10. اکين ۾ رهجي ويل عڪس
“کُدا (خدا) جي ڪدرت (قدرت) پيو ڏسان ٻيو!” صابوءَ ٿڌي لهجي ۾، مُنهن تي مرڪ آڻيندي خوش دليءَ سان ورندي ڏني.
“کدا جي ڪدرت!؟ هتي وري ڪٿان آئي کدا جي ڪدرت! هتي ته رڳو آئون بيٺي آهيان.” حڪوءَ صابوءَ جي ڳالهه ڪانه سمجهي، سو هيڏانهن هوڏانهن لؤنڻا ڦيري ورائي پڇيائينس.
“تون ئي ته اَهيئين کدا جي ڪدرت، ٻيو وري ڪيڙي (ڪهڙِي)!”
“آئون کدا جي ڪدرت اَهيان! بتال ٿيو اَهيئين ڪيئن؟”
“نڪو، نه بتال ٿيو آهيان ۽ نه ڪا ئي ڪا ڪل ٿڙي آهيم. هي تونجيون سدا ملڪوڙيون اکيون، هي تونجاڪارن پڪل ڄموئن جيڙا (جهڙا) چپ، تونجي ڪونج جيڙي ڊگهي ڳچي، سوئيري (سرمي) جهيڙو سانورو رنگ، ناريل جي وڻ جيڙو ڊگهو قد، اڇن باسمتي چارن (چانور) جيڙا ڏنڌ! اِها ئي ته آهي کدا جي ڪدرت، ٻيو وري ڪيڙي ٿيندي آهي کدا جي ڪدرت!” صابوءَ ڏنڌ ٽيڙيندي هلڪي کل کلندي چيو.
“چوئين (چوين) ڪڄاڙو پيو؟ مٿو کراب ٿيو ائيني ڪَه؟ چڱيءَ کي مرين ته هيءُ تڙ ڇڏي وڃ، وڃين پانجي (پنهنجي) گهر جي اڳيان ٽُورو ٿي بيهي، هِتي ڪڄاڙي لاءِ ٽنگيو بيٺو اَهيئين.” حڪوءَ صابوءَ کي ڇنڊ پٽيندي چيو.
“ٿڌي ٿي مولائڻ، ٿڌي ٿي. ايڏي ڪاوڙ په ڪا سونهي تي ڪَه، سو په تو جيڙي ڀلوڙ زال کي، ڏسڻ ۾ ته ايڙي روٺ، مُنهين ڪانه تي اچين. پوءِ تونجو هيءَ ڳالهائڻ ايڏو کارو ڪو؟” صابوءَ حڪوءَ جي داٻي کي نظرانداز ڪندي چيو.
“هاڻ ٺهيو ٺهيو. جهل وات پانجو. ايڙا لڙا ٻين کي وڃين هڻ. اجايو حُجاتي نه ٿي. ماٺ ڪري پانجو گس وٺ”. حڪوءَ مُنهن سُڄائيندي چيو.
“مون ته ڀانيو هو ته جيڙي ڏسڻ ۾ ڀلي آهين، تيڙي ڳالهائڻ ۾ په مٺي هونديئين، پر تون ته مرڳو لٺ سان پيئي اچين. جي رنج ٿيئين ته سچي پچي هليو وڃان.”
“چُئان ني ته پيئي، ٻيو اڃا پٽڪو لاهي پيرن تي رکان ني، پوءِ ويندين ڇا؟”
“پوءِ په ايڏو گرم نه ٿي مولائڻ، ڌڪ جي ڪار ڪانهي، ڳال ڳال سان ڇٽندي. ڏيئي وٺي په مون توڏانهن ٺلهو نهاريو ئي ته آهي، ڪو لٺ ڌڪو ته ڪونه هنيو آهيم.”
“پر په ڪو ته پيو نهاريئين. اڳي ڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪانه ڏٺي ائيني ڪَه.”
“ان ڪري تو نهاريان جو تون مون کي الاهي الاهي تي وڻين، پر کئر (خير)، جي توکي مون جو ٺلهو نهارڻ په نٿو وڻي ته اڳتي لاءِ کڻي تو ۾ ڪونه نهاريندس، پر هليا، ٿورو اوريان ٿي ته ڦيڻ مکيان ني، متان نه مرڳو مونجو نظر نه لڳي پُوني.”
ڦيڻ مکڻ جي ڳالهه ٻڌي حڪوءَ کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ هوءَ پوتيءَ جو پلانڌ مُنهن تي ڏيئي الاهي دير تائين کلندي رهي. سندس ڪاوڙ هوا ٿي اڏامي ويئي.
“ٻيلي شڪرانو، کِليئين ته سهي، نه ته هُڃَ (هونئن) تونجي داٻي ته مرڳو مونجا گُونَهه مُٽَ سوڙها ڪري ڇڏيا هئا. چئو ته هاڻ وري ايڙو داٻو ته ڪونه ڏينديئين نه، نه ته مرڳو آئون هيءَ جُوءُ ئي ڇڏي هليو وڃان، اَلها! (الله،”
حڪو اڃا تائين پئي کِلي.
“قسم سان، سچي تو چئان، اسين گَريب ماڙهو، سهي جي کَلَ! نه ڪَڙو ٻوليون ۽ نه داٻو سهي سگهون. اسان جي ميڻ جي دل، سو ٻيلي، اسان جي مڙيو ئي پارت هجني. وڌيڪ مئا ٿيا جيئرن وس، ماريو توڙِي جيئاريو، آنجي آهي مرضي.”
حڪوءَ پنهنجي بي مهار کِلَ روڪي صابوءَ ڏانهن نهاريو. “ڏسڻ ۾ ڪيڙو ميسڙو تو لڳين، پر ڀانيان تي ته اَهيئين ٻئي ڪُلهيون وهينل. ڳالائڻ تي تو اچين ته جهل ئي ڪونه تو ڏيئين. الاجي ڪٿان کان ڪٿي وڃيو پڄين. مٿان وري ٺوڪَ اِها ته گريب اَهيان، سهي جي کَل!”
“هيڏانهن، جا....! نالو ڪڄاڙو ائيني .... ؟”
“حَڪُو.”
“ها حڪو، مونجو نالو صابو آهي. سو جا حڪو، ڳاڙهي قرآن جو سُنهن ته آئون ميسڙو ڪونه اَهيان، جيڙو ٻهار (ٻاهر) اَهيان، تيڙو ئي منجهه اَهيان. اِهو ته مڙيئي تونجي ڪاوڙ کي ڍرو ڪرڻ لاءِ اِڃَ (ائين) پئي درڙيون (درڻيون-منٿون) هئيم. سچي ڳال هيءَ آهي ته جڏهن کان تون اسانجي ڳوٺ ۾ آئي اَهئين ۽ جڏهن کان توکي ڏٺو آهيم، تڏهن کان سک ڦٽي پيو آهيم. تونجي سامهون ته ڪونه تي آهيس، پر گسان پنڌان لڪيو ڇپيو تونجو ديدار پيو ڪندو هوس. پر پوءِ جڏهن ڏٺم ته توکان سواءِ ساٿ (ساعت) په ڪانه تي سريم، تڏهين ٻن ڏينهن کان ڪَلوڙو ڪُنڍي کڻي اچيو آنجي گهر مانڌان (اڳيان) تڙ تي مڇي مارڻ جو موثو (بهانو) ڪريو بيهو رهان. ڪالهه ته سڄو ڏينهن نهاري نهاري اکين ۾ پچيون پئجي ويون پر تون ٻهار ئي ڪانه نڪتيئين، اڄ وري آئي اَهئين ته مرڳو داٻن سان اُڦٽ ساهه تي ڪڍين”، جا، حڪو! بار ڇا پير جو سُنهن ته تون مرڳو مونجي دل ۾ گهر ڪري ويهي رهي اَهيئين.”
“اي هاڻ ٺهيو ٺهيو، ايڙيون قواليون ته آنکان ڪير سکي.” حڪوءَ ماڻو ڪيو.
“اِهي قواليون ڪونهن حڪو، اِها منهنجي دل جي ڳالهه آهي، اتبار (اعتبار) ڪر حڪو.” صابوءَ منت ڪئي.
“چڱو چڱو، هاڻ پري ٿي، تڙ کالي (خالي) ڪر ته آئون پاڻيءَ جو دلو ڀريان. ويچارو، مجني جو ماسات.” حڪوءَ ٽوڪ ڪندي مسڪرائيندي چيو.
“ها، اِڃَ په هوندو، ويچارا جو ٿياسين. باقي هڪڙي ڳال پڌري پٽ پئي آهي ته زوريءَ نه پيار ٿيندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي زوريءَ دل ڏبي آهي. سو جي سچي پچي رنج ٿئين ته آئون وري تون جي گسان پنڌان نه اچان. ڇو ته هرڀرو آئون ڪنهن جي دل ڏکايان، اهو مونجو وڙ ڪونهي.”
“مرڳو اِن منزل تي پُڄي ويو اَهيئين ڪيئن! اڃا دير ئي گهڻي ٿي آهي.” حڪوءَ هڪ دلربا مرڪ مرڪندي چيو.
“هُڃَ ته ٻڌو آهيم ته دلين جي وچ ۾ نه پنڌ ويڇا وجهندا آهن ۽ نه ئي ڪا وکت (وقت) جي اهميت رهندي آهي. ست سمونڍ په کن پل ۾ اُڪرجيو وڃن ته صديون په ساعت ۾ گذريو وڃن. پر مون کي ته سڄو سارو بار ڀريو مهينو ٿيو آهي تولاڪ اُسڙڪندي. پهريئين ڏينهن، جڏهن تون ڊاسن (ڊاٽسن پڪ اپ) مان پئي لٿيئين، تڏهن توتي نگاهه پئي هُئيم. اوڏي مال (مهل) ئي جيڙو ڪر ڪنهن هينئين ۾ ويرَمُٺ (ڪارو جادو) وهي ڇڏي هئي. ۽ ... ۽ تون پئي چئين ته دير ئي گهڻي ٿي آهي.” صابوءَ پنهنجي دل کولي حڪوءَ مانڌان رکي.
