لطيفيات

شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

هي ڪتاب ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي ايم.اي فائنل جي مونوگرافڪ ٿيسز آھي جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. محترمہ لکي ٿي:
آءٌ سمجهان ٿي تہ شاه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي تہ پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي. هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون.
Title Cover of book شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ  جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جو رومانوي حوالي سان تقابلي جائزو

دنيا جي ٻن وڏن ۽ اهم خطن جي عظيم شاعرن سنڌي ٻوليءَ جي شاهه لطيف ۽ انگريزي ٻوليءَ جي وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانوي فڪر جي مختلف پهلوئن جو الڳ الڳ جائزو وٺڻ سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ٻنهي شاعرن وٽ فڪري حوالي کان ڪيتريون ئي هڪ جهڙائيون ٿوري گهڻي فرق سان موجود آهن. هتي انهن ئي هڪ جهڙائين جو تفصيل سان تقابلي جائزو پيش ڪجي ٿو.
1- رومانوي فڪر جو سڀ کان پهريون عنصر فطرت نگاري آهي. شاهه توڙي ورڊس ورٿ جو ڪلام فطرت نگاريءَ جو اعليٰ شاهڪار آهي. سندن شاعريءَ ۾ فطرت جي عڪاسي سڀ کان وڌيڪ نظر اچي ٿي. سندن هر تخليق جي شروعات فطرت نگاريءَ سان ئي ٿئي ٿي پوءِ کڻي دنيا جو ڪو به موضوع هجي، مختلف ڪردارن جي آس پاس جو ماحول هجي يا وري ڪردارن جي احساسن ۽ جذبن جي عڪاسي هجي.
فطرت جا خوبصورت ۽ دلڪش منظر هر هڪ جي توجهه سڀ کان پهريائين ڇڪائينداآهن. شاهه به اهڙن ڪيترن ئي سونهن ڀرين نظارن جو بيان ڪيترن ئي سرن ۾ ڪيو آهي. هتي سر ڪاموڏ مان ڪينجهر جهڙي حسين ڍنڍ جي ڪناري ٽڙيل خوبصورت ڪنول جي گلن، مٺڙي دل ڇهندڙ هوا ۽ هر طرف ڦهليل ساوڪ واري منظر وارا بيت پيش ڪجن ٿا.
هيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن،
ورئي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ڪئي.
ڪاموڏ (2-5)
ڪيڏو نه خوبصورت منظر آهي، جنهن ۾ هيٺ پاڻي، مٿان مڃر جي وڻن جا جهڳٽا ۽ ڍنڍ جي ڪناري ڪنول جا گل ٽڙيل هجن. ان حسين ماحول ۾ جيڪڏهن سُرهي هوا لڳي ته ائين لڳندو ڄڻ ته سموري ڪينجهر ڍنڍ خوشبوءِ سان واسجي وئي هجي.
هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،
لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
ڪاموڏ (2-4)
ڪيڏي نه خوبصورت تشبيهه آهي اتر واءُ لڳڻ سان ڪينجهر ڍنڍ جي لهرن جي لوڏي ۾ تماچيءَ جي ٻيڙي ڄڻ ته هندوري ۾ ٿي لڏي. وري هر طرف ڦهليل ساوڪ ماحول کي وڌيڪ سهڻو ۽ دلڪش بڻائي رهي آهي. ڀٽائي جيئريون جاڳنديون تصويرون اسان جي اڳيان بيهاري ٿو.
ورڊس ورٿ وٽ به ڪجهه اهڙي ئي منظر جو بيان ملي ٿو، جنهن ۾ ڍنڍ جي خوبصورت ڪناري سان ٿڌڙي هوا ۾ ڪنول جي حسين گلن جو ميڙ پنهنجي مٺڙي خوشبوءِ سان ماحول کي معطر ڪري ڇڏي ٿو.
I wandered lonely as a cloud,
That floats on high o’er vales and hills
When all at once I saw a crowd,
A host, of golden daffodils;
Beside the lake, beneath the trees,
Fluttering and dancing in the breeze.

Continuous as the stars that shine
And twinkle on the milky way,
They stretched in never-ending line
Along the margin of a bay
Ten thousand saw I at a glance
Tossing their heads in sprightly dance.
(Wordsworth and Coleridge P. No: 48)
ترجمو:
اوچين ٽڪرين ۽ وادين مٿان
ڪنهن ڪڪر جيان رلندي
اوچتو ڏٺم هڪ ميڙ
سونهري گلڙن جو،
هير لڳڻ سان نچندي لڏندي
ڍنڍ ڀرسان وڻن جي پاڇي ۾
جيئن آسمان ۾ ڪهڪشان تي
تارا چمڪندا ۽ ٽمڪندا آهن
اڻکٽ قطار ۾ ڍنڍ ڪناري
تيئن مون ڏٺا هزارين گلڙا
مستيءَ ۾ جهومندي نچندي.
ڏور نگاهن تائين صرف ۽ صرف نرگس جي گلن جو ڦهليل هئڻ، پاسي کان ڍنڍ جو وهڻ، مٿان وڻن جو ڇانورو ۽ وري انهيءَ پوري ماحول ۾ ٿڌڙي مٺڙي هوا لڳڻ ڪري گلن جو مستيءَ ۾ ناچ ڪرڻ، ڪيڏو نه دلڪش ۽ مڪمل منظر چٽيل آهي. جنهن جي سونهن انسان کي پنهنجي سحر ۾ فوراً جڪڙي وٺي ٿي.
هتي شاهه توڙي ورڊس ورٿ جو موضوع ۽ فڪر ساڳيو ئي آهي، پر فرق صرف ايترو آهي ته شاهه داخلي جذبن جي عڪاسي سنڌ جي لوڪ رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جي ذريعي ڪئي آهي، جيڪو ڪينجهر ڍنڍ سان ئي وابسته آهي. جڏهن ته ورڊس ورٿ ڪنهن ڪهاڻيءَ بدران سنئين سڌي طريقي سان فطرت جي مظهرن مان ان کي بيان ڪيو آهي.
فطرت جي ڪيترن ئي سونهن ڀرين نظارن جي تصوير ڪشي سان گڏوگڏ شاهه توڙي ورڊس ورٿ نهايت ئي سادن سودن ۽ عام منظرن کي به چٽيو آهي، جن ۾ خوبصورتيءَ جا ڪي به اهڃاڻ نظر نه ٿا اچن.
ڀٽائي چوي ٿو:
دهشت دم درياهه ۾، جت ڪڙڪا ڪُن ڪرين،
ٻڇل ٻانڊي ٻار ۾، ات لهريون لوڏا ڏين،
سناور ساميا، ات سيڻايا نه سنڊين،
جت ويريون واٽ نه ڏين، ات ساهڙ! سير لنگهائين.
سهڻي (2-5)

