لطيفيات

شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

هي ڪتاب ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي ايم.اي فائنل جي مونوگرافڪ ٿيسز آھي جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. محترمہ لکي ٿي:
آءٌ سمجهان ٿي تہ شاه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي تہ پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي. هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون.
Title Cover of book شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ  جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

شاهه لطيف وٽ رومانويت جو تصور

انهيءَ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته شاهه هڪ گهڻ رخو شاعر آهي، جنهن جو فن، فڪر، فلسفو توڙي موضوع نهايت ئي وسيع ۽ پهلودار آهن. انهن ئي بي شمار پهلوئن مان سندس شاعريءَ جو رومانوي پهلو پڻ هڪ آهي. شاهه جي شاعريءَ جي وسيع مطالعي کان پوءِ ان ڳالهه جي دعويٰ ڪرڻ ته سنڌي ادب ۾ رومانوي تحريڪ جو باني شاهه لطيف ئي آهي بلڪل به غلط نه ٿيندو. ان جا ٻه بنيادي سبب آهن پهريون ته عالمي ادب جي رومانوي تحريڪ سان شاهه جو قطعي طور ڪو واسطو نه آهي. هن پنهنجي فطرت توڙي مزاج مطابق ان لاڙي کي پنهنجايو ۽ ٻي ڳالهه اها ته گهڻو پوءِ آيل تحريڪ کان اڻواقف هوندي به رومانوي شاعريءَ جا جيڪي به فني توڙي فڪري قدر ۽ لوازمات آهن سي سڀ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ موجود ملن ٿا. ورڊس ورٿ وٽ فطرت نگاري، ڪولرج وٽ جذباتيت، شيلي وٽ سگهارو تخيل، ڪيٽس وٽ رومانس يعني رومانوي فڪر جو ڪو هڪ پهلو وڌيڪ مضبوط ۽ حاوي نظر اچي ٿو پر شاهه وٽ ائين قطعي ناهي. شاهه وٽ جيڪا رومانويت آهي اها پنهنجي فڪري ۽ فطري جوهر ۾ ايتري ته سگهاري ۽ جامع آهي جو انگريزي ادب جي رومانوي تحريڪ جا سمورا شاعر به ساڻس برميچي نٿا سگهن. شاهه وٽ اسان کي فطرت نگاري، جذبن ۽ احساسن جي بي پناهه اٿل، سگهارو تخيل، رومانس، عوامي ٻولي ۽ لهجو ۽ عوامي ڪردارن جي عڪاسي مطلب ته سڀئي پهلو هڪ ئي وقت ۽ انتهائي اعليٰ درجي تي موجود ملن ٿا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:
”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪوبه موضوع ممنوع ناهي. سندس فن جنهن به موضوع کي ڇهي ٿو ان کي عظيم بنائي ڇڏي ٿو.“ (1)
شاهه جي عظمت جو اعتراف ان نڪتي کان شروع ٿئي ٿو ته هن انهن سڀني پهلوئن کي جمالياتي انداز ۾ سهيڙيو آهي. شاهه حسن ۽ جمال جو وڏو شارح ۽ تشريح ڪندڙ آهي. سندس ڪلام ۾ جماليات جا رنگين ۽ سونهن ڀريا چٽ جابجا نظر اچن ٿا. هو صرف مادي شين ۽ صورتن کي نٿو چٽي، پر زندگيءَ جي هر هڪ پهلوءَ جي مقصد ۽ مفهوم تائين رسڻ لاءِ جمالياتي انداز اختيار ڪري ٿو.
شاهه جي فن ۽ ڪلام تي علامه آءِ. آءِ. قاضي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکي ٿو:
The main province of Latif, in which he dwells, is beauty. His essence is so well established that it governs his personality completely. (2)
ترجمو:
”لطيف جي تخليقات جو وڏي ۾ وڏو ميدان حسن ۽ جمال آهي. اهو سندس شخصيت تي پوري طرح ڇانئيل آهي ۽ ان جو مڪمل احاطو ڪري ٿو.“
اهي ئي سبب آهن جو شاهه جو ڪلام رومانويت جو اعليٰ شاهڪار ۽ رومانوي فڪر جي نڪتهء نظر کان هڪ عظيم ادبي ورثو محسوس ٿئي ٿو ۽ شاهه سنڌي ادب جي رومانوي تحريڪ جو مهندار بڻجي اسان جي سامهون اچي ٿو.
هتي اسان شاهه جي ان رومانوي فڪر جو جائزو سندس شاعريءَ جي روشني ۾ وٺنداسين. جيئن ته شاهه جي شاعري فطرت جي مشاهدي مان ڦٽي نڪتي آهي. ان ڪري سنڌ جو هر فطري نظارو سندس شاعريءَ ۾ موجود ملندو. ٿر، بر، رائو، رڃ، ڏنگا چارا، ڍنڍو، ڪنول جا گل، اٺن جون قطارون، ڪنڍيون مينهون، پکين جا ولر، ڪونجون، ڪانءَ، هنج، درياهه ۽ ان جي مستي، سمنڊ ۽ ان جي ڇولين جو شور، سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، نکٽ، لهندڙ سج، ڦٽندڙ باک، مينهن جا وسڪارا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ وليون ۽ ان کان سواءِ ٻيا به بي شمار عڪس سندس شاعريءَ جي سونهن آهن جن کي شاهه ڪمال فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي.
ان حوالي کان پروفيسر غلام حسين جلباڻي لکي ٿو ته:
”شاهه مصور فطرت يعني فطرت جي تصوير ڇڪيندڙ آهي، فطرت جا دلڪش ۽ دلفريب نظارا ۽ اندر جا جذبا اهڙي ته باريڪ بينيءَ سان ڪمال هنر سان ڇڪيا اٿس جو قدرت جا نظارا زندهه ٿي پڙهندڙن جي اڳيان جلوه گر ٿي ڦري رهيا آهن.“ (3)
اها هڪ حقيقيت آهي ته شاهه وٽ جيڪا فطرت نگاري موجود آهي سا دنيا جي ڪنهن به رومانوي شاعر وٽ نٿي ملي سگهي. سندس ڪلام جا اڪيچار بيت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن.
هيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪؤنر ٽڙن،
واهو ندا ورن، ڪينجهر هندورو ٿئي.
(ڪاموڏ1-3)
هڪ عام فطري منظر کي شاهه پنهنجي جمالياتي ۽ رومانوي احساسن جي گهرائيءَ ذريعي بيان ڪري قاريءَ کي رومانوي سحر ۾ جهٽي ورتو آهي. جتي ڪينجهر جي خوبصورت ۽ پرڪشش پاڻيءَ جي نظاري جو ذڪر آهي ته اتي وري ان جي خوبصورتيءَ کي چار چنڊ ڪنول جا گل لڳائي رهيا آهن جيڪي پاسن کان ٽڙيا بيٺا آهن. مند جي موٽڻ جي خواهشن سان وري ساڳئي ڍنڍ جي ماحول جي تشبيهه به نهايت ئي اثرائتي آهي. ۽ وري جڏهن بهار جي مند موٽي اچي ٿي ته شاهه چوي ٿو:
هيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪؤنر ٽڙن،
ور ئي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ڪئي
(ڪاموڏ 2-4)
مند جي موٽڻ سان وري ساڳئي ماحول جي تشبيهه فطرت جي انمول تخليق کٿوري سان بيحد وڻندڙ ۽ دل ۾ گهر ڪندڙ آهي. فطرت نگاري ڪندي شاهه نه صرف انهن منظرن جي عڪاسي ڪئي آهي، جيڪي لطافت ۽ نزاڪت جو اهڃاڻ آهن پر فطرت جي انهن مظهرن کي به ڇهي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو اٿس جن ۾ وجاهت ۽ هيبت جو رنگ غالب آهي.
دهشت دَمُ درياهه ۾، جت ڪڙڪا ڪُنَ ڪرين،
ٻڇل ٻانڍي ٻار ۾، اُت لهريون لوڏا ڏِين،
سناور ساميا، اُت سيڻا يا نه سنڊين،
جت ويريون واٽ نه ڏين، ات ساهڙ سير لنگهائيين.
(سهڻي 2-5)
درياهه جا ڊيڄاريندڙ نظارا، ڪُنَ جي آواز جا ڪڙڪا، جت لهرن ۾ بنڊ پيا هيٺ مٿي ٿين ڪيڏو نه ڊپ ۽ هيبت وارو فطري منظر آهي، جنهن ۾ ڪابه سونهن، نزاڪت يا لطافت نه آهي. شاهه اهڙن مظهرن کي به سهڻي انداز ۾ پنهنجي ڪلام جو حصو بڻايو آهي.
برسات به فطرت جو هڪ عظيم تحفو آهي، جيڪو انسانذات سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي به هر هڪ شيءِ لاءِ هڪ وڏي نعمت ۽ رحمت آهي. شاهه برسات کانپوءِ جي ماحول جي به فطري منظر نگاري ڪئي آهي.
بر اُٺا ٿر وُٺا، وُٺِيُون تَرايُون،
پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا، ٿيون سنگهاريون سايون،
ساري ڏهن سامهيون ٻولايون ۽ رايون،
ٻايون ۽ دايون، پکي سونهن پانهنجي.
(سارنگ 3-6)
هن بيت مان اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته شاهه جو مقصد صرف فطرت نگاري ۽ جمالياتي قدرن تائين محدود ٿيڻ نه آهي بلڪ هو فطرت نگاري ذريعي عوامي زندگيءَ جي عڪاسي، برسات کان پوءِ ملڪ ۾ آيل خوشحالي ۽ ان سان گڏوگڏ سندن ثقافتي قدرن ۽ روايتن جي به ڄاڻ فراهم ڪري ٿو.
شاهه وٽ فطرت نگاري جي اوٽ ۾ اسان کي عوامي زندگيءَ جي معاشي حالتن جي پرت به ملي ٿي.
ڏڙهه ريا ريج ٿئا، ڪي اوهيرن اوت
ميها چڀڙ ڦنگهيون، جت ٿين سڀئي ٿوڪ
ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، جت مينهيون چرن موڪ
سرهيون سنگهاريون ٿيون، جي توسيون پائين طوق
لاهي مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
(سارنگ 2-20)
جيئن ته سنڌ جي ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو برسات جو پاڻي يا وري دريائن جو پاڻي آهي تنهن صورت ۾ انهن ذريعي ئي سندن زندگيءَ ۾ خوشحالي اچي ٿي ۽ سندن وڏو مسئلو يعني معاش جو ذريعو قدرتي طور برسات کان پوءِ پاڻ ئي پيدا ٿيل جنسن سبب حل ٿئي ٿو.
شاهه فطرت نگاري ذريعي انساني زندگيءَ جي مختلف پهلوئن کي پيش ڪري ٿو اها ئي سندس انفراديت آهي. شاهه وٽ ڪوبه موضوع بغير ڪنهن وسيع مقصد جي استعمال ٿيل نه آهي. سندس مشاهدي جي گهرائي جو ڪمال ان ۾ آهي ته هن نهايت ئي عام ۽ معمولي شين ذريعي نهايت ئي ڳوڙها نڪتا ۽ مقصد بيان ڪيا آهن. سندس آفاقيت جو راز ان ۾ به پوشيده آهي جو هن انساني زندگيءَ جي اعليٰ اخلاقي قدرن جو سبق به فطرت نگاري منجهان ئي نروار ڪيو آهي.
وڳر ڪئو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گهڻو.
