ڪھاڻيون

اکين ۾ رهجي ويل عڪس

پرويز جي ڪهاڻين جو نيٽ ورڪ اصلوڪو، داخلي ۽ خارجي دنيا سان هم آهنگ آهي. هن جي فن جو سنجيدگيءَ سان اڀياس ڪبو ته هن کي سنڌ ۽ ٽين دنيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن جي قطارن ۾ بيهاري فخر محسوس ٿيندو. شهرت ۽ پبلڪ رليشنز کان ڏور هي پورهيت ڪهاڻيڪار، جيڪو زمين ۾ گُڏ ڪري ٿو، رونبو هڻي ٿو. پنهنجي فصل جي جهار هڪلڻ سان گڏ ڪهاڻي جي اُفق تي ڇانيل دونهي کي به هٽائي ٿو. هن جو فن ۽ مشاهدو ساهس ڏيندڙ، تُز ۽ ٺهڪيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2471
  • 905
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • پرويز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اکين ۾ رهجي ويل عڪس

7. انوکي واردات

اسين جنهن زميندار جا هاري هئاسين، تنهن جي هڪ هزار کن ايڪڙ زمين هئي. ٻه سؤ کن ايڪڙن تي انبن، ٻيرين، ليمن ۽ زيتونن جا باغ هئا. باقي زمين ۾ ساريون، ڪمند، ڦٽيون، ڪڻڪ، بصر، سن فلاور ۽ ڀاڄيون ۽ گاهه وغيره پوکبو هو. چوندا آهن ته جيتري گهڻي ڪمائي، اوتري گهڻي بک. سو اسان جو زميندار به ڪروڙن جي آبادي کڻندو هو، پر هارين کي ايترو مس ڏيندو هو جو منجهند جو کائيندا هئا ته رات لنگهڻ ڪاٽيندا هئا. سٿڻ هوندي هئي ته قميص ڪانه هوندي هئي. جي مٿي جي پوتي هُئي ته پيرن جي جُتي ڪانه هئي.
زميندارَ به وڏي اٽڪل۽ رٿا بنديءَ سان 15-20 هارين مٿان، انهن هارين مان ئي هڪڙي کي “ڪمدار” جو اعليَ رُتبو ڏيئي، کيس چانهه جو ڪوپ ۽ ٻين هارين کان ڪجهه وڌيڪ رعايتون ڏيئي، انهن جي جانچ پڙتال جو ڪم حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. پوءِ اهو ڪمدار پاڻ بيهي پنهنجن جو ويري ٿي، هٿ سان پنهنجن جي ٻيڙي ٻوڙيندو آهي ۽ زميندار جي ڌن دولت ۾ اضافو پيو ڪندو آهي.
اسين ٽي ڀائر، ٻه ڀيڻون، امان ۽ بابا ڪُل ست ماڻهو گهرجا، زميندار جي 15-ايڪڙ زمين آباد ڪندا هئاسين. سال ۾ ٻه فصل، ڪتي ۽ چيٽ، زبردست فصل ٿيندو هو. زبردست آبادي ٿيندي هئي ۽ زبردست آمدني ٿيندي هئي. پر اسين اُهي ئي بک ۽ اگهاڙ تي. جهڙا اڳي تهڙا تڳي. هڪڙو سال، ٻيو سال ۽ پوءِ ٽيون سال. پر اسين اُهي ئي بکيا ۽ اگهاڙا. نه سولو اَجهو هو، نه هنڌ ٽپڙ ۽ نه ئي مال وجهو. ليڪن پوءِ به زميندار جو قرض پئي وڌيو. اگهائي سگهائي، موتي فوتي ۽ شادي مراديءَ تي وري به زميندار جي اڳيان هٿ ٽنگيو بيٺا هوندا هئاسين.
پوءَ مون سوچيو ته نيٺ ڇا ڪجي! اڻ پڙهيو ماڻهو. ٻه ٽي مهينا پئي سوچيم، پر مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي. ٻئي ڪنهن سان صلاح مشورو به ڪونه ٿي ڪري سگهيس، ڇو ته سڀ هاري ڪمدارن جي داٻي ۾ هئا. سو دل وسهي ڪانه ٿي، متان نه ڪو چغلي هڻي بيهي رهي. تنهنڪري پنهنجي مُنهن پاڻ پئي ٻڌم ۽ ڇوڙم. پوءِ جيڪا ڳالهه مون کي سمجهه ۾ آئي، سا هيءَ ته ٻئي ڪنهن به حيلي وسيلي انهن وڏن ماڻهن سان پهچي ڪونه سگهبو. نه ڳالهين ذريعي، نه احتجاج ڪرڻ سان ۽ نه ئي وڙهڻ سان. پر منهنجو خيال هو ته جيئن هو اسان جي سموري ڪمائي حساب ڪتاب ۾ گهوٻيون هڻيو کڻيو ٿي ويا، تيئن مون کي به جتي بُل لڳي ته آئون به چوري ڪري ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي ڪمائيءَ جو حصو، جيترو به تڳائي سگهان، ڦٻائي وڃان. پر چوري ڪرڻ وارن جو حشر به پيو ڏسندو هوس. اُهي ئي ساڳيا اسان وانگر سورن ۾. پوءِ ڇا ڪريان؟ پر نيٺ آخري فيصلو اِهو ئي ڪيم ته زميندار جي چوري ڪريان. گهٽ ۾ گهٽ دل ۾ ٻرندڙ باهه ته ڪجهه جهڪي ٿيندي.
