ڪھاڻيون

روشنيءَ جو مينار

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي 12 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامھون گذريو آهي، مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول ”اڻويهه عورتون“ تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي. هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي. موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1969
  • 478
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book روشنيءَ جو مينار

روشنيءَ جو مينار

سمنڊ اوندهه جو هيو ۽ ٻيڙي زندگيءَ جهڙي، اتي ڪڏهن اجالو نه ٿيو، ڪڏهن سج نه اڀريو، ڪڏهن ڪرڻا ڪونه ڦٽيا، اوڀر اولهه اتر ڏکڻ ڪارو ڪارونڀار هيو. اوندهه جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جنهن ۾ هو ٻيڙيءَ تي سوار ڪنارو ڳولهي رهيو هيو. هن کي اهڙي روشنيءَ جي ضرورت هئي جيڪا هن جي رهنمائي ڪري سگهي. ڪاري ڪارونڀار مان نڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي، پر اتي ڪا به اهڙي چڻنگ نه هئي. ستارن جون سڀ چڻنگون اوندهه جي بادلن پويان اوجهل ٿي چڪيون هيون. چنڊ اوندهه جي ڪاري دونهي ۾ لٽجي چڪو هيو. سج ڌرتيءَ ۾ غروب ٿي دفن ٿي چڪو هيو. ٽانڊاڻا مري رک ٿي چڪا هيا. پوپٽ جن جي پرن تي روشن رنگن سان ڇوٽڪاري جا عڪس چٽيل هيا سي سڀ اوندهه ۾ بدلجي چڪا هيا. اوندهه جو سمنڊ عجيب هيو. جهالت جي لڳندڙ واءُ ۾ لڏندڙ ڪارو پاڻي هيو. مٿان ڪارو آسمان هيو. هن جا ڪارا هٿ هيا جيڪي ونجهه هلائي رستو ڳولهي رهيا هيا. کيس ڪو رستو نظر نه پئي آيو، ڪا اهڙي واٽ نه پئي ڏٺي جنهن تي هلي ڪناري تي پهچي سگهي. لامحدود سمنڊ هڪ ڄار جيان هيو جنهن ۾ هن جو وجود ڦاٿل ۽ بي وس هيو. هو مدتن کان ونجهه هلائي رهيو هيو. ڪئي سال لنگهي ويا. ڪئي صديون گذري ويون. هن کي روشني نظر نه آئي. هن محسوس ڪيو ڪائنات ڪاري برف ۾ ڄمي يخ ٿي چڪي آهي. زمان ۽ مڪان کان مٿي اوندهه جي راڄ جا حڪمران چمڙا پر ڦهلائي اڏامي مري ويل وقت جي لاش جي نڙيءَ ۾ پنهنجا ڏند وجهي سڪي ويل رت چوسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. وقت مري چڪو آهي، ڏينهن ۽ تاريخون فنا ٿي چڪا آهن. لحزن جا مڻيا، لمحن جون تسبيحون بي معنا ٿي چڪيون آهن. هر ساعت اوندهه ۾ پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي. عمريون حساب کان آجيون ٿي چڪيون آهن. ڪٿي قد جو پاڇو نه آهي. بت جو اولڙو نه آهي. نه سج گذري رهيو آهي، نه چنڊ نه تارا نه جگُنو، پر هن جو وجود اڳتي وڌي رهيو آهي. هن جي ٻيڙي زندگيءَ جهڙي جيڪا اوندهه جي سيني تي سوار آهي. هو گذري رهيو آهي. لمحا لحزا پل ۽ گهڙيون. هو وقت آهي. وقت جيڪو وجود وٺي ٿو. جيڪو فنا ٿي ٿئي ٿو.