(ڏهر 5-7)
اهو شاهه جو ڪمال ئي آهي جو هن پکين جي هڪ عام عادت يا فطرت يعني (ولر ۾ اڏامڻ) منجهان انسان کي ميٺ، محبت، امن دوستي ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي.
شاهه وٽ فطرت پسنديءَ پويان حياتيءَ جي جدوجهد جو ذڪر پڻ ملي ٿو. هو پورهيت طبقي جي نمائندگي ڪندي سست ماڻهن کي شعوري طور جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي به نظر اچي ٿو.
پرهه ڦٽي رات ڳئي، جهيڻا ٿئا نکٽ،
هاري وييئي وٽ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
(ڏهر 6-12)
شاهه ٻين تمام رومانوي شاعرن ۽ شاعرائن کان ان ڪري به منفرد حيثيت جو حامل آهي جو هن انسان جي وجود جي ازلي حقيقت يعني فاني هجڻ کي به فطرت جي عڪس مان چونڊي بيان ڪيو آهي.
جر تي ڦوٽو جيئن، لڳي لهر اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
(ڏهر 2-17)
زندگيءَ جي تلخ حقيقت کي به شاهه جمالياتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. جيئن پاڻيءَ جو ڦوٽو فوراً فنا ٿي وڃي ٿو تيئن ئي انسان به ڪو لمحو هن ڪائنات ۾ گهاري ٿو. شاهه جي تخيلي اڏام نهايت ئي وسيع آهي، جنهن کان محظوظ ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. فطرت نگاري جا اهڙا ڪيترائي بهترين ۽ گهڻ رخا مثال اسان کي شاهه جي ڪلام ۾ موجود ملن ٿا.
رومانس جو پهلو به رومانويت جو هڪ اهم عنصر آهي، جيڪو پنهنجي جڳهه تي تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته پيار کي فڪر جو بنيادي ايڪو قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کان سواءِ رومانويت جي حيثيت بلڪل ثانوي ۽ بي روح ٿي پوي ٿي.
شاهه جي شاعريءَ ۾ به رومانس جو پهلو موجود آهي. شاهه حسن ۽ جمال، پيار ۽ محبت جهڙن پاڪ ۽ پوتر جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪيترن ئي سرن ۾ ڪئي آهي.
ان حوالي کان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو چوڻ آهي ته:
”سر کنڀات، سر برووي سنڌي ۽ سر پورب ۾ اها ئي لات لنئي اٿس، انهن بيتن مان جتان ڪٿان حسن ۽ عشق، ناز ۽ نياز، دلڪشيءَ ۽ دلربائيءَ، مايوسيءَ ۽ مبتلائيءَ، انتظاري ۽ بيقراريءَ جي بوءِ پيئي اچي.“ (4)
هونئن ته شاهه جو سمورو ڪلام ئي حسن ۽ جمال جي عڪاسي آهي، پر سر مومل راڻي کي به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي سر به حسن ۽ جمال جو سر آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين هن سر بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿي ته:
”سر مومل راڻو جمالياتي حسن ۽ عشق جو برملا اظهار آهي.“ (5)
انهن سڀني سرن کي ان ئي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ڀٽائي مجازي ڪيفيتن جي بيان ۾ به فطرت کان اهم ڪم وٺندي نظر اچي ٿو. هو رومانوي ڪيفيتن جي بيان لاءِ ڪڏهن فطرت جي آفاقي علامتن کي استعمال ڪري ٿو ته ڪڏهن وري زمين تي ئي ڦهليل انيڪ قدرتي علامتن کي پنهنجائي ٿو.
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿئا، ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
(کنڀات 1-18)
ڪيڏو نه حسين رومانوي تصور آهي، جو محبوب جي سونهن ۽ سوڀيان جي اڳيان سج، چنڊ، تارا، ڪتيون سڀ حيران ۽ پريشان آهن.
شاهه ڪيترن ئي عالمي رومانوي ۽ شاعرن کان انهيءَ ڪري به بهتر آهي جو فطرت جي عڪاسي ڪرڻ وقت هو پهرين ترجيح انساني حسن کي قرار ڏئي ٿو. اهو انساني حسن سندس تخيل جون اعليٰ صورتون ٺاهي ٿو ۽ ساڳئي وقت ڪردار جي عظمتن سان پڻ وابسته نظر اچي ٿو.
سهسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانيان.
(کنڀات 1-12)
ڀٽائيءَ وٽ جماليتا جا اعليٰ قدر موجود آهن، جيڪي ڪائنات جي فطرت کان به مٿڀري حيثيت جا حامل آهن.
چوڏهينءَ چنڊ! تون اڀرين، سهسين ڪرئين سينگار
لڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلن ڪرئين هزار
جهڙو تون سڀ ڄمارَ، تهڙو دم دوست جو.
(کنڀات 1-11)
دنيا جي وڏن وڏن شاعرن پنهنجي محبوب کي چنڊ، تارن سان تشبيهه ڏني آهي پر شاهه ته انهن سڀني آفاقي علامتن کي پنهنجي محبوب اڳيان، سندس حسن جي جلوي سامهان ڪجهه به نٿو سمجهي.
تنهن کان پوءِ شاهه محبوب جي سونهن ۽ سينگار کي فطري علامتن سان تشبيهه ڏيندي کيس گلاب، چندن، چنبيلي، کٿوري ۽ سون سان به ڀيٽيندي، سندس ناز انداز ۽ حسن کي بيان ڪيو آهي.
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميش،
پسئو سونهن سيد چئي، نيهن اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄهي.
(مومل راڻو 3-1)
يا وري هي بيت ڏسو:
سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن
اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن
اوتيائون عبير جا، مٿي طاق تڙن.....
