ڪھاڻيون

اکين ۾ رهجي ويل عڪس

پرويز جي ڪهاڻين جو نيٽ ورڪ اصلوڪو، داخلي ۽ خارجي دنيا سان هم آهنگ آهي. هن جي فن جو سنجيدگيءَ سان اڀياس ڪبو ته هن کي سنڌ ۽ ٽين دنيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي قطارن ۾ بيهاري فخر محسوس ٿيندو. شهرت ۽ پبلڪ رليشنز کان ڏور هي پورهيت ڪهاڻيڪار، جيڪو زمين ۾ گُڏ ڪري ٿو، رونبو هڻي ٿو. پنهنجي فصل جي جهار هڪلڻ سان گڏ ڪهاڻي جي اُفق تي ڇانيل دونهي کي به هٽائي ٿو. هن جو فن ۽ مشاهدو ساهس ڏيندڙ، تُز ۽ ٺهڪيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2471
  • 905
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • پرويز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اکين ۾ رهجي ويل عڪس

2. الله ڪري هر سال...!

“اي يَرَ ساماڻا، ڪر کبر! ڦٻيو آهين ڪه نه؟” براديئي ساماڻي کان پڇيو.
اگسٽ- سيپٽمبر 2010ع واري ٻوڏ کان چار مهينا پوءِ، هو ٻئي ڄڻا “ڇڇ جهان خان” کان “جاتي” (ضلعو سجاول) ايندڙ ڊاٽسن پڪ اپ ۾ چڙهيل هئا. ساماڻو پريان ئي ڊاٽسن ۾ چڙهيو پئي آيو ۽ براديو سندن ڳوٺ ڏانهن ويندڙ گاڏا واٽ جي اسٽاپ تان چڙهيو هو. ٻئي هڪ ٻئي جا گهڻا واقف هئا. سو ڊاٽسن ۾ جو گڏيا، ته هڪ ٻئي سان خبرون چارون ڪرڻ لڳا. ساماڻي وٽ چار-پنج جريب زمين پنهنجي هئي ۽ گهرڙو به چڱو چؤکو ٺهيل هوس. پر براديئي جو گذر سفر مڇي مارڻ يا وري مزوري ڪرڻ تي هو. سندس گهر به اڀري سڀري مَنَهه جهڙو ڪکن ڪانن جو ٺهيل هو.
“ڪيڙيون توکي کبرون سڻايان براديا! ٻنيءَ ٽڪر پاڻيءَ ٻوڙي ڇڏيو. بُبي جيڏيون ساريون هيون، تن مان نه رهيو ڪو ڦنگ هيڪڙو. سڀني پئي چيو ته ساماڻي جا هيل اٺ کراڙ ٿين ئي ٿين. اٺ کراڙ ته ڇُٽا، پر هيڪڙو داڻو به ڪونه بَتو. يڪا ويهه ڏينهن پاڻي سارين مٿان پئي وهيو. ساريون سڙي مُوٽَرا ٿي رهيون. ڪِنو پاڻي اڃا توڻي ٻنيءَ ۾ بيٺو آهي. ڪَتي ته وئي پر چيٽ به ويو. گهر به ڊهي وڃي پٽ پيو. مال ڍور، هيڪڙو ته رُلي ويو، ٻيو اڌ مُڙيءَ (مُوڙي) ليلام (نيلام) ڪري اڀرو سڀرو هنڌ ٽپڙ ۽ ٻار ٻچا کڻي وٺي ڀڳاسين. هو ڪونهي پانجو ممبر (ميمبر) دادن، اسان جي ڳوٺ وارا سڀ اُن جي ڌٻوئن تي لڳي وڃي سرڪاري ڪينپن (ڪيمپن) ۾ ويٺاسين. جتي بکن، اُڃن مري، ڌڪا ٿاٻا کائي، ذليل ۽ کُوار ٿي، پِني سِني ڀاڙو ڪري مهيني کن کان پوءِ وري پانجي ڪکن ورياسين. پٺيان ڇا اچي ڏسون! رڳو سُڃ ۽ ڀينگ پئي واڪا ڪيا. ڏاڍا بُڇڙا ٿيا آهيون، هِن ٻوڏ جي ڪري. الله ڪا پانجي ٻاجهه ڪري، باقي ڏاڍو ڏکيو وکت اچي ويو آهي. مٿانهيون.” ساماڻو جيئن شروع ٿيو، تيئن يڪي ساهيءَ ۾ سڀ خبرون ٻڌائي وڃي پار پيو.
