لطيفيات

شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

هي ڪتاب ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي ايم.اي فائنل جي مونوگرافڪ ٿيسز آھي جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. محترمہ لکي ٿي:
آءٌ سمجهان ٿي تہ شاه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي تہ پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي. هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون.
Title Cover of book شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ  جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

سنڌي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ اهم رومانوي شاعر

جيڪڏهن سنڌ ۾ اسان رومانويت جي پس منظر بابت غور و فڪر ڪنداسين ته خبر پوندي ته سنڌ اندر رومانويت انگريزي ادب جي رومانوي تحريڪ کان سراسر مختلف رهي آهي.
سنڌ ۾ رومانويت جو ڪو مخصوص دؤر يا تحريڪ ناهي رهي جهڙي طرح سان انگريزي ادب ۾ رومانويت جي باقاعده هڪ تحريڪ ۽ ان جو هڪ مخصوص دور رهيو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌ اندر ابتدا کان وٺي مختلف وقتن ۽ مختلف حالتن ۾ رومانوي رويو سنڌي ماڻهن جي مزاج ۾ موجود رهيو آهي. ان جا ڪجهه اهڃاڻ اسان کي اڄ کان ساڍا پنج هزار سال پهريان سنڌ جي آباد شهر ”موهن جي دڙي“ جي کوٽائي مان ملندڙ آثارن مان ملن ٿا، جنهن ۾ هڪ نچندڙ ڇوڪريءَ جو مجسمو ۽ موسيقيءَ جا ساز شامل آهن. اهي شيون واضح طور سان انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن ته قديم دور ۾ ماڻهو فطرت سان سرشار ٿي ڳائيندو ۽ نچندو هو ۽ پنهنجي خوشي ۽ ڏک جي جذبن کي رومانوي انداز ۾ اظهاريندو هو. ماڻهن جا زندگيءَ متعلق اهم جذبا ۽ انهن ۾ تخليقي قوتن سان انسيت هڪ اهڙو طرز فڪر هو جنهن ۾ رومانس ڪنهن خلا ۾ نٿو ڀٽڪي ۽ نه ئي صرف تخيلي هو بلڪ اهو سندن ڌرتيءَ ۽ عورت سان واڳيل هو. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي وٽن ماتا ديويءَ جو تصور ۽ ڌرتي ۽ عورت ڏانهن جذباتي رويو موجود ملي ٿو.
پر جيئن ته سنڌي ادب جو باقاعده لکت ۾ ثبوت اسان کي سومرن جي دور (1050-1351) کان ملي ٿو تنهن ڪري ان کان پهريان جي ادب ۽ حالتن بابت ڪا به ڳالهه يقين سان چوڻ بجاءِ صرف قياس آرائيءَ کان ئي ڪم وٺي سگهجي ٿو. سومرن جي دور کان وٺي موجوده دور تائين جيترو به سنڌي ادب سرجيو آهي تنهن ۾ اسان رومانويت جي اولڙن کي آسانيءَ سان پسي سگهون ٿا.
سومرن جي دور جا ست رومانوي داستان جن کي بعد ۾ شاعريءَ ۾ ڳائڻ جو رواج پيو جيئن، سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، سهڻي ميهار ۽ ليلا چنيسر وغيره جي قصن کي رومانوي حوالي سان ڳڻائي سگهجي ٿو.
سسئيءَ جو ڪردار پنهنجي داخلي جذبن سان بي پناهه حد تائين لاڳاپيل آهي. هوءَ هر روايت ٽوڙي بيابانن ۽ جبلن ۾ اڪيلي سر نڪري پوي ٿي. مارئي پنهنجي وطن سان بي انداز محبت هئڻ ڪري عمر سومري جي هر سک ۽ سهولت کي ٿڏي پنهنجي جهوپڙن ۽ غريب ماروئڙن جي ڳالهه ڪري ٿي. مارئيءَ جي پنهنجي وطن سان محبت جذباتي ۽ رومانوي آهي. مومل راڻي جي داستان ۾ مومل جو ڪاڪ محل رومانويت جو هوبهو مظهر آهي خاص طرح سان راڻي جو ڪاڪ محل سر ڪرڻ ۽ جادوئي نظارن جو داستان رومانوي آهي.