(مومل راڻو 3-3)
شاهه وٽ رومانس جي هر ڪيفيت ۽ هر پهلو موجود آهي. شاهه به ٻين شاعرن وانگر ڪانگ کي پنهنجو قاصد بڻائي محبوب ڏانهن نياپو موڪلي ٿو، پر سندس انداز بيان ٻين شاعرن کان يڪسر مختلف آهي.
ڪري ڪانگ ڪرنشون، پيرين پرينءَ پئيج،
آئون جو ڏيئين سنيهو، وچ م وساريج،
الله لڳ لطيف چي، ڳجهو ڳالهائيج،
چئان تيئن چئيج، ته کنياتا! خوش هئين.
(سر پورب 1-1)
پرينءَ ڏانهن نياپو نيئندڙ پکيءَ سان به سندس عاجزانو رويو کيس ڪيترو نه رومانوي بڻائي ٿو، پر شاهه جو قاصد ڪانگ ئي ناهي. هن ته چنڊ کي به پنهنجو قاصد ڪري پيش ڪيو آهي. کيس چوي ٿو ته:
چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اڀري، پرين جي پئيج،
جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا.
(کنڀات 2-5)
شاهه جو وسيع مشاهدو ۽ تخيل جي سگهاري اڏام، جذبن ۽ احساسن جي بي پناهه اٿل سندس ڌيان ڪهڙين ڪهڙين شين ڏانهن ڇڪائي کين پنهنجي ڪلام جو موضوع بڻايو آهي. شاهه جو چنڊ کي قاصد بنائڻ وارو انداز به ڏاڍو ملهائتو آهي جو اهڙو بيان اسان کي ڪنهن به شاعر وٽ نٿو ملي.
هونءَ ته مجاز جي راهه ۾ عاشق ۽ معشوق وچ ۾ سماج ۽ ريتون رسمون سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجنديون آهن، جيڪي وک وک تي عاشق ۽ معشوق لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجنديون آهن پر شاهه وٽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ۽ سڀ کان وڏو دشمن چنڊ ۽ سندس روشني آهي. ان ڪري شاهه چنڊ کي پاراتو ڏنو آهي.
چنڊ لڳنئي منڊ، سنجهيئي سيخ ٿيين
ڪر اونداهي انڌ، ته ملان محبوبن کي.
(کنڀات 1-15)
شاهه جو پِٽَ پاراتو ڏيڻ جو انداز به رومانيت سان ڀرپور آهي، پر وري شاهه پرين جي پري هئڻ سبب ساڳئي ئي چنڊ کي ايلاز ڪندي پنهنجي مجبوري بيان ڪري ٿو:
اڀر چنڊ پس پرين، تو اوڏا مون ڏور،
سڄڻ ستا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
پيرين آئون نه پڄڻي، ٻاٻل ڏي نه ٻور،
جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.
(کنڀات 2-7)
ٻين تمام رومانوي شاعرن وٽ انتظار جي ڪيفيتن ۾ تارا ڳڻڻ جو ذڪر ته اسان کي عام جام ملي سگهي ٿو پر تارن ۾ محبوب جي ڳولا ڪرڻ جو خيال صرف شاهه وٽ آهي.
تارا تيلاهين، توڏي گهڻو نهاريان،
سڄڻ جيلاهين، تون تيلاهين اڀرين.
(کنڀات 1-5)
شاهه جي روماني شاعريءَ بابت ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:
”شاهه جو رومان سنڌ جو رومان آهي، سنڌ جي عام ماڻهوءَ جو رومان هن جي روماني شاعريءَ ۾ نه نرگس، شمشاد ۽ نسترن جو ذڪر آهي، نه بادبهار، نه بلبل جون لاتيون، نه گلِ لالا نه ايراني ماحول.“ (6)
واقعي لطيف جو رومان عام ماڻهوءَ جي دل وٽان ۽ ماحول پنهنجي سرزمين جي انمول احساس سان لاڳاپيل آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي دل ۾ يڪدم گهر ڪري وڃي ٿو.
ڀٽائيءَ جو فني معراج اهو به آهي ته سندس رومانيت ڇڙواڳيءَ کان پاڪ ۽ سماجي اخلاقيات جي ساک ڀري ٿي. سندس تخيل پابند نظر اچي ٿو.
سدا سامهان سپرين، پٺيرا سونهن،
سنئون ورائي سپرين، جي منهن مان ڏونهن ڪن،
رڳون سڀ رچن، تن ۾ تازائي ٿئي.
(سر آسا 2-30)
جيتوڻيڪ شاهه مٿئين بيت ۾ پنهنجي محبوب جي جسماني سونهن جو ذڪر ڪيو آهي، پر سندس ڪيفيتون ۽ احساس هڪ حد جو تعين ڪن ٿا، جنهن ۾ ڪٿي به ڪابه معيوب ڳالهه نٿي ملي. ٻئي طرف دنيا جي ادب ۾ جڏهن رومانيت ۽ جماليات جو ذڪر اچي ٿو ته دنيا جا وڏا وڏا شاعر فن جون حدون اورانگهي جڏهن احساسن جي شدت مان گذرن ٿا ته ڪابه پابندي قبول نٿا ڪن. جنهن ڪري سندن شاعري جنسيت ڏانهن لڙهي وڃي ٿي پر شاهه جا سمورا احساس عقل جي قبضي ۾ آهن. ساڳئي طرح سان وري شاهه جو هي بيت ڏسو:
ڍول م کڻي ٻانهڙي، پرهه م کڻي پاند،
آءُ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان
(سر ڏهر 4-11)
هن شعر ۾ نه صرف تخيلي منظر ڪشي آهي، پر انهيءَ منظر کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي خواهش به رومانيت سان ڀرپور آهي ۽ وري ساڳئي وقت بيت مان سماجي اخلاقيات جو نڪتو به ڀرپور نموني جهلڪندي محسوس ٿئي ٿو.
