اوڪارا
هن نظر کڻي سمنڊ ڏي نهاريو ته هن کي لڳو پورو شهر ان ۾ غرق ٿي چڪو آهي ۽ ٻڏيل شهر جون روشنيون پاڻيءَ جي سطح تي تري رهيون آهن. هن مٿي ڏٺو، اڌ چنڊ سمنڊ ۾ پنهنجو ڀڳل چهرو حيرت ۾ ڏسي رهيو هيو ۽ ستارا ڄڻ سيءَ ۾ اڃان به سُسندا ٿي ويا. هن پنهنجي ٿلهي قميص جا ڪالر مٿي ڪري ڪنن تي رکيا ۽ اتي ئي ڪناري ڀرسان پيل پٿر تي ويهي رهيو. عبدالوهاب جيڪو ان شهر کان ٽي سوَ ميل پري هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو رهاڪو هيو تنهن کي وڏين تڪليفن کانپوءِ اها ننڍڙي نوڪري ملي هئي. پگهار ته گهڻي نه هيس پر مٿئون جي ڪمائيءَ مان ايترو سو هيو جو گذر آسانيءَ سان پئي ٿيس. ڪجهه پئسا بچائي ڳوٺ مائٽن ڏي به موڪلي ڏيندو هيو ۽ باقي گذر سفر ڪرڻ واسطي هن لاءِ ڪافي هيا. هن جي خواهش هئي ته جيترو جلد ٿي سگهي سندس شادي ٿي وڃي ته هن جو آخري مسئلو به حل ٿي وڃي. اڪيلائين هن کي پريشان ڪري ڇڏيو هيو ۽ هر هر ايندڙ ويندڙ جوڙي کي ڏسي پيو آهون ڀريندو هيو.
سمنڊ ڪناري اٺن منزلن واري عمارت ۾ هو هڪ بيچلر روم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ته ٿي ويو هيو پر سندس زندگيءَ جو ڄڻ مقصد پورو نه ٿيو هيو. شاديءَ کانسواءِ هن پاڻ کي نامڪمل ٿي ڀانيو.
سندس وڏي ڀاڻس جو ٻه چار ڏينهن اڳ ڳوٺ کان خط آيو هيو، جنهن ۾ لکيو هيائينس ته تنهنجي چاچي وارن زبيدا جي سنڱ لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو زور ڀريو آهي. پنهنجيءَ رضامنديءَ کان جلد آگاهه ڪر.
خط پڙهي هن کي بي حد خوشي محسوس ٿي هئي، هن جي سئوٽ زبيدا جنهن جو چهرو سندس دل جي شڪل جهڙو هيو، گلابي ڀوري رنگ واري زبيدا، جنهن جي باري ۾ هو جيئن سوچيندو ويو ته ڄڻ ان سان هن جو پيار وڌندو ويو، هن محسوس ڪيو هوءَ سمنڊ ڪناري هن جي ڀرواري پٿر تي ويٺل آهي، سياري جي ٿڌي هوا ۾ ان جا وار اڏري سندس اکين سان ٽڪرائجي رهيا آهن. پر جڏهن هٿ کڻي هن اکين کي مهٽيو ته اتي واريءَ سواءِ ڪجهه به نه هيو. پوندڙ واريءَ ڪري هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي چڪيون هيون. هو ٽهڪ ڏئي کليو، پري سمنڊ مٿان اڌ ڀڳل چنڊ هن تي مرڪي رهيو هيو ۽ ستارا ترورن ۾ تبديل ٿي ويا.
هن کي ڄاڻ هئي ته سندس مقدر ۾ اها سئوٽ ئي لکيل آهي جيڪا هن جي ننڍي ڀيڻ جي ڏي وٺ کانپوءِ سندس حصي ۾ ايندي، زبيدا ڪا گهٽ خوبصورت ڇوڪري نه هئي پر پوءِ به سندس دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها لڪيل حسرت هئي ته جيڪر هو شهر جي ڪنهن ڇوڪريءَ کي دل ڏئي پنهنجو ڪري وجهي، شهر جون سانوريون فيشن ڪندڙ ڇوڪريون هن کي بي حد وڻنديون هيون.
وڏي شهر ۾ رهندي هن جي ڳوٺاڻي چال ڍال ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هيو، صبح جو سوير سيڪريٽريٽ جي ملازمن سان سٿيل بس مان نڪري هو اهي ئي سٿڻ جا پاچا پيو ڇنڊيندو هيو.
