رومانويت- وصف
درحقيقت ڏٺو وڃي ته اصل لفظ رومن (Roman) مان ٺهيل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”رومي“. روم جي اصل زبان جيئن ته اطالوي هئي، پر ٻين علائقن جي زبانن جهڙوڪ: اسپيني، فرانسيسي ۽ پرتگالي وغيره جي ميل ميلاپ سان ان زبان جا ڪيترائي لهجا (Dialects) ٺهي پيا، جن کي ”رومانس زبانون“ (Romance Languages) سڏيو ويو.
تنهن کان پوءِ انهن ئي زبانن ۾ وري حقيقت کان پرانهان، تخيل جي اڏام (Imagination) تي ٻڌل ڪيترائي عشق ۽ بهادريءَ جا قصا لکيا ويا، جيڪي پڻ ادب ۾ رومينسز (Romances) جي نالي سان مشهور ٿيا. لفظ رومانس کي نئين معنيٰ انهن قصن جي ڪري ملي.
ايف. ايل. لوڪس لکي ٿو ته:
“Romance means first a certain language then a certain type of literature composed in that language: then the epithet “romantic” is applied to the unreality associated with that type of literature.” (1)
ترجمو:
”رومانس جو مطلب آهي پهرئين ڪا هڪ ٻولي، تنهن کان پوءِ ڪنهن قسم جو ادب جيڪو ان ٻوليءَ ۾ جڙيو، تنهن کان پوءِ خيالي وصف/صفت جنهن جو تعلق غير حقيقي ادب سان هو.“
اهڙي ريت ان لفظ کي مختلف معنائون ملنديون رهيون. پر ادب جي تاريخ ۾ هڪ مڪمل دور کي رومانوي دور (Romantic Age) جو نالو ڏيڻ جو خاص سبب اهو هو ته ادب جي ڪلاسيڪي دور کان پوءِ ان جي سخت اصولن تي آڌاريل نئون ڪلاسيڪي ادب غير جذباتي ۽ غير تخيلاتي بنجي چڪو هو جيڪو فطري ماحول ۾ تخليق ٿيڻ بدران ڊرائنگ روم ڪلچر تائين محدود ٿي ويو هو. رومانوي تحريڪ هيٺ ليکڪن کي ڊرائنگ روم جي اُنَ گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول مان نڪري هڪ دفعو وري فطرت سان ناتو جوڙڻ جو موقعو مليو جتي هو پنهنجي دل جي هر ڳالهه اڳ جيان آزاديءَ سان چئي ٿي سگهيا. يعني رومانوي دور جي رومانوي ادب ۾ رومانويت (Romanticism) جو مقصد ٿيو ”آزادانه طور جذبن جي اظهار جو دؤر“ (Romantic Age) ۽ طئي ٿيل ادبي روايتن ۽ قدرن کان بغاوت.
رومانويت بابت ٿيوڊور واٽس ڊنٽن جو چوڻ آهي ته:
“The Romantic revival was equivalent to the Renascence of wonder.” (2)
ترجمو:
”رومانويت جو اڀرڻ هڪ معجزي جي نئين سرعمل ۾ اچڻ برابر هو.“
بنيادي طرح سان رومانوي دور جو ماحول، قديم ڪلاسيڪي شاعراڻين روايتن ۽ قدرن جي ڀيٽ ۾ انسان لاءِ حقيقتاً ڪنهن انڪشاف کان هرگز گهٽ نه هو. جنهن ۾ سچ پچ ته مختلف موضوعن جي انداز بيان، موضوعي طرح هڪ نئين فڪر، احساس ۽ خيال جي ڪائنات ترتيب ڏني جنهن جو بنياد ئي سونهن تي رکيل هو.
“The Romantic spirit can be defined as an accentuated predominance of emotional life, provoked or directed by the exercise of imaginative vision and in its turn stimulating or directing such exercise.” (3)
ترجمو:
”رومانوي مزاج جي وصف ڪجهه هن طرح سان بيان ڪري سگهجي ٿي ته، جذباتي زندگيءَ جو پرزور غلبو جيڪو خيالي تصور جي مشق ذريعي وڌيڪ اڀري ۽ ان جي موٽ ۾ اهڙي قسم جي مشق جي وڌيڪ ترغيب ڏئي.“
رومانويت لاءِ تخيل، احساس ۽ جذبن کي ئي بنيادي عنصر قرار ڏنو ويو آهي. انسان جيترو وڌيڪ تخيلاتي هوندو شين سان سندس احساساتي ۽ جذباتي رشتو اوترو ئي مضبوط هوندو ۽ هو نيون نيون تخليقون ڪندو رهندو.
