6. ڌرتيءَ جي ڌڃاڻي
توڙي جو گهر اڳيان بيٺل آمريءَ جي گهاٽي وڻ تي ويٺل “دوهانٽي” پکي به پِرههَ ويلي جون لاتيون لنوي رهيو هو، ته ڪيڏي مهل، ڪٿان، ڪا ڳيري جي گهوگهوتو... گهوگهوتو... به ٻڌڻ ۾ پئي آهي. ۽ پڻ ڪٻرن جي چُرمُر چُرمُر جا ڇڻانٽن جهڙا آواز به ٻڌڻ ۾ پئي آيا. پر رات جو انڌيرو اڃا پڇاڙڪيون ڇڙيون هڻي رهيو هو. نومبر جا شروعاتي ڏينهن هئا. چيٽ پوکجي رهيا هئا. لاڙ جون ماڪ هاڻيون راتيون ٿڌيون ته ڏينهن نسبتاً گرم هئا. سياري جي اچڻ جون تياريون زور شور سان جاري هيون. ڏينهن ننڍا ٿيندا پئي ويا ته راتيون وڏيون پئي ٿيون. اُن ويل به ماحول ۾ سيانڊڙو ڇانيل هو. ماڻهوءَ کي رَليءَ جي اوڇڻ ڏاڍو مزو پئي ڏنو. عام حالتن ۾ اُهو اهڙو ٽاڻو هوندو آهي جو ماڻهو ڀانئي ته ڪَرَ ستو ئي پيو هجي... ڏينهن جي جهنجهٽ کان آزاد، پوئين رات جي خوابن ۾ محسور! مٺي ننڊ!! ڪيڏو نه سڪون هوندو آهي اُن ننڊ ۾!
پر اُن ڏينهن سهائي جاڳي پيئي هئي اوڏيءَ مهل.
هونئن به سهائيءَ ان رات ننڊ ڪهڙي ڪئي هئي!؟ اُن ڏينهن شام کان ئي گهر جي ماحول ۾ هڪ قسم جي ڇڪتاڻ ۽ هڪڙو تناؤ جو موجود هو! ڪٿان گاجي خان جو نياپو پهتو هو ۽ ڪٿان گهرجي ماڻهن ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي هئي. ڪشيدگي ته نه، البت فڪرمندي ٿي هئي.
قادر بخش کي ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون هُيون. وڏو پٽ نُورَل ۽ وڏي ڌيءَ مُرادان جڏهن پيدا ٿيا هئا، تڏهن قادر بخش پيٽ ۾ ئي جهليو پيو هو. تنهنڪري اهي ٻئي پڙهي نه سگهيا ۽ مائٽن سان گڏ جيئڻ جي جنگ ۾ جٽجي ويا. پر پوءِ جڏهن قمر ۽ سُهائي سمجهه ڀريا ٿيا، تڏهن ٻنهي کي اسڪول ڇڏيو ويو ۽ ٻنهي محنت ڪري ٻارهين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪري ورتي هئي. ۽ تعليم ته ڄاڻ جا سمورا در ۽ دريون کوليو ٿي ڇڏي. سو جڏهن قمر ۽ سُهائيءَ کي نصابي تعليم سان گڏ علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي ڄاڻ به حاصل ٿي، تڏهن هنن کي پنهنجي، پنهنجي گهر جي، اوڙي پاڙي جي، ڌرتيءَ جي وطن جي، ۽ پنهنجي قوم جي مسئلن ۽ دردن سورن جي به ڄاڻ حاصل ٿي ۽ هنن اهڙي سٿ ۾ شامل ٿي سنڌ ۽ سنڌي مسڪين ماڻهن جي دردن جي درمان لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو، جيڪو سالن کان سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ، سنڌ جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف پنهنجي سازشي ۽ ويڪائو عنصرن ۽ ڌارين قبضه گير مافيائن جي سرگرمين کي وائکو ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل هو ۽ ظاهر آهي ته اهڙي سوچ رکندڙن کي نه رڳو حزبِ اقتدار وارا قبول نه ڪندا آهن، پر حزبِ اختلاف وارا به قبول ڪونه ڪندا آهن. سو جڏهن قمر ۽ سُهائيءَ پنهنجي شهر ۾ ترتيب ڏنل احتجاجي جلسي ۾ تازين برساتي ٻوڏن ۾ دربدر ٿيل سنڌي ماڻهن لاءِ ايندڙ امداد ۾ مقامي جيالن جي هنيل گهوٻين، پنهنجا نوازيءَ واري غير اخلاقي عمل، بازارين ۾ سامان وڪڻڻ ۽ پاڪستان ڪارڊ ۽ وطن ڪارڊ جي حاصل ڪرڻ ۾ رشوت جي رڪارڊ ٽوڙ مثالن جو ذڪر ڪيو ۽ بي ريا جانچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، تڏهن مقامي جيالن کان وٺي، اقتداري پارٽيءَ جي ضلعي صدر، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز تائين ٻڙڌڪ مچي ويو ۽... ۽ پوءِ گاجي خان هٿان قادر بخش کي نياپو موڪليو ويو ته پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ جي وات کي لغام ڏي، نه ته، ٻي صورت ۾ نتيجن ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي.