سيڪريٽريٽ جي وڏي گيٽ مان لنگهي جڏهن هو ڇهين فلور تي پهچي اسسٽنٽ آفيس سپرنٽنڊنٽ مس پروين جي ميز اڳيان لنگهيندو هيو ته سندس چال ئي بدلجي ويندي هئي. پريان هڪ ننڍي ٽيبل پويان پيل ڪرسيءَ تي ويهي هو فائيلن ۾ منهن وجهي پيو ٽيڊيءَ اک سان مس پروين کي ڏسندو هيو، ڪاري کهري چمڙيءَ واري پروين جنهن هن ڏي ڪڏهن ڌيان نه ڏنو.
هڪ دفعي هن همت ڪري پروين جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سندس پورٽريٽ ٺاهيو هيو، هن ڊرائنگ چار سال پهريون سکر ۾ ترسڻ دوران سينيما جا پوسٽر ٺاهيندڙ ماسٽر بوبيءَ کان سکي هئي، جيڪو سندس ڪوارٽر ڀرسان رهندو هيو.
“ميڊم هيءَ تصوير توهان لاءِ.” هو ٿيڙ کائيندو تصوير هٿن ۾ کڻي پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو هيو ۽ تصوير کي پروين اڳيان ڪندي چيو هيو. پروين پهريان ته هن جي ان حرڪت تي ڇرڪي هئي، پر پوءِ تصوير ڏسي خوش ٿي هئي.
“اڙي تون ته پينٽر به آهين... واهه ڀئي واهه” هن تصوير وٺندي چيو هيو.
تصوير ڪا شاهڪار ته نه هئي بس هن کي ان ڪري وڻي ڇو ته ان ۾ سڀ رنگ گهرا استعمال ٿيل هيا، سواءِ ڪاري جي، هن تصوير وٺي ڪرسيءَ پويان ڀت سان ٽيڪ ڏياري رکي ڇڏي هئي ۽ هو هٿن تان ڇڻيل رنگ صاف ڪندو اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو هيو ۽ پوءِ پروين پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي وئي هئي. هن سيڪريٽريٽ جي ڇهين منزل تان ڪنڌ ورائي هيٺ ڪٽيانا ميمڻن جي گهرن ڏانهن نهاريو هيو. هڪ گهر ٻاهران ٻڪريون لوسڻ کائي رهيون هيون ۽ هن پاڻ کي دنيا جو بدنصيب انسان محسوس ڪيو هيو.
جيئن رات گهري ٿيندي وئي سمنڊ ڪناري ڏي اٿلندو ويو، بليو باٽل فش ڪناري تي چڙهيل وير جي ڇڊي پاڻيءَ مٿان چانڊوڪيءَ ۾ صاف نظر اچي رهي هئي. ڪناري پيل پٿرن سان پاڻي ٽڪرايو ته ٿڌيون بوندون هن جي اکين سان ٽڪرايون، پري ڪنگن جي قطار انگريزي اکر ويءَ جيان چنڊ وٽان لنگهي ته هن کي شڪست جو احساس ٿيو، ڪناري بيٺل ماڻهو تيزيءَ سان ٿڙي پکڙي رهيا هيا ۽ هن کي سرد هوا ۾ عورتن جي جسم جي خوشبوءِ محسوس ٿي رهي هئي.
هن شهر جي لکين عورتن ۾ ڪا ته هجي جيڪا هن ڪناري پيل پٿر تي هن جي ڀر ۾ ويهي دل جون ڳالهيون ڪري، هن جي دل ۾ ٻرندڙ جبل تي برف باري ٿي وسي.
“آهه چنڊ ڪيڏو نه اڪيلو آ.” هن کان آهه نڪري وئي.
۽ پوءِ هن پاڻ کي برنس روڊ جي اندرين پاس بانٽوا گرلز اسڪول ٻاهران ٺهيل هوٽل تي ويٺل ڏٺو.
هو ٻن پهرن جو سيڪريٽريٽ مان نڪري ان هوٽل تي مانجهاندو ڪندو هيو. هن کي خوبصورت بانٽوا ڇوڪريون ڏاڍيون وڻنديون هيون، سندن ڀريل جسم جن کي هو پليٽ ۾ سبزيءَ جي جاءِ تي مانيءَ سان کائيندو هيو.
