۾ ٻڌجي پنهنجون زندگون زهر بنائي ويهي رهون. پنهنجو جيئڻ روڳ بنائي ويهي رهون. تنهنڪري آئون ڊڄان ٿي ايڏي وڏي هام هڻڻ کان.”
“ايڏين وڏين حقيقتن جي ڄاڻ هوندي به ته تو پيار جي پيچري تي پهرين وک کنئي آهي. ڇا اِها همت گهٽ آهي؟ ڇا اِن کان وڌيڪ به ڪا دليري ٿي سگهي ٿي؟ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ته ننڍڙو ٻار به نانگ ۾ هٿ وجهي سگهي ٿو. پر جيڪو ڄاڻي ٻجهي به، ته نانگ زهريلو جيوَ آهي ۽ سندس ڪکيل مري به سگهي ٿو. پوءِ به ان کي جهلي ٿو ته اهو ئي دلير چئبو نه! سو جي تون سچ پچ ڊڄين ها ته ڪلهه منهنجو رستو ڪونه روڪين ها.”
“اُها ته مڙيئي مون دل لڳي ٿي ڪئي. اهڙيون شرارتون ته اسين ڳوٺ جون ڇوريون گڏجي سڏجي ڪنهن آلي ڀولي ڇوري ڇنڀ سان ڪنديون آهيون ۽ پوءِ هُو پيو خوار ٿيندو آهي.” هن کلندي چيو.
“جي ائين هو ته پوءِ تون اڄ ڇو آئي آهين؟” مون سندس اکين ۾ نهاريندي چيو.
“الاجي ڇو آئي آهيان. مون کي ڪهڙي خبر؟” هُن جي ماڻي سان منهنجي دل ٺري پيئي. هوءَ به منهنجي اکين ۾ نهارڻ لڳي. سندس اکين ۾ هڪ حسين ڪائنات وسيل ۽ آباد هئي. چيائين:
“ها سچي، آئون ته ڪاٺيون ڪرڻ آئي آهيان.” هُن ڪنڌ ڦيري ٻئي پاسي ڪندي چيو.
“هيڏانهن نهار.” چيم. هُن مون ڏانهن نهاريو.
“منهنجي اکين ۾ نهار.” هُن منهنجي اکين ۾ نهاريو.
“هاڻ چئو ته ڪلهه تو مون سان مذاق ڪيو هو ۽ اڄ تون رڳو ڪاٺيون وڍڻ آئي آهين. منهنجي لاءِ ڪونه آئي آهين.” چيم.
“اون... هون...” هن پنهنجي اکين تي هٿ رکي ڇڏيا ۽ ڳالهه لنوائڻ لڳي.
“چڱو، ٺيڪ آهي. جي تو سچي پچي مذاق ٿي ڪيو ته پوءِ آئون هلان ٿو.” ڏٺم ته ڦٿڪي پيئي. هڪدم اکين تان هٿ لاهي، سنجيده ٿي ويئي. هڪدم وڌي اچي موٽر سائيڪل جي بنهه اڳيان بيٺي. سندس چپ ٻيهر ڦڙڪڻ لڳا، پر هوءَ ڪجهه چئي ڪانه سگهي. اُڻ تُڻ ۽ هورا کورا سندس اکين مان جهاتيون پائڻ لڳي. پوءِ هڪ ڀرپور نگاهه مون تي وڌائين ۽ چيائين:
“ائين ته ڏکيو ٿي وڃڻ ڏيانءِ.”
“پوءِ ڀلا هيئن، سرعام رستي تي گهڻي دير بيهي سگهجي ٿو؟” پڇيومانس. “پنهنجو هيءُ عمل ته ڪيڏي مهل به خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.” مون ڳڻتي ظاهر ڪئي.
“ها، ايئن ته آهي. واقعي رستي تي بيهي ڪچهري ڪرڻ، گهڻو وقت پاڻ کي ڦٻي ڪونه سگهندو.” پاڻ به فڪرمند ٿي ويئي.
“پوءِ ڇا ڪجي؟” پڇيومانس.
“الاجي. مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي،” چيائين. “تون ئي ڪو گس ڳول.”
“ٺيڪ آهي. آئون به سوچيان ٿو ۽ تون به سوچ. وري ايندڙ آچر تي هن ٽائيم تي هتان لنگهندس. پوءِ حالي احوالي ٿينداسين، ٺيڪ، پوءِ آئون هاڻ هلان.”
“دل ته نه ٿي چئي.” قربان قربان ٿيندي چيائين.
“ڪڏهن ڪڏهن دل کي مڃائبو به آهي.”
“۽ ڪڏهن ڪڏهن دل بنهه بي چئي ٿي پوندي آهي.” شرمائيندي چيائين.