جنهن جي نتيجي ۾ قادر بخش جي گهر ۾، ان رات دير تائين اِن موضوع تي گرما گرم بحث ڇڙيل هو.
گاجي خان، سندن ئي برادر جو هڪ نوجوان هو، جيڪو نئون وڏيرو بنجڻ جي شوق ۾ ٻَڌا ٻَڌا ٽِپَ ڏيندو، سال سال تي پارٽيون بدلائيندو، هر اقتداري ڌر جو ماڻهو ٿيڻ لاءِ روز روز نوان نوان رنگ روپ اختيار ڪري رهيو هو. هينئر به هو اقتداري پارٽيءَ جي ضلعي صدر جي خاص کاٽائو پٽن ۾ ليکبو هو. گاجي خان پنهنجي بنهه مختصر عرصي دوران وفاداريون بدلائڻ لاءِ کاڌل نت نيون قلابازيون، مختلف وقتن تي ڏيکاريل حيرت جوڳا ڪرتب ڏسيو، پاڻ ته خبر ناهي خوش ٿيندو هوندو يا شرمندو، پر ٻين ڏسندڙن کي واقعي ڏنڌين آڱريون اچي ويون هيون. جيئن مداري ميلي جي پڙ ۾ ڀولڙي کان مختلف ڪرتب ڪرائي ننڍڙن ٻارڙن کان تاڙيون وڄرائيندو آهي، تيئن گاجي خان پڻ، گذريل چونڊن دوران، گذريل سال جي دريائي ٻوڏ دوران امدادي سامان، پئسن جي ورهاست ۾ گهوٻيون، هن سال جي برساتي ٻوڏ کان پوءِ پِنَ جي پئسن سان گهر ڀرڻ، وطن ڪارڊ، زڪوات، بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ٻين انڌن، بيواهن ۽ معذور مسڪينن لاءِ مليل امداد جي ورهاست ۾ جيڪي ڪرتب ڏيکاريا هئا، تن تر جي ٻين پراڻن ۽ آڙيڪاپ خوشامدڙين ۾ ٽاڪوڙيا وجهي ڇڏيا هئا. پنجاهه لکن جي ٺيڪي ۾ ٻن لکن جو ڪم به ڪونه ٿي ٿيو ۽ گاجي خان کي بل چڪتو ملي ٿي ويا. اهو ئي ته سبب هو جو ڪالهوڪو ڪمدار، اڄ نئين ماڊل جي گاڏيءَ ۾ سوار!! هُن ڀولڙي وانگر اهڙا ته ٽِپَ پئي ڏنا، جو نه ڏس ته اقتداري ڌر جي يارن جي جلسن جلوسن ۾ سڀني جي اڳيان پيو بازوليون کائي. نه ڏس ته وري اقتدار جي واري ملڻ لاءِ انتظار ۾ ويٺل ڌُر جي اوطاق جا ڪَرا کڻيو پيو اول پتڻ ٿئي! بس ايئن سمجهو ته بس ۾ ويٺل مسافر وانگر هڪ سيٽ تي پاڻ ويٺو هو ته ٻيءَ سيٽ تي پوتارو رکي جاءِ والاريو ويٺو هو. تنهنڪري جيڪي ڌڪڙيا (موقعي پرست) هئا، تن جون سندس پٺيان قطارون لڳيون پيون هونديون هُيون.
پر جيڪي ماڻهو پنهنجو تڏو جهليو، پاڻ مرادو پنهنجو جهان آباد ڪريو ويٺا هئا، سي وري گاجي خان جي چغلخوري، جهُوڻت ۽ هَٿ ڏَسَ کان خائف هئا. جن ماڻهن سندن سچي توڙي ڪوڙي ها ۾ ها نٿي ملائي، تن لاءِ ڏچا پيدا ڪرڻ گاجي خان جو جهڙو ڪَرَ خدائي فرض هو. ۽ قادر بخش جو گهر به اهڙن گهرن مان هڪ هو، جيڪو پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهي، پنهنجي هٿن جي پورهئي سان جيئڻ جي ڪوشش ۾ جُنبيل هو. نه رڳو ايترو، پر سندس پٽ قمر ۽ سندس ڌيءَ سُهائي ته ڀرپاسي ۽ اوڙي پاڙي جي ٻين ماڻهن کي به اِها تلقين پيا ڪندا هئا ته پنهنجي انهن ازلي ويري وڏن ماڻهن ۽ سندن ڇاڙتن جي پٺيان لُر لُر ڪرڻ بدران، پاڻ ۾ ٻڌي ڪري، پنهنجي قوت ٺاهي، اُن جي سهاري زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪجي. ۽ اُن رات دير تائين قادر بخش جي گهر ۾ اِن موضوع تي سوچ ويچار ۽ بحث هلي رهيو هو.