هن کي ياد آيو سال پهريون هن کي گوشت تمام گهڻو پسند هيو، پارسي جماعت خاني سامهون ايراني هوٽل تي هن کي رس ۾ ڀڳل ٻوٽين وارو گوشت بي حد وڻندو هيو، هڪ ڏينهن هو جيئن ئي ماني کائي رهيو هيو ته هوٽل ٻاهران هڪ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو، هوٽل جي روشندانن جا شيشا چڪناچور ٿي هيٺ ڇڻيا ته گوشت جو ٽڪر اڏامي اچي ٻوڙ سان ڀريل پيالي ۾ ڪريو ۽ رس جون ڦينگان اچي هن جي منهن ۾ پيون ۽ ان ڏينهن کانپوءِ هن گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو. ان واقعي ڪجهه وقت سندس جنسي حس کي پڻ متاثر ڪيو، کيس گهڻي وقت تائين صدر جي پراڻن فليٽن ۾ رهندڙ ۽ اتي فٽ پاٿ تي مني اسڪرٽ پائي گهمندڙ عيسائي عورتن جا سانورا سٿر ڏسڻ سان به هن جا جنسي جذبا نه اڀرنداهيا.
سندس سوچون سمنڊ جي لهرن جيان اڀريون ٿي ۽ هن جي پيرن سان ٽڪرائي موٽيون ٿي، سمنڊ جو ڪنارو بوتل جيان خالي ٿي ويو ۽ هن جو وجود آخري بوند جيئن ان جي ڪناري تي لڙڪي رهيو هيو.
جڏهن گهڻي دير گذري ۽ سمنڊ جو ڪنارو شرابيءَ جي اکين جيئن بي رونق ٿي ويو ته هن کي ننڊ جا گيرٺ اچڻ لڳا، هن اوٻاسي ڏني ۽ پوءِ ڪَرَ ڀنڃي هو پٿر تان اٿيو. هو هلڪا قدم کڻي ڪناري تي ٺهيل پٿرن جي ڀت تي هلڻ لڳو. هو ڪجهه اڳتي وڌيو ته هن کي پريان چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڀت جي اورين پاسي پٿرن جي ٺهيل ٻني جي اوٽ وٽ ٻه اڌ اگهاڙا جسم نظر آيا. هن جي اڳتي وڌندڙ قدمن کي ڄڻ ڪنهن پوري طاقت سان روڪي وڌو، هو آهستي ڀت تان ٻئي طرف هيٺ لٿو ۽ اوٽ ڏئي بيهي رهيو. هو ڪجهه دير اتي بيهي ڪجهه سوچيندو رهيو ۽ پوءِ ڀت جي اوٽ ۾ آهستي آهستي اوڏانهن وڌيو، سندس ضمير ملامت ڪري رهيو هيو ته هن جو اهو عمل صحيح نه آهي. هن کي اوڏانهن وڃي ڪنهن جي ذاتي عمل ۾ رخنو نه وجهڻ گهرجي، پر پوءِ به سندس دل چاهيو ته هو اتي وڃي انهن کي ڏسي ۽ پنهنجي ويران دل کي ڪجهه آٿت ڏئي.
هو اتي پهچي پٿرن واري ٿلهي ڀت جي اوٽ ڏئي هيٺ ويهي رهيو، سيءُ هن جي جسم مان غائب ٿي ويو. هن پنهنجي هٿن سان منهن کي محسوس ڪيو، اهو گرم ٿي چڪو هيو.
هن اوندهه ۾ ڀت اندر اهڙو سوراخ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن مان هو ڀت جي پار ٻئي پاسي ڏانهن ڏسي سگهي، پر ٿلهي ڀت ۾ اهڙو ڪو به سوراخ نه هيو. هو اتي ئي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو.
هن ڪنڌ مٿي ڪري نهاريو چنڊ به ڄڻ تجسس مان هيٺ ڏسڻ لاءِ تيزيءَ سان وچ آسمان تي اچي چڪو هيو ۽ هلڪي چانڊوڪيءَ ۾ ٻن اڌ اگهاڙن جسمن جي خوشبوءِ اڏامي رهي هئي.
هن ڀت جي ٻئي پاسي ڪنايو، هن کي ٻن پياسن چپن جي ڀڻ ڀڻ صاف ٻڌجي رهي هئي. هن سوچيو هو همت ڪري اٿي ڀت جي ٻئي پاسي ڏانهن نهاري پر هن کي خوف محسوس ٿيو، متان انهن جي نظر هن تي پئجي وڃي ۽ هن کي اجايو خوار ٿيڻو پوي.
