لطيفيات

شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

هي ڪتاب ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي ايم.اي فائنل جي مونوگرافڪ ٿيسز آھي جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. محترمہ لکي ٿي:
آءٌ سمجهان ٿي تہ شاه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي تہ پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي. هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون.
Title Cover of book شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ  جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

وليم ورڊس ورٿ جو دور ۽ ان جا لاڙا

وليم ورڊس ورٿ جو دور 1770ع کان 1850ع تائين ليکيو وڃي ٿو. انگلئنڊ (England) جو هي بهترين شاعر ۽ انگريزي ادب جي رومانوي تحريڪ جو باني ليڪ ڊسٽرڪ (Lake District) جي حسين علائقي ڪمبرلينڊ (Cumber Land) ۾ پيدا ٿيو، جنهن تي سندس سڀئي سوانح نگار متفق آهن. ليڪ ڊسٽرڪ پنهنجي خوبصورتي جي ڪري تمام گهڻو مشهور آهي. ان حوالي کان سيد شاڪر علي جعفري لکي ٿو ته:
”ليڪ ڊسٽرڪ ڍنڍن، اونچن جبلن، سرسبز و شاداب گلن ۽ نهايت ئي حسين وادين سبب پوري انگلئنڊ ۾ تمام گهڻي شهرت رکي ٿو.“ (5)
ورڊس ورٿ پنهنجي زندگيءَ جا ابتدائي ڏينهن هن علائقي جي حسين وادين ۽ دلڪش نظارن ۾ گذاريا. ننڍپڻ کان ئي کيس فطرت ۽ فطرت جي حسين، دلڪش نظارن سان بي پناهه پيار، لڳاءُ ۽ هڪ خاص قسم جي انسيت هئي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي علائقي جون خوبصورت فطرتي يادگيريون سندس دل و دماغ تي هميشه لاءِ نقش ٿي ويون ۽ لاشعوري طور فطرت پرستيءَ جو لاڙو سندس شخصيت جو هڪ اهم جز بڻجي اڀريو.
“Wordsworth’s deep love for the “Beauteous Forms” of the Natural world was established early.” (6)
ترجمو: ”فطري دنيا جي خوبصورت شين لاءِ ورڊس ورٿ جو گهرو چاهه گهڻو اڳ پيدا ٿي چڪو هو.“
ورڊس ورٿ فطرت جي هر صورت، هر حالت ۽ هر ڪيفيت کي نهايت ئي دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ ان کي قبول ڪيو. هڪ حسين محبوبه جي روپ ۾ به هن فطرت کي ڀانيو ته وري غضب ناڪ ۽ تباهه ڪندڙ طاقت جي طور تي به پر سندس خوبي اها آهي جو فطرت جي غضب ناڪ پهلو مان به زندگيءَ جي بشارت حاصل ڪري وٺي ٿو، جنهن مان اها ڳالهه واضع طور تي اسان جي سامهون اچي ٿي ته سندس لاڙو فطرت توڙي زندگيءَ کي ڪنهن مخصوص نقطهء نظر کان نه بلڪ مختلف پهلوئن ۽ رخن کان جاچڻ رهيو.
سندس فطري شاعريءَ بابت ڊي ڪوائنسي لکي ٿو ته:
“Wordsworth had his passion for nature fixed in his blood; it was a necessity of his being; like that of the mulberry leaf to the silk-worm.” (7)
ترجمو: ”فطرت جو جذبو ورڊس ورٿ جي رت ۾ موجود هو. اهو ائين ئي سندس ضرورت هو جيئن پَٽ ڪيئين لاءِ شهتوت جو پَنُ.“
فطرت سان گڏوگڏ کيس ننڍپڻ کان وٺي پنهنجي علائقي جي هارين نارين ۽ مفلس ماڻهن جي زندگيءَ سان به گهري دلچسپي رهي ۽ آهستي آهستي انهن جو گهرو مشاهدو ڪرڻ جو عادي پڻ ٿي ويو يعني غور و فڪر ۽ مشاهدي جو عنصر به سندس شخصيت ۾ ننڍپڻ کان وٺي موجود هو جنهن اڳتي هلي کيس هڪ عظيم شاعر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان لاڙي سبب ئي سندس سوچ جو مرڪز مصيبتن ۽ پريشانين ۾ مبتلا عام انسان رهيو.
ورڊس ورٿ شاعريءَ جي ابتدا هاڪس هيڊ اسڪول ۾ شاگردي واري زماني کان پنهنجي هيڊ ماستر وليم ٽيلر جي همٿائڻ تي ڪئي.