يا وري هي بيت ڏسو،
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو جمرجر،
ڪوسا تپن ڪڪرا، ٻي دمدم تپي ڌر،
ويچاري ڏي ور، پير نه لهي پرينءَ جو.
سسئي آبر (2-8)
پهرئين بيت ۾ شاهه صاحب درياهه جي ڊيڄاريندڙ نظارن جي منظرڪشي ڪئي آهي. جيئن پاڻيءَ جي تيز وهڪري جو خوفناڪ آواز، ڪُن جا ڪڙڪا، لهرن جي زور تي بنڊن جو بي ترتيب انداز ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ وغيره.
جڏهن ته ٻئي بيت ۾ وري صرف هڪ ويران جهنگ جي عڪسبندي ٿيل آهي، جتي فقط سڃ آهي ۽ بيد ۽ لئي جا وڻ هر طرف ڦهليل آهن. تيز اس ۽ گرميءَ جي شدت سبب زمين به تپي باهه ٿي وئي آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ ورڊس ورٿ وري هڪ جبل جي چوٽيءَ تي موجود ويران ۽ نهايت ئي پراڻي ڪنڊيءَ جي وڻ جي منظرڪشي ڪئي آهي.
There is a thorn, it looks so old,
In truth; you’d find it hard to say,
How it could ever have been young
It looks so old and grey,
Not higher than a two-year’s child.
It stands erect this aged thorn;
No leaves it has, no thorny points;
It is a mass of knotted joints,
A wretched thing forlorn.
(Lyrical Ballads P. No: 51)
ترجمو:
هتي هڪ ڪنڊي آهي، اها گهڻي پراڻي لڳي ٿي
سچ، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته
اها ڪڏهن جوان به رهي سگهي هوندي
اها گهڻي پراڻي ۽ غمگين لڳي ٿي
ٻن سالن جي ٻار کان گهڻي ڊگهي نه آهي
سڌي بيٺل آهي، هي پراڻي ڪنڊي
ان کي نه پن آهن، نه وري ڪنڊا،
اها ڳنڍيل حصن جو مجموعو آهي
هڪ بدنصيب لاچار شيءِ.
هڪ اهڙو ڪنڊيءَ جو وڻ جيڪو ويران ۽ اجڙيل آهي، جنهن ۾ نه ڪو گل آهي ۽ نه ئي وري پن، ان جي منظرڪشي به ورڊس ورٿ ڪيتري نه ڀرپور نموني ڪئي آهي. جو اها پراڻي ڪنڊي پنهنجي پوري بدصورتيءَ سان اکين اڳيان تري اچي ٿي. شاهه ۽ ورڊس ورٿ جا موضوع ڪٿي ڪٿي صرف فڪري حوالي کان هڪجهڙائي رکن ٿا، جنهن جي ڪري سندن اندازِ بيان هڪٻئي کان مختلف ٿي پوي ٿو.
شاهه فطرت نگاري ذريعي انساني زندگيءَ جي مختلف ۽ اهم پهلوئن کي پڻ واضح ڪيو آهي. فطرت جي عام تخليق جي وهنوار مان انساني زندگيءَ لاءِ رهنمائي ۽ هدايت جا نڪتا نروار ڪيا آهن. جيئن پکين کان محبت ۽ ميٺ جو سبق پرائڻ، ڏينهن ۽ رات جي اچڻ وڃڻ سان وقت جي اهميت جو احساس ڏيارڻ ۽ پاڻيءَ جي ڦوٽي مان انسان جي بي بقا هئڻ جي حقيقت واضح ڪرڻ وغيره.
ڀٽائي چوي ٿو:
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهنئا ميٺ گهڻو
ڏهر (5-7)
پرهه ڦٽي، رات گئي، جهيڻا ٿيا نکٽ،
هاري! ويئي وٽ، گهڻا هڻندين هٿڙا.
(ڏهر 6-12)
جر تي فوٽو جيئن، لڳي لهر اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
ڏهر (2-17)
ساڳيءَ ريت ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ به اخلاق، محبت ۽ ميٺ جو درس فطرت جي تخليق پکين ذريعي ڏنل اهي. وٽس پکي ئي پيار جا پيامبر آهن.
I heard a stock-dove sing or say
His homely tale, this very day;
His voice was buried among trees,
Yet to be come at by the breeze
He did not cease; but cooed and cooed
And some what pensively he wooed
He sang of love, with quite blending,
Slow to begin and never ending
Of serious faith, and inward glee
That was the song-the song for me!
(Wordsworth and Coleridge, P. No: 86)
ترجمو:
مان هڪ ڪبوتر کي ڳائيندي ٻڌو
هن جي سادي ڪهاڻي، ساڳئي ڏينهن،
هن جو آواز وڻن جي وچ ۾ دٻيل هو،
پوءِ به هوا جي ذريعي اچي رهيو هو،
هن آواز بند نه ڪيو پر ٻوليندو رهيو،
۽ ڪجهه غمگين ٿي ڄڻ ڪا گهر ڪئي
هن پيار جو سانتيڪو گيت ڳايو،
آهسته شروع ٿيندڙ ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ
ڳنڀير عقيدي ۽ اندروني خوشيءَ جو
اهو گيت هو، منهنجي لاءِ!
وڻن جي جهڳٽن مان هوا ذريعي ڪبوتر جو ڳايل پيار جو گيت ماڻهن لاءِ پيغام آهي. جيڪو روحاني خوشي ۽ سرور ته بخشي ئي ٿو، پر گڏوگڏ سڀني ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ جو ذريعو پڻ آهي.
شاهه ۽ ورڊس ورٿ جي رومانوي حوالي کان فڪري ڀيٽ ڪندي اها ڳالهه به سامهون اچي ٿي ته شاهه نهايت ئي مختصر يعني ٻن سٽن جي بيت ۾ جامع طريقي سان فطرت نگاريءَ جي مختلف پهلوئن مان انسان ذات لاءِ سوچ، فڪر ۽ نصيحت جا ڪيترائي نڪتا نروار ڪيا آهن. جڏهن ته ورڊس ورٿ جو فڪر شاهه جيترو گهڻ رخو ۽ وسعت انگيز نه آهي.
شاهه ۽ ورڊس ورٿ جي هڪ جهڙائي اها به آهي ته هو ڪتابن جي علم بجاءِ فطرت جي مطالعي تي وڌيڪ زور ڏين ٿا. شاهه هڪ عالم فاضل شخص هو ۽ ڪيترن ئي ظاهري علمن جو ڄاڻو به هو، پر پنهنجي زندگيءَ جي مشاهدي مان ان نتيجي تي پهتو هو ته صحيح ۽ سچو علم ۽ ڄاڻ ڪائنات جي مشاهدي ماڻڻ سان حاصل ٿئي ٿي نڪي ڪتابن منجهان.
ڀٽائي چوي ٿو:
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوهه چڙهن، جي ورق ورائن وترا.
يمن ڪلياڻ (5-27)
ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪوريين، ويٺو وڃايين مس،
ڏور تئائين ڏس، اکر جئائين جڙيا،
يمن ڪلياڻ (5-32)
اهڙي ئي فڪر جو پرچار ورڊس ورٿ وٽ به ملي ٿو، جنهن ۾ هو ڪتابن جي علم بجاءِ فطرت کي انسان لاءِ بهترين استاد طور ترجيح ڏيئي ٿو.
Up! Up! My friend, and quit your books,
Or surely you’ll grow double,
Up! Up! My friend, and clear looks,
Why all this toil and trouble?