“پر آخر انهن کي اتي عرياني ۽ فحاشي ڦهلائڻ جو ڪهڙو ضرور هيو؟” هن سوچيو. “ٿي سگهي ٿو اهي زال مڙس هجن.”
هن وري سوچيو “جيڪڏهن اهي زال مڙس آهن ته آخر ائين کليل آسمان هيٺان سمهڻ جو ڪهڙو ضرور هيو؟”
ڪئي سوال هن جي ذهن ۾ اڀريا، هن وٽ انهن جا جواب نه هيا، هن سوچيو شايد هيءُ شهر جي فيشن ايبل سوسائٽيءَ جو ڪو ڇڙواڳ جوڙو آهي جيڪو ٿوري تسڪين لاءِ ٻيو ڪو مناسب هنڌ نه ملڻ ڪري ڪمهلو هت اچي ستو آهي!
پوءِ هڪ دفعو وري هن ڪنائڻ شروع ڪيو.
مرد جا تيز ٿڌا ساهه کڻڻ جا آواز هن کي ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هيا، گهڙي گذري ته عورت کان چنگهه نڪري وئي.
هن محسوس ڪيو عورت جو آواز تير جيان هن جي وجود ۾ پيهجي ويو. درد سرور جيان دل مان ڦٽيو ۽ پوري جسم ۾ ڦهلجي ويو. هن کي لڳو ڪنهن شڪاريءَ ڪنڊي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ اڇلائي هجي ۽ ڪنڊي ڪرڻ واري هنڌ کان لهرون پيدا ٿي گول دائري ۾ ڦهلجي ويون هجن.
سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي، ٿڌ هوندي به هن پيشانيءَ تي هٿ ڦيريو ته اها پگهر کان آلي ٿي چڪي هئي. هو تصور ۾ ٻه اڌ اگهاڙا جسم ڏسڻ لڳو، ٻه اڌ اگهاڙا جسم جن ۾ جوانيءَ جي باهه ٻري رهي هئي ۽ انهن مٿان چنڊ باهه مان نڪرندڙ ڄر تي لڏي رهيو هيو، ستارا دونهي جي بادلن ۾ گم ٿي چڪا هيا. هن تصور ۾ ڏٺو ٻه پاڇا هڪٻئي کي چهٽيا پيا هيا. چار ٻانهون ٻن جسمن کي ويڙهيل هيون ۽ اهي برهه جي باهه ۾ اکين کان اوجهل هيا.
هو جيئن سوچيندو ويو هن جو جسم ٻرندو ويو.
سمنڊ ڪناري ٺهيل ڊگهين عمارتن ۾ فليٽن جون بتيون وسامي ويل باهه جي چڻنگن جيان دکيل هيون. پريان ڪڏهن ڪنهن گاڏيءَ جو زوڪٽ ائين ٿي لڳو ڄڻ وحشت جي ڏائڻ ڊيڄارڻ لاءِ آخري وس ڪندي هجي.
پر هو مدهوش ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺو رهيو. هن اهڙي ڪا به حرڪت نه ڪئي جنهن مان ڀت جي ٻئي پاسي موجود جوڙي کي اها کڙڪ پئجي وڃي ته اتي ڪو ئي موجود آهي.
هن وري ڪنايو ته هن کي مرد جي آهه ٻڌڻ ۾ آئي. عورت جون چوڙيون کڙڪيون ته هن جي دماغ ۾ ڄڻ وڄ چمڪي پئي. روشني دماغ مان سفر ڪري اکين مان نڪتس ته ڄڻ کن پل لاءِ هو نابين بنجي ويو پر پوءِ پريان فليٽن جون ٻرندڙ ڪجهه روشنيون چڻنگون بنجي اکين ۾ لهي ويس. هن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن تصور ۾ پاڻ کي پروين سان گڏ ڏنو. هوءَ سندس ڀرسان آئي ۽ ان پاڻ کي هن حوالي ڪري ڇڏيو.
پوءِ ڪنگن جا ڪيترا ٽولا قطار ڪري چنڊ اڳيان لنگهي ويا پر هن نه ڏٺا، هن لاءِ پنهنجي محبوب جو تصور ڪافي هيو. هن جو سانورو محبوب جيڪو رات جي وچين پهر ۾ سانجهيءَ جيئن هن جي جهول ۾ ليٽيو پيو هيو. هن پنهنجيون آڱريون جڏهن ان جي وارن ۾ وڌيون ته اوندهه سمنڊ جو روپ وٺي لهرون ٿي وئي. هن ان کي چميو ۽ ڇاتيءَ سان لاتو ته ڄڻ پياسي ڌرتيءَ تي سانوڻ جو پهريون مينهن وسي پيو ۽ هن مٽيءَ جي خوشبوءِ محسوس ڪئي.
رات جيئن اڳتي وڌندي وئي هوا تيئن سرد ٿيندي وئي پر هن جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون چانڊوڪيءَ ۾ ڄميل برف جيان رجندي نظر آيون. سمنڊ اندر سانوڻ واري گاج نه هئي. سياري جو سمنڊ سدائين سست هوندو آهي. سمهيل ۽ وقت جي تبديلي يا طوفان جا خواب ڏسندڙ. اتي سانت، هيسيل ۽ ڊنل پکيءَ وانگر کنڀن ۾ منهن لڪائي ڪنهن رڙ جو انتظار ڪري رهي هئي. اتي ڪجهه به نه هيو سواءِ هن جي ۽ ڀت جي ٻئي پاسي موجود ان اڌ اگهاڙي جوڙي جي جيڪو هن جي موجودگيءَ کان لاعلم زندگيءَ جو مزو ماڻي رهيو هيو. هن جون نظرون وري ستارن ڏانهن کڄي ويون. هن محسوس ڪيو ستارا چمڪندڙ ڏندن جيئن هن تي کلي رهيا هيا. هن ٿورو شرم محسوس ڪيو پر پوءِ وري هن جو ڌيان عورت جي چوڙين جي آواز ڏانهن ڇڪجي ويو. مرد جي ساهه کڻڻ جو آواز تمام تيز ٿي چڪو هيو ۽ عورت هلڪيون آهون پئي ڀريون. هن تڪڙ ۾ ڀت اندر وري ڪو سوراخ ڳولهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. سندس دل چاهيو ته هو اٿي ڪنڌ مٿي ڪري اهو لقاءُ اکين سان ڏسي، پر سندس چانڊوڪي مٿان اچي چڪي هئي. هن سوچيو جيڪڏهن هن ائين ڪيو ته هو روشنيءَ ۾ ظاهر ٿي پوندو. هن جو تجسس وقت سان وڌندو ويو.
عورت ۽ مرد جي آوازن مان محسوس ڪيو ته اهو عمل پنهنجي انتها کي پهچي ڪجهه گهڙين ۾ ختم ٿيڻ وارو آهي. هن ٻڌو ۽ محسوس ڪيو ته مرد جي چچريل آوازن ۾ ڏڪڻي سمايل هئي ۽ ڄڻ عورت هن جي سيني هيٺان دٻيل آهون ڀري رهي هئي.
هن جون اکيون سرور مان بند ٿي ويون ۽ سانوري پروين ماڪ جيئن هن مٿان وسي پئي، هو هيٺ ڌرتيءَ تي ڍلو ٿي ويهي رهيو. ڀت پويان تيز ساهن جا آواز ڄڻ هن جي سيني مان نڪري رهيا هيا. هن پروين کي تصور ۾ چميو ته سندس چپ ٽانڊن ۾ تبديل ٿي ويا. هن کي محسوس ٿيو نيٺ هن پروين کي حاصل ڪري ورتو. پروين جيڪا هاڻي هن کان ڪڏهن جدا نه ٿيندي. اها هميشه هن جي رهندي، سندس ٻانهون ان جي چيلهه چوڌاري ويڙهبيون ويون.
سياري جو سمنڊ سست هيو ۽ هوا جاڳي رهي هئي هن جي اکين جيان، هن جون اکيون مٿي چنڊ ۾ اٽڪيل هيون. اڪيلو چنڊ جيڪو ستارن ۾ ڪجهه ڳولهي رهيو هيو ۽ ستارا جيڪي پگهر جي بوندن جيئن هن جي پيشانيءَ تي چمڪي رهيا هيا.
گهڙي گذري ته هو گوڏن ڀر اٿي ويٺو، هن محسوس ڪيو ڀت جي ٻئي پاسي به مڪمل سانت ڇانئيل آهي. ان کان اڳ جو انهن جي نظرن ۾ اچي وڃي. هو تيزيءَ سان ڀت جي اوٽ ۾ پير پير ۾ ڏئي وٺي ڀڳو. جڏهن هو ڪافي پري نڪري آيو ته پٿرن تان لهي سمنڊ جي آلي واريءَ تي تيز وکون کڻندو ٿوري پنڌ واري وچين رستي سان پنهنجي ڪمري واري بلڊنگ کي اچي ويجهو ٿيو.