۽ اتفاق وري اهڙو ٿيو جو پهرين ئي چوري ڪندي پڪڙجي پيس. ٿيو هيئن جو، ڊالڊا (سن فلاور) کي ٿريشر پئي لڳو. سؤ کن مڻ اَن صاف ٿيو هو، پر رات پئجي ويئي سو کري مان کڄي شهر ۾ ڪارخاني تائين پهچي ڪونه سگهيو. تنهنڪري مون کي کري تي سمهڻو پئجي ويو. ۽ اِها ڳالهه اسان هارين لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. آئون سٽ ڏيئي گهران ماني کائي اچي کري تي سُتس. اڪيلو هوس. سوچيم ته اڄ چوريءَ جو سٺو بل آهي. ڇو نه ٻوري کن اَن جي کڻي ڪٿي جهنگ ۾ لڪائي ڇڏيان. پوءِ جڏهن ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ هئو مئو ٽري وڃي، تڏهن ڪنهن وقت کڻي وڃي شهر ڏيئي اچان. اِهو سوچي دل ۾ چيم ‘رک موليٰ تي، يارهينءَ وارو حامي ٿيندو. ڪندو سڻائي بادشاهه پير. اُٿي وارو ڪر.’ پوءِ زورائتي ٻوري ڀري، ٻوريءَ جو مُنهن ٻڌي، ڇڪي تاڻي آڻي هڪ محفوظ هنڌ تي لڪايم. تڏهن منهنجي بدن تي به رت هو ۽ بدن چيو به ڪيو ٿي. سو ڀانيان ٿو ته ٻوري ٻن مڻن کان سوائي هوندي، پر گهٽ ڪانه هئي.
خير، آئون ته اچي کري تي سمهي رهيس.
ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي. ڪنهن کي به خبر پئجي ڪانه سگهي.
ٻه ڏينهن ڇڏي ٽئين ڏينهن ٻوري کڻي شهر پهچايم. سيٺ حساب ڪري پئسا مون کي هٿ ۾ ڏنا. مون کان خطا رڳو اِها ٿي جو پئسا وٺي جيئن جو تيئن کيسي ۾ وجهي دوڪان تان لهي وڃڻ بدران اتي بيهي ڳڻڻ لڳس ۽ عين ان وقت پئسا ڳڻيندي مونکي ڪمدار ڏسي ورتو. خير، اوڏي مهل ته هُن مون سان ڳالهايو به ڪونه، پر منهنجي وڃڻ کان پوءِ سيٺ کان پڇا ڪيائين. جنهن ٻڌايس ته ٻه مڻ پنج ڪلو ڊالڊا وڪيو اٿس، جنهنجا مون کيس پئسا ڏنا هئا.
بس سائين، پوءِ ڇا هو! اصل وٺ وٺان ٿي ويئي. ٻئي ڏينهن صبح سان ئي پوليس جهلي آڻي ٿاڻي تي ڏاڍي خذمت ڪئي. بنهه سٽي ڪٽي کڻي سوڙهو ڪيائون. ڏهه مڻ ڊالڊا جي چوريءَ جو ڪيس چالان ٿيو. ٻيءَ شنوائي تي ڇهه مهينا سزا لڳي ويئي. بابا تي ڏهن مڻن جي قيمت سان گڏ ٻيڻ تي ڏنڊ جي رقم لڳائي قرض طور اسان جي کاتي ۾ لکي ويئي. ڏهن ڏينهن لاءِ گهر وارن جو وِرو (پيٽ لاءِ ملندڙ اٽو سيدو) بند ڪيو ويو. جيڪو پڻ اسان تي قرض طور لکيو ويندو آهي. اسان تي چوڪسي وڌي ويئي. چورَ جو ثابت ٿيا هئاسين.
سزا لڳڻ سبب پڪي قيديءَ جي حيثيت ۾ مون کي تعلقي لاڪ اپ مان ڪڍي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ آڻي ڪاري چڪر ۾ ڇڏيائون.
۽ جيل جي دنيا ئي وري پنهنجي دنيا آهي، عجيب قسم جي دنيا! هڪ نرالو جهان! هتي هر قسم جا ماڻهو ڏٺم. شريف، بدمعاش، ڏوهاري، بي ڏوهي، قاتل، ڌاڙيل، ڦورو، چور، شاگرد، استاد، سياسي قيدي، مون وانگر اَنَ جي چور کان وٺي ڍور ڍڳي جا چور، ڪَکَ جي چور کان وٺي لکَ جا چور. رنن جي چورن کان وٺي مرد اغوا ڪندڙ چور. نشائي، موالي، جوئاري، ڳنڍيڇوڙ، قبضه گير ۽ موٽر سائيڪل کان وٺي هوائي جهاز چورائيندڙ چور. قسمين قسمين جا ماڻهو، الاجي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو هوندا آهن جيل جي جهان ۾.