رومانس ۾ شاهه وٽ عاشق ۽ محبوب لاءِ زندگيءَ جو ڀرپور پهلو به موجود آهي. جنهن ۾ مايا جون اڇلون، خوشحاليءَ جو اعليٰ تصور، فطرت جي سونهن ۽ جذبن ۽ احساسن جي رنگين دنيا آهي.
اڱڻ تازي ٻاهر ڪنڍيون، پکا پٽ سونهن،
سرهي سيڄ پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين شال، هون برابر ڏينهڙا.
(سارنگ 2-21)
مٿئين بيت ۾ خوبصورت روماني منظرڪشي سان گڏوگڏ زندگيءَ جو حسين، اعليٰ ۽ جياپي سان ڀرپور تصور موجود آهي. شاهه کان سواءِ زندگيءَ جو اهڙو مڪمل عڪس ڪنهن به وڏي شاعر وٽ مشڪل ئي ملندو، جيڪو هڪ ئي وقت عاشق جي اندر جي جذبن جي عڪاسي، پنهنجي ماحول سان واڳيل رومانس ۽ ساڳئي وقت پنهنجن ئي ثقافتي قدرن جي به عڪاسي ڪري. مجاز جي حوالي کان شاهه سنڌ جي ستن اهم رومانوي داستانن جهڙوڪ، سسئي پنهون، عمر مارئي، سهڻي ميهار، مومل راڻو، ليلان چنيسر، نوري ڄام تماچي ۽ سورٺ راءِ ڏياچ کي به ڳايو ۽ پنهنجي ڪلام جو حصو بڻايو آهي. شاهه انهن قصن کي بيان ناهي ڪيو، پر محبت جي پيچري ۾ انهن ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ خاص ڪري سورمين جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪئي آهي. پيار ۽ محبت جا اهي انمول جذبا ۽ احساس جنهن ۾ انسان لاءِ محبت ئي زندگيءَ جو ڪل سرمايو بڻجي پوندي آهي. محبوب جو حسن، ناز انداز، انتظاري ۽ بيقراري واري ڪيفيت جو درد عاشق جي اندر ۾ پل پل وڍ پيو وجهندو آهي، سندس وصال لاءِ هر مصيبت ۽ هر آفت کي مرڪي قبول ڪرڻ کي عاشق پنهنجو مَرڪُ سمجهندو آهي. شاهه به انهن سورمين جي اُنهن بي پناهه جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي وارتا بيان ڪئي آهي ۽ عورت جي عظمت ۽ اهميت کي ڳايو آهي. سسئي جو پنهونءَ لاءِ ڪشالن جو ذڪر هجي، سهڻيءَ جي ميهار لاءِ سڪ هجي، ليلان جي ليلائڻ جو قصو هجي، مومل جي راڻي سان محبت جو مامرو هجي، مارئيءَ جي مارن ۽ ملڪ ملير لاءِ سڪ جو داستان هجي، نوريءَ جي نهٺائي ۽ نماڻائي هجي، سورٺ جي سهاڳ سان سچائي هجي يا وري وڻجاريءَ جي اندر جا پور ۽ آزين نيزارين ۽ انتظارين جي ڪيفيت هجي. شاهه هر هڪ جذبي ۽ احساس کي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ چٽيو آهي. سسئي جو ڪردار پنهنجي داخلي جذبن سان بي پناهه حد تائين لاڳاپيل آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ هر روايت کي ٽوڙي رڻ پٽن ۽ جبلن ۾ اڪيلي سر نڪري پوي ٿي:
ڏونگر ڏکوئين کي، تپي ڪندين ڪوهُه،
تون جي پهڻ پٻ جا، لڱ منهنجا لوهه،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، اَمُرَ مون سين ائين ڪئو.
(سر ڪوهياري، 2-7)
سهڻي محبت ۾ دل هٿان مجبور ٿي اونداهيءَ رات جو درياهه گهڙي تي پار ڪري، درياهه جي خطرناڪ خطرن کي منهن ڏيئي ميهار سان ملڻ وڃي ٿي. شاهه سندس دلي جذبن جي عڪاسي ڀرپرو روماني انداز ۾ ڪري ٿو.
کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تونس پرين جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سر ڪيائي نه ٿئي.
(سر سهڻي6-11)
راڻي جي انتظار ۾ مومل جي بي چيني، تڙپ ۽ بيقراري کيس پل پل جيئاري ۽ ماري ٿي ۽ زندگي محبوب بنا وهه جو ڍُڪُ ڀانئي ٿي.
شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون،
موٽ مران ٿي، مينڌرا، راڻا! ڪارڻ رب،
تهجي تاتِ طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪِ جا.
(سر مومل راڻو 4-1)
مارئي حب الوطني جي جذبي تحت وقت جي بادشاهه جي هر سک ۽ سهولت کي ٺڪرائي ڇڏي ٿي ۽ صرف پنهنجي ماروئڙن جي ڳالهه ڪري ٿي.
واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه،
بت منهنجو بند ۾، قيد م ڪريجاهُه،
پر ڏيهياڻي پرين ري، ڌار مَ ڪريجاهه،
ٿڌي وسائيجاهه ٿرن جي، مٽي مئيءَ مٿاهَه،
پويون ٿييم پساهه، ته نجهاه مڙهه ملير ڏي.
(سر مارئي 6-20)
ساڳئيءَ طرح سان وڻجارن جي ونين جي درد ۽ پيڙا، آهه و زاري وڇوڙي ۽ ڦوڙائي جون ڪيفيتون، سندن دلي جذبا شاهه گهرائيءَ سان محسوس ڪري قلمبند ڪيا آهن.
سر نسرئا پاند، اتر لڳا آءُ پرين!
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
(سر سامونڊي 3-11)
يا وري هي بيت ڏسو:
سر لوهيڙا ڳڀئا، ڪسر نسرئا،
تو ڪيئن وسرئا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.
