لطيفيات

شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

هي ڪتاب ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي ايم.اي فائنل جي مونوگرافڪ ٿيسز آھي جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. محترمہ لکي ٿي:
آءٌ سمجهان ٿي تہ شاه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي تہ پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي. هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون.
Title Cover of book شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ  جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

نتيجا

هن ٿيسز ۾ جيڪي ڳالهيون تحقيق دوران سامهون آيون اهي هن ريت آهن:
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جڏهن رومانوي فڪر جو جائزو ورتو ويو ته اها ڳالهه واضح ٿي ته شاهه لطيف جو يورپ جي رومانوي تحريڪ سان ڪو واسطو نه آهي. هن پنهنجي فطرت ۽ مزاج مطابق ان لاڙي کي شاعريءَ ۾ ظاهر ڪيو. ٻي ڳالهه ته شاهه جي شاعريءَ ۾ رومانوي فڪر جو هر پهلو جهڙوڪ فطرت نگاري، رومانس، عوامي ٻولي سڀ پنهنجي فڪري ۽ فطري جوهر ۾ اوج تي ملن ٿا. شاهه جي رومانوي شاعريءَ جي خاصيت به اها آهي ته هو هڪ ئي فڪر منجهان مختلف نڪتا نروار ڪري ٿو. جيئن سندس فطري شاعري. وٽس فطري شاعريءَ جو مقصد صرف فطري نظارن کي بيان ڪرڻ ناهي، پر هو فطرت منجهان انسان کي محبت، ميٺ، امن، فاني هجڻ جي حقيقت ۽ وقت جي اهميت جو به احساس ڏياري ٿو. ساڳيءَ ريت جڏهن رومان جو پهلو کڻي ٿو ته محبوب جي سونهن، ناز انداز جي تشبيهه آفاقي توڙِ زميني علامتن سان ڪندي اهڙا منفرد خيال پيش ڪري ٿو، جيڪي ٻين رومانوي شاعرن وٽ هرگز نٿا ملن. جيئن چنڊ کي پاراتو ڏيڻ، ڪانگ کي پرين ڏي نياپي نيئڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪرڻ، محبوب جي سونهن اڳيان چوراسي چنڊن جي روشني جي به ڪا اهميت نه هئڻ، ڏونگر سان ڏک اورڻ وغيره. شاهه جو رومانوي فڪر هر طرح سان انفراديت جو حامل آهي. انهن نڪتن جي بنياد تي شاهه کي سنڌي ادب جي رومانوي فڪر جو مهندار چئي سگهجي ٿو. جڏهن اسان يورپ جي رومانوي تحريڪ جي باني وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ جو جائزو ورتو ته خبر پئي ته ورڊس ورٿ جو رومانوي فڪر ايترو گهڻ رخو ۽ وسعت انگيز نه آهي جيترو شاهه جو. هو جڏهن فطرت جي منظر نگاري ڪري ٿو ته وٽس فطري منظر نگاري کان سواءِ ڪجهه ٻيا پهلو ته جا بجا ملن ٿا، پر رومانس جي فڪر جي عڪاسي لاءِ هو شاهه وانگر ڪنهن به لوڪ داستان جو سهارو نٿو وٺي بلڪ هو رومانس جو پهلو به عام ڪردارن جي روزمره جي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن واقعي منجهان اڀاري ٿو.
جڏهن وري شاعريءَ ۾ عام ماڻهن جي ٻولي ۽ لهجي جو ذڪر اچي ٿو ته شاهه هيٺئين طبقي جي تقريباً هر ڪردار جيئن لوهر، ڪنڀر، واڍو، چرخو ڪتيندڙ، سامونڊين، ٻيڙياتن وغيره جو ذڪر ڪيو آهي. ساڳئي ريت ورڊس ورٿ به پنهنجي معاشري جي عام ماڻهوءَ جيئن ريڍار، جابلو ڇوڪري، هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ ڪا معصوم ٻارڙي، پوڙهي غريب عورت، فقيرن، اسڪول جي استاد وغيره جو ذڪر ڪيو آهي.
تنهن کان پوءِ سنڌي ادب جي شاعر شاهه لطيف ۽ انگريزي ادب جي شاعر وليم ورڊس ورٿ جي رومانوي شاعريءَ جي تقابلي جائزي ۾ ڪافي ڳالهيون هڪ جهڙائي رکن ٿيون.
ڪيترن ئي جڳهين تي سندن موضوع هڪجهڙائي رکن ٿا. جڏهن ته ڪجهه جاين تي وري سندن فڪر هڪجهڙائي رکي ٿو.
فطرت نگاري جي عڪاسي ڪندي وقت ٻنهي وٽ جيڪو نڪتو هڪجهڙائي رکي ٿو، اُهو اِهو آهي ته ٻنهي فطرت جي حسين توڙي بيڍنگين شين کي موضوع بڻايو آهي. فطري علامتن منجهان ئي ٻنهي انسانذات کي پيار محبت ۽ امن جو درس ڏنو آهي. فطرت کي ئي هو انسان لاءِ استاد جو درجو ڏين ٿا. ٻنهي جو خيال آهي ته ڪتابن جي بجاءِ فطرت جو مشاهدو انسان کي وڌيڪ سيکاري ٿو.
هيٺئين طبقي جي عام ڪردارن، سندن مسئلن، احساسن ۽ جذبن جي بيان ۾ به ٻئي هڪ ٻئي کي گهڻا ويجها آهن. شاهه توڙي ورڊس ورٿ هيٺئين طبقي جي معاشي، سماجي توڙي جاگرافيائي حالتن جي عڪاسي پنهنجي پنهنجي خطي جي لحاظ سان ڪئي آهي، پر ان جي باوجود ڪردار غربت سبب جن اذيتن کي ڀوڳين ٿا اهي مختلف هرگز نه آهن.
ان کان سواءِ ٻين موضوعن ۾ موسيقي جي اهميت جو بيان به هڪجهڙائي رکي ٿو، پر جيڪو ٿورو بنيادي فرق آهي اُهو اِهو آهي ته شاهه باقاعده فن، فنڪار، موسيقي جي اهميت جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. جڏهن ته ورڊس ورٿ فقط موسيقي جي اهميت جي ڳالهه ڪري ٿو.
تنهن کانپوءِ ٻنهي وٽ سامونڊين ۽ مهاڻن جو ذڪر به ملي ٿو. پر شاهه سمنڊ سان گڏوگڏ سامونڊين جي ونين جي آهه و زاري کي به موضوع بڻايو آهي. جڏهن ته ورڊس ورٿ انهيءَ موضوع جي بيان ۾ هڪ ماءُ جي جذبن جي عڪاسي ڪئي آهي.
غرض ٻنهي جي شاعريءَ ۾ رومانوي حوالي کان ڪيتريون ئي هڪجهڙائيون ٿوري گهڻي فرق سان موجود آهن.جيڪي رومانوي فڪر جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون.