لطيفيات

شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

هي ڪتاب ڊاڪٽر ساجدہ پروين جي ايم.اي فائنل جي مونوگرافڪ ٿيسز آھي جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. محترمہ لکي ٿي:
آءٌ سمجهان ٿي تہ شاه جي فڪر ۽ فلسفي کي جيڪڏهن گلوبل ليول تي مڃتا ڏيارڻي آهي تہ پوءِ کيس دنيا جي ناليوارين ادبي شخصيتن سان ڀيٽڻ جي سخت ضرورت آهي. هي ڪتاب انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ثابت ٿيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان گهڻ ورجايل روايتي ۽ عام موضوعن کان هٽي جديد بين الاقوامي تناظر ۽ تحريڪن جي پس منظر ۾ پنهنجي ادب کي پيش ڪريون.
Title Cover of book شاهه لطيف ۽ وليم ورڊس ورٿ  جي شاعريءَ ۾ رومانويت (تقابلي جائزو)

شاهه لطيف جو دؤر ۽ ان جا لاڙا

شاهه لطيف جو دؤر ٿلهي ليکي 1102هه/1690ع کان 1165هه/ 1751ع تائين ليکيو وڃي ٿو، جنهن تي تقريباً شاهه جا سڀئي سوانح نگار، محقق ۽ عالم متفق آهن.
سنڌ جي تاريخ جو هي اهو دؤر هو، جنهن ۾ سنڌ جا حڪمران مقامي ماڻهو ڪلهوڙا هئا ۽ سنڌ مغل حڪومت جي ڏن ڀرو هئي. بنيادي طرح سان شاهه صاحب هن ئي دور جو هڪ عظيم صوفي ۽ وحدت الوجودي فڪر جو قائل بزرگ هو، پر ان جو مطلب هرگز اهو نه آهي ته هو تارڪ الدنيا هو بلڪ شاهه زندگيءَ جو شاعر هو، جنهن عام ماڻهن جي وچ ۾ رهي سماج جي معروضي توڙي موضوعي حالتن تي تنقيدي نگاهه وجهندي پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، مذهبي، معاشي توڙي ادبي جيڪي به حالتون رهيون انهن کان متاثر ٿيندي پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀني رخن جي عڪاسي ڪئي آهي. هن باب هيٺ اسان شاهه جي دور جي صرف ادبي ماحول کي بحث هيٺ آڻيندي سندس ذهني لاڙن جو تجزيو ڪنداسين.
شاعر جي حيثيت ۾ شاهه کي هڪ خوش قسمت انسان ليکي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي دور ۾ هڪ ٺهيل ٺڪيل ادبي توڙي ذهني ماحول مليو، جنهن سندس شخصي اوسر ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. شاهه جي دور ۾ سنڌ اندر چار مختلف ادبي ڌارائون وهي رهيون هيون، جن مان پهرين عربيءَ واري مذهبي ڌارا، ٻي فارسيءَ واري ڌارا، ٽين ننڍي کنڊ جي ادبي ڌارا ۽ چوٿين مقامي ڌارا جيڪا شاهه لطيف کان اڳ وارن سنڌي شاعرن تي مشتمل هئي. انهن چئني ادبي ڌارائن جي امتزاج سان شاهه لاءِ هڪ اهڙو ته مناسب ۽ موزون ماحول جڙيو، جنهن بابت تنوير عباسي جو چوڻ آهي ته:
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ جي اوائلي دور ۾ انهن سڀني ادبي لاڙن جو اثر قبول ڪيو ۽ پوءِ سندس شاعري اڳتي هلي، بلوغت کي پهچي انهن سڀني روايتن کي پٺتي ڇڏي پنهنجو نرالو ۽ انوکو رستو گهڙي، انهن چئني روايتن جي ميلاپ سان ڪلاسيڪي ادب ۾ پنهنجو انفرادي مقام پيدا ڪيو.“ (1)
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاهه بابت اها راءِ پنهنجي جڳهه تي تمام گهڻي وزنائتي آهي ڇاڪاڻ ته شعري ادب جي تاريخ جي اونهي اڀياس مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته هر شاعر پنهنجي دور جي پهرئين ادبي ڌارا مطابق ان وقت جي سنڌ ۾ عربيءَ جو تمام گهڻو زور هو. مدرسن ۾ قرآن شريف سان گڏ عربيءَ ۾ ڪتاب لکيا. ان اثر هيٺ شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ نه فقط قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون حوالي طور ڏنيون آهن، پر ان سان گڏ ڪيئي عربيءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون پڻ ڪتب آنديون اٿائين.
ٻي ادبي ڌارا مطابق عربيءَ سان گڏ هر طرف فارسيءَ جو زور هو. سنڌ جو هر عالم فارسي ڄاڻيندو هو. سنڌ ۾ ڪيترن ئي فارسي شاعرن جي ڪلام کي پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو هو. خود شاهه لطيف مولانا روميءَ جي مثنويءَ کي پنهنجي سفر جو ساٿي ڪري کڻندو هو. سندس گنج واري نسخي ۾ ڪيترائي فارسي شعر آهن، جن جي باري ۾ روايت آهي ته اهي شاهه لطيف آڏو سماع جي محفلن ۾ ڳايا ويندا هئا.
ٽين ادبي ڌارا اُن وقت جي ننڍي کنڊ جي شاعريءَ تي مبني هئي، جيڪا پڻ اوسر جي چوٽ تي پهچي چڪي هئي. سنسڪرت کان پوءِ اپڀرنش ۽ هنديءَ جو ادب، ويدن، اپنشدن، مها-ڀارت ۽ رامائڻ کان ٿيندو، ڪرشن ڀڳتيءَ، رام ڀڳتيءَ ۽ ناٿ پنٿي کان اڳ هلي نرگن واهه تائين اچي پهتو هو. ڪاليداس، تلسي داس، ميران ٻائي، هيم چندر، ڪبير ڀڳت ۽ دادو ديال جهڙا مشهور شاعر پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا.
شاعرن هندي ادب جي انهن سڀني تحريڪن ۽ شاعريءَ جي اثر کي پڻ قبول ڪيو. گنج جي نسخي ۾ اسان کي ڪيترائي هندي دوها ۽ ڀڄن ملن ٿا، جيڪي هندي گوين ذريعي سماع جي محفلن ۾ ڳايا ويندا هئا.
چوٿين ادبي ڌارا مقامي ماحول تي مبني هئي، جنهن جي مطابق سنڌي شاعري پنهنجي اوسر ۾ تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪي هئي. ڳاهه، گنان، ڏوهيڙا، بيت توڙي وائيءَ جون صنفون ۽ ان سان گڏوگڏ بيتن ۽ واين کي داستانن توڙي سرن ۾ ورهائڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو طريقو گهڻو اڳ عام رائج ٿي چڪو هو. سنڌ جا لوڪ داستان جهڙوڪ سسئي، مارئي، نوري، سهڻي توڙي ٻيا ڪردار جهڙوڪ جوڳي ۽ کاهوڙي پڻ سنڌي شاعريءَ جا موضوع بڻجي چڪا هئا.
شاهه لطيف جي پس منظر ۾ ڀاڳو ڀان، قاضي قادَن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميان صاحب ڏنو فاروقي، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو ۽ ميين شاهه عنايت جهڙن عظيم شاعرن جون شاعراڻيون روايتون هيون، جن جو اثر پڻ شاهه قبول ڪيو ۽ تضمين طور سندن ڪيترن ئي بيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندائين.
اهو هو شاهه جي دؤر جو سمورو ادبي ماحول جنهن ۾ سنڌ جو هيءُ عظيم ڪلاسيڪي شاعر ساهه کڻي رهيو هو، جنهن جو هتي هڪ مختصر جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
تنهن کان پوءِ جڏهن شاهه جي شخصي رجحانن ۽ لاڙن جي موضوع کي بحث هيٺ آڻينداسين ته سڀ کان پهريائين سندس سيرت جو اڀياس ڪنداسين.
شاهه جو تعلق جيتوڻيڪ سنڌ جي مراعات يافته طبقي مٽياري سيدن جي خاندان سان هو، پر ان جي باوجود پاڻ طبيعت ۾ نهايت ئي سادو، حساس، لاطمع، رحمدل ۽ ٻاجهارو، نئڙت ۽ نماڻائيءَ جي مورت ۽ پرهيزگار قسم جو شخص هو يعني پاڻ فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو. هٺ، وڏائي ۽ ڏيک سان ته پوندي ئي ڪين هئس ۽ پاڻ ڪڏهن به پنهنجي اعليٰ حيثيت جو ناجائز استعمال نه ڪيائين.
سهڻي سيرت کان پوءِ سندن شخصيت جو ٻيو اهم لاڙو مطالعي تي مبني آهي. مختلف علمن بابت شاهه جو وسيع، اونهو ۽ ڳوڙهو اڀياس سندس علم و ادب سان چاهه جي لاڙي جي واضح نشاندهي ڪري ٿو. شاهه نه صرف عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان جو هڪ ماهر عالم هو، پر ان سان گڏوگڏ قرآن حديث، فقه ۽ فلسفي، تصوف ۽ ويدانت، صرف ۽ نحو جهڙن ڳوڙهن علمن جو به وسيع مطالعو ۽ اڀياس ڪيو هئائين، جنهن جي ثابتيءَ لاءِ اهو دليل ڪافي آهي ته پاڻ هر وقت قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو ڪلام گڏ رکندو هو، جن سان کيس هڪ خاص قسم جي انسيت ۽ عقيدت پڻ هئي.
