دنيا جو ناجائز ٻار
“مان...”
“مان...”
“۽ صرف مان...”
پوءِ پاڻ کي اهڙي قيد ۾ محسوس ڪيائين جنهن جون ڀتيون ٿلهيون ۽ مضبوط هيون. ان ۾ ڪا دري ۽ در نه هيو. ان جي ڇت مٿي ۽ پهچ کان پري هئي. هو هڪ اهڙي قيد خاني ۾ هيو جنهن ۾ اڪيلائپ ۽ اداسيءَ کانسواءِ ڪجهه نه هيو. اهڙي خول ۾ بند هيو جنهن جو کلڻ ناممڪن پئي نظر آيو. سندس دل پئي چاهيو ته ڀتيون ڀڃي ٻاهر نڪري وڃي پر اهو هن جي وس ۾ نه هيو.
ڪلهه رات هو جنهن ڪمري ۾ پهتو هيو، اهو هوادار ۽ کليل هيو، صبح سان جڏهن هن جي اک کلي ته پاڻ کي قيد ۾ محسوس ڪيائين. سندس ڪمري جون سڀ دريون غائب ٿي چڪيون هيون ۽ دروازي جو ڪو نانءُ نشان نه هيو. هن اتي ڀتين کي کڙڪائي ڏٺو ته من ڪٿي ڪا کوکلي جاءِ هجي جتان لت هڻي ان کي ڊاهي ٻاهر ڀڄي وڃي پر ڀتيون لوهه جهڙيون مضبوط هيون. هن ڀتين تي ڪن رکي ڪيترا دفعا ڪنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته من متان ڪو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ته ڪائنات ۾ هن کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو وجود به موجود آهي ۽ اهو هن جي اڪيلائين کي محسوس ڪري هن جي سڏجو ورناءُ ڏئي پر اتي اهڙي ته خاموشي هئي جيئن اهي ڀتيون بند چپن جون ٺهيل هجن ۽ انهن جي سرخي خوف جي رت جيان فرش تي هاريل هجي. هن کي اڪيلائيءَ جو شديد احساس ٿيو ۽ پنهنجا وار پٽي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
“ڇا هنن ڀتين پويان به ڪا ڪائنات موجود آهي يا سڀ اهو ڪجهه آهي جيڪو ان چوديواريءَ اندر موجود آهي؟ ڇا صرف مان آهيان يا مون کان سواءِ ٻيو ڪو ساهه کڻي رهيو آهي؟... مان آهيان... مان ۽ صرف مان؟”
[b]چار ڀتيون
[/b]هڪ ڏينهن هو بيزار ٿي اٿيو ۽ پنهنجا وار پٽي رڙيون ڪيائين.
“آهي ڪو مون کانسواءِ ٻيو؟ ڪو ڌرتيءَ تي وجود؟ ڪو آسمان جو تارو؟ ڪو چوڏهينءَ جو چنڊ يا صحرا تي ٻرندڙ سج؟”
هن جون رڙيون بند ڪمري ۾ ائين گونجڻ لڳيون جيئن لفظ هن جي وات مان نڪري گول ڦري هڪ ٻئي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. هو اڪيلائي ۾ رڙيون ڪري رُنو ۽ ڪمري جي چئن ئي ڀتين کي هٿ سان ڌڪ هيائين جيئن موت جو در کڙڪائيندو هجي.
هن جي کڙڪائڻ کان ڪجهه دير پوءِ چئن ڀتين مان چار شخص نڪري اچي هن آڏو بيهي رهيا، اولهه واري ڀت مان، اوڀر واري ڀت مان، اتر ۽ ڏکڻ واري ڀت مان، چار ڄڻا جيڪي هن جا همشڪل هيا، ائين نڪري آيا جيئن ڳورهارين ڀتين انهن کي جنم ڏنو هجي. اهي چار ڄڻا هن سامهون بيٺل هيا ۽ انهن جون اکيون بند هيون، انهن جي وجود وٺڻ سان ڪمري ۾ هر طرف ڪوهيڙو ڦهلجي ويو جنهن ڪري هن ٿڌ محسوس ڪئي پر کيس ڪا ماجرا سمجهه ۾ نه آئي. هن جي وجود جي ڏڪڻي خوف کان هئي يا ڪمري ۾ وڌندڙ ٿڌ کان، جنهن ڪري هن جو وجود مدهم موسيقيءَ جيان لرزي رهيو هيو. هو ڪمري ۾ ڦهليل ڪوهيڙي اندر هيو ۽ هن سامهون چار ٻيا وجود هيا جيڪي هوبهو هن جهڙا هيا. انهن جي هلڪي ڏاڙهي، مٿي جا وار، منهن ۽ جسم جي بيهڪ صفا هن جيان هئي، هو حيران ٿي ويو ته هن جهڙا چار ٻيا به ان بند ڪمري ۾ وجود رکن ٿا.