“ڀلا ڀائيرَ! تون ته ماڳهين ڪو اوڏيءَ مال ئي چتايو بيٺو هُئين. آئون ته توکي اڄ پهريون ڀِرڪو پئي ڏسان.” حڪوءَ بي خبري ظاهر ڪندي چيو.
“چوندا ڪونه اَهين ته ‘سکيو کنهي پيٽ، بُکيئي وڃي ساهه..!’ سوجيسين تونجي نگاهه مون تائين پهتي آهي تيسين باقي ڪي پساهه وڃي بچيا اَهين، سو په مٿان وري داٻا.”
“مون کي کبر ڪانه هئي ته ڪو تو جيڙا شودا مرڳو اکايو بيٺا اَهين ته ڪٿان تا ٻوڏ جا ستايل ماڙهو اچن، ته هي عاشق جيوڙا پانجو عشق لڙائين، جي هيل مينهن نه پون ها ۽ ٻوڏ نه اچي ها ته پوءِ تونجو ڪڄاڙو ٿئي ها! تون ڪنهن جي لاءِ ڪُنڍيون ۽ ڪلوڙا کڻي اچي بيهين ها!” حڪوءَ طنز ڪندي چيو.
“حڪو، تون ڀلي مون تان مشڪري ڪر، ڀلي ٽوڪرون هڻ، پر مون توسان دل واري ڪئي آهي.”
“ڀلا مڙس! ٻيو ڪو چُوندو ته سچي پيو چئي.”
پوءِ صابو ڪنڍي ۽ ڪلوڙو کڻي پنهنجي گهر روانو ٿيو.
تڏهن حڪو سٿڻ جا وَرَ کُنجي گوڏن تائين مٿي ڪري، دلو کڻي پينڃاري واهه جي تڙ تي پاڻيءَ ۾ لهي پيئي. دلي کي اندران توڙِي ٻاهران پاڻيءَ ۾ آڇلائي ڌوئي صاف ڪري، پاڻي ڀري دلو کڻي ڪڇ تي رکيائين ۽ آهستي آهستي ڪري پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري ڪپر تي آئي. هيڏانهن هوڏانهن لؤڻا ڦيريائين، پر صابو ڪٿي به کيس ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. الاجي ڇو سندس دل جي ڪنهن پاسي ۾ اِهو خيال ڪَر موڙِي رهيو هو ته ڪٿي نه ڪٿي، ڪو ڪُنڍ پاسو وٺي صابو ضرور لاڪائنس بيٺل هوندو. پر جڏهن صابو ڏسڻ ۾ ڪونه آيس، تڏهن جهڙو ڪر دل ۾ کيس ڪو جهٽڪو محسوس ٿيو.
“الا! ويچاري کي هران ڀران (هروڀرو) تڙي ڏيئي پريشان ڪيم. جي رڳو ٻه اکر کلي ڳالايان ها ته مونجي گهران ڇا وڃي ها. مڙيئي هن جي دل کُوش ٿئي ها ٻي. پر کئر، ٺيڪ آهي، جي کلي ڳالائجيس ها ته مرڳو منجهائنس ڦاسي وڃجي ها. هڃر ئي پيو چُوئي ته پهرئين ڏينهن کان وٺي تولاڪ مانڌو اَهيان، سو ڏسان ته اڳتي ڪڄاڙو تو ڪري.” حڪو پنهنجي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهي هئي...
“پر ٻيلي حڪو، اجائي اَتڙي (جلد باز) نه ٿي. هنن مردن تي ايترو تڪڙو اتبار (اعتبار) په نه ڪر. ايڙا ميسڙا رڳو ڪم ڪڍائو هوندا آهين. ٻڌو ڪونه ائيني ته ‘ميسڙن مان مسيتون (مسجدون) ٻرن...’ بس ڪم لٿو، ڪاڳر ڦاٽو. پو (پوءِ) سڃاڻيندا په ڪونه. ٻي ڳال ته آئون پرائي ڳوٺ ۾ ڏُرجي (دربدر ٿي) آئي اَهيان، ڪو گهوٽ پسند ڪرڻ ڪانه آئي اَهيان. پانجن پکن جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ هتي اچي ٻه ٽي ڏينهن پناهه ورتي ائينون. حال هڪيو ته پراين ٽڪرن تي پيٽ کوڙيو پيا آهيون. پاڻيءَ سُڪندا ته هليا وينداسين ۽ وري وڃي اباڻا اجها آباد ڪينداسين. اڃا په وڏي ڳال ته مون کي ڪيڙي شادي ڪرڻي ِآهي جو آئون اجايو پيئي وهلور وڃان ۽ هي ڳاليون پئي سوچيان...” اِهي پُور پچائيندي حڪو پاڻيءَ سان ڀريل گهڙو کڻي گهر اندر هلي ويئي.
حڪوءَ جن جو گهر، سندس ٻن چاچن جا گهر ۽ هڪڙو سندس مامي جو گهر، “گونگڙو” سِم نالو اٿلڻ جي ڪري پيدا ٿيل ٻوڏ ۽ بي انتها برساتيءَ پاڻيءَ جي ڪري ڳوٺ ٻڏڻ سبب، پنهنجا سِرَ بچائي اچي پنهنجي برادر جي لاڳاپي ۾، دڙو شهر کان ڏکڻان، پينڃاري واهه جي بندر تي ڪَپَر سان اڏيل ڳوٺ ۾ ترسيا هئا. ۽ جنهن گهر ۾ حڪوءَ وارا ترسيل هئا، تنهن کان پنج گهر ڇڏي ڇهون گهر صابوءَ وارن جو هو.
اُن شام، جنهن ڏينهن حڪوءَ وارا پنهنجو اڀرو سڀرو لڏو، هنڌ ٽپڙ، رلي رانٽو، ۽ ٻيو ضروري سامان ڊاٽسنن ۾ ڀري اچي صابوءَ وارن جي ڳوٺ ۾ لٿا هئا، تنهن مهل به چڱي بونڌار وسي رهي هئي. اويءَ مهل صابو به ڳوٺ جي ٻين همراهن سان گڏ، آيل مهمانن جو سامان گاڏين مان لاهڻ ۽ گهرن اندر رکڻ ۾ جُنبي ويو هو. آيل زائفائون وسندڙ بُونڌار جي ڪري تڪڙيون تڪڙيون گهرن ۾ گهڙي وڃي اجهي ۾ بيٺيون، ۽ مڙسالا وري ڳوٺ وارن سان گڏجي سامان لاهڻ ۾ لڳي ويا هئا. انهيءَ افراتفريءَ دوران به حڪوءَ جي گهري سانوري رنگ، ڊگهي قد ۽ بنهه ملوڪڙن آرڪاڻن صابوءَ جا وائيسر (واشر) ڍرا ڪري وڌا هئا. توڙي جو حڪوءَ جو ڏانهس ڪو توجهه ئي ڪونه ٿيو هو، پر پوءِ به صابو حڪوءَ کي ڏسندي ئي پنهنجي دل جو فصل ڀيلائي ويٺو هو.
پوءِ سڄو سارو مهينو صابو حڪوءَ کي رڳو پري کان، سو به اڻ لکي نموني ۾ ڏسندو رهندو هو. تنهن ڪري حڪوءَ جي ملائڪن کي به خبر ڪانه هئي ته ڪو صابو ۾ لاڪائس باسون باسيندو ڀُوڻي.
اُن ڏينهن، جڏهن حڪوءَ کي هن حقيقت جي پروڙ پئي ۽ ساڻس روبرو جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪيائين، سا ته ڪيائين، پر پوءِ گهر وڃڻ کانپوءِ، جڏهن رات جو هيڪلي هنڌ تي ليٽي هئي، تڏهن پُورَن ۽ پچارن اچي پَٺي جهلي هُيس:
حڪو جيڪا، رحمت مان ڦري زحمت بنجندڙ برساتن جي بربادين جي وَر چڙهي، پنهنجن پکن جي پاڙئون پٽجڻ ۽ نيست و نابود ٿيڻ بعد پنهنجن مائٽن سميت پناهه وٺي اچي پنهنجي برادر ۾ رهي پيئي هئي، سا جڏهن صابوءَ سان ڳالهيئين پئي هئي، تڏهن ته هڻي دُڻي حال هڪيو ته پنهنجي جند ڇڏائي، صابوءَ کي رُکو مُنهن ڏيئي روانو ڪري چڪي هئي. پر هاڻ جڏهن اچي هنڌ تي ليٽي هئي، تڏهن سندس بند اکين اڳيان صابوءَ جي شڪل اڀري اچي بيهي رهي هئي... معصوم، منتون ڪندڙ ۽ مرڪندڙ شڪل.... “کدا جي ڪُدرت پيو ڏسان ٻيو ....”، “تون ئي ته کدا جي ڪُدرت اَهين، ٻي وري ڪيڙي ...!”، “هليا، اوريان ٿي ته ڦيڻ مکيان ني، مرڳو نظر نه لڳي پُوني...!” اَلا! ڪيڏيون نه منٿون تي ڪيائين...! ڇا جنهن کي دل ۾ بدي هوندي، جان (يا) جنهن جي نيت کراب هوندي، سو اِڃَ (ايئن) پلانڌ وجهندو؟ ايڙيون ليلڙاٽيون ڪيندو؟ ايڙو ڳوڀ کُدا جو هوندو؟ مون کي ته منجهس ڪو ڦير ڏسڻ ۾ ڪونه تو اچي... ٻيو په ڪيڙي کبر! ماڙهوءَ جي نراڙ تي ڪو لِکَلِ ٿورو ئي ڪو هوندو آهي... ماڙهو... ماڙهو په ايڙا کرميٽ تا ڪن جو کبر ئي ڪانه تي پوئي... ڪيڙي کبر ته هي په اِهو سمورو ناٽڪ ڪيندو هجي! پر .... پر ... لئي حڪو، توکان ڪير تو پڇي ته هُو سٺو آهي ڪَه بڇڙو! کڻي هو سٺو په هجي، ته په مون جو ڇا؟ مون جي ڪيڙي ڪم جو! ڀلي کڻي مون تي چريو ٿيو پيو هلي، پر مون مان ورندس ڇا! جي کڻي آئون وڻانس په تي، ته په هُو پانجن مائٽن کي چوئي ته اُهي مون جي مائٽن سان ڳالائين، مون جي اڳيان پٺيان ٿيڻ مان کيس ڇا ورندو سرندو! مٽي مائٽي ته مائٽ ڪيندا، آئون ڪو ساڻس ڀڄي ته ڪانه وينديس... پر اِهي په اجايون ڳالهيون. آئون ته ڪنهن نه ڪم جي. مون مان نه هوند، نه شڪر، پو ... پو... ڇڏ منڊو واريءَ ۾. مونجي ٺُٺِئي سُور...!