هن هوش سنڀاليو ته پاڻ کي ڪائنات جي پاتال ۾ پاتو، هن سوچيو دنيا ڪائنات جي پاتال آهي. اسين ڏيئي هيٺان ويٺل آهيون. لاٽ نظرن کان اوجهل آهي. پاتال ۾ ڪجهه نه آهي. اوندهه آهي ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائجندڙ وجود. هن جون اکيون ڳولهي رهيون آهن. هن جي محبوبا روشني، وڃائجي ويل چنڊ، پاتال اندر آڪاش ۽ ڪارونڀار ۾ ڪو تفاوت نه آهي. اوندهه جي فاصلن ۾ وقت ڪائنات جي صليبب تي لڙڪي رهيو آهي. هن چيو “اي ڳجهه اڏر ته مان تنهنجي اکين جي رُخ تي پنهنجي منزل جو حدف مقرر ڪيان، اي ڳجهه مصلوب وقت جي ٻانهن ڦهلائي ٽنگيل بدبودار جسم تي ويهه ته مان عقل جي نوڪ ان جي مغز ۾ وجهي کيس جيئارڻ جي ڪوشش ڪريان. اي ڪبوتر! اچ ۽ منهنجي اشهد آڱر تي لهه ته تنهنجي ڄنگهه سان ويڙهيل اهو ڪاغذ کولي پڙهي سگهان جنهن تي وڃائجي ويل رستن جو نشان آهي، جتي پار پوڻ جا راز افشان ٿيل آهن ۽ اوندهه جي دروازن وٽ تاڪن جي اوٽ ۾ حياتيءَ جون ميڻ بتيون رجي رهيون آهن. اي اوندهه سان وهنتل ڪوئل ڇا تون ڪڏهن سانوڻ کان اڳ تلسيءَ چوڌر ٽانڊاڻن جو ناچ ڏٺو آهي، جيڪر هيڪر ڏسين ته ڪوڪڻ وساري ويهين. روشنيءَ جو ناچ جنهن کي ڏسڻ جي اوسيئڙي ۾ اکيون انڌيون ٿي چڪيون آهن. رستا وڃائجي چڪا آهن. لهندڙ سج ڌنوڻ تي پڄرندڙ ٽانڊن مان نڪتل ڳاڙهي لوهه جيان وقت جي لوهر جا مترڪا کائي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ڪري وسامي چڪو آهي. ڇا تون پڄريل ڳاڙهي لوهه جا پاڻيءَ ۾ سو سٽ ٻڌا آهن، زخم کان وڌيڪ مرهم ۾ تڪليف هوندي آهي. نفرتن کي مخصوص مرڪ هوندي آهي. ڪڏهن ميلاپ جا ڀاڪر روئاري وجهندا آهن. منزل تي پهچي لڦن جو احساس ٿيندو آهي.
هو اوندهه ۾ ونجهه هلائيندو رهيو. هن کي سمنڊ جي سطح تي ڪڏهن ڪو ترورو ترندي نظر نه آيو. ڪو ڪرڻو جل پرين جهڙو ناچ نچندي نظر نه آيو. روشنيءَ کي ڳولهيندي ورهه ٿي ويا. هن جي اکين ۾ انتظار جي ٻرندڙ باهه ۾ صديون چتا تي چڙهي خاڪ ٿي ويون. کيس اوندهه جي ڪاري سمنڊ مان پار پوڻ لئي ڪئي ڪنهن ڪناري جي ڪنڊ نظر نه آئي. هن جو وجود ٿڪاوٽ جي پٿرن هيٺان دٻجڻ لڳو. هن جا ڪلها ڳورا ٿي ويا ۽ چيلهه اڻ ڏٺل انڊلٺ جيان اهڙي ڪمان ۾ بدلجي وئي جنهن ۾ اميد جو تير الجهي پيو. جڏهن مايوس ٿيو ته محسوس ڪيائين سمنڊ جي سطح تي موت جي واڳونءَ جون ٻه اکيون هن ڏانهن چتائي رهيون آهن. هن کي بي انت اوندهه جي سمنڊ مٿان پنهنجو انت نظر آيو. هو رنو ۽ پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کنيائين.