شاهه صاحب جي زندگيءَ جو ٽيون اهم لاڙو مشاهدي ۽ غور و فڪر تي مشتمل آهي، جنهن سندس زندگيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري کيس هڪ عظيم انقلابي ۽ آفاقي شاعر جي حيثيت طور متعارف ڪرايو. سندس شخصيت جي هن لاڙي ان وقت وڌيڪ شدت ۽ نئون رخ اختيار ڪيو جڏهن پاڻ بلوغت واري سَنَ کي رسيو ۽ مجازي عشق سندس دل اندر آهيرو ڪيو. اتان کان ئي شاهه جي شاعراڻي سفر جي شروعات ٿي. هن راءِ سان ڊاڪٽر گربخشاڻي پڻ متفق ٿيندي چوي ٿو ته:
”جواني جي اوائل ۾، عشق جي ڏيکاري هڪ فطرتي ڳالهه هئي، هڪ طبيعت جي تقاضا هئي، انهيءَ شيرين شمال جي سواد سندس جان ۾ هڪ عجيب بيقراري ۽ بيتابي پيدا ڪئي شڪ نه آهي ته سندس شاعراڻو شعور اول انهيءَ واقعي تي ظاهر ٿيو هجي.“ (2)
انهيءَ ڪيفيت ۾ ڪنهن نويڪلائيءَ واري جڳهه تي ويهي پهرن جا پهر ڪنهن عميق سوچ ۾ محور رهڻ سندس شخصيت جو جوهر بڻجي پيو. محبوب جي فراق، انتظاري ۽ بيقراري واري ڪيفيت ۾ انتها تي رسڻ کان پوءِ پاڻ ڀِٽ کي ڇڏي تقريباً ٽن سالن تائين پوري سنڌ جو پيرين پيادل سيرو سفر ڪيائين. شاهه سير و سفر واري زندگيءَ جو ڪجهه حصو فطرت ۽ قدرت جي ڳوڙهي اڀياس تي صرف ڪيو، جنهن بابت علامه. آءِ. آءِ. قاضي لکي ٿو:
“There is nothing too small or too mean in nature that doesn’t sympathetically attract his notice.” (3)
ترجمو:
”ڪابه شيءِ هن (شاهه) لاءِ گهٽ درجي جي ناهي، فطرت جي تمام ننڍڙين شين به هن جو ڌيان ڇڪايو آهي ۽ هن همدرديءَ سان انهن ڏي ڏٺو آهي.“
شاهه جي آفاقي شاعريءَ جي خوبي ئي اها آهي ته ان ۾ ڪوبه موضوع ممنوع نه آهي. سندس موضوع هن وسيع ڪائنات جي ننڍي توڙي وڏي، اهم توڙي غير اهم هر هڪ شيءِ رهي آهي. تنهن کان پوءِ شاهه سير و سفر واريءَ زندگيءَ جو ڪجهه حصو ساڌن، سامين، عالمن، فاضلن سان صحبتون ۽ روح رهاڻيون ڪندي ته ڪجهه حصو وري انساني زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جهڙوڪ عام ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي، ڌنڌي ڌاڙي، ڪلچر، سوچ فڪر، نفسيات ۽ عام رائج قدرن کي جانچيندي گذاريائين. ان حوالي کان پروفيسر عبدالعلي قلباڻي شاهه جي عوامي شاعريءَ بابت لکي ٿو ته:
”شاهه قدرتي نظارا، عام ماڻهن جي زندگيءَ جا ذريعا، طريقا ۽ عادتون ذري پرذي جاچيون آهن.“ (4)
ان ڪري ئي شاهه جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي مارن، جهانگين، لوهرن، ڪنڀرن، واڍن، مهاڻن، سوداگرن جو ذڪر، سندن ڪم ڪار جو طور طريقو ۽ روزاني زندگيءَ جا عڪس جابجا نظر ايندا. جن کي پڙهڻ سان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي عام ماڻهن جا احساس ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن ٿا محسوس ڪن.
غرض رومانس ڏانهن لاڙو، فطرت ۽ قدرت جو مشاهدو، عام ماڻهوءَ ۽ سندس زندگيءَ جي مسئلن ۾ دلچسپي اِهي سڀئي اهي نڪتا آهن، جيڪي شاهه کي رومانوي شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي وزنائتا آهن. ڇو ته اهي ئي نڪتا رومانوي تحريڪ جو فڪري بنياد پڻ آهن، پر هتي اها ڳالهه واضع ڪرڻ ضروري آهي ته شاهه جي شخصيت نهايت ئي آرٽسٽڪ نگاهه رکندڙ هئي، جنهن پنهنجي فطرت توڙي مزاج مطابق رومانويت ڏانهن لاڙو کاڌو. اها ڳالهه محض هڪ اتفاق آهي ته شاهه جي رومانويت ۽ عالمي ادب جي رومانوي تحريڪ جو پاڻ ۾ ڪو به رابطو نه هئڻ جي باوجود انهن جون ڪافي شيون هڪ جهڙائي رکن ٿيون ڇاڪاڻ ته اها پڻ حقيقت آهي ته مختلف خطن جو عظيم ادب هڪ ٻئي کان پري ۽ اڻ ڄاڻ هئڻ جي باوجود هڪ جهڙا خيال ۽ رجحان رکي سگهي ٿو ڇو ته ادب بنيادي طور انساني خيالن ۽ جذبن جي پيداوار هوندو آهي ۽ اهي خيال ۽ جذبا هر هنڌ هر انسان ۾ هڪجهڙائي رکي سگهن ٿا.