قادر بخش، سندس زال ۽ وڏو پٽ نُورَل هڪڙي پاسي هئا. ٻئي پاسي قمر ۽ سُهائي هئا. مُرادان وچٿري ٿيو ويٺي هئي ۽ جنهن جي ڳالهه صحيح ٿي سمجهيائين، تنهن جي پٺڀرائي ٿي ڪيائين، پر جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آيس، تنهن جي مخالفت ٿي ڪيائين.
قادر بخش ڳالهه چوريندي چيو “ابا پٽ، اسان زمانو ڏٺو آهي. ڪيئن وسنديون ۽ ڦٽنديون اکين سان ڏٺيونسين، وڏڙا چئي ويا آهن ته جيڪا هوا لڳي، تنهن کي سامهون ٿجي.’ هاڻ جڏهن سڄو جڳ جهان (سموري سنڌ) هڪڙي پاسي ٿيو پيئي هنبوڇيون هڻي ۽ ‘جيئي جيئي’ چيو پئي کڳ کائي. ته پوءِ پاڻ کي ڪهڙو لاچار پيو آهي جو اسين ٽپي پراين ڦڏن ۾ پئون ۽ انهن جي مخالفت ڪريون؟ ٽپڙ کائن ٿا ته سرڪار جا ٿا کائن، اسان جي گهران ته ڪونه ٿا کڻن.”
“پر بابا، جيڪا جهھڳي جهُري ٿي ۽ اُن جي لاءِ جي ڪا امداد اچي ٿي، ته پوءِ اُها ئي جهُڳي جُڙڻ گهرجي نه. اُن غريبن جي امدادي رقم مان بنگلي مٿان بنگلو ٺهرائڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟” قمر چيو.
“ڀاءُ منهنجا، تون ته ڪو چريو بادشاه آهين! جڏهن متاثر ٿيل غريب ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪجهه نٿا ڪن ته پوءِ تون ڇو ٿو پرايو مٿي جو سور پاڻ تي مڙهين؟” نورل بحث ۾ حصو وٺندي چيو. “جڏهن متاثر عوام ڌڪن ٿاٻن ۾ خوش آهي ته پوءِ اوهين ڇو ٿا حڪومتي اڳواڻن ۽ انهن جي ڪمدارن ڪاراون جي اکيا پئو. پرائي معاملي ۾ پانجو ڇا وڃي؟!”
“ادا وڏا، هيءُ پرايو معاملو ڪونهي. ٻوڏون سنڌ ۾ آيون آهن. برساتن سنڌ ٻوڙي آهي. نقصان سنڌين جو ٿيو آهي. تباه ۽ برباد سنڌي ٿيا آهن، دربدر ۽ بدحال سنڌي ٿيا آهن. جيڪا به امداد سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت، ٻاهرين امداد يا سرنديءَ وارن طرفان مليل امداد به ملي ٿي، سا سنڌ جي کاتي ۾ داخل ٿي ٿئي. ۽ اسين به اُن سنڌ جيجل جو اولاد آهيون. ته پوءِ هيءُ معاملو پرايو ڪيئن ٿيو؟ جيڪڏهن هرڪو ائين چئي آجو ٿيو ويٺو هجي ته هيءُ پرايو معاملو آهي، پانجو ڇا وڃي؟ ته پوءِ سنڌ جو ڌڻي ڪير ٿيندو؟ انهيءَ ئي بي حسيءَ ته ڌارين قبضه گيرن کي سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو وجهه ڏنو آهي!” هيءَ سُهائي هئي، جنهن ڀاڻس نورل کي مخاطب ٿي چيو.
“ها ڀاءُ، سُهائي ڳالهه ته صحيح پئي ڪري. سنڌ اسان جي به ته ڌرتي ماءُ آهي. اسان کي به اُن لاءِ سوچڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ کپي. جهجهيون ڳالهيون ته مون کي ڪونه ٿيون اچن پر رڳو هيءُ مثال وٺو: ته جيڪڏهن امان بيمار ٿي پوي ته ڇا اسين پوءِ به ائين چونداسين ته اِها قمر جي ماءُ آهي. پاڻيهي علاج ڪرائيندو. پانجو ڇا وڃي!؟” مُرادان کي جيڪا ڳالهه جيئن سمجهه ۾ آئي، تيئن چئي ڇڏيائين.
“اباڙي، ماڻهين جي ٻي ڳالهه آهي. پر سنڌ ۾ ته ڪروڙين ماڻهو رهن ٿا. تن سڀني کي مُنهن ڏيڻ ڪا تنهنجي يا منهنجي وس جي ڳالهه آهي!؟ ڌاريان ته ڌاريان هونئن ئي پيا سنڌ کي ڦرين ۽ لُٽين. پر پنهنجن به ڪو وسان گهٽايو آهي ڇا؟ سو پاڻ ڪيترن کي پيا سامهون ٿينداسين. تنهنڪري ڇڏيو منڊي کي واريءَ ۾، پاڻيهي پيو منڊڪ منڊڪ ڪندو ۽ ڌڪا ٿاٻا کائيندو. پاڻ وٺون پنهنجيءَ کي.” قادر بخش وري به پنهنجي اولاد کي پنهنجي سمجهه آهر تلقين ڪئي، ۽ ڏچن کان بچڻ جي هدايت ڪئي.
