ڪجهه اهم انگريزي شاعرن جي شاعريءَ ۾ رومانويت
وليم ورڊ سورٿ کي هن تحريڪ جو باني ۽ فطرت جو سڀ کان وڏو پرستار چيو وڃي ٿو. جنهن جي شخصيت، نظرين، فڪر ۽ فن کي اڳئين باب ۾ بحث هيٺ آڻينداسين پر هتي ٻين رومانوي شاعرن جي شخصيت ۽ سندن شاعريءَ جو هڪ مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
[b]1. سموئيل ڪالرج (1772-1834):
[/b]ادبي دنيا ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سموئيل ڪولرج جي جوڙي تمام گهڻي مشهور آهي. ڪولرج به ورڊ سورٿ وانگر عام ماڻهوءَ کي ترجيح ڏني جڏهن ته سندس نظريو پڻ غير معمولي فن ۽ فڪر کڻي آيو. اسان وٽس واضح طور تي مافوق الفطرت تصور، موسيقيت ۽ حيرت انگيز خوبصورت جذبن جي پالوٽ محسوس ڪري سگهون ٿا. ڪولرج جا ٽي نظم “Qubla Khan”، “Ancient Mariner” ۽ “Christabel” ادب ۾ آفاقي حيثيت رکندڙ آهن.
ادبي دنيا ۾ سندس ٻه ڪتاب تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، پهريون شعري مجموعو “Poems on Various Occasions” ۽ ٻيو جڳ مشهور آتم ڪهاڻيءَ جو ڪتاب “Biographia Litiraria”.
هتي سندس طويل نظم “Youth and Age” مان هڪ ٽڪرو شاعريءَ جي جائزي لاءِ حوالي طور پيش ڪجي ٿو:
Flowers are lovely; love is flower like;
Friendship is a Sheltering tree,
O, the joys, that came down shower-like,
Of friendship, love and liberty,
Ere I was old! (17)
ترجمو:
”گل پيارا آهن، پيار گل جهڙو آهي
دوستي هڪ ڇانو ڏيندڙ وڻ آهي
او، خوشيون، جيڪي وُٺِيُون وڏ ڦڙي جي وسڪاري جيان
دوستي، پيار ۽ آزاديءَ جون
منهنجي پوڙهي ٿيڻ کان اڳ“
[b]2. شيلي (1792-1822):
[/b]رومانوي شاعريءَ ۾ شيلي جو مان مرتبو ورڊ سورٿ کان ڪنهن به ريت گهٽ ناهي. رومانوي ادب ۾ کيس تصور پسنديءَ جو شاعر چيو وڃي ٿو. شيلي مستقبل جو شاعر هو اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي هر تخليق ذريعي هڪ حسين مستقبل جي ڳولها ۾ سرگردان نظر اچي ٿو. هونئن ته شيلي ۾ ٻيا به گهڻا ادبي رويا ملن ٿا پر آفاقي اخوت جو تصور سندس شاعريءَ جو روح آهي.
“Ode to West Wind”، “Adonais” ۽ “Prometheus unbound” سندس بهترين نظم سمجهيا وڃن ٿا. هتي سندس نظم “Love’s Philosophy” پيش ڪجي ٿو:
See the mountains Kiss high heaven,
And the waves clasp one another;
No Sister flower would be forgiven,
If it disdained its brother:
And the moonbeams Kiss the Sea,
What are all these kissings worth,
If thou kiss not me? (18)
ترجمو:
جبلن کي آسمان چمندي
۽ لهرن کي پاڻ ۾ هڪ ٿيندو ڏس!
ڪو به گل معافيءَ جوڳو ناهي
جيڪڏهن هو ڀر ۾ بيٺل گل کان نفرت ٿو ڪري
سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ کي
۽ چنڊ جي روشني سمنڊ کي چمي ٿي
پر انهن سمورين چمين جو ڪهڙو ملهه
جي تون مون کي نه چمين؟
[b]3. جان ڪيٽس (1795-1821):
[/b]جان ڪيٽس کي رومانوي شاعري ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي. سندس پهريون شعري مجموعو 1817ع ۾ ڇپيو جنهن کي ڪا خاص موٽ نه ملي سگهي. سندس چوڻ مطابق شاعريءَ جو مواد زندگي ۽ ڪائنات جي کليل ڪتاب جي ورق گردانيءَ سان نه رڳو حسن ۽ خير مان پر قباحت ۽ فتني انگيزيي مان به حاصل ڪري سگهجي ٿو.