“پر يَرَ ساماڻا ڪو؟ آنکي ڪا امداد ڪانه ملي ڪيئن؟ هِتي ته ديڳ، ديڳ نه پر الاجي ڪيتريون ديڳيون امداد جون پئي چڙهيون ۽ لٿيون. ماڙهن (ماڻهن) ته پانجا گهر ڀري ڇڏيا آهن. پر هاڻ ته وٽن رکڻ جي به جاءِ ڪانهي. تون پيو چُوئين ته ڪِي ڪينهي وٽيون. سو وري ڪيئن؟!” براديئي ورائي ساماڻي کان پڇيو.
“ادا براديا، بروبر امداد جا ته نُو نَرَ پئي آيا. ڪڄاڙو تا چُون اُنُن کي، اَنجيو وارا (N.G.O غير سرڪاري ادارا) گاڏين مٿان گاڏيون کڻيو پئي آيا. پر هرڪو پُڇائون ڪندو سامان کڻيو وڃيو ڏي مَمَبرَ دادن کي ته تون راڄن ۾ ورهائي. سو دادن به بيهي پانجا گهر ڀري ڇڏيا آهن، ٽڪابين ۽ سامان مان. پر حرام، جو پانجن ٻن چئن گهرن کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ڪا هيڪڙي پائي به ڏني هجيس. ڪا چارن (چانورن) مُٺ، ڪا اٽي لَپَ ڏني هُجيس. سِڀ پاڻ ٿميندو اچي پانجن اَن جي ڀانڊن ۾. توکي ته کبر آهي ته اسان جي ڳوٺ وارا دادن جي پٺيان ڪونهن. سو هُن به اڳيان پويان پلاند ميڙي هيڪاندا پُورا ڪيا آهين. ڪين کي دانهن ڏيون. ڪو اسان توڻي ته پُڄي ئي ڪونه تو. پر کئر. الله وڏو آهي. ويندا لُڙ لهي. تون ٻڌائي براديا، تونجا ڪيڙا حال آهين.”
“ٻيلي ساماڻا، شُخر آهيس، ٻوڏ ۾ ته اسين به ڏاڍا دربدر ٿياسين. بنهه مَنَههَ جيڙيون ڀونگيون ڪٿي ٿيون ٻوڏ جي دَٻَ جهلين. سو اَجها ته اسان جا به اُجڙي ويا هئا. اسين به ٺلهن پٽن تي اچي بيهي رهيا هئاسين. پر ٻيلي، ڳالهه جيڪا هوندي سا ڪبي. سو ٻوڏ کان پوءِ جيڪا کيريات (خيرات) جي، امدادي سامان جي، کاڌي کوراڪ جي ۽ ڪپڙي لٽي جي برسات پيئي وسي تنهن ته مرڳو ڍَهي ڇڏيو اَئينون. سچ پڇين ته ايترو ته، ايترو ته مال مليو ائينون جو هاڻ مرڳو سميٽڻ ڏکيو پيو لڳنون. اٽو، چارَ، کنڊ چانهه، گيهه، دال، ڪپڙا گنڌيون، ٿان ٿپا، پاڻيءَ جا ڪُولر، ڪمبل، تنبو، هٿرادا ڪاڪوس، پاڻيءَ جون ٽانڪيون، صابڻ سرف ۽ پئسه ڏوڪڙ تنهن کانسواءِ ٻيو به الاجي ڪُڄا ڪُڄا. بنهه ڌنيون هڻي ڇڏيون ائينون. ڊپ ائينون ته مرڳو کاڌي پيتي جو سامان رکي رکي کراب نه ٿي وڃي. ٻيلي آئون ڊڄيو تو ڳالهه ڪريان ته جي سامان سنڀالي کاڌوسين ته سال سڄو بنا کٽڪي جي هلي ويندو. سو يَرَ، اسين ته هن ٻوڏ مان ايڏا ته خوش ٿيا آهيون جو رب کان دعائون پيا گهُرون ته الله ڪري ته هر سال ايڙي ٻوڏ اچي.” ۽ ..... ۽ ساماڻو وات ڦاڙيو براديئي کي تڪي رهيو هو.

(25 جنوري 2011ع)
*