“بابا، ڏک ته انهيءَ ئي ڳالهه جو آهي ته ڌارين سان گڏ پنهنجا به ان ڦرلٽ ۾ شامل آهن. پر اِهو سڀ ڪجهه رڳو اڄ ڪونه پيو ٿئي. پراڻي تاريخ ۾ به “اهڙن پنهنجن” جا مثال موجود آهن. پنهنجي “ابراهيم منشيءَ” چيو ڪونه آهي ته “مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڪي ڌاڙي ۾.” چور رڳو اُهو چور ڪونهي، جيڪو چوري ٿو ڪري. پر اُهو “پنهنجو” به اُن جهڙو ئي چور آهي جيڪو ڏسي واسي ۽ ڄاڻي سڃاڻي به چور جي نشاندهي نه ڪري ۽ چشم پوشي ڪري چور کي چوري ڦٻائڻ ۾ مدد ڪري. هاڻ جڏهن اسان کي خبر پوي پئي ته فلاڻا فلاڻا چور آهن ۽ پوءِ به ماٺ ڪري ويهي رهون ته: ‘چوري عيسي جي ٿي آهي، موسي جو ڇا وڃي!’ ته پوءِ دنيا اسان کي ڇا چوندي؟ ڇا اِها ماٺ ڪري ويهڻ واري بي حسي ڏوهه ڪونهي!؟ ۽ اسين ان ڳالهه کي “پرايا ڏچا” چئي، اِن ڏوهه مان آجا ٿي سگهون ٿا؟!” قمر پنهنجو مؤقف رکيو.
“پر منهنجا ڀائڙا، پري جي ڳالهه ڪانهي. اجايو وهلور نه وڃ. ڪجهه ٿئي ۽ ٿيندي کي به ڏس. نادرا آفيس جي اڳيان گهڻا ماڻهو روز بيٺل هوندا آهن؟” نورل پڇيو.
“هزارين.” قمر چيو.
“پوسٽ آفيس جي مانڌان گهڻا ماڻهو، مرد ۽ عورتون، هوندا آهن؟”
“هزارين.” قمر چيو.
“مختيارڪار جي آفيس ۽ تپيدارن جي اڳيان پٺيان گهڻا ماڻهو هوندا آهن روزانو؟”
“هزارين.” سُهائيءَ ورندي ڏني.
“حڪومتي اڳواڻ ڪو جلسو ٿو ڪري ته گهڻا ٿا ماڻهو گڏ ٿين!؟” نورل ٻيهر سوال دهرايو.
“هزارين ۽ ڪٿي ڪٿي ته لکين به.” قادر بخش چيو.
“۽ انهن ماڻهن لاءِ، انهن متاثر ٿيلن جي امداد ۾ گهوٻين جي خلاف جيڪو اوهان احتجاجي جلسو ڪيو هو، تنهن ۾ گهڻا متاثرين هئا ۽ گهڻا مسڪين ۽ غريب هئا؟ گهڻا حقدار هئا؟ بابلا، جي دل ۾ نه ڪرين ته آئون پاڻ موجود هوس ان جلسي ۾. مون کي ته رڳو چئن پنجن سؤ ماڻهن مان به نوي سيڪڙو توهان جي تنظيم جا ڪارڪن نظر آيا هئا. ماڻهو، جن لاءِ جسلو ٿيو هو، سي ته هئا ئي ڪونه. پوءِ هروڀرو توهان ڇو پيا وقت برباد ڪريو؟ بابا صحيح ٿو چوي ته ڇڏيو منڊي کي واريءَ ۾!” نورل جي چپن تي زهريلي طنزيه مُرڪ “وڏ ڪَٻَلَ” ڪُڏڻ لڳي.
“ها ٻيو! جن لاءِ مُياس، سي ته ڪانڌي به ڪونه ٿيام. ايئن ته برابر آهي. نورل ٺيڪ ٿو چوي.” مرادان چيو.