سندس شاعريءَ ۾ جهوليندڙ گيت، گلن جو حسن ۽ چنڊ جي روشنيءَ جا دل ڪش نظارا ملن ٿا. هو فطرت جا رنگ گڏ ڪري تخيل جي طاقت سان ڄڻ ته مصوري ڪندي نظر اچي ٿو. ڪيٽس جي شاعراڻن شاهڪارن ۾ “Ode on a Greecian Uru”، “Ode to Nightingale”، “To Autumn” ۽ ٻين به ڪيترن ئي نظمن کي آفاقي حيثيت حاصل آهي.
هتي سندس طويل شاهڪار نظم “Ode to Nightingale” مان ڪجهه حصو پيش ڪجي ٿو.
My heart aches, and a drowsy numbness pains
My Sense, as though of hemlock I had drunk,
Or emptied some dull opiate to the drains
Ti’s not through envy of thy happy lot,
But being too happy in thine happiness
That thou, light- winged dryad of the trees,
Ins some melodious plot
Of beechen green, and shadows numberless,
Singest of summer in full-throated ease.” (19)
ترجمو:-
منهنجي دل ۾ درد جي لهر اُٿي آ
۽ منهنجي حواسن تي
نشي جهڙي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي
لڳي ٿو ڄڻ مون زهر پيتو آهي!
يا مون نڙيءَ ۾
کيرو ڪندڙ ڪا دوا داخل ڪئي آهي
هيءَ منهنجي حالت
تنهنجن مسرتن ڪري حسد وچان بنهه ناهي
تنهنجي خوشيءَ ته مون کي وڌيڪ ٻلهار ڪيو آهي
ڇاڪاڻ ته تون وڻن جي شفاف ۽ زمردي پاڇولن ۾
جهنگ جي شهزادي بڻجي پوري مڌرتا سان
بهار جا گيت ڳائي رهي آهين.
[b]4. لارڊ بائرن (1788-1824):
[/b]بائرن رومانوي شاعرن جي ٻيءَ کيپ سان تعلق رکندڙ هو. سندس شهرت جو سبب “Child Herald” نالي ٻن جلدن تي مشتمل مجموعو بڻيو. سندس شاعريءَ ۾ موسيقيت، حسن پرستي، فطرت نگاري عشق ۽ حسن جو گهڻو اظهار ملي ٿو. بائرن به ورڊس ورٿ وانگر آزاد فڪر جو شاعر هو پر پوءِ به هن ورڊس ورٿ کي تنقيد جو نشانو بڻايو جنهن جو خاص مقصد سندس تصور پسنديءَ کان پري رهڻ هو.
هن يورپ کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ فرانس، اسپين، اٽلي، يونان ۽ ترڪيءَ جو سير و سفر ڪيو خاص طرح سان اٽليءَ سان ته کيس بي حد پيار هو.
هتي سندس نظم “All for Love” جو ڪجهه حصو مثال طور پيش ڪجي ٿو.
O, Talk not to me of a name great in story;
The days of our youth are the days of our glory;
And the myrtle and ivy of sweet two-and-twenty
Are worth all your laurels, though ever so plenty.” (20)
ترجمو:
ڪنهن ڪهاڻيءَ مان ڪنهن عظيم نالي جي مون سان ڳالهه نه ڪر
اسان جي جوانيءَ جا ڏينهن اسان لاءِ شان جا ڏينهن آهن
۽ ٻاويهن ورهين جي ڪچي عمر ۾ حسين مهڪندڙ گلڙا
تنهنجي سمورين ساراهن کان وڌيڪ ملهائتا آهن.