(2)
“ٻڌو آهيم ته آئين سُڀاڙي وريو پانجي وطن پيا وڃو.” صابوءَ جي چهري تي ڏاڍي فڪرمندي پئي ظاهر ٿي. هُو اڄ وري ڪُنڍي ۽ ڪلوڙو کڻي اچي حڪوءَ وارن جي گهر اڳيان تڙ تي پاسو وٺي بيهي مڇي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جيڏي مهل حڪو گهر کان ٻاهر نڪتي ته کانئس پڇيائين.
“ها، وڃڻو ته آهي. پرائي درن تي رهي په ڪيترا ڏينهن رهبو.” حڪوءَ به ساڳي سنجيدگيءَ سان کيس ورندي ڏني.
“حڪو، آئون اڄ په ڪونه اچان ها، پر... پر جڏهن ٻڌم ته آئين وڃو پيا، تڏهن هڪڙو ڀرڪو وري اچي تونجي اڳيان ٽنگجي بيهي رهيو اَهيان. هڪڙي ضروڙي ڳال پڇڻي آهيم توکان، سو جي موڪل ڏيئين ته پڇان.”
“چئو، ڪيڙي ڳال آهي؟”
“جي تون په مون ۾ راضي هُجين ته ٻڌائي ته آئون اڳتي قدم وڌايان.”
“ڇا جي باري ۾؟”
“شاديءَ جي باري ۾، پانجي شاديءَ جي باري ۾.”
“پر مون ۾ ڏٺو ڇا ائيني، جو مرڳو چريو ٿي پيو اَهيئين.”
“اِها ته مون کي کبر ڪانهي ته تو ۾ ٻين ڇوڪرين کان ڪڄاڙو وڌڪ آهي، پر ڪا ته ڳال آهي سهي. نه ته هتي په ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي. هڪ ٻئي کان وڌيڪ پيون آهين. پر سچ پڇين ته جڏهن کان توکي ڏٺو آهيم، تڏهن کان سک ڦٽي پيو آهيم. تو الاجي ڪيڙو جادو ڪري ڇڏيو آهي، جو جي جاڳان پيو ته تون اکين اڳيان پيئي ڦرين، جي کڻي ڪيڏي مال ننڍ اچيم تي، ته وري خوابن ۾ تون اچيو اڳيان بيهو رهين، هاڻ ٻڌاءِ ته آئون ڪريان ته ڪڄاڙو ڪريان!”
“آئون ڪيڙو جادو ڪينديس، آئون ته ڪاري اڱار جيڙي، ٻيو ته ڪير مون ۾ نهاري په ڪونه، تون الاجي ڪو اچي بتال ٿيو اَهيئين، مون جي صلاح وٺ، مون جي پچار ڇڏي ڍار. اسين مشڪين گريب ماڙهو، پانجيءَ ۾ پُورا. گراهه ڪمايون، گراهه کِنيون. سو ايڙن عيشن ۾ اسانجو ڪڄاڙو؟ مون کي رڳو اِها کبر آهي ته اسانجا مائٽ جڏهن په، جتي په مرضي ٿيندي، ڏيئي ڇڏيندا. نه اسان کان پڇندا اَهين ۽ نه وري اسان جي ٻڌندا اَهين. ۽ اسين په ڍورن وانگي هڪڙي ڪِلي تان هڪلجي، ٻئي ڪلي تي اچي بيهي رهنديون آهيون. اسان جي لاءِ ٻنهي پاسي هڪ جهرو وهينير هوندو آهي. ڏکيو سکيو ٽڪر ٿيو کيئڻو. سو جيڙو هِتي، تيڙو هُتي، سچي ڳال ٻڌايان ني، تون مڙس ڀلو تو ڏسجين. مون کي تو تي قياس تو ٿئي. تون هران ڀران مون جي پويان نه رُل. ائون مائٽن جي تونسلي آهيان. سندن مرضيءَ کان سواءِ ڪجهه په ڪري ڪانه سگهنديس. ڳاليون ائيني سنيون سُبتيون. متان نه ڪنهن ڀُل ۾ رهين. ٻڌايو ڇڏيان ني تي ڪڻين.” حڪوءَ پهريون ڀيرو کُلي صابوءَ سان ڳالهايو.
“آئون اِڃَ ڪٿي تو چُئان ته تون تون جي مائٽن کي ڇڏي مون سين نڪري هل. آئون ته رڳو اِڃَ تو چئان ته جي تون مون ۾ راضي هجين ته مون کي موڪل ڏي ته تون جي مائٽن کان تون جي گُهر ڪريان. باقي ڪاري اڱارن جيڙي اَهيئين، جان (يا) جيڙي په اَهئين، سا ته اکين ڏسجين پيئي. سُونڊي هيٺان ڍَڪل ته ڪانه اَهئين. تون ڪيڙي اَهئين؟ سو تون مونجي دل کان پڇ. ٻين کي ڪيڙي کبر ته تو ۾ ڪيڙي مڻيان آهي!”
“پوءِ ڀلا تون ئي کڻي سُڻائي ته مون ۾ ڪيڙي “مڻيان” آهي، ڪيڙو سون جو ٽڪر مون ۾ ڏٺو ائيني، جو مرڳو مريو تو پَئين.” حڪوءَ کان مڻيان جو لفظ ٻڌي کِلَ نڪري ويئي.
“چري، سڀ ڳاليون ڪي ٻڌائڻ سُڻائڻ جون ٿورو ئي ڪو هونديون آهين. ڪي ڪي ڳالهيون رڳو محسوس ڪبيون اَهين. اُهي نه ڏسي سگهبيون اَهين ۽ نه وري ڪو سُڻائي سگهبيون اَهين. اُهي رڳو دل جي اکين سان دل ئي دل ۾ محسوس ڪبيون اَهين. هُڃ ته ماڙهو سڀ هڪ جيڙا هوندا اَهين، پر گلن جيڙي کشبو (خوشبو) ڪنهن ڪنهن منجهان ايندي آهي، سڀني مان نه! سو تو منجهان ايندل (ايندڙ) کشبوءَ مون کي مست الست ڪري ڇڏيو آهي.”
“ائي الا، ويچارو! ماڳهي ڪم کان ويو پيو آهي.” حڪوءَ کلندي چيو.
“بس، هاڻ تونجي وس اَهيان.” صابوءَ به مرڪندي چيو.
“ڏس صابو، تون ته مون کي سڃاڻين په ڪونه، ته آئون ڪير اَهيان؟ ڪيڙي اَهيان؟ ڪيئن اَهيان؟ پوءِ رڳو پري کان ڏسڻ سان ئي اِڃَ لڳي چڙهڻ سڃاڻپ ته ڪانه چئبي.” حڪوءَ سنجيده ٿيندي چيو.
“عاشق وري سياڻا په ٿيندا آهينِ ڇا؟ هُڃَ په دنيا ڀروسي تي قائم آهي. ۽ ماڙهوءَ ۾ سوين گُن ٿيندا آهينِ.” صابوءَ پُر اميد ٿيندي چيو.
“اهي رڳو آکڻ سڻڻ جون ڳاليون هونديون اَهين. سڀ ماڙهو جيڙا ٻهار (ٻاهر) ڏسبا آهن، تيڙا هوندا ڪونهي. ڏسڻ ۾ ته ٽُوهَه ڏاڍا سُٺا پر ڪؤڙا جيڙا وِکِ (زهر). سو ڪيڙي کبر ته جنهن لاءِ تون مريو تو پوئين، سا اندر ۾ بنهه ڪا بازن کان بڇڙي هجي ته!” حڪوءَ ساڳي سنجيدگيءَ سان چيو.
“ها، اِڃَ ته آهي، اِڃَ ته برابر آهي. پر چُون تا ته پنج آڱريون په هيڪ جيڙِيون ڪونهي. برابر ماڙهو دوکو ڏيندا په اَهينِ ۽ ماڙهو دوکو کيندا په آهين. مون وٽ ايڙي شاهدي ته ڪانهي جو آئون قسم کڻي چئي سگهان، پر الاجي ڪو مون جي دل پئي چوئي ته تون مون سين دوکو ڪانه ڪنديئين. شل رب مون جي ڳال قبول ڪري وٺي.”
“کڻي هاڻ توسان دوکو نه ڪريان، پر جي هِن کان اڳ جيڪي سَرَ سُڃا ڪيا هجنم، سي! هِن کان اڳ بازن کان بڇڙي رهي هجان ته پوءِ؟!” حڪوءَ آڏي اک سان صابوءَ ڏانهن نهاريو.