“توهان ڪير آهيو؟” هن سوال ڪيو.
“اسين هن ڪمري جي ڀتين جا رهواسي آهيون.” انهن گڏيل آواز ۾ چيو. “تنهنجين اڪيلائين کي محسوس ڪري ٻاهر نڪري آيا آهيون، جيئن توسان ڳالهائي پنهنجي ۽ تنهنجيءَ دل جو بار هلڪو ڪري سگهون.”
اهي چار ئي شخص ويٺا ۽ هن کي وچ ۾ ويهاريائون.
[b]اوڀر واري ڀت
[/b]ان پنهنجو تعارف ڪرايو.
“منهنجو نالو “موهه” آهي، مان اوڀر واري ڀت جو رهاڪو آهيان، شايد توهان کي خبر نه هجي ته اوڀر واري ڀت اڳيان روز صبح جو ڳاڙهو سج اڀري ٿو، سج ڏاڍو سٺو ۽ گول آهي جيئن مٿي اڀري ٿو ته ان مان چانديءَ جهڙا ڪرڻا ڇڻي هيٺ ڪرن ٿا. من چاهيندو آهي ته جيڪر سج کي پڪڙي رسي سان ٻڌي سامهون بيهاري ڇڏيان. جڏهن مون پهريون دفعو سج کي اڀرندي ڏٺو هيو ته ان جي وڻندڙ روشنيءَ ۾ مونکي پنهنجي محبوبا نظر آئي هئي. اها ايڏي ته خوبصورت ڏسجي رهي هئي جو مان ان جو عاشق ٿي پيس.
ان جي نرڙ تي ماڪ ڦڙا هيرن جيان چمڪي رهيا هيا. ان جا ڳل صبح جي ڪرڻن ۾ ڳاڙهي صوف جهڙا هيا ۽ ان جي چپن جي مرڪ ٿڌيءَ هير جيان هئي. اها ايڏي ته حسين هئي جو دل گهڙيءَ پل لاءِ نه پئي چاهيو ته ان تان نظرون هٽايان. مون اڳتي وڌي ان کان نالو پڇيو. ان ٿڌيءَ هير جهڙا چپ چوريا ۽ چيو.
“دنيا... منهنجو نالو دنيا آهي، ستن آسمانن جي پردن ۾ لڪيل قدرت جو ڪرشمو آهيان، رات جو چنڊ مون لاءِ اڀرندو آهي ۽ ستارا مونکي ڏسي چمڪندا آهن، منهنجو سڄي هٿ جي وچينءَ آڱر ۾ پاتل ناياب پٿر واري منڊي خدا کان مليل تحفو آهي، منهنجيون اکيون بلبلين، پوپٽن ۽ ڀنورن جون امانت آهن. منهنجي مرڪ خوشين جو پيغام آهي ۽ ڳوڙها ڪائنات جي شيطانن لاءِ سبق آهن. منهنجا ٽهڪ ناياب آهن. منهنجي ڳچيءَ چوڌاري وريل ٻانهون ان ٻار جون آهن جيڪو منهنجي مستقبل جا ٿڻ چوسي رهيو آهي.”
دنيا دل ۾ گهر ڪري وئي ۽ مان ان تي فدا ٿي پيس.
“اي دنيا مونکي پاڻ کان الڳ نه ڪجانءِ.” مون ان کي التجا ڪئي. “ڀل تنهنجن ٿڻن جو ٻار هجان يا تنهنجن ڳلن جو عاشق.”
دنيا ڪو جواب نه ڏنو، مان وارن ۾ ڌوڙ وجهي ان جي چپن جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهيس. ان جي اکين جي رُڃ ۾ رُلندو رهيس. ان جي وارن جي ڇانوَ ڳولهيندي ٿڪجي پيس، مان اڃايل هيس ان جا ٿڻ پيئڻ جي حسرت ۾ صفا ٻار ٿي پيس. منهنجا پير پٿون ٿي پيا. هٿ ڇلجي نانگ جي کل جهڙا ٿي ويا ۽ اکيون ڏرا ڏئي چمڙن جي پناهگاهه ۾ تبديل ٿي ويون. منهنجا چپ ان جي چپن کي چمڻ جي حسرت ۾ ڀٽڪندا رهيا. مان دنيا کي حاصل نه ڪري سگهيس. دنيا مون مان ڪڏهن متاثر نه ٿي. ان مونکي ٿڏيو ٺڪرايو ۽ مان مايوس ٿي اوڀر واري ڀت ۾ تبديل ٿي ويس.”