Books ‘tis a dull and endless strife
Come, hear the woodland linnet,
How sweet his music! On my life,
There’s more of wisdom in it.

And hark! How blithe the throstle sings!
He, to is no mean preacher?
Come forth into the light of things,
Let nature be your teacher.
(Lyrical Ballads, P. No: 78)
ترجمو:
اٿ! اٿ! منهنجا دوست ۽ ڇڏ پنهنجا ڪتاب،
يقيناً تنهنجي ڄاڻ ٻيڻي ٿيندي
اٿ! اٿ! منهنجا دوست ۽ واضح ڪر پنهنجي ڳالهه
هي سڀ پريشاني ۽ بحث ڇو؟
ڪتاب! اهو آهي سست ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ بحث
اچ، ٻڌ جهنگلي ڍولير کي
ڪيتري مٺي آهي هن جي موسيقي! منهنجي زندگيءَ لاءِ
ان ۾ وڌيڪ ڏاهپ آهي

۽ ٻڌ ٻوليندڙ پکي ڪيترو نه موج مان ڳائي ٿو
هي پڻ معمولي تبليغ ڪندڙ نه آهي
شين جي حقيقت ڏانهن اچ
فطرت کي پنهنجو استاد ٿيڻ ڏي

فطرت جي هڪ مالا مال دنيا آهي
اسان جي دماغ ۽ دلين کي بخشڻ لاءِ
صحت سان ڀرپور اڀاريل ڏاهپ
۽ خوشيءِ ذريعي اڀاريل سچ
ورڊس ورٿ جي نظر ۾ ڪتاب جو بحث اجايو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ذريعي ماڻهو صرف مونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو، جيڪي ڳالهيون فطرت جي مظهرن ذريعي واضح طور سمجهي سگهجن ٿيون تن کي ڪتاب هرگز بيان نٿا ڪري سگهن. ان ڪري هو فطرت جي مطالعي ۽ مشاهدي جي دعوت ڏيئي ٿو.
2- شاهه ۽ ورڊس ورٿ هيٺئين طبقي جي عام ڪردارن، سندن مسئلن ۽ احساسن ۽ جذبن جي بيان ۾ به هڪ ٻئي کي گهڻا ويجها آهن. شاهه توڙي ورڊس ورٿ جو سڄو ڪلام پيڙهيل طبقي جي عام ڪردارن ۽ سندن زندگيءَ جي المين جي عڪاسي ڪري ٿو. ورسايل طبقي جي ڪن ڪردارن کي صرف شاهه ئي بيان ڪيو آهي پر انهيءَ جو مقصد به سندن شان و شوڪت واري زندگيءَ کي بيان ڪرڻ هرگز نه آهي. شاهه اهڙن ڪردارن جي زندگي جي ڪنهن هڪ مخصوص پهلوءَ جي عڪاسي ڪري ٻين لاءِ هدايت ۽ رهنمائيءَ جو مثال قائم ڪيو آهي. جيئن ڄام تماچيءَ جو ڪردار رعيت لاءِ هڪ بهترين بادشاهه طور پيش ڪيو اٿس، ليلا جي ڪردار کي لالچ سبب ننديو اٿس ۽ راءِ ڏياچ کي سخاوت جي اعليٰ مثال طو رپيش ڪيو اٿس.
شاهه پنهنجي ڪلام ۾ هيٺئين طبقي جي سڀ کان اهم مسئلي غربت جي عڪاسي ڪيترن ئي سرن ۾ ڪئي آهي. جيئن سر مارئي، سر سامونڊي، سر ڪاموڏ ۽ سر سارنگ وغيره. شاهه انهن ڪردارن جي سماجي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي جاگرافيائي حالتن کي به تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
ڀٽائي مارئيءَ ۽ سندس ماروئڙن جي غريباڻي حالت بيان ڪندي چوي ٿو:
ور سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن
گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ اباڻن
ويڙهيا گهمن وليين، جهانگي منجهه جهنگن،
مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيڄ ۾.
مارئي (3-15)
جڏهن ته سر ڪاموڏ ۾ چوي ٿو،
گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
انين جي اوطاق، راڄا ريجهي آئيو.
ڪاموڏ (1-13)
يعني هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي نهايت ئي سادي شان و شوڪت ۽ آسائشن کان سئو ڪوهه پري آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مصنوعيت ۽ ٺاهه ٺوهه نظر نه ٿي اچي. فطرت ئي سندن اوڇڻ آهي.
ورڊس ورٿ وٽ به اهڙا ڪيترائي ڪردار ملن ٿا، جن ۾ Goody Blake ۽ Harry Gill به شامل آهن. شاهه وانگر ورڊس ورٿ به انهن ڪردارن جي سماجي، معاشي توڙي جاگرافيائي حالتن جو اڀياس پيش ڪيو آهي. ورڊس ورٿ Goody Blake جي سماجي ۽ معاشي حالت جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو:
Auld Goody Blake was old and poor,
I’ll fed she was, and thinly clad,
And any man who passed her door
Might see how poor a hut she had,
(Lyricall Ballads P. No: 34)
ترجمو:
گڊي بليڪ پوڙهي ۽ غريب هئي،
گهٽ کاڌل ۽ سنهڙن ڪپڙن ۾ هئي،
ڪو به ماڻهو جيڪو هن جي در وٽان گذريو