تنهن کان پوءِ سمن جي دور (1351-1521) کان وٺي انگريزن جي دور (1843-1947) تائين جي سمورن شاعرن يعني قاضي قادن کان وٺي مير عبدالحسين سانگيءَ تائين جن شاعرن جو سلسلو ملي ٿو تن جي شاعريءَ ۾ رومانويت جو عنصر به موجود ملي ٿو. انهن صوفين جو متفقه خيال آهي ته حقيقت مطلق ڄاڻڻ ۽ صداقت تي پهچڻ جو واحد ذريعو عقل نه بلڪ عشق آهي. عشق ئي اها ڪيفيت آهي جنهن ۾ انسان مڪمل طرح سان پنهنجي داخليت ۾ ٻڏي وڃڻ کان پوءِ ئي پنهنجو پاڻ پروڙي وٺي ٿو.
سمن جي دور جو پهريون اساسي شاعر قاضي قادن چوي ٿو:
ليهان لک ڪيام، پسڻ کي پاڻان پرين،
سوجهي سيڻ لڌام، من منجهين ئي سپرين. (21)
صوفي مت ۾ ڪائنات۽ خدا کي سمجهڻ ۽ سچائي پروڙڻ لاءِ پاڻ سڃاڻڻ واري فلسفي جي عڪاسي قاضي قادن نهايت ئي رومانوي انداز ۾ ڪئي آهي. اڻ ڏٺي کي پسڻ ۽ سوجهي لهڻ لاءِ تخيل ۽ فڪر جي اڏام سان گڏوگڏ عشق جو هئڻ ضروري آهي جيڪو هڪ رومانوي رويو آهي.
سمن جي دور جو اهم رومانوي شعر اسحاق آهنگر جو آهي. جنهن ۾ زندگيءَ سان ڀرپور جماليات ۽ خوبصورت رومانوي خيال سمايل آهي.
ٿيان مان جهرڪ، ويهان سڄڻ جي ڇڄ تي،
مان ڪرين ڊرڪ، ٻوليءَ ٻاجهاريءَ سين. (22)
ساڳيءَ ريت ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر (1521-1718) جو مشهور شاعر شاهه ڪريم حقيقت مطلق بابت پنهنجن جذبن جي عڪاسي ڪجهه هن طرح سان ڪري ٿو.
پاڻيهاري سر ٻهڙو، جرتي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾. (23)
شاعر ڳوٺاڻي عورت جي پاڻي ڀرڻ، مٿي تي گهڙي مٿان گهڙو رکڻ کي، جر مٿان پکي ۽ سندس پاڇولي جي هئڻ جي منظر ڪشي ڪندي هڪ خاص علامتي ۽ رومانويت سان ڀرپور انداز ۾ پنهنجي اندر جي ڪيفيت جي فطرتي منظرن سان ڀيٽ ڪئي آهي.
ان کان پوءِ ڪلهوڙن جي دور (1718-1782) ۾ شاهه لطيف جو نالو ملي ٿو. رومانوي لاڙو شاهه جي شاعري جو اهم جزو آهي. بلڪ سندس سمورو ڪلام رومانويت جو ڀرپور مظهر آهي.
سهسين سڄن اڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان. (24)
شاعروٽ سوين سجن ۽ سال جي چوراسي چانڊوڪين راتين جي روشنيءَ وارو تخيل ۽ ڀيٽ ۾ محبوب جي سونهن ان کان سرس هئڻ جو نهايت ئي زبردست رومانوي تصور موجود آهي جنهن ۾ عشقيه حوالي کان نه صرف جذبن ۽ احساسن جي خوبصورت داخلي دنيا آهي بلڪ تخيل جي نهايت وسيع اڏام پڻ موجود آهي.