ڪمري ۾ پهچي هن ڪپڙا بدلايا ۽ پوءِ پاڻ کي بستر تي ڇڏي ڏنو. هو اونڌي منهن بستر تي ڪريو ته صبح جا آذان ٿي رهيا هيا. هن جي اک لڳي ته سندس اوڀر واري دريءَ مان اڀ تي نيراڻ ظاهر ٿي.
هو ڪجهه گهڙيون ليٽيو رهيو ۽ پوءِ اوچتو تيزيءَ مان بستر تان اٿيو ڇو جو کيس خبر هئي ته وقت تي آفيس پهچڻو آهي. هو گهڻو وقت نه سمهيو هيو پر پوءِ به هن پاڻ کي تازو توانو پئي محسوس ڪيو.
جڏهن هو تيار ٿي هيٺ پهتو ته سندس سامهون اهو ئي رستو هيو جتان هو رات دير سان واپس وريو هيو ڇو جو شهر وڃڻ لاءِ اهو ئي واحد رستو هيو. هو روڊ وٺي سمنڊ ڪناري بس اسٽاپ ڏانهن وڌيو. ڪجهه اڳتي هليو ته هن کي پري کان ماڻهن جو هجوم ڏسڻ ۾ آيو. ماڻهن جو هجوم ٺيڪ ان جاءِ تي هيو جتي هن رات ان اڌ اگهاڙي جوڙي کي ڏٺو هيو.
“يا خدا خير...” سندس چپن مان نڪري ويو.
هو وڌي اچي اتي پهتو ته ڪئي ماڻهو هڪ ٻئي سان سمجهه ۾ نه ايندڙ آوازن ۾ ڳالهائي رهيا هيا.
هن اڳتي وڌي هڪ شخص کان پڇيو “خير ته آهي ڇا ٿيو آهي؟”
“ڪنهن عورت ۽ مرد جو لاش آهي... لڳي ٿو فقير آهن... شايد بک ۽ سيءَ کان سڄي رات تڪليف برداشت نه ڪندي موت جي ور چڙهي ويا آهن.” ان شخص جواب ڏنو.
هن جي جسم مان ڌرڙي نڪري وئي، ڄنگهون هلڻ کان جواب ڏئي ويس، ڳالهائڻ جي همت نه رهيس، هن ڳيت ڏئي نڙي صاف ڪئي ۽ پوءِ هو ڳورين ڄنگهن سان هلندو هجوم ۾ اچي پهتو، هن ڏٺو، هن اڳيان ساڳي رات واري جاءِ تي ڀت جي اوٽ ۾ هيٺ واريءَ تي ٻه اڌ اگهاڙا لاش پيا هيا. انهن جون اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون. جسم آڪڙجي ٺوٺ ٿي چڪا هيا. اهي اڌ وهيءَ جا انسان هيا. سانوري چمڙيءَ وارا جن جي خالي پيٽ مان ڪرنگهي جو هڏو ظاهر ٿي رهيو هيو.
“ويچاري انسان جو ڪو حال ئي نه آهي.” ڪنهن ڳالهايو.
“بيشڪ... لڳي ٿو رات وڏي تڪليف کانپوءِ انهن جو موت واقع ٿيو آهي.” ڪنهن ٻئي چيو.
“ها غربت چهڙي لعنت ئي نه آهي.” ۽ ڪنهن ٽئين ڳالهه کي وڌائيندي چيو.
ماڻهو اتي چئمگويون ڪندا رهيا ۽ هن ۾ وڌيڪ ڏسڻ جي سڪت نه رهي. سندس مٿي کي هلڪا چڪر اچڻ لڳا. جڏهن ڄنگهون صفا ڏڪڻ لڳس ته هو آهستي هجوم مان واپس موٽيو. پيٽ ۾ جهٻڪا محسوس ٿيس ته لڳو ڄاڻ الٽي آيس. هو لڙکڙائيندو آلي واريءَ تي هلندو سمنڊ طرف وڌيو.
سمنڊ تي پهچي هو گوڏن ڀر ويهي رهيو. هن کي اوڪارا اچڻ لڳا. هو جڏهن ڪافي وقت اوڪارا ڏئي ٿڪو ته هن آلين اکين سان سمنڊ جي پاڻيءَ ڏانهن نهاريو. کارو پاڻي جيڪو سندس اکين ۾ موجود هيو.