ڏسي ٿي سگهيو هن جي جهوپڙي ڪيتري غريباڻي هئي.
غربت جي ور چڙهيل اهڙو ئي هڪ ٻيو ڪردار “Beggars” نظم جي هڪ غريب فقيرياڻيءَ جو آهي، جنهن بابت چوي ٿو:
Before me begging did she stand,
Pouring out sorrows like a sea;
Grief after grief, on English land
Such woes I knew could never be,
(William Wordsworth, P. No: 243)
ترجمو:
منهنجي اڳيان هوءَ پني رهي هئي،
سمنڊ جيان ڏکن کي اوتي رهي هئي،
انگريزي زمين تي، ڏُکن پٺيان ڏک
اهڙيون تڪليفون مان ڪڏهن نٿو ڄاڻي سگهان.
ٻنهي ڪردارن جي جائزي وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته سندن زندگي ڪيتري نه ڏکي آهي. جن وٽ کائڻ لاءِ نه مناسب خوراڪ آهي نه جسم ڍڪڻ لاءِ مناسب اوڇڻ نه ئي وري رهڻ لاءِ ڪا موزون جڳهه. انهن لاءِ زندگي واقعي ڪنهن عذاب کان هرگز گهٽ نٿي ٿي سگهي. اهي اُهي ڪردار آهن، جيڪي زندگيءَ جي هر پل جي عذاب کي ڀوڳين ٿا. ڀٽائي هيٺئين طبقي جي معاشي پهلو کي ڪجهه هن ريت سمجهائي ٿو:
آڻين ڪي چاڙهين، ڏٿ ڏيهاڻي سومرا،
سٿا ڪيو سيد چئي، سائون سڪائين،
منجهان لنب لطيف چئي، چانئر ڪيو چاڙهين،
پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙيءَ سين.
مارئي (7-4)
ڏڙهه ريا ريج ٿئا، ڪي اوهيرن اوت،
ميها، چڀڙ، ڦنگهيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ،
ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، جت مينهون چرن موڪ،
سرهيون سنگهاريون ٿيون، جي توسيون پائين طوق،
لاهي مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
سارنگ (2-20)
جيئن ته سنڌ ۾ برسات جي پاڻيءَ يا وري دريائن جي پاڻيءَ تي ماڻهن جو گذر سفر ٿئي ٿو. تنهن ڪري ماڻهن جي خوراڪ، ڏٿ، سائون، لنب، ميها، چڀڙ ۽ ڦنگهيون يعني برسات بعد پاڻمرادو پيدا ٿيندڙ جنسن تي آهي. جيڪڏهن برسات ٿئي ته واهه نه ته اهي ويچارا غريب ماڻهو ڏڪار سبب ٻه ٻه ويلا به بک ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پون ٿا. غرض سندن جذبا ۽ احساس به معاشي حالتن تي دارومدار رکن ٿا. جيڪڏهن حالتون مناسب ۽ سازگار هونديون اٿن ته خوش هوندا آهن.
ورڊس ورٿ جا ڪردار به اهڙي ئي معاشي الميي جو شڪار آهن. هو ڏينهن رات سخت محنت مزدوري ڪن ٿا، پر ان جي باوجود زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم آهن. کين پنهنجو پاڻ بچائڻ ۽ جيئري رهڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي.
ورڊس ورٿ Goody Blake نظم ۾ لکي ٿو:
All day she spun in her poor dwelling
And then her three hour’s work at night
Alast! ’t was hardly worth the telling,
It would not pay for candle-light.
(Lyrical Ballads, P. No: 34)
ترجمو:
سڄو ڏينهن هن پنهنجي غريب رهائش ۾ ڪتيو،
۽ وري رات جو ٽن ڪلاڪن جو ڪم!
افسوس! اها تلخ حقيقت ٻڌائيندي ٿيو،
ان مان ميڻ بتي خريد ڪرڻ جيترا پئسا به نه ٿي سگهيا.
شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ وٽ پنهنجن پنهنجن خطن جي جاگرافيائي حالتن جو بيان به فڪري لحاظ کان هڪجهڙائي رکي ٿو. ٻنهي خطن جون جاگرافيائي حالتون هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگي تي اڻ سڌي طرح اثر انداز ٿين ٿيون.
شاهه موسمي حالتن بابت چوي ٿو:
مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کڙِيون کيهه ڀڪليون، پگهر سر پيرن،
اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏائين لکيا.
مارئي (7- 8)
سڄو صاف نه اڀري، سرلي وچان سج،
منهن چڙهئو ماڻهن کي، ڏي واڌايون وڄ،
هينئڙا کپ م کج، سگها ملندءِ سپرين.
سارنگ (4-10)
سنڌ جي خطي ۾ هر قسم جي مند رهي ٿي. ڪڏهن سج پنهنجي پوري آب و تاب سان چمڪندو نظر اچي ٿو، جنهن سبب گرمي تمام گهڻي ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري جهڙيالي مند ڪري موسم خوشگوار رهي ٿي ۽ مينهن به جام وسن ٿا. مطلب ته جاگرافيائي حالتون ماڻهن جي معاشي زندگيءَ کي طئي ڪن ٿيون.
ورڊس ورٿ وٽ به موسمي حالتن جو بيان ملي ٿو:

This woman dwelt in Dorset shire
Her hut was on a cold hill-side
And in that country coals are dear
For they come for by wind and tide.
(Lyrical Ballads, P. No: 34)
ترجمو:
هي عورت ڊارسيٽ شرائن ۾ رهندي هئي
هن جي جهوپڙي ٿڌي چوٽيءَ جي پاسي تي هئي
ان ملڪ ۾ ڪوئلو مهانگو آهي
ڇو ته اهو هوا ۽ حالتن تي انحصار رکي ٿو
وري چوي ٿو:
Oh! What’s the matter? What’s the matter?
What is’t that ails young Harry Gill?
That evermore his teeth they chatter,
Chatter, chatter, chatter still.
Of waistcots Harry has no lack,
Good duffle grey, and flannel fine;
He has a blanket on his back,
And coats enough to smother nine.
(Lyrical Ballads P. No: 34)
ترجمو:
اوهه! ڇا مسئلو آهي؟ ڇا مسئلو آهي؟
ڇا آهي جيڪو نوجوان هيري گل کي تڪليف پهچائي ٿو؟
جو هميشه هن جا ڏند وڄن ٿا،
وڄن ٿا، وڄن ٿا، اڃا به وڄن ٿا.
هيري وٽ ڪوٽن جي گھٽتائي نه آهي،
سٺو سرمئي واسڪوٽ ۽ بهترين اوني ڪپڙو،
هن جي پٺن تي هڪ ڪمبل آهي،
جيڪو نون ڄڻن کي ڍڪڻ لاءِ ڪافي آهي.
جاگرافيائي حالتن جي موزون نه هئڻ سبب خاص طور سان هيٺئين طبقي جو فرد پيڙا ۽ ڀوڳنا واري زندگي گذاري ٿو. يورپ جي هن خطي ۾ سخت سردي پوي ٿي ۽ ڪوئلو تمام گهڻو مهانگو ملي ٿو. جنهن ڪري معاشي طور غير مستحڪم ماڻهو جاگرافيائي حالتن سبب سخت متاثر ٿئي ٿو.
3- شاهه لطيف ۽ ورڊس ورٿ موسيقي جي موضوع ۽ اهميت تي به لکيو آهي. هن موضوع جي فڪر ۾ به ٻنهي وٽ ڪجهه ڳالهيون هڪ جهڙائي رکن ٿيون.
شاهه جيئن ته پاڻ به هڪ وڏو موسيقار هو ۽ موسيقيءَ جي اوزار تنبوري جو موجد پڻ. ان ڪري کيس موسيقيءَ جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي. شاهه جي نظر ۾ موسيقي جي تمام گهڻي اهميت آهي.
شاهه فن ۽ فنڪار جي رشتي، موسيقي ۽ موسيقارجي اهميت کي رسالي جي ٻن سرن، سر پرڀاتي ۽ خاص ڪري سر سورٺ ۾ تفصيل سان بحث هيٺ آندو آهي.
ڀٽائي چوي ٿو:
تان نه آهي تند جو، رون روزن ڪري راز،
هڻندڙ سندا هٿڙا، سڀڪو چئي ساز....
سورٺ (4-4)
ڀٽائي جي نظر ۾ فن، فنڪار ۽ ساز انهن ٽنهي جو هڪ ٻئي کان ڌار تصور ڪري ئي نٿو سگهجي. سندس چوڻ آهي ته فنڪار آهي ته فن آهي، فن آهي ته ساز آهي ۽ ساز آهي ته آواز آهي. جيڪڏهن انهن مان ڪا به هڪ شيءِ ڪڍي ڇڏجي ته ٻئي جو وجود ڪا به حيثيت نه ٿو رکي.
ڀٽائي فن جي تخليقڪار (موسيقار) کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو. وٽس تخليق نهايت ئي سگهارو ۽ اثر ڪندڙ عمل آهي، جنهن ذريعي هر قوت کي مات ڪري سگهجي ٿو.
جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو،
تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو،
شهر سڄو ئي سُر سين، تندن تپايو،
دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،
چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو.
سورٺ (2-1)
اهو ئي سبب هو جو راءِ ڏياچ جهڙو طاقتور بادشاهه به موسيقيءَ جي لئي تي جهومي موسيقار جي سگهه اڳيان گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ آخرڪار پنهنجو سر به قربان ڪيائين.
مٿي اتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپار،
ته واريو واريو وڍيان، سسيءَ کي سئو وار،
ته پڻ تند تنوار، مونهان مٿانهون مڱڻا.
سورٺ (3-14)
ورڊس ورٿ به موسيقيءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏيئي ٿو. سندس نظم “Power of Music” ۾ به هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي، جيڪو وڏي ميڙ جي شڪل ۾ ماڻهن کي موسيقي ٻڌائي ٿو. سندس موسيقي ۾ اهڙو ته ڪمال جو جادو آهي جو بکايل بک نٿو ساري، پريشان ۽ بيچين ماڻهن کي هڪدم آرام اچيو وڃي. آسپاس موجود مزدور پنهنجو ڪم ڇڏي سندس موسيقيءَ جي سرن ۾ محو ٿي وڃن ٿا. ورڊس ورٿ چوي ٿو جيڪڏهن ڪو چوريءَ جي نيت سان ميڙ ۾ شامل ٿي وڃي ته يقيناً موسيقي جي بيبها ۽ انمول سرن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو ۽ کانئس چوري وسري ويندي.
His station is there, and he works on the crowd,
He sways them with harmony merry and loud,
He fills with his power all their hearts to the brain
Was taught ever heard like his fiddle and him!