آڪسفورڊ ڊڪشنري جي مطابق:
1. “Romantic feelings, attitudes or behaviour.
2. Tendency in literature, art and music, especially in the 19th century compared to classicism and realism.” (4)
ترجمو:
1. ”رومانوي خيال، ورتاءُ يا رويو.
2. ادب، فن ۽ موسيقيءَ جو هڪ لاڙو جنهن کي اڻويهين صديءَ ۾ ڪلاسيڪيت ۽ حقيقت پسنديءَ سان ڀيٽيو ويو.“
جڏهن ته برٽينيڪا انسائيڪلو پيڊيا رومانويت بابت ٻڌائي ٿو ته:
“Attitude or intellectual orientation that characterized many works of literature, painting, music, architecture, criticism and historiography in western civilization over a period from the late 18th to the mid 19th century.” (5)
ترجمو:
”ذهني رويو يا ورتاءُ جيڪو مغربي تهذيب ۾ ارڙهين صديءَ جي آخر کان اڻويهين صديءَ جي وچ تائين مصوري، موسيقي، تعميراتي فن، تنقيد ۽ تاريخ نويسيءَ جي ڪيترن ئي تخليقن جي خصوصيت هو.“
مٿي بيان ڪيل ٻنهي وصفن مطابق رومانويت مغربي ادب ۾ هڪ تحريڪ ۽ مخصوص لاڙي طور ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ سامهون اچي ٿي جنهن هڪ ئي وقت زندگيءَ جي مختلف شعبن تي اثر وجهڻ سان گڏوگڏ سوچ کي پڻ نئين ڌارا عطا ڪئي.
مشهور سنڌي اديب ممتاز مهر ان حوالي کان چوي ٿو:
”رومانويت فرد جي بغاوت هئي جيڪا ٺوس ڪلاسيڪي قدرن ۽ ضابطن جي خلاف رد عمل ۽ جديد طرز احساس جي ابتدا هئي.“ (6)
جڏهن ته عابد رضي جو چوڻ آهي ته:
”رومانويت جو نظريو تخيل، تجسس ۽ انڪشاف جي اهليت جو نالو آهي.“ (7)
ڏٺو وڃي ته تخيل جو تجسس ۽ انڪشاف سان نهايت ئي گهرو واسطو آهي ڇاڪاڻ ته تخيل ڪا عام شيءِ ناهي. اهو پنهنجي اندر تخليق جي هڪ وسيع ۽ رنگين ڪائنات رکي ٿو جيڪو شين جي جهڙي ريت عڪاسي ڪري ٿو سو ڪنهن به طرح سان نواڻ ۽ حيرانگيءَ جي عنصر کان وانجهيل نٿو هجي.
اردو ادب جو بهترين مصنف ۽ تنقيد نگار انور سديد رومانويت بابت چوي ٿو ته:
”رومانويت انهيءَ داخلي قوت جو نالو آهي جيڪا نامعلوم کي معلوم ڪرڻ ۽ نئين شيءِ جي تخليق ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي.“ (8)
جڏهن ته ڊاڪٽر غفور ميمڻ وري چوي ٿو ته:
”رومانويت صرف داخليت يا فراريت ناهي بلڪ زندگيءَ جو مخصوص رويو آهي جنهن ۾ آزاد انفراديت، ذات جو تحفظ ۽ بغاوت جو عنصر به موجود آهي.“ (9)
هتي ائين محسوس ٿئي ٿو ته رومانويت جو تعلق فقط فرد جي موضوعيت سان ناهي بلڪ اهو حياتياتي نظريو آهي جيڪو انساني زندگيءَ ۾ اهم ۽ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته انسان لاءِ رومانس، سونهن ۽ مستقبل جا رنگين خواب انتهائي ضروري آهن. انهن جي ئي بنياد تي فرد جي شخصيت ۾ روايتن کي ٽوڙڻ ۽ سرڪشي ڪرڻ جو عنصر پيدا ٿئي ٿو. بلڪ هي اهڙو رويو آهي جيڪو فرد ۾ انفرادي آزاديءَ جي وجدان جو تاثر اڀاري ٿو.