مون سان هڪڙي آڙيڪاپ چور اچي سنگت رکي. لڇڻن ۾ مڙس فضيلت ڀريو پئي لڳو. مون کان منهنجي ڪيل چوريءَ واري واردات جي سموري ڪهاڻي ۽ ان جو پس منظر ٻڌائين. پاڻمرادي فتويٰ ڏنائين ته تون وڏو چور ٿي سگهين ٿو. پوءِ مون کي مختلف چوريون ڪرڻ لاءِ، باقاعده ليڪچر ڏيڻ لڳو. مختلف صورتحالن ۾ هڪڙي ڪامياب چور کي ڇا ڪرڻ کپي! ڪٿي مقابلو ڪرڻ کپي، ڪٿي ڀڄڻ کپي. ان باري ۾ منهنجي ٽريننگ ڪرڻ لڳو. چار مهينا گڏ رهيا سين. پوءِ هُو آزاد ٿي ويو. مهيني کان پوءِ ملاقات تي آيو. مون کي ٻڌايائين ته پاڻ، اسان جي لاءِ سندس تر ۾ هارپ تي ٻني ڪرڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو اٿس ۽ اِهو به ته جيئن ئي آئون مهيني کان پوءِ آزاد ٿيندس، تيئن مائٽن سميت رات وچ ۾ ٽپڙ کڻي اوڏانهن هليا وينداسين.
مهيني کانپوءِ منهنجي سزا پوري ٿي ۽ مون کي ڇڏيو ويو. ٻاهر نڪتس ته گيٽ وٽ بابا بيٺل هو. ۽ پريان نم جي وڻ هيٺان مون وارو سنگتي عارب بيٺل هو. گڏياسين، ملياسين. حالي احوالي ٿياسين. خبرون چارون ڪيونسين ۽ پوءِ عارب به مون سان گڏجي اسان جي ڳوٺ هليو. رات رهي صبح جو هو هليو ويو. ڊاهي ٻڌي ڇڏيسين.
جيل مان اچڻ کانپوءِ ظاهري طرح آئون ڳوڀ خدا جو بڻجي ويو هوس، سڀني پئي چيو ته اِهو اٿو جيل. رڳو 6 مهينن ۾ ئي همراهه نيڪ نمازي، الله لوڪ ٿي آيو آهي. مون بابا ۽ ڀائرن منجهه ڳجهه ۾ پروگرام مطابق تياري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. هونئن به اسان وٽ ٽپڙ ٽاڙي هو به ڪهڙو! باقي هڪڙي مينهن هئي، بهانو ڪري سا به کپائي پئسا هٿيڪا ڪياسين.
۽ پوءِ، هڪ مهيني کان پوءِ، هڪڙيءَ رات آڌيءَ مهل، هڪڙي مزدا گاڏي بنهه ماٺ مٺيءَ ۾ اچي اسان جي گهر اڳيان بيٺي ۽ بنهه ماٺ مٺيءَ ۾ سامان سميت اسان سمورن کي کڻي هلي ويئي. سيءُ هو ان رات، ڀلير، ڀلير! جهڙوڪر ماڻهو، ڍور، ڪتا، وڻ، گهر ۽ سڄو ڳوٺ سيءَ ۾ ڄمي ويو هجي. ڪنهن کي ڪل ئي ڪانه پيئي ته ڪير آيو ۽ ڪير ويو! باقي ته سڄو ڳوٺ جيئن جو تيئن هو، رڳو اسان جو گهر خالي ٿي ويو هو. صبح جو زمين تي لڳل مزدا جي ٽائرن جي نشانن اِها شاهدي پئي ڏني ته هن گهر جا ماڻهو پنهنجي اڀري سڀري هنڌ ٽپڙ، ٿانوَ ٿپي ۽ سامان سڙي سميت رات جو خبر ناهي ڪهڙي وقت ڪيڏانهن هليا ويا آهن.
زميندار زور ڏيئي بيهي رهيو پر کيس خبر ئي پئجي ڪانه سگهي ته سندس هاري رات وچ ۾ ڪيڏانهن هليا ويا. خير، ٻڏي وڃي مرن. زميندار جي ٺٺئي سُور! هن ته اسان تي رهيل قرض ورڇي ٻين هارين جي کاتي ۾ لڳائي ڇڏيو.سندس گهران ڇا ويو!!