What an eager assembly! What an empire is this!
The weary have life and the hungry have bliss,
The mourner is cheered, and the aurous have rest;
And the guilt- burthened soil is no longer opprest.

The porter sits down on the weight which he bore,
The lass with her barrow wheels hither her store,
If a thief could be here he might pilfer at ease.
(William Wordsworth, P. No: 324)
ترجمو:
هن جي جڳهه هُتي آهي، هو ميڙ ۾ ڪم ڪري ٿو
هو وڏي آواز ۽ خوشي واري موسيقي سان انهن کي جهومائي ٿو،
هو پنهنجي طاقت سان انهن جي دلين کي خوشي سان ڀري ڇڏي ٿو
شايد ئي اهڙو سرندو ڪڏهن ٻڌو ويو هجي!
ڇا ته سرگرم ميڙ آهي! ڇا سلطنت آهي هي!
ٿڪل ماڻهن لاءِ زندگي ۽ بکايلن لاءِ فرحت
ماتم ڪندڙ لاءِ خوشي آهي ۽ بي چين لاءِ آرام،
۽ ڏوهاري روح وڌيڪ ڏکايل نٿو رهي.
ڪنڀر کنيل ٿانون سيمت هيٺ ويهي رهي ٿو،
حسينه پنهنجي گاڏي ۽ شين سميت اتي بيهي ٿي،
جيڪڏهن هتي هڪ چور هجي ته آسانيءَ سان چوري وساري سگهي ٿو....
شاهه توڙي ورڊس ورٿ هن موضوع کي بيان ڪيو آهي ، پر ٻنهي جي بيان ۾ جيڪو فرق آهي اُهو اِهو آهي ته ورڊس ورٿ صرف موسيقي جي اثر ۽ اهميت کي بيان ڪيو آهي. جڏهن ته شاهه فن ۽ فنڪار جو ڳانڍاپو ۽ موسيقار جي اهميت ۽ موسيقيءَ جي تاثير کي پڻ واضح ڪيو آهي.
4- ڀٽائيءَ جا سامونڊين، ٻيڙياتن ۽ ملاحن جي زندگيءَ تي خاص طرح سان چار مڪمل سر چيل آهن. جن ۾ هن سمنڊ جي مسافري ۽ ان جا خطرا، ملاحن جي مڇي مارڻ ۽ وڻجارن جي واپار جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ساڳئي ريت ورڊس ورٿ وٽ به هڪ ملاح ۽ سامونڊي جو ذڪر ملي ٿو. پر ٻنهي ۾ فڪري فرق اهو آهي ته ورڊس ورٿ انهيءَ مهاڻي جي موت تي سندس ماءُ جي الميي جو ذڪر ڪيو آهي. ۽ شاهه وڻجارن جي ونين جي آهه و زاري انتظاري، بيقراري، سڪ ۽ سوز، پيار ۽ محبت جي لطيف جذبن جو احوال بيان ڪيو آهي.
ڀٽائي چوي ٿو:
لڙ، لهريون، لس، ليٽ جتي انت نه آب جو،
الله! ات م اوليين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جوکو ٿئي م جهاز کي، ڦرهي اچي م ڦيٽ،
لڳي ڪام لپيٽ، من غاريبي غوراب کي.
سريراڳ (1-11)
وڻجارن جي واپار بابت چوي ٿو:
سڙهه سنوان، لاڄو نوان، اولا سندن عاج،
ساٿي سفر هليا، ڀري جنگ جهاج،
حاصل ڪريين حاج، واحد! وڻجارن جي.
سريراڳ (1-12)
ان سان گڏوگڏ خاص طرح سان شاهه زال ذات جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي جيئن وڻجارن جو وهن جو احوال، سندن من جو مونجهارو، اندر ۾ اٿندڙ ۽ پل پل پوندڙ پور، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ الله اڳيان التجائن جي نهايت ئي دل سوز انداز ۾ عڪاسي ڪئي آهي. خاص طرح سان سر سامونڊيءَ ۾.
سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
رئان، رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن!
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.
سامونڊي (1-8)
يا وري چوي ٿو:
مون کي جياريو، پرينءَ جي ڳالهه ڪري،
ڊٺو اڄ اڏيو، هينئڙو ڪوٽ برج جيئن
سامونڊي (1-33)
ورڊس ورٿ جو نظم “The Sailor’s Mother” ۾ وري هڪ ماءُ جو ڪردار آهي، جنهن جي نوجوان پٽ جي ڪرت به سمنڊ جو سفر ۽ مڇي مارڻ آهي. اهڙي ئي هڪڙي سامونڊي سفر ۾ سندس موت ٿي وڃي ٿو.
ورڊس ورٿ هن نظم ۾ مهاڻي ماءُ جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪئي آهي. پٽ جي آخري نشاني صرف هڪ پاليل پکي وٽس رهجي وڃي ٿو، جيڪو هر سفر ۾ هو گڏ کڻندو هو. پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ هوءَ ان پکيءَ جي سار سنڀال ۾ ئي دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ڪري ٿي.
ورڊس ورٿ چوي ٿو:
And, thus continuing, she said,
I had a son, who many a day
Sailed on the seas; but he is dead
In denmark he was cast away;
And I have been as far as Hull, to see
What clothes he might have left, or other property