“جيڪي بازن کان بڇڙيون هونديون اَهين، جان جن سر سڃا ڪيا هوندا اَهين، سي هڃ تو وانگر قبولدار ڪونه ٿينديون اَهين. سي پانجا ڏوهه اڃ ڀاسينديون ڪونهي. تن جي مُنهن ۾ مڻيان ڪانه هوندي آهي. انهن جا منهن لٿل هوندا اَهين. انهن جو اندر کاڌل هوندو آهي. انهن جي ڳالين ۾ ايڙو دم ڪونه هوندو آهي. وري په توڪل جو سودو آهي، آئون توکي تونجن سمورن عيبن ثبابن (ثوابن) سميت قبول تو ڪريان.” صابوءَ وڏي هامَ هڻندي چيو.
“جڏهن ماڙهوءَ کي ڪا شيءَ وڻندي آهي، سا تڏهن رڳو وڻندي آهي. اوڏيءَ مال اُن کي رڳو ان شيءَ جون سٺايون ڏسڻ ۾ اينديون اَهين، پر ڪا په کرابي نظر ڪانه ايندي آهي. اڄ تون مونجي عشق ۾ انڌو ٿي پيو اَهيئين، سو توکي مونجا ڪي په عيب ڏسڻ ۾ ڪونه تا اچن. مونجو ڪارو رنگ توکي اک جو ڪجل ٿو لڳي، مونجا ڪارا چپ په توکي پڪل ڄمون ٿا لڳن. پر سڀاڻي جڏهن اِن ڪاري کَل مان جوانيءَ جو جؤڀن هلي چُرندو ۽ ڪاري چمڙي لڙڪڻ لڳندي، تڏن هئي جا هٿ هڻندين. آئون اندر ايڙيِ ڪانه اَهيان، جيڙي ڪپڙن ۾ ڍڪيل ٻاران (ٻاهران) ڏسجان پئي. تنهن ڪري مونجي صلاح مڃ ۽ اِن هوڏ تان لهي وڃ.”
“مون چيو نه ته تون سمورن عيبن ثبابن سميت جيڙي اَهيئين، مونجي اَهيئين، سو توتان هٿ ڏکيو تو کڻان. پانجي وس پڄنديءَ سارُو زور آئون په گهڻا لاهيندس، پو په الله مالڪ آهي.”
“پر مونجي ڳال سمجهين ڪونه ٿو! آئون جو چُئان پئي ته آئون جيڙي ڏسجان پئي، تيڙي ڪونه اَهيان، سو ضروڙ ڪا ته ڳال هوندي.” حڪوءَ صابوءَ کي خبردار ڪندي چيو.
“اُها ڪيڙي ڳال آهي. مون کي په ته سُڻائي، آئون په ته ٻڌان ته سهي.” صابوءَ پڇيو.
“اِهو اندازو تون هِن ڳال مان لڳائي وٺ ته اسان جي برادر ۾ جلد ڇوڪريون پرڻائڻ جو رواج آهي. هوڏانهن ڇوڪري اڃا سامائبي مس، ته هڪدم هُن جو وِهانءُ ڪري ڇڏيندا. پو جيڙو په گهوٽ ملي، انڌو، منڊو، ڪاڻو، ڪوجهو، جڏو، لُولو ۽ چريو کريو ڪونه ڏسبو آهي. مڙيئي نياڻيءَ جو بار لاهي ڇڏبو آهي.... پر مون کي ... پر مون کي ويٺي اٺ ڏهه سال ٿي ويا آهن. اڃان مونجي شاديءَ جي ڳال په ڪونه تا ڪن. هاڻ تون پاڻ سوچ ته ڪا ته کرابي آهي مون منجهه، جو هيترو وکت ويهي رهي آهيان.” حڪوءَ اشارن ئي اشارن ۾ سڄي حقيقت صابوءَ اڳيان رکي ڇڏي.
“اِهي سڀ پوءِ جون ڳاليون اَهين، تونجا مائٽ راضي ٿين تا جان نه، تونجو سڱ مونکي ملي تو جان نه. اُن کان اڳ ۾، پهرين تون سڻائي ته تون راضي اَهئين ڪه نه!” صابوءَ سڌو سوال ڪيو.
“آئون تو ساڻ ٺلهي ها ڪيئن ته ڪريان! جڏهن پانجي شادي ٿي ئي نه ٿي سگهي، ته پوءِ ها جان نه مان ڦائدو په ڪيڙو؟” حڪوءَ قطعي ڳالهه ڪري ڇڏي.
“پر په ڪوته سهي؟ ڪو نٿي ٿي سگهي پانجي شادي؟” صابوءَ وري پڇيو.
“اِها ڳال تون ڪونه سمجهندين.” حڪوءَ نراس ٿيندي چيو.
“جي تون سمجهائينديئن ته سمجهندس نه. تون چٽي ڳال ته ڪريئين ئي نٿي، رڳو پيئي ڳجهارتون ڏيئين.” صابوءَ زور ڀريندي چيو.
“اِها ڳال آئون توکي سڻائي ڪانه سگهنديس.” حڪوءَ ڏُکاري ٿيندي چيو.
“پر په ڪو ته سهي؟” صابوءَ وري به زور ڀريندي پڇيو.
ايتري ۾ بصري گهرجي گهٽيءَ مان ٻاهر ايندي نظر آئي. بصريءَ کي ايندو ڏسو صابو ڪنڍيءَ ڏانهن توجهه ڏيئي مڇي ڦاسائڻ جو بهانو ڪري بيهي رهيو، ته حڪوءَ وري سُٿڻ جا وَر کُنجي تڙ تان پاڻي ڀرڻ لاءِ گهڙو کڻي پاڻيءَ ۾ لهي پيئي.
بلڪل اوڏيءَ مهل صابوءَ جي ڪُنڍيءَ کي کُنڊَ (ڇڪَ) آئي ته صابوءَ به ڪاريگر شڪاريءَ وانگر ڏور کي ٿورڙي ڍِرَ ڏني ته جيئن مڇي باقاعدي ڪلوڙي وارو ڳاهه ڳيهي وڃي. ڪجهه ڍِرَ ڏيڻ کانپوءِ صابوءَ ڏور کي هيڪانڌي وٺي ٻاهر ڇڪ ڏني. ڏور ۾ ڦاٿل ڪا وزنائتي شيءَ محسوس ڪيائين. پر سندس زورائتي ڇڪ سبب ڏيڍ ڪلو کن وزن واري مور مڇي ٻاهر اچي ڪري ۽ وٺي ٽپ ڏيڻ لڳي. صابوءَ هڪدم ڏور کي ويڙهي سوڙهو ڪيو ۽ ڪلوڙي ۾ ڦاٿل مور مڇي کڻي سندس گهر ڏانهن روانو ٿيو.
“ٻڌائي ڙي ڇوري، اهو همراهه په ڏور ۾ ڦاٿل مڇيءَ وانگر تونجي اکين جي ڪلوڙِي ۾ ڦاسي ته ڪونه ويو آهي. جيڏي مال ڏس ته تڙ تي ٽنگيو بيٺو آهي.” بصريءَ حڪوءَ کي ڪُک وٽ چُمرڪو وجهي اک ڀڃندي چيو.
حڪو بنا ڪنهن ورندي ڏيڻ جي، بصريءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي نهارڻ لڳي. بصريءَ جو حڪوءَ کي سنجيدگيءَ سان گهوريندي ڏٺو ته سڄي هَيلڙِ ٿي ويئي. سندس چهري تان شرارت ته گم ٿي ويئي، پر مرڳو هوءَ پريشان ٿيڻ لڳي. پر وري به مُنهن تي زوريءَ ڦڪي مرڪ آڻي معذرت واري انداز ۾ چيائين:
“ماڦ (معاف) ڪِج حڪو، مون توسان ايڙو وايات (واهيات) ڀوڳ ڪيو، اڳتي اِڃَ مور ڪانه ڪنديس، مون کي کبر ڪانه هئي ته تون مرڳو رنج ٿي پُونديئين.”
“نه بصري نه، تون دلگير نه ٿي. ايڙي ڳال ڪانهي. مون پاڻ تي چيو ته توکان هڪڙي ڳال پڇان. پر د جهلي ڪانه پئي سگهيس. دل جي ڳال جنهن تنهن مانڌان ته ڪانه ڪبي آهي نه، دل اُن مانڌان کولي رکبي آهي، جنهن ۾ وِسندي آهي. ڇا آئون توتي ڀروسو ڪريان؟ تون مونجي ڍَڪَ رکنديئين نه اِن لاءِ پئي تونجي منهن ۾ نهاريم”. حڪو بلڪل سنجيده هئي.
بصريءَ وڌي وڃي حڪوءَ کي ڀاڪر وڌا ۽ ڀرتُو سانوري مِٽ تي چُمي ڏيئي، پنهنجي ٻنهي هٿن سان حڪوءَ جو چهرو جهلي، سندس اکين ۾ اکيون وجهي ڏاڍي ڀروسي سان چيائينس:
“حڪو، توڙي جو پان (پاڻ) زندگيءَ ۾ پهريون گهمرو گڏيون آهيون ۽ پان کي گڏ رهندي اڃا مهينو ڏيڍ مس ٿيو آهي. پر چُوندا ڪونه اَهين ته ڪِن جي رتيءَ جي رهاڻ په سڄي حياتيءَ کان ڳري هوندي آهي. سو جي سچ پڇين ته ايمان سان تِي چُئان ته تو جهڙي اعتبار واري ساهيڙي اڃا تائين ٻي مون ڪٿي په ڪانه ڏٺي آهي. تون ته رڳو اِڃَ پئي چُوين ته آئون ڍَڪَ رکان تونجي، پر آئون توسان ايمان وارو واعدو تي ڪريان ته جي تون مون کان مونجو سِرِ گهرنديئين ته په توکان ڪانه جهلينديس آ هيءَ مونجي سِينڌ ڏس، جهجهيون ڳاليون جان وڏيون ڍاڙون ڪانه تي هڻان. ڪم جي وکت آزمائي ڏسج، مون جي مٺي، توسان ته مونجي جيءَ جون جڙيون اَهين. تون بي کٽڪي ٿي چئو. ڪيڙي ڳال آهي؟” بصريءَ حڪوءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙيِ چيو.