اسان پنهنجا نالا ۽ ذات بدلائي ڇڏي. اچڻ وارو هنڌ به ٻيو ٻڌايو سين. نوان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهراياسين. پراڻي دنيا ڇڏي، نئون جهان اڏي ويهي رهياسين. نئين زميندار وٽ نيڪ نمازي ۽ شريف ٿي رهڻ لڳاسين. جيئن چوندا آهن ته “جت سڀ پنهون جا ڀائر”، تيئن زميندار به سڀ هڪ جهڙا هوندا آهن. البت جيترو وڏو زميندار ۽ جيتري گهڻي هلندي پڄنديءَ وارو، اوتري کيس بک گهڻي. اُن جي ڀيٽ ۾ وري ننڍڙو زميندار ڪجهه مڙيئي هاريءَ کي جيئڻ ڏي ٿو. سو هتي اسان جو گذارو مڙيئي پئي ٿيو. پر مونکي منهنجي سنگتيءَ عارب جيڪي جيل ۾ ليڪچر ڏنا هئا ۽ جيڪا زباني منهنجي ٽريننگ ڪئي هئائين، تنهن جي عملي طرح پوئيواري ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو.
اهڙي طرح آئون منجهه ڳجهه ۾ ئي، هڪ سال اندر زبردست آڙيڪاپ ته نه، پر چڱو خاصو چور بنجي ويس. جنهن جي منهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي به خبر پئجي ڪانه سگهي. چوريءَ مان منهنجي چڱي خاصي آمدني ٿيڻ لڳي. منهنجي استاد سنگتيءَ عارب جو اصول هو ته هو پنهنجي تر ۾ پنجن ڇهن ميلن اندر چوري ڪونه ڪندو هو. پنهنجي ڳوٺ کان گهٽ ۾ گهٽ 25-30 ميل پري وڃي چوري ڪندو هو. هن جا پري پري تائين سٺا واسطا هئا. هو کاٽڙيو چور هو. يعني ڍڳو ڍور چورائڻ بدران ڪچين توڙي پڪين ڀتين کي کاٽ هڻي، گهر اندر گهڙي، روڪ رقم يا زيور زٽو چورائيندو هو. ۽ اِهي اهڙيون شيون آهن جن جو زمين تي ته کُر پير لڳي ئي ڪونه ٿو. باقي چور، سو ڪچي مان هلي اچي پڪي روڊ تي چڙهيو ۽ پڪي تان ڪنهن سواريءَ ۾ چڙهي الاجي ڪٿان وڃي نڪتو. باقي پٺيان ڀلي پيا تر جا ننڍا وڏا ڪاٽڪو ڪٽجن.
چوراڻي لڏي ۾ جو ڪاهي پيس ته گهڻن خفتين سان ڏيٺ ويٺ ٿي. گهڻن جا تجربا سامهون آيا. منهنجي استاد جو چوڻ هو ته چوري اڪيلي سِر ڪجي. جڏهن بنهه ڪا ڳري آسامي سامهون هجي يا چوري بنهه ڏکي هجي، ته به وڌ ۾ وڌ ٻه ڄڻا هجن. گهڻن جو ٽولو هجڻ ڪري وري گهڻا مسئلا ٿا ٿين. ڪڏهن حصي پتيءَ تان ڪير ناراض ٿيو ته وڃي جُوڻت کڻندو. ڪو هڪ جهلجي پيو ته به سڀني لاءِ ڏچو ٿي پوندو. مختلف طبيعتن جي ڪري يڪ راءِ ٿيڻ به مسئلو ٿيو پوي. بهرحال، پهريائين ته منهنجو استاد ٻه ٽي سال مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. پوءِ جڏهن، سندس ليکي ۾، آئون هاڻ باقاعده چور ٿي چڪو هوس، تڏهن هڪڙي ڏينهن مونکي پٺن تي هٿ هڻي چيائين: “يار، هونئن ته پنهنجو جيئڻ مرڻ گڏ آهي، باقي هاڻ تون چوري پنهنجي سر، پنهنجي مُنهن ۽ پاڻمرادو ڪندين. گهڻو ڪري سموري جُوءُ تنهنجي پيرن هيٺان آيل آهي. پر جي اڃا به ڪا نئين جوءُ ڳولي لهين، ته به تنهنجي مرضي آهي. سڄو لاڳاپو اڳي وانگر تنهنجي واهر ڪندو. نئون لاڳاپو ٺاهيندين ته وڌيڪ سٺو ٿيندو. ڪٿي جي ڦاٿين ته واهر ڪندو سانءِ. باقي چوريءَ تي تون پاڻ پنهنجي سر ويندين... ۽ ها، هڪڙي ڳالهه ڌيان ۾ رکج. سا هيءَ ته ڪٿي به جي ڪا عورت سامهون اچي وڃي ته نه اُن تي هٿ کڻبو ۽ نه ئي اُن جي بي عزتي ڪبي. سوڙهين هٿين ٿي پئي، ته به ڀڄي جان ڇڏائبي. پر جي چوري نه ڪرڻ جي منٿ ٿي ڪري ته چوري ڇڏي هليو وڃبو.”