The bird and cage they both were his
‘t was my son’s bird; and neat and trim
He kept it: many voyages
This singing-bird hath gone with him;
When last he sailed he left the bird behind;
As it might be, perhaps, from bodings of his mind.

He to a fellow – lodger’s care
Had left it, to be watched and fed
Till eh came back again; and there
I found it when my son was dead;
And now, God help me for my little wit
I trail it with me, sir! He took so much delight in it.
(William Wordsworth, P. No: 240)
ترجمو:
هوءَ مسلسل چوندي رهي
مون کي هڪ پٽ هو، جيڪو گهڻا ڏينهن
سمنڊ جي مسافري ڪندو رهيو، پر هو مري چڪو آهي
هو ڊينمارڪ ڏانهن اماڻيو ويو هو
۽ جهاز جي ڍانچي تائين وڃي جاچيو ته متان
سندس ڪي ڪپڙا ۽ سامان ڏسي سگهان

هن جو پکي ۽ پڃرو ٻئي هئا
اهو منهنجي پٽ جو پکي هو، صاف ۽ ٺاهوڪو
هو ان کي ڪيترين ئي مسافرين ۾ کڻندو هو
هي ڳائيندڙ پکي هن سان ويندو هو
پر هن آخري سفر ۾ هو کيس ڇڏي ويو هو.
اها شايد، هن جي دماغ جي اڳڪٿي هجي

گڏ رهندڙ هڪ ساٿي جي سنڀال هيٺ
هن کيس تيستائين ڇڏيو هو
جيستائين ٻيهر واپس اچي، ۽ اتي
اهو مون کي پٽ جي موت کانپوءِ مليو
۽ هاڻي، خدا مون کي توفيق ڏي جو آءٌ اهو ڪجهه ڪريان
جنهن سان هن کي وڏي خوشي ملندي
هتي پڻ شاهه ۽ ورڊس ورٿ جي اندازِ بيان ۾ ٿورو فرق ملي ٿو. شاهه وڻجارن جي ونين جي آهه و زاري ۽ انتظاري و بيقراري جي ڪيفيتن کي موضوع بڻايو آهي. جڏهن ته ورڊس ورٿ وري هڪ ماءُ جي محبت جي روپ ۾ انهن جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ڪئي آهي.
5- شاهه ۽ ورڊس ورٿ وٽ ڪجهه اهڙا عورتاڻا ڪردار به ملن ٿا، جيڪي بغاوت جا علمبردار به آهن. پر سندن شخصيت جو اهم رومانوي پهلو اهو آهي ته هو سماجي قدرن کان بغاوت ڪندي به هڪ الڳ ۽ منفرد چونڊ رستو اختيار ڪن ٿا. جنهن ۾ هر قدم تي صرف تڪليفون ۽ پيڙائون آهن. هو انهن تڪليفن ۽ پيڙائن کان گهٻرائين نه ٿيون ۽ اها چونڊ ئي سندن زندگيءَ ۾ الميو پيدا ڪري ٿي.
شاهه وٽ اهڙن ڪردارن ۾ سسئيءَ ۽ سهڻيءَ جو ڪردار ڳڻائي سگهجي ٿو. سسئيءَ جا ڏير جڏهن پنهونءَ کي زوري کڻي وڃن ٿا. تڏهن سسئي به ڀنڀور ۾ ويهي رهڻ جي بجاءِ پنهونءَ جي پٺيان ڪيچ وڃڻ جو ارادو ڪري ٿي ۽ پاڻ کي سورن ۾ وجهي ٿي. هوءَ سورن کي ساٿي بڻائي ٿي. اتان ئي سندس زندگي جي الميي جي ابتدا ٿئي ٿي. کيس ڪيترن ئي قسمن جي مصيبتن ۽ پيڙائن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوي ٿو.

