رومانويت بحيثيت فڪري تحريڪ
گلن ۽ ميون سان ڀريل باغ، سرسبز ۽ شاداب ٻنيون ٻارا، وهندڙ پاڻيءَ جون نهرون ۽ جهرڻا، انيڪ قسمن جا پکي ۽ انهن جون لاتيون، هوا ۾ ترندڙ ڪڪر، آسمان ۾ چنڊ ۽ تارن جا منڊل، فطرت جي شاهڪار انسان جي سادگي، عشق ۽ محبت جون نراليون ڪيفيتون ۽ سندس زندگيءَ جي مختلف رخن جو مطالعو رومانوي دور جي شاعرن جا خاص اهم ۽ پسنديده موضوع رهيا آهن. اهو رومانويت جو ئي فڪر هو جنهن مڪمل طرح سان انسان کي آزادي عطا ڪئي پوءِ اها آزادي کڻي روحاني هجي، فطري هجي، جذباتي هجي، سماجي هجي يا وري تخيلاتي، رومانويت انسان کي زبردستي مڙهيل قدرن، روايتن ۽ اصولن جي ٻنڌڻن کان مڪمل آزادي ڏياري.
رومانوي شاعريءَ جا اِهي ئي اُهي مکيه جز ۽ منفرد وصفون هيون جن جي ڪري ڪئزاميان “Cazamian” جهڙي نالي واري ادبي نقاد پنهنجي ”انگريزي ادب جي تاريخ“ ۾ سريلن گيتن کي جمهوري اصولن جو جذباتي استعمال “Sentimental application of democratic principles” سڏيو آهي.
اها رومانوي تحريڪ ئي هئي جنهن انسان کي فطري انداز ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سماج ۾ موجود اصولن ۽ قانونن کان بغاوت انسان کي بي پناهه تخليقي قوت عطا ڪئي جنهن ڪري انسان جي داخليت تمام گهڻو زور ورتو ۽ هڪ دفعو وري انسان جي اندر جي بي چينيءَ کيس فطرت ۾ نئين سر پنهنجو مقصد ڳولڻ لاءِ اتساهيو. هو وري هڪ نئين جوش جذبي ۽ ولولي سان زندگيءَ جو جوهر طئي ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
اها ڪيفيت انفرادي طور زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ وڏي تبديلي جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي پر اجتماعي طور اهڙي ڪيفيت جو پيدا ٿيڻ ڪنهن وڏي تحريڪ يا فڪر جي جنم جي اڳڪٿي هوندي آهي. رومانويت به اهڙي ئي قسم جي فڪري تحريڪ هئي جيڪا جاگيرداريءَ جي ٽٽڻ ۽ سرمائيداريءَ جي اڀرڻ وقت پيدا ٿي جڏهن پورو معاشرو سماجي اٿل پٿل ۽ بحران جو شڪار هو. اها هڪ حقيقت آهي ته هر بحران ۽ سماجي اٿل پٿل دوران انسان جي اندر جي ڪيفيت تمام گهڻي متاثر ٿي آهي ۽ داخليت وڌيڪ اڀري آهي.
اهو ئي سبب هو جو بعد ۾ هر ان تحريڪ کي رومانويت سان وابسته ڪيو ويو جنهن ۾ اصولن ۽ قانونن کان بغاوت ۽ نون قدرن کي پنهنجائڻ جي گنجائش موجود هئي. يورپ ۾ ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ انهيءَ طرز جون ڪيتريون ئي داخلي تحريڪون اڀريون جن ۾ جديد وجوديت، هپي ازم، دادا ازم، نيچرل ازم، سرريلزم ۽ اظهاريت وغيره کي رومانويت جون مختلف شڪليون قرار ڏنو ويو.