“بصري، مونجي ڀيڻ، ايڙي ڪاپه ڳال ڪانهي، تون پريشان نه ٿي. مون کي توکان صابوءَ جي باري ۾ پڇڻو آهي ته هُو ڪهڙو ماڙهو آهي. تونجي پاڙي ۾ رهي تو. آئين هتي ننڍا ٿي وڏا ٿيا اَهيو، جيڪا کبر توکي هوندي، سا هر ڪنهن کي ڪانه هوندي. آئون جنهن ڏينهن کان هتي آئي اَهيان، تنهن ڏينهن کان وٺي مونجي پويان چريو ٿيو پيو هلي. مون لاءِ مريو تو پوئي. مون کي، هن جي مون لاءِ کجڻ کپڻ تي، ڏاڍي ڪهل تي اچي. مون کي اها په کبر آهي ته آئون هن کي ملي ڪانه سگهنديس، پر هن جو ضد آهي ته رڳو آئون ها ڪريان. پوءِ کٽن سندس ڀاڳ! توکان رڳو اِن ڪري تي پڇان ته جي لکئي جو ليک ٿي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ايڙي ماڙهوءَ جي ور نه چڙهان جو مرڳو ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو ڪڍي نه وڃي. گهٽ ۾ گهٽ ايڙو ته هجي، جنهن سان ماڙهو حياتي گذاري ته سگهي. باقي چاهڻ وارو ته چُوندو ته تونجي لاءِ آشمان تان چنڊ لاهيو تو اچان. پوءِ چئن ڏينهن جي چسڪي وٺڻ کان پوءِ اِڃَ اکيون ڦيريندو، جيڙوڪر سڃاڻندو ئي ڪونه هو. تڏهن تي توکان پڇيم.” حڪوءَ سڄي حقيقت بصريءَ کي ٻڌائي ڇڏي.
جيڏي مهل حڪو ڳالهائي رهي هئي، اوڏيءَ مهل بصريءَ جون نگاهون ته حڪوءَ جي نگاهن سان اٽڪيل هيون، پر سندس ذهن جي اسڪرين تي صابوءَ جي لائيو مووي هلي رهي هئي. هوءَ صابوءَ جي ننڍ پڻ کان وٺي، ڏور ۾ مڇي ڦاسائي کڻي وڃڻ تائينءَ واري وقت کي سامهون ڏسي رهي هئي. پر بصريءَ کي ڪٿي به صابوءَ جي کاتي ۾ اهڙِي ڪابه شيءَ نظر ڪانه آئي، جنهن کي بنياد بنائي کيس رد ڪري ڇڏجي. پاڻ بصريءَ جي دل ۾ هڪ ٻن جاين تي چهنڊڙي پئي هئي، جنهن ۾ هُن صابوءَ کي پنهنجي نيڻن ۾ ويهارڻ جي خواهش کي ڪَر کڻي اُڀو ٿيندي محسوس ڪيو هو. سو جڏهن حڪو کائنس صابوءَ جي باري ۾ پڇيو ته کيس ٻڌايائين ته مون کي سندس ڪابه “ڪِني ڦِٿي” ڪئي به ڏسڻ ۾ ڪانه آئي آهي.
(3)
بصريءَ جي اوچتو اچڻ ڪري حڪوءَ ۽ صابوءَ جي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اڌ ۾ رهجي ويئي. صابوءَ چاهيو پئي ته ڪنهن به صورت ۾ اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي حڪوءَ کان پڪي ها يا نه جي ورندي وٺي. شام ٿيڻ واري هئي. تنهن ڪري مرڳو سندس سک ڦٽي پيو هو. جي اڄ اِها ڳالهه نه نبري سگهي ته پوءِ اتي ئي رهجي ويندي. ان خيال کيس گهر ۾ ويهڻ ئي ڪونه ٿي ڏنو. نيٺ هُو وري به اچي حڪوءَ وارن جي گهر اڳيان آنٽا (چَڪر) ڏيڻ لڳو. هيڏانهن اچيو هوڏانهن وڃي. پر ٻيو مڙيوئي ٿيو خير! تانجو سج به اچي لٿو ۽ هُو نااميد ۽ ناڪام ٿي، دل ئي دل ۾ اوسڙڪندو، هنجون هاريندو واپس هليو ويو.
۽ اُها رات صابوءَ ٽانڊن تي هلي گذاري هئي.
حڪوءَ بنا گهارجندڙ زندگيءَ جو تصور سوچي صابو ڪيترين ئي قيامتن مان گذريو. ڪيترين ئي دوزخن جي آڙاهن جا عذاب ڀوڳيائين. ڪيترائي ٿرجا ڪارا ڏڪار سر تي سٺائين. ڪيتريون ئي ٻوڏون مٿانهس گذريون. ٽوڙي ٻنڌ ۽ ڪوٽ عالمو ٻنڌ جي هيڪاندي پاڻيءَ ۾ روهندو، ٻڏندو، اُپڙندو ۽ غوطا کائيندو رهيو. بظاهر ته هُن اُها هڪڙي رات ويهي گذاري هئي. پر هُن جي ليکي ته هُو جُڳن کان وٺي جاڳندو رهيو هو. کيس هر هر حڪوءَ جي اِها ڳالهه منجهائي رهي هئي ته ‘پانجي شادي ٿي ئي نٿي سگهي.’ کيس اُن ڳالهه جو ڪو پتو، ڪو گس، ڪو ڏس، ڪاواهه، ڪا راهه ۽ ڪو حل ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو، جنهن سان هُو هيءُ سُٽ سُلجهائي سگهي. هُو سڄي رات ويٺو رهيو، ويٺو رهيو. سج اڀري سنئون ٿيو، تڏهن مَس مَس اُٿي مُنهن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هنيائين.
۽ پوءِ ... ۽ پوءِ دل ۾ دردن جون ڌنيون سانڍي، آزارن جا انڀار سنڀالي ۽ پيڙاهن جون پٺارڪون ٻڌي صابو آهستي آهستي اچي انهن ڊاٽسن پڪ اپنِ وٽ بيٺو، جن ۾ سامان سٿجي رهيو هو، ۽ هڪڙِي ڊاٽسن پڪ اپ اڃا خالي بيٺي هئي، جنهن ۾ عورتون چڙهڻيون هيون. جڏهن اِهو ساڳيو سامان، گاڏين مان ٻه مهينا اڳ لاٿو پئي ويو، تڏهن صابو ڏاڍي جوش خروش ۾ ڏاڍي خوش دليءَ سان سامان لاهي گهرن ۾ رکڻ ۾ ٻين سان گڏ ٻانهن ٻيلي هو. پر اڄ جڏهن اهو ساڳيو سامان واپسيءَ لاءِ گاڏين ۾ سٿجي رهيو هو، تڏهن هو گاڏين کان ٿورو پرڀرو، هڪڙي ننڍڙي ٻٻريءَ جي ٽاريءَ کي جهلي ڏاڍي حسرت سان ڏسي رهيو هو ۽ .... ۽ .... سندس دل ۾ نوحه خواني ٿي رهي هئي. ايئن پئي ڀاسيو ڄڻ موهن ڀڳت وڇوڙي جا ورلاپ آلاپي رهيو هو.
۽ پوءِ نيٺ اها نڀاڳي گهڙي به اچي پهتي، جيڏي مهل عورتون گهرن مان نڪري گاڏيءَ ڏانهن اچڻ لڳيون، نه رڳو وڃڻ واريون عورتون، پر انهن گهرن جون زائفائون به ساڻن گڏ گاڏيءَ تائين گڏجي آيون. جيڏي مهل سامان سان سٿيل ٻه گاڏيون اسٽارٽ ٿي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ٻيٺيون، تيڏي مهل عورتون پڻ هڪ ٻئي کان موڪلائي خالي گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لڳيون، اربيلا، مارِلَ ۽ بصري اوڏيءَ مهل به حڪوءَ کي ڦِريو بيٺيون هيون. جڏهن سڀ ڄڻيون گاڏيءَ ۾ چڙهي ويون، تڏهن به هنن جون ڳالهيون هيون سي کُٽيون ئي ڪين ٿي. نيٺ ماڻس هڪل ڪئي، “لئي ٻڙي حڪو، هاڻ ڇڏ په کڻي هنن ويچارين جي جند، توکي ڳاليون په وري هِڃَر زاد (ياد) پيون اَهين. هاڻ هليا په کڻي، پڻهين تڪڙائي پيو.” ۽ تڏهن حڪوءَ مارل، اربيلا ۽ پڇاڙيءَ ۾ بصريءَ کان ڳراٽڙيون پائي، ڏاڍي پاٻوه ۽ قرب مان موڪلائي، جيڏي مهل گاڏيءَ ڏانهن وڃڻ لڳي، تيڏي مهل هن هڪڙِي بنهه قربائتي نگاهه اُن ٻٻريءَ ڏانهن وڌي، جتي صابو آس ونڌ اکين جا ٻه خالي ڪشڪول کڻيو ڏانهس واجهائي رهيو هو. نظرن جي خالي ڪشڪولن ۾ دِيدن جو دان ڇا مليو، ڄڻ ڪَر ٿرجي ڪنهن اُڃايل کي پاڻيءَ جي سُرڪ ملي ويئي... ۽ ... ۽ ... پوءِ برساتي ٻوڏ جا متاثر ته وري پنهنجن اجهن ڏانهن روانا ٿي ويا، پر صابوءَ کي جهڙوڪر رڻ ۾ رولي ويا.