“At Hawkshead William thrived-receiving encouragement from his head master William Taylor to read and write poetry.” (8)
ترجمو: ”هاڪس هيڊ ۾ وليم شاعري پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ پنهنجي هيڊ ماستر وليم ٽيلر کان حوصله افزائي حاصل ڪئي.“
پر سندس شروعاتي شاعريءَ ۾ ٿورو گهڻو روايتي رنگ ۽ مصنوعي طرز موجود ملي ٿو، حقيقتاً صحيح معنيٰ ۾ سندس شاعراڻو شعور ان وقت اڀري سامهون آيو جڏهن پاڻ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ زيرِ تعليم هو ۽ سير و سفر خاطر فرانس ۽ سوئزرلئنڊ جي دوري دوران فرانس ۾ ٿيندڙ بغاوت ۾ حصو ورتائين جتي انساني آزادي جي هڪ عظيم انقلابي جنگ برپا لڳي پئي هئي، جنهن کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو.
“His poetic career begins with the first trip to France and Switzerland. During this period he also formed his early political opinions especially (his hatred of tyranny).” (9)
ترجمو:
”هن جي شاعراڻي دور جي شروعات فرانس ۽ سوئيزرلينڊ جي پهرئين دوري سان ٿي. انهيءَ دوران هن پنهنجي سياسي راءِ خاص طرح سان (جابرانه حڪومت کان نفرت) پڻ قائم ڪري ورتي.“
فرانس جي انقلاب جو ذڪر پهرئين باب ۾ اچي چڪو آهي. فرانس کان موٽڻ تي ورڊس ورٿ جي خيالن توڙي نظرين ۾ هڪ واضع تبديلي آئي ۽ هو فطرت توڙي عام انسان ۽ سندس آزاديءَ جو نعرو هڻندي باقاعدگيءَ سان شاعريءَ جي ميدان ۾ لهي پيو. جنهن جو واضح اظهار اسان کي سندس 1798ع واري تصنيف سريلا گيت (Lyrical Ballades) ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ ورڊس ورٿ وٽ حقيقت جي ڳولها، فطرت جو حسن ۽ عام ماڻهوءَ جي سماجي وقار کي وڌائڻ جو احساس قطري مان سمنڊ بڻجي پيو ۽ اهي موضوع ئي سندس شاعريءَ جو بنياد بڻيا.
“The years between 1797 and 1800 mark the period of Wordsworth and Coleridge’s close collaboration, and also the beginning of Wrodsworth’s mature poetic career.” (10)
ترجمو: ”1797ع ۽ 1800ع جي وچ وارا سال ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج جي گڏيل ڪم ۽ ان سان گڏوگڏ ورڊس ورٿ جي بالغ شاعراڻا دور جي شروعات جي نشاندهي ڪن ٿا.“
ان نقطهء نظر کان جيڪڏهن اسان ورڊس ورٿ کي باغي شاعر سڏيون ته وڌيڪ موزون ۽ مناسب ٿيندو ڇاڪاڻ ته نه رڳو فرانس جي حوالي سان پر ادب جي گذريل روايتن خلاف به بغاوت ڪري هن شاعريءَ کي نئين اسلوب ۽ نظرين سان مالا مال ڪيو. شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهڙا عظيم ڪارناما پنهنجي دور جا منفرد، ڏاها سڄاڻ ۽ بالغ ذهنيت رکندڙ شخص ئي آڻي سگهن ٿا.
ورڊس ورٿ جي لاڙن کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ سندس نظرين جو جائزو وٺڻ به تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هو نه صرف انگريزي ا دب ۾ رومانوي شاعري جو خالق آهي پر سريلا گيت جو مهاڳ لکڻ ڪري رومانوي تنقيد ۾ به سندس ڪردار وسارڻ جهڙو هرگز نه آهي. شاعريءَ بابت سندس عقيدو هو ته:
“Poetry is the spontaneous overflow of powerful feelings, It takes its origin from emotions recollected in tranquility.” (11)
ترجمو:
”شاعري سگهارن جذبن جي پاڻمرادو اٿل آهي، ان جي شروعات خاموشيءَ ۾ ذهن ۾ آيل احساسن سان ٿئي ٿي.“
ورڊس ورٿ وٽ سڀني کان وڌيڪ اهميت احساسن، جذبن ۽ تخيل جي هئي جن کي هن شاعريءَ لاءِ بنيادي ۽ اهم محرڪ قرار ڏنو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن ڪو به شاعر انساني جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿو ته کيس شاعر سڏرائڻ جو ڪو به حق ناهي. ان سان گڏوگڏ سندس چوڻ هو ته شاعريءَ جو موضوع عام انسان هجڻ گهرجي ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ کي وري شاعراڻي ٻولي جو درجو حاصل هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هو ان ڳالهه جو قائل هو ته جنهن لاءِ به لکجي، ان سان سندس ئي زبان ۽ لهجي ۾ مخاطب ٿيڻ گهرجي. ان ڪري ئي سندس ڪردار عام انسان آهن. اسڪول جو استاد، ننڍڙي معصوم ڇوڪري، پوڙهو ريڍار ۽ ان جو پٽ ۽ انهن جهڙا ٻيا به ڪيترائي عام ماڻهو سندس شاعريءَ جا ڪردار آهن. جڏهن ته سندس موضوع به سماجي مسئلن، سياسي معاملن ۽ روزاني زندگيءَ جي عام واقعن ۽ حادثن مان چونڊيل آهن.