“ٿورو ويجهو ٿي.” چيومانس. هوءَ ٻه قدم کڻي مون کي ويجهو ٿي.
ٻانهن کان جهلي، ڇڪي اڃا به ويجهو ڪيو مانس.
“اونهون... اونهون...” ڦٿڙاٽيائين. پر ٻئي لمحي پاڻ ارپي منهنجي ٻانهن جي جهولي ۾ جهُلي پيئي.
مون موٽر سائيڪل کي ڪڪ هنئي ۽ هُوءَ سندس پوتيءَ سان پنهنجي مِٽَ اگهڻ لڳي.
آئون طارق عليءَ کي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
هُو ٺيڪيدار به هو. ٿورڙي زمين هُيس. ٻه ٽي ڍور به هئس. ۽ آئون ڍورن جو ئي سهي، پر ڊاڪٽر هوس. اسان جي زندگيءَ جو معيار تقريباً ساڳيو هو. پر مون ڏٺو ته هو برادريءَ جي ريتن رسمن ۾ حد کان وڌيڪ جڪڙيل هو. نه رڳو جڪڙيل هو، پر انهن ريتن رسمن جو پابند هجڻ سان گڏ انهن جو وڪيل پڻ هو. مشرقي معاشري جي تمام وڏي اڪثريت جي مردن وانگر هِن جي سوچ به اِهائي هئي ته آئون جيڪي به ناجائزيون ڪريان، سي ڀلي ڪريان، پر ٻيو ڪير به ايئن نه ڪري جيئن پاڻ ٿو ڪري.
اسان جا تعلقات وڌندا رهيا. هُو اڪثر منهنجي اسپتال تي ايندو هو. جي شام جو ايندو هو ته وري اسپتال جي پاسي ۾ ئي مسواڙ تي ورتل منهنجي رهڻ واري ننڍڙي جاءِ ۾ ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. هتي آئون اڪيلو رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن، ڪن خاص موقعن تي هُو مون کي سڏي سندس ڳوٺ وٺي ويندو هو، يا ڳوٺ جي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ڍور ڍڳي جي علاج لاءِ سندس ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو ته نياپو ڪري کيس گهرائيندو هوس. موجود هوندو هو ته ملندا هئاسين. ڪچهري ڪندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ماني به گڏجي کائڻ لاءِ زور ڀريندو هو. جڏهن اهڙو موقعو ملندو هو، تڏهن آئون محسوس ڪندو هوس ته ماني تيار ڪرڻ ۾، ٿانون ٿپن جي صفائيءَ ۾ ۽ سلاد جي سجاوٽ ۾ ٿيل خاص اهتمام نمايان ڏسڻ ۾ پيو ايندو هو. يا اِها منهنجي خوش فهمي هئي ۽ رڳو مون کي ئي “پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي، ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري،” وانگر کاڌي جي هر شيءِ مان نيڻ تارا جي هٿن جي خوشبوءَ پئي ايندي هئي.
جڏهن مون سمجهيو ته هاڻي اسان جا تعلقات اُن خاص مقام تي پهچي چڪا آهن، جتي آئون پنهنجي دل جي منشا طارق عليءَ اڳيان رکي سگهان ٿو. تڏهن مون هڪ ٽياڪڙ دوست جي معرفت نيڻ تارا جي گهُر لاءِ طارق عليءَ جا ڪن کڻايا.
پوءِ ڇا هو؟ هڪڙو طوفان برپا ٿي ويو. ٽياڪڙ دوست جو اهڙو حشر ڪيائون جو هُو ٻه مهينا اسپتال داخل هو. مونکي رات وچ ۾ شهر خالي ڪري ڀڄڻو پيو. مون واري مسواڙي جاءِ کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو.ا سپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري در دريون، فرنيچر وغيره تباهه ڪيو ويو. نه رڳو طارق علي پر سڄي ڳوٺ جا ماڻهو، ماڻهوءَ بوءُ ماڻهوءَ بوءُ ڪندا شهر ۾ منهجي ڳولا ڪندا رهيا. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو آئون ڪنهن دوست طرفان اطلاع ملڻ تي فقط ڏهه منٽ اڳ ۾ شهر ڇڏي چڪو هوس.
پوءِ مون کي خبر پئي ته جڏهن نيڻ تارا تي وحشياڻي تشدد جي انتها ٿي ويئي ۽ هُوءَ وڌيڪ اذيتون سهي نه سگهي، تڏهن هڪ رات هُن پنکي ۾ رسو ٻڌي پاڻ کي ڦاهو ڏيئي ڇڏيو هو... نيڻ تارا جو ساٿ نه ڏيئي سگهڻ جو پڇتاءُ اڃا تائين منهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي.
(13-فيبروري 2012ع)
*