(4)
پنج ست ڏينهن ته جهڙوڪر صابو سنئوت ۾ ئي ڪونه هو. نه ڪم نه ڪار، نه کاڌو نه پيتو. سڄي سڄي رات پيو پاسا ورائيندو هو. ڇا جون ننڊون ڇا جا آرام، نه ڪنهن سان ڳالهائي نه ڪنهن کي ڪنهن ڳالهه جي ورندي ڏي، ماڻس پڇيو پڻس پڇي. هتان ڀائر ڦريو اچنس ته هوڏانهن وري ڀينرون پريشان، پر ڪنهن سان ٻڙڪ به نٿي ٻوليائين. جهڙوڪر گونگو. بس رڳو اونڌو منهن ڪريو ليٽيو پيو هوندو هو. يار دوست ٻاهران سڏيو سڏيو بيزار ٿيو هليا ٿي ويا. بس رات جي اڪيلائيءَ ۾ سندس اکين مان نِيرَن جا نارَ پلٽي وَهي اٿي هلندا هئا. هُن انتهائي ڪوشش پئي ڪئي ته هُو پنهنجو درد ڪنهن سان به نه سلي ۽ پنهنجي ڀوڳنا پاڻ اڪيلي سر ڀوڳي. پر جڏهن، جڏهن هن محسوس ڪيو ته هاڻ هُو حڪوءَ کان سواءِ جي نه سگهندو. نه حڪوءَ کي وساري سگهندو ۽ نه ئي حڪوءَ جي جدائيءَ جهالي سگهندو. تڏهن نيٺ هڪ ڏينهن، هُو تڏهن ڦاٽي پيو، جڏهن سومهڻيءَ کانپوءِ پڻس الانو اچي سندس کٽ ڀرسان بيٺو. پڻس کي خبر پيئي ته صابوءَ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏانو آهي ۽ ڪنهن سان به ڪا به ڳالهه نٿو ڪري. رڳو اونڌو منهن ڪريو کٽ تي پيو آهي. اوڏيءَ مهل به هُو ڀت ڏانهن مُنهن ڪريو پاسيرو ليٽيو پيو هو. پڻس الانو اچي کٽ ڀرسان بيٺو. پر صابوءَ کي ڪا خبر ڪانه پئي، نيٺ پڻس آهستي آهستي ڪري کيس سڏ ڪيو.
“ابا صابو...!”
“هان ... هان... “ هُو ڄڻ ڇرڪ ڀري جاڳي پيو هو، توڙي جو هُو ستل ڪونه هو، پر خيالن ۾ گم هو.
“ابا، ڪڄاڙو ٿيو ائيني؟ ماڻهين پئي چيو ته چار پنج ڏهاڙا ٿي ويا آهين، ماني په ڪونه تو کائي. ڪيڙي ڳال آهي پٽ، مون کي ٻڌائي ته توکي ڪڄاڙو کپي؟”
“ڪجهه ڪونهي ابا... بس اِڃَ ئي لِڱن ۾ ٿورو سور هو، سو ماني ڪانه تي وڻي، ٻي ڪا ڳال ڪانهي.”
“ابا، پٽ... آئون تونجو پيءُ اَهيان. ماڻهين توکي ڄڻيو هو ۽ مون توکي نپايو آهي. دائيءَ کان ڪو دُن لڪي سگهندو ڪَه! تون تو چئين ته ڪا ڳال ڪانهي. پر چريا ماڙهو، جي ڪا ڳال نه هجي ته چڱو ڀلو ماڙهو په ڪو پنج ڏينهن بک تي رهي سگهي ٿو ڪَه؟ مون کي سڻائي ته ڪڄاڙو آهي.. ڪيڙي شيءَ کپي توکي...”
“ابا ... “ صابوءَ کان اوڇنگار نڪري ويئي ۽ هو روئي پيو.
“نه ابا نه ... نه پٽ نه.... جُئان (جوان) مڙس ڪو روئندا آهين ڪَه... نه رُوءُ مونجا ٻچا نه رُوءُ... نيٺ په سُڻايئين ڪو نه ٿو ته ڪيڙي ڳالهه آهي.. چئو بابا چئو... ڇا ڳال آهي؟”
۽ پوءِ صابوءَ سموري حقيقت پڻس کي ٻڌائي ڇڏي.
“ته چئبو ته اِها ڳالهه آهي....!” ايئن چئي پڻس ڪا ڪا الانو يڪي ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڳچ ڳچ دير تائين هُو ماٺڪو ويٺو رهيو، تيستائين صابوءَ جي بدن ۾ هورا کورا جون سيون ٽنبجنديون رهيون. اوسيئڙي جا ڀٽون کيس ڏنگيندا رهيا. انتظار جون لُنڊيون سندس جسم تي ليٽنديون رهيون ۽ .... ۽ پوءِ نيٺ پڻس ڳالهايو: “چڱو پٽ، هاڻ هِڃَ ڪر. تون اُٿي کٽ جي پچار ڇڏ، اٿي کاءُ پيءُ ۽ ماڙهن قطار ٿي. هاڻ اِهو ڪم مون تي ڇڏ، هاڻ آئون ڄاڻان، ڪم ڄاڻي. باقي اِها ته توکي په کبر هوندي ته سڱ وٺڻ ڪو اَڪَ مان ماکي لاهڻي ڪانهي، جو سٽ ڏيئي اڪ جي ٽاري ڀڃي ماکي ڇاڻي وٺبي. هتي ٽيم لڳندو، سو تڪڙ نه ڪج. باقي کُدا ڪيندو ته اِتان ئي توکي پرڻائي لاڏو ڪري ڪنوار وٺي ڏيندس. بس هاڻ ته کوش ٿي. شابس پٽ، اٿي هلي ماني کاءُ.”
جڏهن هئو مئو ٽريو، ٻوڏ جو سانگ ختم ٿيو. گپون گارا سُڪي ويا. تڏهن هڪڙِي ڏينهن لڙي شام جو ڪاڪو الانو اچي حڪوءَ وارن جي گهر پهتو. همراهه ساڻس گڏيا. خوش خير عافيت ٿي. اچڻ سان ئي ڪاڪي الاني جو گرم گرم چانهن سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. پاڙي ۾ جنهن کي به خبر پيئي ته ڪاڪو الانو آيو آهي، سو مُٺيون ڀيڙِي ڀڳو حڪوءَ وارن جي گهر ته جيئن ڪاڪي الاني سان هٿ ڀليڪار ڪن ۽ ساڻس ڪچهري ڪن.
پوءِ جڏهن رات جي مانيءَ جي کشٽ مان وانڌا ٿيا، تڏهن ڪاڪي الاني حڪوءَ جي پيءُ ولوءَ کي چيو: “اباڙي...، هاڻ مون کان کبرون وٺو ته آئون هتي ڪڄاڙي لاءِ آيو آهيان؟ رڳو آنجو پاءُ اٽي جو ڦٽائڻ آيو آهيان ڪَه ڪنهن گرز (غرض) ساڻ آيو آهيان. سو بابلا، مون کان کبرون ته پڇو.”
“ڪاڪا الانا، تون اسانجو وڏو اَهيئين، اسانجو مائٽ اَهيئين، تولاڪ لک عزتون اَهين، تونجا پير اسانجون اکيون ڀلي ڪري آئين، جي ڪري آئين. تون رڳو حڪم ڪر. اسانجي سِرَن ۾ په ڪم پوئي ته بي ڌڙڪ هڪل ڪِج. ڪيندو کُدا ته هيڪڙو په پٺيان ڪونه بچندو. سڀ جا سڀ هڪل ساڻ حاضر ٿينداسين. باقي جي ڪا ايڙي ڳال هوندي، جيڪا اسان جي وس کان ٻهار (ٻاهر) هوندي، ته په ساري حقيقت ساڻين (توسان) سلينداسين. پوءِ په جيئن تون چُوندين، تيئن ڪينداسين”.حڪوءَ جي پيءُ ولوءَ وراڻيو. “ها ته پوءِ ٿينديون وڃن کئر جون کبرون.”
“ڀاءُ ولو، ڳال هيءَ آهي ته...” ڪاڪا الاني ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، سگريٽ وات ۾ وجهي تيليءَ سان دکائي، منجهانئس هڪڙو ڊگهو ڪش هڻي، اندر ۾ اوتيل دونهون نڪ ۽ وات مان ٻاهر ڪڍندي چيو: “اباڙي!... اجائي ڊيگهه ڪانه ڪبي، آئون آن (اوهان) ۾ وڏي حُجَ رکي آيو اَهيان. هُڃَ په پڪل ٻير کي ڪٿان نه ڪٿان کڙو ته ضروڙ لڳندو آهي. نياڻيون نماڻيون ته ٿينديون ئي پرايو ڌڻ اَهين. سو ڪٿي نه ڪٿي ته ڪنڌي ڪرڻي ئي پُوندي آهي. اسين په نياڻين پٽن وارا اَهيون اسان تان په اِهي ڏينهن آيا آهن. ڇو ته اِها ايامن کان وٺي، جُڳن کان وٺي راڄا رسم هلندي اچي. سو آئون په ان راڄا راسم تي هلندي آن وٽ مٽي آيو اَهيان. مون کي حڪو کپي، بچي شل مون جي صابو لاءِ. آئون سمجهان تو ته حڪو مونجي گهر ۾ ٻين کان وڌڪ سُکي ٿيندي. مونجو صابو ته لاڪائس مريو تو پوئي. مونجا ٻيا پٽ ڌيون ته ٺهيو پر گهر واريءَ ته مرڳو پَٽ ڇني ڇڏيا آهن. اُهي ته اُهي، پر حڪوءَ جي جيڏڙي بصريءَ کي مونجي هيڏانهن اچڻ جي ڪا سُڻس پئجي ويئي، سا ڀڄندي آئي ۽ سهڪندي سهڪندي اچي چيائين ته “ڪاڪا الانا، حڪوءَ جو سڱ وٺي، پوءِ هيڏانهن اچج، نه ته ڀلي اوڏانهن ويٺو هجج.” بچي شل حڪوءَ کبر ناهي اسانجي ڳوٺ وارن تي ڪيڙو جادو ڪري ڇڏيو آهي، جو سڀ ڪو رڳو حڪو حڪو پيو ڪري، ۽ ٻي ڳال په آنکي ٻُڌائي ڇڏيان ته آئون حڪوءَ جو سڱ وٺڻ ڌاران (کانسواءِ) ٺلهو ڪڀي په ڪونه ويندس. مون کي آن ۾ وڏو ڀروسو آهي ۽ اُن ڀروسي جي ڀانور تي آئون ڳوٺ وارن اڳيان ڇاتيءَ تي هٿ هڻي آيو اَهيان. هاڻ آنجي آهي مرضي ته جان مون کي مان ڏيو، جان مون تان ماڙهو کلايو، باقي ڳال چٽي پيئي آهي ته ٺلهو آئون په ڳوٺ ڪونه ويندس”.