اول ته آئون ڏاڍو دلگير ٿيس. پر پوءِ چيم: “نيٺ به ڪير، ڪنهنجو، ڪيستائين سهارو ٿي سگهي ٿو. نيٺ به ته پنهنجي زندگي هر ڪنهن کي پاڻ گذارڻي آهي. سو رک يارهينءَ واري تي. بادشاهه پير ڪندو سڻائي.” اهڙي طرح مون اڪيلي سر وارداتون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. ۽ واقعي بادشاهه پير سڻائي ڪئي. پنڌرهن سورنهن سال ٿي ويا وارداتون ڪندي، پر ڪڏهن به ڪٿي اڙيس ڪونه. اِن وچ ۾ اسان ڀائرن شاديون ڪيون. ڀينرن جو بار لاهي هلڪو ڪيوسين. ٻاهريئين ٻني اسين شريف، نيڪ نمازي هاريءَ جي حيثيت ۾ سٺو وقت گذاري رهيا هئاسين. زميندار به اسان مان خوش هو ته اوڙي پاڙي ۾ سڀ ڪنهن سان هٿ جوڙ، دعا سلام ۽ وات جي جيءَ جي ڪري سڀ ڪو اسان مان خوش هو. زندگيءَ جو هيءُ به هڪڙو رخ هو.
هڪڙي ڏينهن گهر اڳيان نم جي ڇانوَ ۾ ڪانڀ ڪڍيو ويٺو هوس. منهنجو 5 سالن جو ننڍڙو پٽ پاسي ۾ راند ڪڏي رهيو هو. پوياڙيءَ جو ٽائم هو. تيستائين الهندان هڪڙو همراه پئي آيو. سلام واريائين. مون اٿي ساڻس هٿ ڀليڪار ڪئي. خبرون چارون پڇيون مانس. واقفيت ڪرايائين. همراه منهنجو اڳي ڏٺل ته هو، ٻڌل به هو پر ساڻس روبرو جي ملاقات ٿيل ڪانه هئي. ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي چيائين: “شڪاري، آئون اڄ تو وٽ هڪڙي ڪم سان آيو آهيان. (چور جڏهن پاڻ ۾ چوراڻيون خبرون ڪندا آهن تڏهن هڪ ٻئي کي شڪاري چئي مخاطب ٿيندا آهن.) تو ۾ وڏي حُجَ رکي آيو آهيان. تنهنجي دليريءَ جي گهڻي واکاڻ ٻڌي آهيم. مون سان هڪڙي ونگار وهو. پوءِ جي وقت تي مون ۾ تنهنجو ڪم پيو، ته سِرَ سُوڌو ٻڌل آهيان.” ائين چئي منهنجي منهن ۾ نهارڻ لڳو.
مون کيس ڳچ دير تائين اکين ئي اکين ۾ تورڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي سوچ ۽ پرک جو مکيه ڪارڻ اهو هو ته هيءُ همراه ڪٿي مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڇائڻ ته ڪونه آيو آهي. ۽ جڏهن منهنجي تجربي ۽ گهري نظر مون کي اشارو ڏنو ته همراه اڙيات آهي ۽ مدد پيو گهري، ٻيو ڪجهه ڪونهي. تڏهن چيومانس: “چئو ڪهڙي ونگار آهي.”
“فلاڻي ڳوٺ ۾، فلاڻي ماڻهوءَ جو ڀلو گهوڙو بيٺل آهي. اُهو گهوڙو کولڻو آهي.” چيائين.
“گهوڙو ئي ته کولڻو آهي. اِن۾ ڪهڙو فوج سان مقابلو ڪرڻو آهي جو پريشان ٿيو آهين.” چيومانس. “گهوڙو ته ڪو ڇورو ڇنڀ به کولي سگهي ٿو. مون پئي سمجهيو ته ڪنهن وڏي ونگار لاءِ مون وٽ آيو آهين. ڇا گهوڙو گهر اندر تالي ۾ بيٺل آهي؟ مٿس ڪي چوڪيدار ويٺل آهن؟ آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟”
“نه گهوڙو اندر تالي ۾ بيٺل آهي ۽ نه ئي ڪي چوڪيدار چؤڪي ٿا ڏين. گهوڙو ٻاهر مَنَههَ ۾ رڳو رسي ۾ ٻڌل آهي. پر ڌڻيءَ جو اعلان آهي ته آئون اهڙو ڪو مڙس ئي ڪونه ٿو ڏسان، جيڪو منهنجو گهوڙو کولي وڃي. ۽ جيڪڏهن ڪنهن واقعي گهوڙو کوليو ته گهوڙو ته کيس ڦٻيو، آئون گهوڙي جي پڇا ئي ڪونه ڪندس، پر پاڻ کيس پنج هزار روپيه انعام به ڏيندس. انهيءَ اعلان گهڻن کي هشڪاريو، پر ڪير به ڦٻي ڪونه سگهيو آهي. تر جا سمورا ڪاٽڪو ۽ آڙيڪاپ چور زور لاهي بيهي رهيا آهن، پر ٻيو مڙيئي ٿيو خير.”
“پوءِ آخر ڪهڙو مسئلو آهي، جيڪو خالي رسي ۾ ٻڌل گهوڙو کولڻ نٿو ڏي.”