پاڙي ناهه پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري
ٻانڀڻ ٻروچن جي، گهائي وڌي گهور
هڪ سسئي ٻئا سور، وئا پٽيندا پاڻ ۾.
حسيني (10-9)
پر انهيءَ پوري صورتحال جي باوجود هو صبر توڙي مستقل مزاجيءَ سان جدوجهد جاري رکي ٿي. سندس عزم نهايت پختو آهي ۽ ڪٿي به انهن سورن کان ڇوٽڪارو نٿي چاهي.
سور ۾ وڃيجا، سڄڻ جيئن سانگ ويو،
پرينءَ پڄاڻا، آئون اوهين سين اوريان.
سر حسيني (5-6)
ٻئي طرف سهڻيءَ جي جڏهن شادي زبردستي ڏم سان ڪرائي وڃي ٿي تڏهن هوءَ به سماجي روايتن جي ڪا پاسداري نٿي رکي ۽ رات جي اونداهيءَ ۾ گهڙي تي درياهه پار ڪري پنهنجي محبوب سان ملڻ وڃي ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي ٿي.
سياري سهه رات ۾، جا گهڙي وسندي مينهن،
هلو ته پڇون سو هڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
سهڻي (3-16)
بنيادي طرح سان هي ٻئي ڪردار پنهنجي منزل جي حاصلات لاءِ ڪوششن، مسلسل جدوجهد ڪندي پيڙا ڀوڳين ٿا. اها ئي سندن زندگيءَ ۾ رومانس پيدا ڪري ٿي، جنهن سبب زندگيءَ سان سندن رومانوي رشتو جڙيل رهي ٿو.
ورڊس ورٿ وٽ درد جي ساڳي ڪيفيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ وٽس به اهڙو ئي ڪردار نظم The Thorn ۾ مارٿاري “Martha Ray” نالي عورت جو آهي ، جنهن جي ڪهاڻيءَ کي اڳ ۾ ئي تفصيل سان بحث هيٺ آندو ويو آهي. مارٿاري جي ڪردار کي سسئيءَ ۽ سهڻيءَ جي ڪردار سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
سندس زندگيءَ جو الميو محبوب جي بي وفائي ۽ پوءِ وري پنهنجي ٻار جي موت سان شروع ٿئي ٿو.
‘Tis now some two and a twenty years,
Since she (her name is Martha Ray)…
Her company to Stephen Hill!...
And they had fix’d the wedding-day;
The morning that must wed them both;
But Stephen to another maid
Had sworn another oath;
And with this other maid to church
Unthinking Stephen went…
(Lyrical Ballads, P. No: 54)
ترجمو:
اڄ کان ٻاويهه سال اڳ
هوءَ (سندس نالو مارٿا ري آهي)
هن جي سنگت هئي اسٽيفن هل سان
۽ انهن شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪري ورتو
جنهن صبح کين شادي ڪرڻي هئي
پر اسٽيفن ڪنهن ٻي عورت سان
گرجا ۾ وڃي عهد ڪيو
۽ پوءِ هن ٻي عورت سان بي مروت
اسٽيفن هليو ويو....
اتان کان ئي هوءَ سماجي روايتن کان بغاوت ڪري ٿي ۽ درد کي پنهنجو ساٿي ۽ سونهون بڻائي ٿي. جڏهن ته سندس زندگيءَ جي چونڊ پنهنجي ٻار جي قبر بڻجي وڃي ٿي. جيڪا هڪ ٽڪريءَ تي ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺيان آهي. هوءَ هر وقت ڪنهن به حالت ۾ جبل جي ان چوٽيءَ تي اڪثر ويندي نظر اچي ٿي.
At all the times of the day and night
This wretched woman thither goes,
And she is known to every star,
And every wind that blows;
And there beside the thorn she sits
When the blue-day lights in the skies,
And when the whirl winds on the hill,
Or frosty air is keen and still,
And to herself she cries
“Oh misery! Oh misery!”
Oh woes is me! Oh misery!”
(Lyrical Ballads, P. No: 53)
ترجمو:
ڏينهن رات جي هر پل هر مهل
هيءَ غمگين عورت اوڏانهن وڃي ٿي
۽ هر ستارو توڙ ي لڳندڙ هوا!
جڏهن نيري آسمان ۾ ڏينهن چمڪي ٿو
۽ ٽڪريءَ تي واچوڙو لهي ٿو
يا جڏهن ٿڌي هوا خاموش هجي ٿي
تڏهن هوءَ اندر ئي اندر سڏڪي ٿي
”اي درد، اي درد!
مان پاڻ سراپا سور ٿي وئي آهيان“
هوءَ رڙي ٿي
هر روز پنهنجي ٻار جي قبر تائين پهچڻ لاءِ مسلسل تڪليف ۽ پيڙا سندس زندگيءَ ۾ رومانس جو عنصر پيدا ڪري ٿي. جنهن ڪري زندگيءَ سان سندس رومانوي رشتو جڙيل رهي ٿو. هتي مارٿا ري جو اهو سراپا سور بڻجڻ بلڪل ائين آهي جيئن ”سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾“ وارو تصور!
جيتوڻيڪ شاهه لطيف توڙي ورڊس ورٿ جي ڪردارن جي چونڊ ۽ طئي ٿيل منزل/مقصد هڪ ٻئي کان مختلف آهن، پر ان سان لاڳاپيل درد ۽ پيڙا جو جيڪو بيان ملي ٿو اهو ٻنهي وٽ ساڳيو ئي آهي.