حڪوءَ جا اِها مقال ٻڌي، سا آهستي آهستي پير سوريندي وڃي چلهه جي پاسي ۾ ويهي ٽانڊو ٻارڻ لڳي ۽ چانهه ڪاڙهڻ جو سانڀاهو ڪرڻ لڳي، وَلو، جوڻس مِنان ۽ وڏو پُٽ جُو سب ڪاڪا الاني جي ڳالهه ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا. هونئن ته ڪاڪا الاني ڪا نئين ڳالهه ڪانه ڪئي هئي، پر حڪوءَ جي سڱ جو مسئلو هو، تنهن ڪري ڳالهه ڳري ٿي پيئي هئي ته ڪاڪا الاني کي ڪهڙي ورندي ڏين. پوءِ ولو ۽ مِنان اتان اٿي ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا:
“هاڻ ڪڄاڙو ڪجي؟” مِنان ولوءَ کان پڇيو.
“ڳالهه ته ڏاڍي ڏکي ٿي پيئي آهي” ولوءَ وراڻيو “ڪيڙي ورندي ڏجيس.”
“مونجي جي مڃين ته ڳال جيڪا آهي، سا ساڻس ڪري ڇڏ ۽ ٺڙو پڙو جباب ڏئي ڇڏيئينس. پُٺ جي ڀونڊي کان مُنهن جو ڀُونڊو ماريندو ڪونه.” مِنان مڙسهينس کي صلاح ڏني.
“اِڃَ ٺڙو پڙو جباب ڪيئن ڏيانس، هُو ڪو اڀرو سڀرو، گس هلندل، جيڙو تيڙو ماڙهو ڪونهي، جنهن کي ائين چلتو ڪري ڇڏجي. هُو پان سڀني جو سريال آهي ته وري ڀائيندل ۽ اڙي اوکيءَ ۾ ڪم ايندل راڄ ڀاڳ وارو ماڙهو آهي. تنهن ڪري هُن سان سوچي سمجهي پوءِ ڳالائبو، اِڃَ تڪڙ ڪانه ڪبي. ساڻس گڏ ڪا زائفان هجي ها ته ڪرتون اُن کي اهو زنانو مسئلو سمجهايئين ها. پر کئر، هليو تا چئونس ته اها ڇوڪري بيمار آهي ۽ شاديءَ جي لائق ڪانهي، باقي ٻيءَ ڪنهن تي هٿ رک، سا ٿي تونجي.” ولوءَ جن پاڻ ۾ صلاح ڪئي.
“پر جي چُوئي ته ڪيڙي بيماري آهيس ته پوءِ ڪڄاڙو چُونداسينس.” مِنان ڇيو.
“اي تون چئج ته ڇوڪريءَ کي ڪا زائڦاڻي بيماري آهي، مڙيئي جند ڇڏائج.”
اِها صلاح ڪري ٻئي زال مڙس وري اچي ڪاڪا الاني وٽ ويٺا، ۽ پوءِ ولوءَ چيو:
“ڪاڪا الانا، جيئن تو سِڌي ٻڌي ڳال چئي ڇڏي آهي، تيئين اسين په بنا ڪنهن گوٿ ناٿ جي، جيڪا ڳال آهي سا سُڻايون تا ڪڻين (توکي). اسين ماڙهو پانجيون نياڻيون تڪڙيون اٿاري ڇڏيندا اَهيون. پر حڪو جو هيڏو سارو وکت ويهي رهي آهي، تنهن جو په ڪو سبب آهي. سو هيءُ ته ڇوڪري بيمار آهي ۽ شاديءَ جي لائق ڪانهي. تون اسانجي مٿي جو موڙ اَهئين. تولاڪ لک عزتون اَهين. تون ته هيڪڙي نينگري تو گهرين پر سڄو پاڙو نياڻين سان ڀريو پيو آهي، جن تي په هٿ رکندين، سي سِڀ تونجيون. توکان اسان کي نڪو ڇيپ، نڪو حجاب، تون ئي ته اسانجو وڏو اهيئين توکي جباب ڪيئن ڏبو.”
“پر ابا، جي بيماريون سيماريون اَهين ته دوائون گوريون په آهين. ڏاکتر حڪيم په اَهين. پير فقير په اَهين. دعائون تاويذ (تعويذ) په آهين. ڌاڳا ڦيڻا په آهين. مثال، جي آئين نٿا پڄي سگهو ته اسين پاڻيهي علاج ڪرائينداسين. اها ڪا وڏي ڳال ڪانهي.” ڪاڪا الاني چيو.
“ڪاڪا الانا، علاج جي بيماري ڪانهي، نينگريءَ کي ڪا زائڦاڻي ڳجهي بيماري آهي، ڌائي چوئي تي ته اِن بيماريءَ جو علاج ئي ڪونهي. تڏهن ته اسين ماٺڪا ويٺا آهيون، نه ته الاجي ميرباني آهي، نياڻيءَ کان ڪي ٽڪا مِٺا ڪبا ڪَه!” هِن ڀيري منان ڳالهايو.
“اَئي امان مِنان، تون په ڌائيءَ جي چُوئڻ تي ماٺ ڪري ويهي رهي اَهيئين. دنيا الاجي ڪٿي وڃي پُني آهي. چُون تا ته ماڙهو ڪڏهوڪا چنڊ تي پهچي ويا اَهين. الاجي ڪيڙيون ڪيڙيون مشينون نِکتيون (نڪتيون) اَهين، جيڪي اِهو په تيون سُڻائين ته ماءُ جي پيٽ ۾ نينگرو آهي ڪَه نينگري، (الٽرا سائونش مشين). ڏاکتر ته ماڙهوءَ جي دل په ڪڍيو وريو ٻي لڳايو ڇڏين. سو ايڙي ڪيڙي بيماري آهي جنهن جو علاج ئي ڪونهي. آئين الله تي رکو، ربّ مڙيئي چڱي ڪيندو.” ڪاڪا الاني حال هڪيو ته ٻنهي کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
“پر ڪاڪا الانا.... ڳال هيءَ آهي ته...”
“هاڻ پر ٻر کي ڇڏيو امان مِنان، آئون جو حڪوءَ جي ٻانهن گهرڻ آيو اَهيان سو ڇڏيندس ڪنهن حيلي په ڪونه. باقي حڪو جيڙِي آهي تيڙي اسانجي آهي ۽ اِها په آنکي زبان ڏيو تو وڃان ته ڪراچيءَ جي وڏي کان وڏين اسپتالن تائين په آئون حڪوءَ جو علاج ڪرائيندس. پوءِ کٽن ڀاڳ اسانجا.”
“ڪاڪا الانا، اِهو تون چئي اسان کي نه ٻڌائي، اسين هُڃَ ئي تونجا واکوب (واقف) اَهيون. اِها اسان کي سوران (سورنهن آنا منوتي آهي ته اسانجي نينگري تونجي گهر ۾ رهي ڪڏهن په ڏکيو ڏينهن ڪانه ڏسندي. پر چُوندا ڪونه آهين ته ڪچيءَ ۾ اُها ڪجي جيڪا پڪيءَ ۾ پارجي. سو اِڃَ نه ٿئي جو سڀاڻي پان سڀني کي ڪنڍا ڪڍڻا پئجي وڃن. اسين توکي سڻائي ڪونه ٿا سگهون... پر ڪاڪا الانا ڳال هيءَ آهي ته اسانجي نينگري ٻاريتي ٿي ڪانه سگهندي. سڀان ساٿ (ساعت) اِڃَ نه ٿئي جو آئين چئو ته حڪوءَ کي ٻار نٿو ٿئي، تنهن ڪري صابو ٻي شادي تو ڪري، ۽ اِڃَ چئي ڏيوس گنڌي هٿ ۾ ته وڃي مائٽن کي سلام ڏي. نياڻيءَ جي مائٽن لاءِ اِن کان وَڌڪِ ٻي ڪيڙي ذلالت ٿيندي، ۽ اِها ڳال اسان کان سَٺي ڪانه ٿيندي. پوءِ پان (پاڻ) هران ڀران مِٺن ۾ ڪڙا ٿي پئون ۽ اوڙو پاڙو پان تان کلائي کڻي ٽڪي هڪڙي جا ٿي رهون. تڏهن پيا چئون ته حڪوءَ تان هٿ کڻو، باقي جيڪي نينگريون آنکي وڻن سي آنکان ڪونه جهلينداسين.” ولوءَ نيٺ اصل ڳال ڪاڪا الاني جي اڳيان رکي ڇڏي.