ان ٻڌايو، اکيون بند ڪيون ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري ويهي رهيو. ڪمري ۾ چپ ڇائنجي وئي، هر طرف اڃان به هلڪو ڪوهيڙو ڦهليل هيو. ٿڌ جو احساس اهڙو ئي هيو جهڙو پهريون. هن ڏٺو چارئي چپ هيا ۽ ائين لڳي رهيا هيا جيئن چئن طرفن کان آرسيون رکيل هجن ۽ انهن ۾ هن جو عڪس ڏسبو هجي.
[b]اولهه واري ڀت
[/b]ان پنهنجو تعارف ڪرايو.
“مان خواهشون آهيان، اولهه واري ڀت منهنجو گهر آهي، جڏهن شام ٿيندي آهي ته منهنجو پاڇو ننڍو ٿي مئل ضمير جيان گم ٿي ويندو آهي. منهنجو وجود روشنيءَ ۾ وهنجي لهندڙ سج اڳيان ڪارنهن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. سج کي اکين اڳيان غروب ٿيندو ڏسي اوندهه جهڙي مايوسي ورائي ويندي آهي. منهنجي دل نه چاهيندي آهي ته سج غروب ٿئي پر اهو ائين سدا بهار دنيا مٿان ٻرندو رهي جيئن دنيا جو خوبصورت چهرو منور هجي ۽ ڪڏهن به نظرن کان اوجهل نه ٿئي. مون ڪيترا دفعا سج کي اولهه وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کي غروب ٿيڻ کان منع ڪئي پر ناڪام ٿيس. مون چاهيو ته ڊگهو زنجير سج ڏي اڇلي ان کي ڦاسائي وجهان پر ان زنجير ۾ منهنجو وجود ڦاسي پيو ۽ ڪڏهن ڇڏائجي نه سگهيس. اوندهه منهنجو مقدر هيو ۽ سدائين اوندهه ۾ رهيس. مون چاهيو ته چمڪندڙ روشنيءَ ۾ سدائين محبوبا جو خوبصورت چهرو ڏسندو رهان. ان جو منهن سدائين اکين سامهون رهي. پر اهي سڀ حسرتن ۾ بدلجي ويا. دنيا جيڪا منهنجي محبوبا هئي. دنيا جنهن کي مون دل ۽ جان سان چاهيو. مون چاهيو ته اها مون کان ڪڏهن الڳ نه ٿي. مون چاهيو ته روشنين ۾ ان جي سينڌ اندر وڃائجي ويل رستا ڳولهيان. مون چاهيو ته ان جي ڳٽن تي پنهنجين چمين جا نشان تلاش ڪيان. مون چاهيو ته ان جي مرمري جسم تي پنهنجي هٿن جون لڪيرون ڏسان. مون چاهيو ته ان جي اکين ۾ پنهنجو عڪس پسان. مون چاهيو ته ان جو هٿ هٿن ۾ وٺي وڃايل کنڊرن جي پٿرن تي چٽيل مورتين جا نقش ڳولهيان. مون چاهيو ته ان جي چپڙن جي صراحيءَ جو جام پيان. دنيا ڏاڍي وڻندڙ آهي. مون ان کان ڪڏهن الڳ ٿيڻ نه چاهيو. من چاهيو ته جيڪر سج کي روڪي وجهان ان کي ڪڏهن الوپ ٿيڻ نه ڏيان. پر منهنجيون سڀ خواهشون اڌوريون رهجي ويون، اهي ڪڏهن پوريون نه ٿيون، مان دنيا وٽ ويس ۽ ان مونکي اهڙي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو جو ڪڏهن پاڻ ڇڏائي نه سگهيس. ان منهنجي پيار جو جواب نفرت سان ڏنو. مان اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيس جو نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. مان مايوس ٿي ويس ۽ هڪ ڏينهن اولهه واري ڀت ۾ تبديل ٿي ويس.”
[b]اتر واري ڀت
[/b]ان پنهنجو تعارف ڪرايو.