“Wordsworth as a poet and critic introduced a new conception of poetic style, insisting that the plain language of common speech is a fit medium for the poet. Again he insisted that ordinary events in humble lives are fit subject matter, when viewed by the poetic imagination.” (12)
ترجمو:
”ورڊس ورٿ هڪ شاعر ۽ تنقيد نگار جي حيثيت ۾ شاعراڻي انداز جو هڪ نئون تصور متعارف ڪرايو، جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنائين ته ڳالهه ٻولهه لاءِ سادي زبان شاعر لاءِ مناسب ذريعو آهي. وري ٻيهر ان ڳالهه تي زور ڏنائين ته ڳوٺاڻي زندگين جا معمولي واقعا جڏهن شاعراڻي تخيل ذريعي جانچيا وڃن ته مناسب موضوع آهن.“
ورڊس ورٿ جي فطري شاعريءَ کي سندس لاڙن جي حوالي کان ٽن مختلف دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. سڀ کان پهريون دور ننڍپڻ ۽ نوجواني وارو هو، جيڪو ٻاراڻي ننڍڙين ننڍڙين خوشين ۽ حرڪتن تي مبني هو. تنهن کان پوءِ ٻيو دور جواني وارو هو، جنهن ۾ هو فطرت جي اڃا وڌيڪ ويجهو آيو ۽ سندس فطري تصور به ان مناسبت سان وڌيڪ بالغ ٿيو جڏهن ته آخري دور فڪري طور بلوغت وارو هو، جنهن ۾ هن فطرت ۽ انسان ۾ هڪجهڙائيءَ ڏٺي ۽ آخرڪار ان نتيجي تي پهتو ته اهي ٻئي جزا ڪائنات جي سلسلي جو هڪ لازمي حصو آهن.
رومانوي هئڻ ڪري رومانس وارو پهلو به ورڊس ورٿ جي شخصيت تي هميشه تمام گهڻو حاوي رهيو. جيئن ته رومانوي لاڙو رکندڙ هميشه پرزور جذبن، احساسن ۽ خيالن جي اثر هيٺ رهن ٿا ان ڪري موضوعي طور سندن هڪ الڳ تخيلاتي دنيا ٿئي ٿي. پر جيئن ته معروضيت جون حقيقتون يڪسر مختلف ٿين ٿيون ان ڪري اهي ماڻهو مايوس ٿي هڪ بي ترتيب زندگيءَ جا قائل ٿي پون ٿا.
ورڊس ورٿ سان به ائين ئي ٿيو. داخلي طور تخيل، جذبن ۽ احساسن جي وهڪري هيٺ هو سماج ۾ عام رائج قدرن ۽ اصولن کان باغي ٿي پيو ۽ نتيجي طور زندگيءَ جي حقيقتن سان سمجهوتو نه ڪري سگهيو، جنهن جي ڪري سندس واسطو هميشه ڏکن ۽ پيڙائن سان رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس پوري زندگي بي ترتيبيءَ جو شڪار رهي، جنهن ۾ هن ڪيترائي ناڪام عشق ڪيا.
ادبي دنيا ۾ سندس ڪيترائي عشقيه داستان ۽ ناجائز اولاد جا قصا تمام گهڻا مشهور آهن.
مجموعي طور ورڊس ورٿ جي شخصيت جي جائزي مان خبر پوي ٿي ته هو مختلف وقتن ۾ مختلف لاڙن جي اثر هيٺ رهيو، جيڪي سندس شخصيت جي مختلف پهلوئن جو تعين ڪن ٿا. انهن مان فطرت پرستي، غور و فڪر، سوچ ويچار، بغاوت ۽ مشاهدي جا عنصر اهم آهن، جن کيس رومانوي شاعر بنجڻ جي عمل ۾ اهم ترين ۽ مؤثر ڪردار ادا ڪيو.