“ها برابر، اِها حقيقت آهي. توهين غلط ڪونه پيا چئو ادا وڏا. ايئن آهي. پر توهين ۽ بابا جن جيڪو چئو ٿا ته ڇڏيو منڊي کي واريءَ ۾ ته ڀلي پيو منڊڪ منڊڪ ڪري. اِها ئي دشمن جي ايجنڊا آهي. پنهنجو ۽ پرايو ڦورُو اِهائي ڳالهه ته چاهي ٿو ته هنن اٻوجهن، ڄٽن ۽ بي سمجهه ماڻهن کي پنهنجي حقن جي خبر ئي نه پوي. وڏي اٽڪل سان سنڌي ماڻهن کي “پيشه ور پينڙيات” بنائڻ جي منظم سازش تحت مختلف پروگرام ترتيب ڏيئي، ڪڏهن سرڪاري طرح بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام، ڪڏهن پاڪستان ڪارڊ ته ڪڏهن زڪوات جا پئسه ڏيڻ جي بهاني ۽ ته ڪڏهن وري اين جي اوز طرفان مختلف اعلان ڪري، ڌرتيءَ جي ماڻهن جا ڌرتيءَ تان پير اکيڙي رهيا آهن. سندن زمينون، وسيلا، ڌنڌا ڌاڙيون ۽ روزگار جا موقعا کسي، کين رولو فقير بنائي دربدر ڪرڻ جي وڏي ۽ گهري سازش رٿي ويئي آهي. اِهائي ڌارئين ڦورو قبضه گير جي ايجنڊا آهي ۽ انهيءَ ۾ اسان جو سريال به ساڻن گڏ آهي. اِها ئي ته ڳالهه اسين ماڻهن کي سمجهائڻ چاهيون ٿا.” سُهائيءَ ڀاڻس وڏي کي جواب ڏنو.
“۽ اهو ڪم ڪو سولو ڪم ڪونهي جو هڪدم ٿي وڃي. اهو سفر ڏاڍو ڊگهو سفر ۽ ڏاڍو ڏکيو سفر آهي. وقت طلب سفر آهي. اهو ڪو ڏينهن ۽ مهينن جو سفر ڪونهي. اِن ۾ الاجي ڪيترا سال به لڳي سگهن ٿا. پر شرط آهي ته اهو سفر جاري رکيو وڃي. منڊي کي واريءَ ۾ ڇڏي نه ڏجي.” قمر سهائيءَ جي جواب کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
“هونهن...! ڊگهو سفر!! ڪيترو ڊگهو سفر آهي؟ چاليهه پنجاهه سال ته ٿيا آهن انهن ماڻهن کي سمجهائيندي. نيٺ به ڪڏهن سمجهندا هي ڄَٽَ!؟ ميان هروڀرو کوٽي پيا ٿيو.” نورَل کي جهڙو بُل ملي ويو پنهنجي ڀڙاس ڪڍڻ جو. هُو طنزيه کِلَ کلڻ لڳو.
“نه ڀاءُ وڏا نه. ايئن نه چئو. سمجهه اچي پئي ماڻهن ۾. آهستي آهستي ماڻهو پاڻ کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ لڳا آهن. اڳوڻي جي ڀيٽ ۾ الاهي سجاڳي آئي آهي. پري ڪونه ٿا وڃون. پنهنجي گهر جو مثال سامهون آهي. بابا ويٺو آهي، کانئس پڇون ٿا ته بابا، جڏهن توهين اسان جيڏا هئا ۽ ڏاڏا جن گهر جا وڏا هئا. تڏهن ههڙو ڪو مسئلو ٿيندو هو ته ڇا تڏهن اوهان سڀ گهر ڀاتي گڏجي ويهي هيئن صلاح صولي ڪندا هئا، جيئن اڄ پيا ڪريون؟” سهائيءَ پڇيو. “نه پٽ، تڏهن اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي. بابا جن رڳو حڪم جا بندا ٿيا پيا هلندا هئا. ٻاهريان مامرا سڀ سريال پاڻ نبيريندا هئا. اسان کي رڳو حڪم ٿيندو هو ته هيئن ڪريو يا هونئن ڪريو.” قادر بخش ايمانداريءَ سان سچي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
“ته پوءِ اڄ جو اسين سڀ ويهي سامهون آيل معاملي تي سوچي رهيا آهيون، اِهو سمجهه ۽ سجاڳيءَ جو ثبوت ڪونهي ڇا؟! اڄ جيئن اسان جو گهر پنهنجي چڱي ۽ مَٺي لاءِ گڏجي ويهي سوچي رهيو آهي، تيئن ئي اسين چاهيون ٿا ته سڀ سنڌي گڏجي ويهي سوچين ۽ اِها سوچ ۽ سمجهه آهستي آهستي ئي سهي، پر سنڌي ماڻهن ۾ اچي پيئي. تنهنڪري اسان کي نااميد نه ٿيڻ گهرجي ۽ منڊي کي واريءَ ۾ نه ڇڏڻ گهرجي.” قمر چيو ته سڀني کان کل نڪري ويئي.
“ڀلا هاڻ کڻي موئي منڊي جي جند ڇڏيو ته ڪو؟” پهريون ڀيرو سندن ماءُ ڳالهايو.
“امان، منڊي کي ڪيئن ڇڏيون؟ اسين سڀ منڊا آهيون، اسان کي علاج جي ضرورت آهي. عقل، سمجهه، هوش ۽ عمل واري علاج جي ضرورت آهي. باقي رهي گاجي خان جي ڳالهه.” قمر ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو، “ته گاجي خان کي به اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو به ماڻهو، وڏي ماڻهو ٿيڻ جي شوق ۾، پنهنجي طبقي جي مسڪين ۽ غريب ماڻهن جي مفادن جي سوديبازي ڪري، بڇ جو ڪتو ٿي، پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، تنهن کي رڳو تيستائين سندس آقا مٿي تي هٿ رکندا، جيستائين هُو سندن مقصد پيو پورا ڪندو. تنهن کان پوءِ اُهي ئي سندس آقا اُن بڇ جي ڪتي کي “ڇتو” قرار ڏيئي مارائي ڇڏيندا. تنهن کان پوءِ، وڏي ڳالهه ته اسين ڪنهن به فرد، شخصيت يا ٽولي جي خلاف ته آهيون ئي ڪونه. اسين ته چاهيون ٿا ته سڄي دنيا جا ماڻهو، جيڪو جتي آهي، مِڙي، مُٺ ٿي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وسيلن، ڌرتي جي مفادن جي حفاظت ڪري فلاح ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪن. ساڳي طرح اسين اهو به چاهيون ٿا ته اسان جي به سڄي سنڌي قوم گڏ ٿي، اسان جي بنيادي حقن جي ٿيندڙ پائماليءَ خلاف آواز اٿاري ۽ ڌڻي ٿي پنهنجي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪري. اسان ته رڳو ۽ رڳو ڦورو ذهنيت، بالادست سوچ، اونچ نيچ جي فرق، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ اسان جي اثاثن ۽ وسيلن تي ڌارين جي قبضه گيري ۽ والار جي مخالفت ڪريون ٿا. اسين چاهيون ٿا ته اسانجا پنهنجا ڌارين جا دلال ٿي، پاڻ پنهنجن ذاتي مفادن جي حصول لاءِ، جيري خاطر ٻڪري ڪُهي سڄي سنڌي قوم جي ٻيڙي هٿ وٺي نه ٻوڙين. هن کان اڳ گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. پر هاڻ اُها رَوَش تبديل ٿيڻ گهرجي. هاڻ پنهنجن طرفان ڌارين جي دلالي ڪرڻ بند ٿيڻ گهرجي. هاڻي خسيس ذاتي مفادن لاءِ قومي مفادن جو سودو ڪرڻ جي اجازت ڪانه ڏبي. هاڻي گاجي خان کي خود فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ٺيڪن ۾ گهوٻيون هڻڻ ۽ غريبن لاءِ ملندڙ امدادي سامان ۽ پئسن ۾ روڙا هڻڻ جهڙن ڏوهن ۾ ايترو غرق نه ٿي وڃي جو سڀاڻي جند ڇڏائڻ به ڏکي ٿي پويس. ڇو ته حالتون سدائين هڪ جهڙيون ڪونه ٿيون رهن.”
“اڙي ابا، اوهين ته رڳو کوٽي پيا ٿيو. هتي رڳو هڪڙو گاجي خان آهي ڇا؟ هتي ته سڀ هڪ ٻئي کان وڌيڪ فنڪار ويٺا آهن. هڪڙو گاجي خان کڻي سڌري به وڃي. پر اُن جي جاءِ ته وري پنج ڄڻا ٻيا اچي والاريندا. انهن مان ڪيئن جند ڇُٽندي؟” قادر بخش ڳالهايو.
“بابا، لطيف سائينءَ چيو آهي ته:
متو آهين مَڇَ، ٿلهو ٿيو ٿُونا هڻين،
تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
اهي چُوپيل هڏن تي هنڀوڇيون هڻڻ وارا، چمچاگيري ۽ دلالي ڪرڻ وارا، چغلخوري ۽ جُوڻت کڻڻ وارا پاڻيهي سڌي گس تي اچي ويندا. اصل مسئلو اٻوجهه عوام کي سجاڳ ڪرڻ جو آهي. مثال طور پنهنجي ڳوٺ ۾ 50-60 گهر آهن. انهن مان ڪجهه گهر پنهنجي سوچ جا حامي آهن. پر گهڻا گاجي خان هٿان امداد جي نالي ۾ گڏرن واري اٽي لپ لاءِ قطارون ڪريو پيا اُن جي پٺيان ڊوڙن. جڏهن اِهي سڀ ڳوٺاڻان ڳالهه سمجهي ويندا ۽ پنئي ٽڪر جي پچر ڇڏي پنهنجي پيرن تي بيهندا، تڏهن گاجي خان اڪيلو رهجي ويندو ۽ جڏهن گاجي خان اڪيلو رهجي ويندو، تڏهن سندس آقا کيس تريون هڻي ڊوڙائي ڪڍندا. تنهن ڪري گاجي خان لاءِ به بهتر اِهو ٿيندو ته هُو هينئر ئي سوچي وٺي. نه ته اهي پرائي پورهئي تي پلجندڙ پرمار ڳجهون کانئس اهڙا ته بڇڙا ڪم ڪرائينديون جو پوءِ هُو عوامي انتقامي قهر کان بچي نه سگهندو.” سُهائيءَ قمر جي ڳالهه کي اڳتي وڌايو.