(سر سامونڊي 3-12)
غرض اسان کي شاهه وٽ مجاز جو هر پهلو، هر موضوع، هر عڪس، هر جذبو، هر احساس ۽ هر انداز موجود ملي ٿو. دنيا جي هر وڏي اهم ۽ رومانوي شاعر اهڙن مختلف رخن کي جانچيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جو حصو بڻايو آهي، پر جهڙي طريقي سان شاهه انهن سڀني رخن کي نڀايو آهي تنهن جو مثال اسان کي دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي سگهي.
شاهه لطيف جنهن جاگيرداري سماج ۾ جنم ورتو، تنهن جي حڪمرانن جي سرڪاري زبان فارسي هئي. مڪتبن، ورسايل طبقن توڙي شاعرن وٽ فارسيءَ جو رواج عام هو ۽ ”پارسي گهوڙي چاڙهسي“ واري چوڻي تمام گهڻي مشهور هئي. مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته:
”سنڌ سرڪار جي دفتري زبان ورهين کان فارسي هئي، ويچاريءَ سنڌيءَ لاءِ چيو ويندو هو ته ”سنڌي وائي قلم نه آئي“ ان رنگ ۾ سنڌي زبان کي علمي زبان بڻجڻ کان روڪيو ۽ رنڊيو ٿي ويو.“ (7)
اهو ئي سبب هو جو فارسي شاعرن جي رسائي درٻارن تائين ٿي هلي ۽ سنڌ سميت سڄو هندستان فارسي شاعريءَ جي اسلوب توڙي موضوعن کي پنهنجو ڪري رهيو هو.
انهيءَ صورتحال بابت ڊاڪٽر سارلي لکي ٿو:
”ان وقت مشڪل هو ته مقامي ٻوليءَ جا شاعر پنهنجي ٻوليءَ لاءِ جاءِ پيدا ڪن، ڇو ته فارسي قالب ۽ فارسي طرز ايترا ته پختا ٿي ويا هئا جو انهن کي ڪڍي نه پئي سگهيو ويو.“ (8)
پر شاهه انهن سمورين حالتن جي باوجود نه صرف انهن روايتن کان بغاوت ڪئي، پر پنهنجو ڪلام مقامي ٻولي ۽ لهجي ۾ پنهنجي روايتي قالبن (يعني بيت ۽ وائي) ۾ قلمبند ڪيو. هن عوامي ڪردارن ۽ عام ماڻهن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائي پنهنجي ٻوليءَ جون پاڙون هميشه لاءِ پختيون ڪري ڇڏيون. شاهه جي عظمت جو هي به هڪ اهم ثبوت آهي ته عالمي ادب جي رومانوي تحريڪ سان ڪو به واسطو نه هئڻ جي باوجود ان تحريڪ جي هڪ اهم نڪتي جنهن مطابق ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج جو مقصد شاعريءَ کي عام ماڻهن ڏانهن موٽائڻ هو جو پورائو ڪري شاهه جي آفاقي شاعر جي حيثيت کي دل سان قبول ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو. اهو شاهه جو وڏو اهم ڪارنامو آهي جنهن سندس شخصيت کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي. شاهه لطيف جيتوڻيڪ فارسي ۽ عربي جو وڏو ڄاڻو هو، پر ان جي باوجود هن پنهنجو ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ چيو ۽ پنهنجي بيتن ۾ به عربي ۽ فارسي جون اهي ئي ڦريل صورتون استعمال ڪيون جن کي عام ماڻهو پنهنجي لهجي ۽ مزاج مطابق اچاريندا هئا. شاهه جي ان عمل جو مقصد صرف اهو هو ته هن جيڪي ڪجهه چيو تنهن جو مخاطب عام عوام هو ان ڪري شاهه پنهنجو پيغام سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ وڌيڪ بهتر سمجهيو ته جيئن عام ماڻهوءَ کي ڪابه ڳالهه سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي.
دنگي منجهه درياهه، ڪين ٻڏي ڪين اپڙي،
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
(سريراڳ 3-11)
مٿئين بيت ۾ شاهه ”فرنگي“ جي بجاءِ لفظ ”ڦلنگي“ ڪتب آندو آهي، جيڪو ان وقت عام ماڻهن ۾ رائج هو.
تنهن کان پوءِ هي بيت ڏسو:
م ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونهي ڪمينيءَ جو، بگر تو بلو،
تنهنجو نانءُ نلو، وٺي ويٺي آهيان.
(سر ڏهر 2-24)
مٿئين بيت ۾ اصل لفظ ”بغير“ بدران ان جي سنڌيءَ ۾ عام رائج بگڙيل صورت ”بگر“ استعمال ٿيل آهي ڇاڪاڻ ته ”غ“ جو اچار سنڌي ماڻهن جي مزاج وٽان ناهي.
آئون بندياڻي بند ۾، ڪ ڪي پييس بند،
مهين لڳو ميهڻو، ڪِ مونهين ڪڙو ڪنڌ،
مران جي هن هنڌ، ته نجاه مئٿ ملير ڏي.
(مارئي 6-9)
مٿئين بيت ۾ به ”ميت“ بدران سنڌي سماج ۽ ڪلچر ۾ عام رائج ”مئٿ“ لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. شاهه سهڻي ۽ سيبتي انداز ۾ رومانوي تحريڪ جي هر فڪري توڙي فني قدر کي نڀايو آهي. رسالي ۾ ڪيترائي اهڙا بيت به ملن ٿا، جن ۾ اصل عربي، فارسي توڙي بگڙيل سنڌي ٻئي اچار موجود آهن، جنهن مان خبر پوي ٿي ته شاهه لطيف اصلي اچارن کان اڻ واقف ڪين هو. هن ڄاڻي واڻي شعر جي رواني، سلاست ۽ موسقيت قائم رکڻ لاءِ توڙي عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۽ لهجي کي استعمال ڪرڻ جي خيال کان اهي بگڙيل صورتون اختيار ڪيون.