“هُونهن....!” ڪاڪا الاني “هُونهن” کي اجائي ڊگهار ڏني. “ته چئبو ته اِها ڳال آهي...!” هُن سگريٽ مان ڦوڪ ڀري چيو: “ڳال آنجي بروبر وزن واري آهي، اِها ڳال مون کي وڻي. سچي ڳال ڪري آن پاڻ حڪوءَ لاءِ مونجي دل ۾ وڌڪ جاءِ والاري آهي. هاڻ ته آئون حڪوءَ مان مُورهٿ نه ڪڍان. پر مون کي صابوءَ ۽ گهروارن سان ڳالائڻو پُوندو، ڇو ته هيءَ هڪڙي ڏينهن جي ڳال ڪانهي. سو اڄوڪي ڪچهاري اتي تا ڇڏيون. صبح جو اول کئر، آئون فون تي ڳالائي ڳال کي هڪڙي پاسي ڪري ڇڏينداسين.”
(6)
“ابا، مون کي حڪو کپي، حڪو کپي، حڪو کپي، ٻي ڳال مون سين نه ڪجان.” صابوءَ چيو.
“مون کي مونجي پٽ جي کُوشي تي کپي، جي صابوءَ کي حڪو تي کپي ته مونجيون اکيون ٿڌيون. حياتي ته انهن کي گذارڻي آهي نه سو جنهن ۾ هو کُوش، تنهن ۾ آئون کُوش.” صابوءَ جي ماءُ چيو.
“اسان کي ڀاءُ جي کوشي کپي ۽ بس...!” جڏهن سڀني گهر وارن ڪاڪا الاني کي فون تي راضيئپو ڏيکاريو، تڏهن ڪاڪا الانو جهڙپ ڏيئي کٽ تان اٿيو ۽ کيسي مان پنهنجي سئو وارو نوٽ ڪڍي، وڌي وڃي حڪوءَ کي هٿ ۾ ڏنائين ۽ چيائين. “امان حڪو، هي پنج سئو روپيا تونجي پوتيءَ جا. هاڻ تون هتي اسانجي امانت اَهيئين.” حڪو، جا مانيءَ جي تيارين ۾ چلهه جي پاسي ۾ ويٺي هئي، سا لڄ کان ٻئي هٿ مُنهن کي ڏيئي ٽِپ ڏيئي ڊوڙِي وڃي ڪوٺيءَ ۾ لڪي.
پوءِ ڪاڪا الانو پنهنجي پڄت سارُو ڄڃ وٺي ويو ۽ حڪوءَ کي ڪنوار ڪري وٺي اچي پنهنجي گهر سهڙيو.
(7)
“مون توکي چيو هو نه ته آئون تونجي لائق ڪانه اَهيان، تنهن ڪري شاديءَ تي زور نه ڀر.” حڪوءَ پنهنجي گهوٽ صابوءَ کي، نِکيٽيءَ جي کشٽن مان وانڌو ٿي، رات جو سمهڻ واري کٽ تي ويهڻ مهل چيو.
“ها، مونکي زاد آهي، تو برابر چيو هو.” صابوءَ حڪوءَ جي ڀر ۾ ويهي، ٻانهن ورائي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو.
“پوءِ تو ڪو ڪئي مون سان شادي؟” حڪوءَ ورائي پڇيس.
“ان ڪري جو مون کي پڪ ٿي وئي هئي ته آئون توکانسواءِ جيئرو رهي ڪونه سگهندس، ۽ جي سچ پڇين ته مون هِڃَر مرڻ ڪونه ٿي چاهيو، اِها اٿئي ايمان جي ڳال.” صابوءَ ڏاڍي دلرُبائيءَ سان چيو.
“پر جڏهن توکي اها په کبر پئي ته آئون ڦنڊر اَهيان، مون کي اولاد ڪونه ٿيندو، پو ضد ڪو ڪئي؟”
“سچي ڳال ٻڌايان ني.”
“ها، سڻائي.”
“مون پئي سمجهيو ته سڱ ڏيڻ کان لهرائڻ لاءِ تونجي مائٽن بهانو تي ڪيو.”
“جي ٺلهو بهانو ڪن ها ته پوءِ توکي ڏين ڪو ها، ڪا ته ڳال هئي نه!”
“اِها سندن ميرباني، اِها تونجي په ميرباني جو مونکي مرڻ کان بچائي ورتان!”
“چڱو، هاڻ هيڪڙي ڳال مون کي سڻائي، شادي ڪڄاڙي لاءِ ڪبي آهي؟”
“شادي ڪڄاڙي لاءِ ڪبي آهي !...... اونهه..... اونهه... شادي ڪڄاڙي لاءِ ڪبي آهي.... توکي کبر ڪانهي ڪه....” صابوءَ کلندي ۽ ڦڪو ٿيندي چيو.
“تڏهن ته توکان پڇان پئي... ٻڌائي شادي ڪڄاڙي لاءِ ڪبي آهي؟” حڪوءَ سوال دهرايو.
لڄ ۽ شرم صابوءَ جي چهري تي ونجهوٽي راند ڪڏڻ لڳا، هُن ٻئي ٻانهون ورائي حڪوءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀري، سندس سانورين، ماسيرين ۽ ڀرتُون متن تي ٻه جاڙيون چميون ڏنيون ۽ چيو ته “ماڙهو... شادي...هِن لاءِ په ڪندو آهي ۽ ٻيو... ۽ ٻيو... ۽ ٻيو... اُن لاءِ په ...!” صابوءَ ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ لڄ کان پنهنجون اکيون پوري ڇڏيائين.
“تون هي جيڪو “ ٻيو ... ۽ ٻيو....” پيو چُوئين، سو جي تونجو اُهو “۽ ٻيو” پورو نه ٿئي ته پوءِ....؟” حڪوءَ برجستي لهجي ۾ صابوءَ کي خبردار ڪندي چيو.
“ڇڏ مشڪري... اِڃَ په ٿيندو آهي ڇا؟ مرد ۽ عورت ته شادي ڪندا ئي اِن ڳال لاءِ اَهين، سو اِڃَ ڪيئن ڪونه ٿيندو...!” صابوءَ وري حڪوءَ کي ٻانهن ۾ وڪوڙِي ٻيون به ٻه جاڙيون چميون ڏنيون، پر سندس چهري تي فڪرمندي هنبوڇيون هڻڻ لڳي هئي.
“صابو ...” حڪوءَ بنهه سنجيده ٿيندي، صابوءَ جي ڀاڪرن ۾ رهندي ئي چيو: “صابو آئون مشڪري ڪانه پيئي ڪريان، آئون سچي پئي چُئان. مون توکي ورائي ورائي پئي چيو ته آئون شاديءَ جي لائق ڪونه اَهيان، تنهن کان پوءِ مونجن مائٽن په کليو کلايو ڪاڪا الاني جي مانڌان ڳال کولي رکي هئي ته آئون اولاد ڄڻڻ جيڙي ڪونه اَهيان. پر آئين نه مُڙيا ۽ چيان ته جيڙي آهي تيڙي اسانجي. سو آئون جيڙي اَهيان، تيڙي اچي تون جي مانڌان حاضر ٿي اَهيان. باقي تون ٻي ڪاپه کُوشي مون مان ماڻي ڪونه سگهندين.”
“نه حڪو نه ... اِڃَ وري ڪيئن ٿيندو! مونجي مِٺي حڪو، اِڃَ وري ڪيئن ٿيندو!!” صابوءَ جي حيراني ۽ پريشاني ڏسڻ وٽان هئي.
“ڏس صابو، هاڻ ته پاڻ ٻئي زال ۽ مڙس اَهيون نه هاڻ پانکي هڪ ٻئي جي اگهاڙ ڏسڻ جائز آهي. تون ڀلي مون جو اُهو سڀ ڪجهه ڏسي تسلي ڪر، جيڪو هِن کان اڳ، سمجهه ڀريئي ٿيڻ کان وٺي هيستائين، ٻئي ڪنهن په مرد ماڙهوءَ ڪونه ڏٺو آهي... ۽ ... ۽ ...” ائين چئي حڪو سِڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
پهريائين ته صابو ڏاڍ ششدر ٿيو، پريشان ٿيو، پر پوءِ همت ڪري حڪوءَ جو چهرو کڻي پنهنجي هنج ۾ رکيائين ۽ بنا ساهيءَ جي کيس چمڻ شروع ڪري ڏنو ۽ جڏهن چَٽَ چُمَ جون سرحدون ختم ٿيون... ۽ جڏهن حجابن جا باب بند ٿيا... ۽ جڏهن جذبن جو گرم لاوا ٽهڪڻ لڳو... ۽ جڏهن گرمائش جي شدت ڪپڙن جي اوڇڻ جي سهپ کان به اڳتي وڌي ويئي... ۽ جڏهن صابوءَ جون هٿوراڙيون ريس جي گهوڙي جيان حڪوءَ جي اوڇڻ کان آجي بدن تي ٽاپيون وجهڻ لڳيون.... ۽ جڏهن ٿر جي سرسبز ڀٽن تان اُهي بي لغام هٿوراڙيون چڙهنديون لهنديون ڪنهن سُجهندڙ ڀيڻيءَ تي اچي بيٺيون،... تڏهن... تڏهن... صابوءَ کان دانهن نڪري ويئي.
“هان!.... هي ڇا؟...” صابوءَ جي اکين ۾ ڪي اڻ چٽا عڪس رهجي ويا.
پوءِ صابوءَ جي هٿن هڪ ڀيرو... ٻه ڀيرا.... ٽي ڀيرا... ۽ پوءِ الاجي ڪيترا ڀيرا، اُن مخصوص ڀيڻيءَ تان ڀيرا ڏنا.... پر ... پر.... پر اُتي اُڃايل جي اُڃَ اُجهائڻ لاءِ ڪوبه پاڻيءَ جو کوهه موجود ڪونه هو. پر .... پر ... اُتي ته صرف ۽ صرف ماڪوڙن جي ٻِر جيترو ننڍڙو سوراخ هو ۽ بس...!
(20 جنوري 2012ع )
*