“مان لالچ جو روپ آهيان ۽ اتر واريءَ ڀت ۾ رهندو آهيان، ڪو وقت هيو مان واءُ کان ڪمبل پائي ڪنڊ ۾ لڪي ڪن ڍڪي ڪنهن سهڙ جيان ويٺل هوندو هوس. هڪ ڏينهن راهه لنگهيندي ڪنهن بگهڙ جي نظر پئي. مان دنيا جو پراڻو عاشق هوس. مونکي جيئرو رهڻو هيو، مونکي دنيا جي سخت ضرورت هئي، موت کي سامهون ڏسي ڏاڍو ڀڳس ۽ هيڏانهن هوڏانهن لڪيس، جيئن ته ڪمبل ۾ ويڙهيل هيس انڪري بگهڙ مون کي ٻيو ڪجهه سمجهيو. هن سمجهيو مان ڪو لومڙ آهيان جيڪو ڀت جي پاڇي ۾ کڏ ڀرسان مراقبي ۾ ويٺل آهيان. بگهڙ مون وٽ آيو ۽ سياڻو سمجهي مون کان ڪي صلاحون ورتائين. بگهڙ کي پاڻ کان صلاحون وٺندو ڏسي شينهن ٿي پيس ۽ رشوت وٺي ان کي غلط صلاحون ڏئي سندس زال کي ڳجهن کان مارائي وڌم. مان ئي اهو شخص آهيان جنهن بڙ مان ٽيپو ٽيپو ٿي هيٺ ڇانوَ ۾ سمهيل يتيم ٻار جي وات ۾ ڪرندڙ ماکيءَ ۾ زهر ملايو. مان ئي آهيان جنهن دنيا جو سودو ڪيو. هڪ مڪار جيان ان کي محبت جو قائل ڪيو ۽ ڳلي ۾ ٻانهون وجهي لڙڪندڙ هار لاهي وڌو. ان جي پيشانيءَ کي چميو ۽ سينڌ کي اجاڙيو. مون دنيا کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. مون پنهنجي محبوبا جي واعدي خلافي ڪئي. ان جي اعتماد کي دوکو ڏئي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هر وقت ڪجهه حاصل ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ ڏاڍو ٿڪجي پيس. کسجي وڄڻ جي خوف ۾ راتيون جاڳي گذارڻ لڳس. مان اهڙي سمنڊ جي سطح تي اچي ويس جتي ڪو ڪنارو نه هيو. مان اهڙي اڃايل اٺڻيءَ تي ويٺل هيس جنهن جي ڪا منزل نه هئي. مان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هيس جيئن ڦتڪيس پئي ويس پئي هيٺ لهندو ۽ غرق ٿيندو. مون دنيا کي رنجايو ۽ ويساهه گهاتي ڪئي. کائڻ باوجود منهنجو پيٽ خالي هوندو هيو. مان ڄار ۾ وچڙي پيس. دنيا مون کان نفرت ڪئي ۽ ٿُڏي ٻاهر ڦٽو ڪيو. هن کي منهنجي بيوفائي ۽ حرس تي رنج پهتو. مان ڪڏهن ڌٻڻ مان نه نڪري سگهيس ۽ اتر واريءَ ڀت ۾ تبديل ٿيس ويس.”
[b]ڏکڻ واري ڀت
[/b]ان پنهنجو تعارف ڪرايو.
“مان ڪاوڙ مان جنم ورتو آهي ۽ ڏکڻ واري ڀت ۾ رهندو آهيان، مان به ان دنيا جو عاشق آهيان جنهن جا ٽي دعويدار پهريان موجود آهن. منهنجو وجود جيڪو سڙيل ۽ ڪارو ٿي چڪو آهي ڪڏهن سهڻو ۽ صاف هيو. اهو نفرت جي باهه ۾ سڙڻ ڪري ايڏو ته بدصورت ٿي چڪو آهي جو ڏسي شيطان به پاسو ڪري لنگهيندو آهي، مان ئي آهيان جنهن دنيا جي جوانيءَ کي برباد ڪيو جنهن ان تي تشدد ڪيو ۽ خوبصورتيءَ کي بگاڙي تباهه ڪيو.” ه
هن ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته هو ئي آهي جنهن دنيا کي ڊيڄاري ڌمڪائي ان جي عصمت کي لٽي داغدار ڪيو. هن دنيا جي پيار جو جواب نفرت سان ڏٺو. ان جي خلوص ۽ وفاداريءَ هن جي فطرت کي متاثر نه ڪيو. هن بدنيتيءَ جو مظاهرو ڪندي ان جي پاڪيزگيءَ کي پائمال ڪيو.