جيئن هي ٻه بيت ڏسو:
سڙهه سنوان لاڄو نوان، اولا سندن عاج،
ساٿي سفر هلئا، ڀري جنگ جهاج،
حاصل ڪري حاج، واحد وڻجارن جي.
(سريراڳ 1-12)
لڙ لهريون لس ليٽ، جتي انت نه آب جو،
الله، ات م اوليين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جوکو ٿئي نه جهاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
لڳي ڪا م لپيٽ، هن غريبي غراب کي.
(سريراڳ 1-11)
مٿين بيتن ۾ جهاز (اصلي صورت) ۽ جهاج (بگڙيل صورت) ٻئي موجود آهن. اهڙي ريت جانچڻ تي رسالي ۾ اسان کي اهڙا ڪيترائي بيت ملندا، جيڪي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته شاهه عام ماڻهوءَ جو اچار ۽ لهجو استعمال ڪيو آهي. عوامي ٻولي ۽ لهجي سان گڏوگڏ شاهه پنهنجي شاعريءَ جو موضوع به پنهنجي ئي ملڪ جي عام ماڻهن کي بڻايو. لطيف کان اڳ وارا دنيا جا عظيم شاعر ٻوليءَ توڙي محاورن ۽ ماحول توڙي ڪردارن جي خيال کان عام ماڻهوءَ کان گهڻو پري هئا. تنهن کان پوءِ مغربي شاعريءَ ۾ به عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ شعر ۾ عام ماڻهن ۽ سندن جذبن جي اپٽار جي شروعات شاهه کان اڌ صدي پوءِ ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج جي رومانوي تحريڪ سان ٿي پر لطيف اهو عظيم شاعر آهي، جنهن نه صرف شاعريءَ کي پنهنجي سرزمين ڏي موٽايو، پر ان ۾ عام ماڻهوءَ جو بيان به سڀ کان پهريان ڪيو.
جيڪڏهن شاهه جي سورمن ۽ سورمين تي نظر ڪبي ته خبر پوندي ته اهي به پورهيت طبقي مان ئي چونڊيل هئا، جن کي دنيا جي عظيم شاعرن شاعريءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي.
سسئي ڌوٻياڻي آهي، جيڪا سندس شاعريءَ ۾ ڳولها جي علامت بڻجي وڃي ٿي. سهڻي ڪنڀار جي ڌيءَ آهي، جنهن جو مٽيءَ، چڪ ۽ آويءَ سان واسطو آهي. مارئي ٿر جي مارن جي ڇوڪري آهي، جن جي خوراڪ سائون، ڏٿ ۽ ڏونرا آهن. نوري مهاڻن جي نينگر آهي، جنهن کي شاهه سمين شهزادين کان به مٿڀرو ڪري ڏيکاريو آهي. گهاتوءَ جو مورڙو ميربحر آهي، جيڪو جڏڙو ۽ ضعيف آهي. ان کان سواءِ کاهوڙي، رامڪلي جا جوڳي، ڪاپائتيءَ جون چرخو ڪتيندڙ، اهي سڀ نماڻن طبقن جا ڪردار آهن، جن کي شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ علامت طور استعمال ڪيو آهي. اهي سڀئي ڪردار نحيف ۽ ڪمزور هوندي به همت، عزم ۽ استقلال وارا ڏسجن ٿا، جيڪي وڏا ڪارناما سرانجام ڏين ٿا. سندس ڪردار رڳو ڪردار ناهن، ڪهاڻيون رڳو سر ناهن، بلڪ اهي پنهنجي ڪردار واري حيثيت کان اڳتي وڌي علامتي طور تصور ٿي وڃن ٿا، جيڪي اسان جي قدرن جي ترجماني ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان سسئيءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته سسئي علامت آهي عزم، همت، استقلال ۽ جدوجهد جي، جيڪڏهن مارئيءَ جو نالو وٺون ٿا ته مارئي پيڪر آهي حب الوطنيءَ جو، جيڪڏهن ذڪر اچي ٿو نوريءَ جو ته علامت آهي نياز ۽ نوڙت جي، جيڪڏهن ڳالهه ڪيون ٿا مورڙي جي ته اهڃاڻ آهي حوصلي، بهادري ۽ ثابت قدميءَ جو. اجتماعي طور جيڪڏهن ڳالهه ڪنداسين ته کاهوڙي ۽ رامڪليءَ جا جوڳي مقصد تحت سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي علامت طور اڀرن ٿا. جيڪڏهن ذڪر ڪنداسين ڪاپائتين جو ته سندن ڪردار وقت جي اهميت جي علامت طور سامهون اچي ٿو. اهي آهن شاهه جي شاعريءَ جا اهي عام ڪردار جن کان هو نهايت ئي اهم ۽ اعليٰ ڪم وٺندي نظر اچي ٿو.
تون سمون آئون گندري، مون ۾ عيبن لک،
پسي ميءَ ڪا ڪَکَ، متان ماڱر مٽيين.
(ڪاموڏ 2-4)
نوري جي نياز ۽ نوڙت جو ذڪر ڪندي شاهه دنيا جي هر عورت لاءِ اها علامت مقرر ڪري ڇڏي آهي. هي بيت رڳو ڄام تماچيءَ ۽ نوريءَ جو ناهي، پر هر نماڻي چاهيندڙ جو آهي. محبت جي هر پانڌيئڙي ۽ پنهنجي محبوب سان وفا رکندڙ عورت لاءِ آهي.
رامڪلي جا هي بيت ڏسو:
جن سنياسين سانڍئو، گندي ۽ گراهه،
انهن کان الله، اڃا آڳاهون ٿئو.
(رامڪلي – 9-10)
گولاجي گراهه جا، جوٺاسي جوڳي،
ڦٽل او ڦوڳي، جني شڪم سانڍئا.