“همراه وٽ هڪڙو ڪتو آهي، جنهن مڙسن جا گس پنڌ بند ڪري ڇڏيا آهن. ڪتو ڳوٺ کان سڏ پنڌ پري ئي شڪارين کي ڦريو ٿو اچي ۽ اُتان کان اڳتي ڳوٺ ڏانهن وڌڻ ئي نٿو ڏي.” ٻڌايائين. “تنهن ۾ مڙس اَرَ تَرَ ڏيئي بيهي رهيا آهن پر ڪتي سان پڄن ئي نٿا. هڪ ڀيري ته شڪاري ٻه ٽوليون ٺاهي، هڪڙا ڳوٺ جي هڪڙي پاسي کان آيا ۽ ٻيا ٻئي پاسي کان. اسر تائين زور لاٿائون پر ڪتي کين گهوڙو کولڻ ڪونه ڏنو. مون کي به شوق ٿيو. مون ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي پر ٺلهو موٽي آيس. هاڻي اِها چوري مون تي مرڳو ڀُوت وانگر واسو ڪري ويئي آهي. گهوڙو کولڻ هاڻي منهنجي انا جو مسئلو ٿي پيو آهي. منهنجو مرڳو سک ڦٽي پيو آهي. رات ڏينهن گهوڙو پيو سامهون ڦري. انهيءَ هورا کورا ۾ بنهه ماني به نٿي وڻي. سو ٻيلي، مون سان ونگار وهو. مون سان گڏجي هل. اِن لاءِ آئون تو وٽ هلي آيو آهيان.”
اِن وچ ۾ هُن مونکي اُن ڳوٺ جا ڏس پار، گهوڙي جا پار پتيڪار، ڌڻيءَ جو نالو ۽ سندس گهر جو ڏس پتو سڀ ڪجهه تفصيل سان ٻڌايو. مون سندس سموريون ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ اُهي نشان پار به ذهن ۾ ويهاريا. پوءِ کيس چيم ته: “يار، ڀلي ڪري آئين، جي ڪري آئين. هڪ ٻئي جي ونگار وهڻ پاڻ شڪارين جي روايت رهندي پئي اچي. اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڪن اصولن جو پابند هوندو آهي ۽ ڪنهن سان ڪيل واعدي ۽ ڪنهن جي چوڻ کي پٺ ڏيئي نه سگهندو آهي. مون کي منهنجي استاد جو حڪم آهي ته آئون ڪنهن سان به گڏجي چوري نه ڪريان ۽ هيستائين مون سندس چوڻ جو ڀرم رکيو آهي ۽ اڳتي به آئون سندس حڪم جو پابند آهيان. سو شڪاري، دل ۾ نه ڪجانءِ. آئون توسان گڏ هلي نه سگهندس. تنهنجي ونگار وهي نه سگهندس. اِن لاءِ مون کي معاف ڪجانءِ.”
اسين الاهي دير ويٺا رهياسين. چانهه پيتيسين. دل کولي رهاڻ ڪئي سين. ۽ پوءِ هو موڪلائي هليو ويو.
همراه ته هليو ويو پر سندس انا جو مسئلو جهڙو ڪر منهنجي مٿي ۾ هڻي ويو هو. هاڻي ماڳهي منهنجو سک ڦٽي پيو. هونئن ته ڪو ڍور کولڻ يا ڪچي توڙي پڪي گهر کي کاٽ هڻي چوري ڪرڻ ته منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ڪونه هو. پر هتي منهنجي لاءِ جيڪو چيلينج هو، سو هو اُن ڪتي کي شڪست ڏيڻ، جنهن نامي گرامي شڪارين جا گس پنڌ بند ڪري ڇڏيا هئا. هونئن ته روالور جي گولي هڻي ڪتي کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏجي، ٿي پئي سگهيو. پر جيڪي اصولن جا پابند شڪاري هوندا آهن، سي هروڀرو خون خرابو ڪونه ڪندا آهن. خاص ڪري هن حالت ۾، جڏهن ڪتو ڌڻيءَ سان بي انتها وفادار هجي. چوري ئي ڪرڻي آهي ته پوءِ هڪڙي هنڌان بُل نٿو لڳي ته وري ٻئي پاسان ڪري وٺجي. خير!
ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتا اِن معاملي تي سوچيندو رهيس. ۽ پوءِ نيٺ هڪڙي ڏينهن شام جو وڃي بس ۾ چڙهيس. 20-25 ميل هلڻ کانپوءِ هڪڙي اسٽاپ تي بس مان لهي پيس. مليل ڏس موجب هڪڙي گاڏا واٽ وٺي اترطرف هلڻ لڳس. ٻه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ کانپوءِ مون کي اهو ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيو. نشاني طور ٻڌايل اهو سِريل جو شاهي وڻ ڳوٺ جي هڪ طرف نويڪلو بيٺو هو. ڳوٺ کان آئون اڃا سڏ ڏيڊ پنڌ پري هوس. مون اُتي بيهي آس اپس جو جائزو ورتو. چؤطرف آباد زمينن ۾ چيٽ پوکيل هئا. هڪ ٻن ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل هڪڙو مقام هو. جنهن ۾ گهاٽيون ڄاريون، سَرَنِ جا ٻوٽا ۽ پنج ست پراڻن ٻٻرن جا وڻ بيٺل هئا. سج لهڻ کي باقي ٿورڙو ٽائيم هو. آئون گاڏا واٽ ڇڏي، ٻئي پاسي کان ڦري اچي هڪڙي وڏي گهاٽي ڄار جي هيٺان پاٿاري ٺاهي ويهي رهيس.