“ها، باقي هيءَ “تنهنجي” ۽ “منهنجي” جي جنگ ڪا اڄ ڪالهه شروع ڪا نه ٿي آهي.” قمر بحث کي اڳيان وڌائيندي چيو. “اِها جنگ ايامن کان جاري آهي ۽ اڃا ايامن تائين جاري رهندي. اِها جنگ اڄ يا سڀاڻي ختم ڪانه ٿيندي. ها، باقي ويٺلن تان واري وري ۽ هلندڙن اڳيان منزلون ڪا معنيٰ ڪانه ٿيون رکن. اسان جو “سڀاڻي” روشن آهي. تنهن ڪري اسان کي سنئين گس تي وک وڌائيندو رهڻ گهرجي.”
“پر پوءِ نيٺ گاجي خان کي ڪهڙي ورندي ڏجي؟ هُن جو سندس آقائن جو نياپو موڪليو آهي، تنهن کي ڪيئن سامهون ٿجي؟” قادر بخش سوال پڇيو.
“بابا، توهان ڳڻتي نه ڪريو. آئون پاڻيهي سڀاڻي گاجي خان سان ملي ڳالهائيندس. جي گس تي آيو ته ٺيڪ. جي ڀلا نه، ته به سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي. انهن سڀني کي پڄي پئبو. توهان فڪر نه ڪريو.” قمر جواب ڏنو.
“اي تون مرڳو ڪم خراب ڪري ايندين.” نورل هڪل ڪري چيو. “گاجي خان کي هينئر جيالن جي پٻي آهي، سو هڪڙي پير تي بيٺو نچي. سو ٿو تنهنجي ڳالهه سمجهي. ۽ تون وري پنهنجي ڳالهه تان لهندين ڪونه. مرڳو پاڻ ۾ وڙهي پُوندا. اِهو ڪم مون تي ڇڏيو. آئون پاڻيهي منٿ ميڙ ڪري، گشا پتا هڻي ماٺ ڪرائي ايندو مانس.” نورل مفاهمتي پاليسي اختيار ڪندي چيو.
“نه ڀاءُ وڏا نه. نه منت ميڙ ڪبي ۽ نه ئي گشا پتا هڻبا. پنهنجي ڳالهه فضيلت سان سندس اڳيان رکندس. کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس. باقي ايترو ته بيوقوف آئون ڪونه آهيان جو جيڪو منهنجي ڳالهه نه مڃي، تنهن سان وڙهي پوان. وڙهبو ڪونه، پر پنهنجي مؤقف تان به هٿ ڪونه کڻبو، توهين فڪر نه ڪريو.”
۽ اِتي اڄوڪي بحث جي پڄاڻي ٿي. پوءِ سڀ ڪو وڃي پنهنجي پنهنجي هنڌ تي ليٽيو. سُهائي به وڃي پنهنجي هنڌ تي ليٽي، ۽ تڏهن سندس ذهن ۾ سوال اڀريو: “پر پوءِ تنوير جو ڇا ٿيندو؟ منهنجو مڱيندو تنوير؟ هُو به ته گاجي خان سان گڏ جيو ڦَٿِ ڦَٿِ پيو ڪري؟ ڪيترا ڀيرا قمر جون ساڻس ڪچهريون ٿيون آهن، پر اسان جي ڳالهه هن کي سمجهه ۾ ئي نٿي اچي. آخر ڪار جي هُو پنهنجي هوڏ تي بيٺو رهيو ته پوءِ منهنجو ساڻس گذارو ڪيئن ٿيندو؟ هڪڙي ٻن ڏينهن جي ڳالهه ته ڪانهي. هيءُ ته زندگيءَ ڀر جي ساٿ جي ڳالهه آهي. سو جي اسان جي وچ ۾ سوچن جي هم آهنگي نه هوندي ته گاڏو ڪٿي هلي سگهندو اسان جو.”
اِهو سوچيندي سوچيندي الاهي دير کان پوءِ سُهائيءَ جي مس مس وڃي اک لڳي هئي.
پر ٿوري دير کان پوءِ اوچتو اک کُلي پيئي هئي سهائيءَ جي ڍَڪي رات مهل!
سُهائيءَ وري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وري وري ڪوشش ڪئي، پر کيس ننڊ نه آئي. هيءُ پاسو ورايو، وريو هُو پاسو ورائي. پنهنجي اکين مٿان سندس ٻانهن جو گداز ماسيرو ڏونئرو رکي سمهڻ جي ڪوشش ڪيائين. مُنهن تي رَليءَ جو وڻندڙ اوڇڻ اوڍي ننڊ جي ديويءَ کي منٿون ۽ ايلاز ڪرڻ لڳي. پر کيس چاهيندي به ننڊ نه آئي. انهيءَ ئي ڇِنَ پَٽَ ۾ سندس ڌيان وري تنوير ڏانهن مُڙي ويو.