(رامڪلي 4-16)
مٿين ٻنهي بيتن ۾ به علامت نگاري آهي. مطلب ته صرف رامڪلي جي جوڳين نه بلڪ جنهن به جوڳي گندي ۽ گراهه کي سانڍيو يعني جيڪي اصل مقصد بدران مادي فائدن جي پٺيان لڳا، انهن کان مقصود پري ٿيندو ويندو. شاهه پنهنجا سورما توڙي سورميون هيٺاهين طبقي مان چونڊڻ ۽ انهن کي علامت طور استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪلام ۾ غريب، پيڙهيل طبقي جي تقريباً هر فرد، هر ڪردار ۽ سندس ڪرت کي ڳايو ۽ ساراهيو آهي. ان ڪري جو شاهه پاڻ هڪ عام ماڻهوءَ جي زندگي بسر ڪئي. شاهه انهن ئي پورهيت ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي زندگي، رهڻي ڪهڻي، ڏک درد ۽ ڪرت جو مشاهدو ماڻيائين ۽ سندن ئي ماحول ۾ سمائجي ساڻن هڪ ٿي ويو. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي مارن، جهانگين، لوهرن، ڪنڀرن، واڍن، مهاڻن، سوداگرن، هارين، نارين، ڌوٻين، ڪورين، ڪاسائين، پنهوارن ۽ اوٺين جو ذڪر عام جام ملندو. کيس پنهنجي وطن جي نماڻي ۽ غريب طبقي سان بي پناهه محبت، عقيدت ۽ انسيت هئي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي شاعري ۽ فن انهن ماڻهن جي زندگيءَ جي عڪاسي لاءِ ئي صرف ڪيو.
ان حوالي کان علامه آءِ. آءِ. قاضي لکي ٿو ته:
He deals with the life of a fisherman, a spinner, a peasant and prince with equal ease and familiarity. He speaks so perfectly in their idiom and phrase that one feels if he entirely belonged to their class.
ترجمو:
هو (شاهه لطيف) مهاڻي، چرخي ڪتيندڙ، هاري ۽ شهزادي جي زندگيءَ کي ساڳئي سهولت سان بيان ڪري ٿو. هو اهڙي جامع نموني ۾ انهن جي محاوري ۽ اصطلاح کي استعمال ڪري ٿو جو ائين ٿو لڳي ڄڻ هو مڪمل طرح سان سندن ئي طبقي سان واسطو رکي ٿو.“
سر سهڻي ۾ شاهه گهڙي جي حوالي کان ڪنڀار جي دلي تي ٿيل چٽساليءَ ۽ مختلف رنگن جي سونهن ۽ سوڀيا جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:
ڪڍيا جي ڪلال سي، پسي خال خوش ٿئي،
پاڻيءَ چٽ پسائيا، ڌاءُ نه جهلي ڌمال،
سپڪ ڀانيا سهڻي، جو ڀن جي جمال،
آڪي جا احوال، معلوم ٿئا مهراڻ ۾.
(سهڻي 7-11)
ڪنڀار ايتريءَ ته هوشياري ۽ هنرمنديءَ سان خوبصورت رنگن ۾ چٽسالي ڪئي جو سهڻي به ڀلجي پئي ۽ گهڙي جي ڪچي هئڻ جي خبر کيس تڏهن پئي جڏهن مهراڻ ۾ گهڙي ۽ ڀيلو ڀرڻ لڳو. شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ ڌوٻين جو به ذڪر ڪيو آهي.
گڏيو ڌوٻين ڌوءِ، پنهونءَ پارو چو هٿ ۾ ،
اتي آريءَ ڄام جو، قاصد آيس ڪوءِ،
اي ڪامل! ڪم نه سندوءِ، جيئن پهس پڇاڙيين پوتيين.
(سر ديسي 4-16)
سسئي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهونءَ جهڙي ڄام کي ڪشالا ڪڍڻا پيا تن جو ذڪر ڪندي شاهه کيس ڌوٻي گهاٽ تي ڌوٻڪو ڌنڌو اختيار ڪندي ڏيکارئو آهي. شاهه مهاڻن جو به ذڪر ڪيو آهي.
ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم،
ننڍي وڏي گندري، مٿي ماڙيءَ ڌوم،
جي ڪينجهر جي روم، سي سڀ انعام ٿئا.
(سر ڪاموڏ 1-16)
جڏهن سمي سردار نوري مهاڻيءَ سان شادي ڪئي ته ڪينجهر ڍنڍ مهاڻن کي تحفي ۾ ڏنائين ۽ سڀ ڍلون ۽ محصول معاف ڪري ڇڏيا هئائين. مٿئين بيت ۾ شاهه انهيءَ اڳوڻي انداز ۾ پنهنجي آس پاس جي عام ڪردارن کي منفرد طرح سان رومانوي انداز ۾ نباهيو آهي. سندس مشاهدو گهڻ پاسائون ۽ نئين معنيٰ بخشيندڙ آهي. اهي عام رواجي ڪردار انهن کي نڀائڻ جو طريقو ٻين رومانوي شاعرن وٽ ته ملي سگهي ٿو، پر جنهن نموني شاهه انهن تي ويچاريو ۽ کين پڙهندڙن اڳيان آندو آهي يقيناً اهو انداز اسان کي ڪنهن ٻئي شاعر وٽ شايد ئي ملي سگهي. اها ئي شاهه جي انفراديت آهي جنهن جي ڪري اسان کيس هر رومانوي شاعر کان مٿڀري حيثيت جو حامل قرار ڏيون ٿا. شاهه ئي اهو واحد شاعر آهي، جنهن رومانوي شاعري جي فني توڙي فڪري قدرن کي ڀرپور نموني نڀايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌي ادب جي رومانوي تحريڪ جو مهندار چئي سگهجي ٿو.