هو ڳالهائيندي ڪاوڙ ۾ ايڏو ته ڀرجي ويو جو هن جون اکيون نفرت جي پاڻيءَ سان ڀرجي آيون. ان جو وس نه پئي هليو نه ته ويٺلن تي حملو ڪري انهن کي زخمي ڪري وجهي ها. مايوسيءَ مان اوٻاسي ڏنائين. ان جو وات ڪتي جهڙو ٿي ويو ۽ پاسن کان ڏند نڪري آيا.
“مان شيطان جو ديوتا آهيان” ان ڳالهائيندي چيو “ڪو وقت هيو مون وٽ تلوار هئي ۽ ڪاري رنگ جو گهوڙو هيو. جڏهن گهوڙو ڊڪندو هيو ته ان جي پاسي کان ٻڌل بوتل ۾ شراب جي ڇلڪڻ جو آواز ان ماءُ جي دڙڪندڙ دل جهڙو هوندو هيو جيڪا خوف کان هنج ۾ جهليل ٻار کي سيني سان لاهي ڇڏيندي هجي. مان ئي آهيان جنهن جي رڙ کانپوءِ ايڏي خاموشي ڇائنجي ويندي آهي جو دانشور جي مٿي جو ڇڻيل وار هيٺ ڪري آواز پيدا ڪندو آهي. مان ئي آهيان جنهن دنيا تي بندوق سان حملو ڪيو. جنهن ڌماڪن سان ان جي وجود کي زخمي ڪيو. مون اهو نه سوچيو ته جنهن سان پيار هوندو آهي ان تي حڪمراني نه ڪبي آهي. مون حڪمرانيءَ جا خواب ڏٺا. مون محبوبا کي زير ڪرڻ لاءِ قائدا ٺاهيا. قانون مڙيا ۽ نظريا جوڙيا. لفظن جي جادوگر جيان معجزا ڏيکاري ان کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. مان وقت جو جنرل آهيان. وردي پوش حيوان آهيان. مذهبن جو ٻج ڇٽيندڙ خوني آهيان. مان محبوبا جو قاتل آهيان. مان آهيان جنهن عصمت جي قلعي ٻاهر ويٺل دربان جي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي. جنهن غيرت جي رکوالي کي گريبان کان جهلي ان جي منهن ۾ ٿڪ اڇلائي. مان اهڙي باهه آهيان جنهن ۾ پاڻ جلندو رهيس. نفرت جي تيز وهڪري ۾ ٻڏندو رهيس. مان آدم جو نافرمان پٽ جنهن ڀاءُ جو خون ڪيو ۽ ڪانءَ کان سبق سکيو. مان نفرت ۽ دوکي سان ڪڏهن دنيا کي پنهنجو نه ڪري سگهيس ۽ مايوس ٿي هڪ ڏينهن ڏکڻ واري ڀت ۾ تبديل ٿي ويس.
هو چارئي چپ ٿي ويا ۽ بند ڪمري ۾ هر طرف سانت ڇائنجي وئي.
[b]تون[/b]
هن پاڻ تي سوچيو، هو ڪير آهي جيڪو بند ڪمري ۾ پنهنجن چئن همشڪل هستين وچ ۾ ويٺل آهي. هن محسوس ڪيو هو ان دنيا جو پٽ آهي جنهن جي عاشقيءَ جا چار دعويدار هن سامهون ويٺل آهن. جن دنيا سان دوکو ڪيو. ان کي ڌمڪائي ورغلائي عصمت تي حملو ڪيو. ان جي سونهن ۽ سوڀيا کي برباد ڪيو.
پوءِ سوچيو هو ئي ته انهن چئن فردن جو اولاد آهي، هو ئي ته انهن چئن وحشين جو تخم آهي جنهن دنيا مان جنم ورتو آهي. هو دنيا جو ناجائز ٻار آهي جنهن ۾ گناهن جون سڀ خصلتون موجود آهن. هو “اَنا” آهي. پنهنجي خول ۾ بند، چوديواريءَ ۾ قيد، هن پاڻ کي سڄاڻي ورتو ۽ ڪجهه دير ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش ويٺو رهيو. هر طرف سانت ڇانيل هئي. ڪجهه دير کانپوءِ هن ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ اکيون کوليندي چيو.
“تون...”
“تون...”
“۽ صرف تون...”
بند ڪمري جون ڀتيون ڪري پيون ۽ هو آزاد ٿي ويو.