تنوير، جو نه رڳو سُهائيءَ جو مڱيندو هو، پر هُو سندس محبوب پڻ هو ۽ پنهنجي محبوب جو چهرو تصور ۾ ايندي ئي سندس چاهت جي ماٺي دريا ۾ هلڪيون هلڪيون ڇوليون اڀرڻ لڳيون. انهن مستيءَ جي موجن ۾ تسڪين ۽ لذت جا سُپ ڀرجي سهائيءَ جي مٺڙن ماسيرن چپڙن تي هارجي رهيا هئا. تڏهن سهائي سرشاري ۽ ترنگ جي هلڪي ريلي ۾ لڙهندي پنهنجي چپن تان چاش جي مٺاس وانگر چسڪيون ڀري چٽڻ لڳي. هوءَ اهڙي مدهوش ڪندڙ ڪيفيت ۾ موتئي جي گل وانگر ٽڙي پئي. رَليءَ اندر پاسيري ۽ ٽونڊڙي پيل سُهائيءَ جي هڪڙي مِٽَ ويهاڻي تي هئي ۽ ٻيءَ مِٽَ مٿان سندس وارن جون ڇڙواڳ چڳون وکريل هيون. انهن ٽِڙِ پَکِڙ وارن جي چڳن وچان سندس ماسيرن، رسيلن ۽ اڻ ڌوتل ڀرتُو چپن تي، جؤڀن جي مستيءَ سان ڀرپور سرشاريءَ واري مُرڪ منڊڪ منڊڪ پيرڙيون کڻڻ لڳي. هوءَ اُن نشيلي ڪيفيت ۾ ڦٽي ڦاريون ڦاريون ٿيڻ لڳي ۽... ۽ انهيءَ ئي حاصلات جي مختصر گهڙيءَ واري پل اڌ پل ۾ سُهائيءَ راتوڪي خشڪ سياسي بحث مان پيدا ٿيل ڪؤڙائڻ ۽ دنيا جهان جي دکن دردن، پيڙاهن ۽ اذيتن جي ايذاءَ کان آجو ڪري پاڻ کي جِلا ۽ جولان جي وهڪري جي حوالي ڪري ڇڏيو... ۽... ڪيترو ئي وقت...
ڪيترا جُڳَ...
ڪيترا زمانا... هوءَ پنهنجي ماسيري، رسيلي ۽ ماکيءَ جي مٺاس ڀريئي هيٺئين چپ کي پنهنجي زبان سان چُوسيندي رهي. آهستي آهستي چوسيندي رهي. ڳُنڌي ڳُنڌي چوسيندي رهي... خبر ناهي ڪيستائين!
هُن اِن اَملهه ۽ بي بها ڪيفيت مان نڪرڻ ئي ڪونه پئي چاهيو. هن چاهيو پئي ته هُوءَ انهيءَ حاصلات جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي رهي، ٻڏندي رهي ۽... ۽ ٻڏندي رهي.
پر سندن گهر جي ڪشادي اڱڻ ۾ بيٺل ڄمونءَ جي وڻ تي بسيرو ڪندڙ جهرڪين جي اوچتو چر چِر کي ڇا ڪجي، جنهن کيس ڇرڪائي وڌو. هن ڇرڪ ڀري رلي مُنهن تائين هٽائي ته اڇو صبح ٿي چڪو هو. هن کي جهرڪين تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي. پر پکين کي ڇا ٿو ڪري سگهجي! پکين کي ڪهڙي خبر ته ڪو هن نموني ۾ مهيا ٿيندڙ خيالي سرشاريءَ کي به زندگيءَ جي انمول حاصلات سمجهي ٿو!!
هوءَ ڪر موڙي، پاسو ورائي ليٽي رهي. هوءَ خوابناڪ خوشين جي تار سنڌوءَ مان ٻاهر نڪري آئي ۽ جڏهن هُن سندس محبوب مڱيندي تنوير کي گاجي خان جي خاص ٻولڙيئي جي حيثيت ۾ ڏٺو، تڏهن سندس پيٽ جون اڳڙيون سڙي رک ٿي ويون. سندس ملوڪڙي منهن تي رنج ۽ اذيت جا آثار اڀرڻ لڳا. سندس اڻ ڌوتل اکين جون ڪنڍون آليون ٿيڻ لڳيون. ڳچ ڳچ دير تائين هوءَ ائين گهوماٽي ۽ خاموش پيئي رهي. ۽ پوءِ هن پنهنجي دل ۾ ڪو فيصلو ڪري ورتو هو.
اڄ تنوير سان آمهون سامهون ويهي ڳالهائينديس. جي هُو پنهنجن سان گڏيو ته منهنجي سر جو به سائين آهي. جي نه، ته به آئون ته ڪنهن ڌرتيءَ ۽ قوم جي ويريءَ جي جوءِ بنجڻ بدران ڌرتيءَ جي ڌڄاڻي بنجنديس. اِهو منهنجو فيصلو آهي. اهو سوچي سُهائي ٽپ ڏيئي کٽ تان هيٺ لٿي.
(ڊسمبر 20، 2011ع)
*