غرض سمورن صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي جابجا عشق جي سربلندي، داخلي جذبن جي بي پناهه اٿل ۽ تخيل جي پرواز اتم درجي تي موجود ملي ٿي. اِهو ئي اهو فڪر آهي جيڪو ڪنهن به طرح سان رومانويت کان خالي نه آهي.
اهڙي طرح سان جيڪڏهن وري موجوده دور ۾ جهاتي پائينداسين ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ رومانوي پهلو پنهنجي مڪمل اوج تي نظر ايندو ڇاڪاڻ ته نئين ٽهيءَ جي اڪثر اڀرندڙ شاعرن جي شاعريءَ جو بنيادي ۽ اهم محرڪ عشق ۽ پرينءَ جي پچار رهيو آهي. ان کان سواءِ هن دور جي ڪجهه شاعرن شعوري طور انگريزي ادب جي رومانوي تحريڪ کان متاثر ٿي شاعري ڪئي آهي.
موجوده دور ۾ شيخ اياز کي سڀني شاعرن جو سرواڻ شاعر ڪري مڃيو وڃي ٿو. اياز عشق کي انسان جي اندر جي حياتياتي طاقت سمجهي ٿو جيڪا ماڻهوءَ کي فطرت سان جوڙي رکي ٿي. سندس چوڻ آهي ته روزِ ازل کان عشق جو جذبو انسان جي اندر ۾ موجود آهي.
پرين تو سان پيار آهي روزِ ازل کان،
منهنجي من جي ملڪ جو سائين تون سردار. (25)
اها انسان جي فطرت آهي ته سندس محبوب ڪوجهو هجي يا وري سهڻو پر عاشق لاءِ ڪائنات جي هر شيءِ کان وڌيڪ حسين ۽ اهم هوندو آهي. اهو احساس ئي رومانس سان ڀرپور آهي. محبوب کي فطرت جي حسن سان تشبيهه ڏيڻ وارو پهلو به اياز وٽ ملي ٿو.
اکيون ته تنهنجون اهڙيون اونهيون، جهڙي ڪينجهر تار،
ڇاتيون تنهنجون ڇولين جهڙيون، لهرون ڪارا وار،
سونهي ٿو سنسار، مومل تنهنجي مرڪ سان. (26)
اياز وٽ رومانويت جو وسيع تصور موجود آهي جنهن ۾ هو نه فقط منظرن کي موضوع بڻائي ٿو پر داخلي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪندي انساني حسن، سونهن ۽ پيار به انهن منجهان ڳولي ڪڍي ٿو.
تنهن کان پوءِ استاد بخاري به رومانويت جي ساڳئيءَ روايت کي زنده رکي من اندر اٿندڙ فطري جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو.
سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ
گفتگو، لوڪ گيت جهڙي آ
تنهنجي گهر جي ڀت تي هٿ رکيم، پَت ڪر!
ڇو ته مون لئه مسيت جهڙي آ !. (27)
استاد جي تخيلي اڏام نهايت ئي وسيع آهي جنهن ۾ سندس من فطرت جي بي پناهه وسعتن ۾ سرگردان نظر اچي ٿو. ساڳئي وقت عام شين منجهان جمالياتي انداز ۾ رومانويت جي اهڙن پهلوئن کي اڀاريو اٿس جيڪي واضح طور بي پناهه جذبن جي پالوٽ محسوس ڪرائين ٿا، جيئن سونهن جو سنگيت ۽ گفتگو جو لوڪ گيت جهڙو هئڻ.
تنوير عباسي به پيار جي جذبي کي پارس پَٿَرَ سان تشبيهه ڏئي امر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
اوهين به پارس ناهيو سائين، اسين به پارس ناهيون،
پيار ڇهي ويو اسان ٻنهي کي، سونا ٿي پيا آهيون. (28)
مطلب ته اسحاق آهنگر، شاهه لطيف ۽ شيخ اياز کان ويندي اياز گل، ادل سومري، شمشير الحيدري، امداد حسيني، تاجل بيوس ۽ ٻين ڪيترن ئي نالي وارن شاعرن ۽ شاعرائن وٽ اسان کي رومانويت جي عڪاسي ملي ٿي.