سج لٿو. سانجهيون ٻانگون ٻڌم. سومهڻيءَ جون ٻانگون به ٻڌم. جيستائين ويهي سگهيس، ويٺو رهيس. پوءِ کڙو سِري هيٺان ڏيئي ليٽي رهيس. آڌي رات ڌاري اٿيس. بافتي جي اڍائي والي ٿلهي چادر ساڻم هئي. گاڏا واٽ ڏانهن ڪونه ويس. پر آباد زمينن جي وچان ٻنن تان هلندو، چوڪس چؤطرف ڊوکا ڪندو، ڪنائيندو آهستي آهستي اڳتي وڌڻ لڳس. اُن همراه جي ڳالهه سچي نڪتي. آئون اڃا ڳوٺ کان چڱو خاصو پري هوس، جو ڪتي جو ڀؤنڪاٽ ڪن تي پيوم. ڪتي کي پاڻ ڏانهن ايندو محسوس ڪيم. ڪتو يڪي سراڙي ۾ پئي مون ڏانهن وڌيو. 11-تاريخ جي چنڊ جي سهائي هئي. ڏسڻ ۾ ڪجهه ڪونه ٿي آيو، پر رات جي خاموشي ۽ نِوائيءَ ۾ ڪتي جي وات مان نڪرندڙ گهِرَڻ جي آوازن مان اندازو پئي ٿيو ته ڪتو واقعي انتهائي خطرناڪ آهي. ۽ ساڻس مقابلو ڪرڻ يا پوئتي ڀڄڻ ڪنهن به طرح فائديمند ڪونه ٿيندو. اڃا انهيءَ ٻڏ تر ۾ هوس، تيستائين ڪتو ويجهو اچي پهتو. پوءِ بنا دير ڪرڻ جي ٻني تي سنئون ڊگهو ٿي ليٽي پيس ۽ بافتي واري چادر پيرن کان وٺي مٿي تائين ويڙهي، دم گهٽي، پئجي رهيس. ٻئي پل ڪتو پهچي چڪو هو. ساهه جو هانڀارو، ڀؤنڪاٽ، پيرن سان زمين کرڙي مٽيءَ جون ٻڪيون اڇلڻ. منهنجي پيرانديءَ کان اچيو وري سيرانديءَ اچي. هنڌ هنڌ کي سونگهيندو رهيو. ڳچ دير اهو عمل دهرائيندو رهيو. پوءِ نيٺ ائين به ڪيائين جو مون کي سونگهيندي سونگهيندي منهنجي مٿي وٽان بيهي، پوئين ٽنگ مٿي کڻي مون تي مُٽڻ لڳو. وري پيرن ڏانهن ويو ۽ ساڳي طرح پيرن مٿان مُٽيائين. ۽ پوءِ وقفي وقفي کان پوءِ اِهو عمل دهرائيندو رهيو. گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڏهه ڀيرا ائين ڪيائين. مونکي سڄو پُسائي ڇڏيائين. جيڏي مهل منهنجي مٿي کان اچي ٿي پيشاب ڪيائين، تيڏي مهل نه پڇو ته منهنجي ڪهڙي حالت ٿي ٿي! عام حالتن ۾ “مُنهن تي مُٽڻ” کي ماڻهو گار طور استعمال ڪندا آهن. پر اڄ ته ماڻهوءَ بدران مرڳو ڪتي پئي منهنجي مُنهن تي مُٽيو ۽ آئون بيوس بنيو خاموش ليٽيو پيو هوس.
آڌي رات کان وٺي پرهه ڦٽڻ تائين ڪتي مون کي چرڻ ئي ڪونه ٿي ڏنو. مونکي سونگهي سونگهي ٿورو پريان وڃي ٿي بيٺو. پر منهنجي بدن ۾ ٿورڙي به چُر پُر محسوس ٿي ڪيائين ته هڪدم پهچي ٿي ويو ۽ وري پيشاب ڪرڻ وارو عمل ٿي دهرايائين. صبح اڇو ٿيڻ لڳو هو، تڏهن ڪتو مون کي ڇڏي ڀؤنڪاٽ ۽ ڪؤنڪاٽ ڪندو ڳوٺ طرف هليو ويو. پوءِ مون آهستي آهستي اٿي آس پاس جو جائزو ورتو. هر طرف سانت لڳي پيئي هئي. مون پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيا ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو اچي بس سٽاپ تي پهتس.
ڳوٺ پهچي ڪپڙا بدلائي، ماني کائي پاسيرو وڃي ليٽي پيس. سڄي رات جو اوجاڳو هو، سو اهو سڄو ڏينهن سمهي ننڊ پوري ڪيم. ٻئي ڏينهن، ميل ڏيڊ پنڌ تي جهنگلي ٻلن جو شڪار ڪندڙ شڪارين جي ڳوٺ ۾ منهنجو هڪڙو سنگتي رهندو هو، ان وٽ وڃي نڪتس. انهن وٽ ڪتا جام هوندا آهن. ڌاڃوري شڪاريءَ جو منهنجو ٻڌو، سو بنهه ڍوڙندو آيو. ڏاڍي قرب سان مليو ۽ خبرون چارون پڇيائين.
“مون کي هڪڙي ڪُتي کپي، ڌاڃورا!” چيومانس.
“ڪتيءَ جي لاءِ ڪري پنڌ ڪيو اٿئي. نياپو ڪريئين ها ته گهر ويٺي ڪتي پهچائي وڃان ها. چئو ڪهڙي ڪتي کپي؟ کڙاهه جي ڪتي کپي يا شڪار جي.”
“اون هون... نڪو کڙاهه جي ۽ نڪو شڪار جي. مون کي رڳو هڪڙي ڪتي کپي. پر هجي ڪَتَ تي. (لَڳَ واري. Heat Period) چيومانس.
ڌاڃُرو منهنجي منهن ۾ نهاري کليو ۽ چيائين “ائين وري ڪيئن؟”
“ڀوڳ ڪونه ٿو ڪريان ڌاڃورا، مون کي سچي پچي لَڳَ واري ڪتي کپي.” چيومانس.
“پر لَڳَ واري ڪتيءَ کي تون ڪندين ڇا؟” پڇيائين.
“اهو پوءِ ٻڌائيندو سانءِ. پهرين تون مون کي ڪَتَ واري ڪُتي هٿ ڪري ڏي.” چيومانس.
“لڳ واري موسم ته هاڻ ختم پئي ٿئي. ڳالهه ڏاڍي ڏکي آهي. مشڪل سان ڪم ٿئي. پر وري به آئون جانچ ڪريان ٿو.” پوءِ آئون وٽانئس موڪلائي هليو آيس پنهنجي ڳوٺ.
ٻه ڏينهن ڇڏي ٽئين ڏينهن ڌاڄورو ڪتي کڻي آيو.
۽آئون به ڪتيءَ کي ساڻ ڪري، سج لٿي ڌاري وڃي ساڳئي مقام ۾، ساڳي پاٿاريءَ تي پهتس. مونکي پنهنجي اُڃ بک جي ڳڻتي ته ڪانه هئي. باقي ڪتيءَ لاءِ پاءُ کن گوشت جو پاڻ سان کڻي آيو هوس. ڪتيءَ کي ڄار سان ٻڌي پوءِ پنهنجي لاءِ پاٿاري ٺاهي ليٽي پيس. آڌي رات داري اُٿي، ڪتيءَ جي رسي هٿ ۾ ڪري اڳوڻو ساڳيو ٻنو وٺي ڳوٺ طرف وڃڻ لڳس. لڳ ڀڳ ساڳي ڀيڻيءَ تي پهتو هوندس، يا ٿورڙو اڳيان، جتي پهريائين مونکي ڪتو اچي پهتو هو، ته پريان کان ڪتي جي ڀؤنڪ ٻڌڻ ۾ آئي. پر هن ڀيري مون وٽ ڪتي جو علاج هو، تنهن ڪري مونکي ڪتي کان ڊڄڻ جي ضرورت ڪانه هئي. ڪتو پريان کان ئي ڀؤنڪاٽ ڪندو يڪي سراڙي ۾ پئي آيو. ساڳي هستي، ساڳي مستي ۽ ساڳي دهشت. پر جيئن ئي مونکي ويجهو پهتو، تيئن ٺري پيو. هن ڀيري سندس توجهه مون بدران ڪتيءَ تي هو ۽ هُو ڪتيءَ جي اڳيان پويان لُر لُر ڪرڻ لڳو.
پوءِ آئون ڪتيءَ کي واپس وٺي مقام ۾ آيس ۽ سندس رسي ساڳي ڄار ۾ ٻڌي ڇڏيم. بس منهنجو ڪُتي ٻڌي پري ٿيڻ ۽ ڪتي پنهنجي ڪارروائي شروع ڪري ڏني. دير ئي ڪانه ڪيائين. پهرين ڪوشش ۾ ئي ڪتيءَ سان سلهاڙجي ويو.
۽ آئون ڌاڃوري کي دعائون ڏيندو ۽ پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرندو ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويس. هن واردات جو ڏکئي ۾ ڏکيو مرحلو مون ڪُتي کي شڪست ڏيئي فتح ڪري ورتو هو. باقي پريان ڳوٺ ۾ مونکي ڪابه رنڊڪ يا رڪاوٽ سامهون ڪانه آئي. آئون سڌو وڃي گهوڙي وٽ بيٺس ۽ گهوڙي جي پڇاڙي اڳاڙي ڪڍي، رسو کولي رڳو کڻي لانگ ورايم.

(5-فيبروري 2012ع)
*