“اي روشني! تون ڪٿي آهين؟ او ڪرڻا تنهنجو مسڪن ڪٿي آهي؟ اي چڻنگ ڪهڙيءَ دل ۾ دکين ٿي؟ اي ٽانڊاڻا تنهنجي وک ڪهڙي وطن ۾ آهي؟ اي ترورا اچ ۽ منهنجي اکين ۾ بيٺل ڳوڙهن تي تر، اي سج ننڊ مان جاڳ. اي چنڊ! تون ستارن جي سوني زنجير ۾ ڪهڙي پيشانيءَ تي لڙڪيل آهين؟ اي ڏينهن تازي ٻار جيان جنم وٺ! منهنجا ڪن رڙ ٻڌڻ کان محروم آهن. اي رات! بي پاڙي وَل، جڏهن توتي پن نڪرندا ته منهنجا رت ڦڙا ان تي ماڪ جيئن بيٺل هوندا، اي تاب! ڪٿي آهين؟ چمڪ ته تو ڏانهن ڏسي نابين ٿيان.”
جڏهن محسوس ڪيائين ته موت واڳونءَ جي اکين ۾ واسو ڪري ويٺل آهن هن پنهنجيون اکيون موت سان ملايون. ان اميد سان ته شايد موت اهڙو پاڇو آهي جيڪو روشنيءَ مان ٺهيل آهي. هن موت جي اکين ۾ ڏٺو محسوس ڪيائين موت ڪاري جهڙ جيان آهي جنهن جي وسڻ سان وڄ نه ٿي چمڪي.
هو ونجهه هلائيندو ويو، اوندهه جو سينو چيري اڳتي وڌندو ويو، هن چيريل سيني اندر ڏٺو کيس دهشت جي ڌڙڪندڙ دل اندر ڪو ڏيئو ٻرندي نظر نه آيو. مايوسي ڪاريهر جي ڪاري رسيءَ جيان نڙگهٽ کي ويڙهيل محسوس ڪيائين، کيس اڃ محسوس ٿي. رڪيو نوڙي سمنڊ جو پاڻي پيتائين. سوچيائين انسان جو اندر به کارو آهي. اوندهه آهي. دل دونهي ۾ ٻڏل آهي، ڪا نظر نه ايندڙ چڻنگ آهي جيڪا دماغ ۾ دکي ٿي. اکيون آهن جيڪي نور کي ڏسڻ جي حسرت ۾ روشن آهن. هو بيٺو ۽ ڊگها ساهه کنيائين. هوا جي ڪاراڻ اندر ۾ محسوس ڪيائين. سندس دل چاهيو ونجهه هلائڻ ڇڏي ڏي ۽ سڌو ٿي سمهي پوي کيس موت غالب اچي ۽ مٿان بيهي تلوار جي نوڪ سندس سيني تي رکي جيڪر مارڻ کان اڳ آخري خواهش پڇي هو صرف روشنيءَ جي خواهش ڪري، هڪ اڻپوري خواهش، هڪ اوندهه جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويل اڌوري اميد، هڪ اڏري ويل آخري حسرت، هو رنو ۽ ڳوڙهن جا ڍڪ ڀريا، ڳوڙهن جا ڍڪ سمنڊ جي ڍڪن کان کارا هيا. جڏهن روشنيءَ کي ڳولهيندي همت هاري ويٺو ۽ موت جون ٻه اکيون ڏانهس وڌندي محسوس ٿيون ته هن کي پريان ڪا لاٽ ٻرندي نظر آئي. پري تمام پري جتي ڪنارو هيو ۽ روشنيءَ جو مينار هيو. روشنيءَ جي مينار مان لاٽ سمنڊ جي لهرن تي ڪري ليڪ جيان اڳتي وڌي هن جي ٻيڙيءَ وٽ اچي ٿي کٽي. جيئن هن جي ٻيڙي موت جي ڏور ۾ اٽڪيل ڪنڍيءَ ۾ ڦاٿل هجي، هو خودبخود ڄڻ ان ڏور ۾ روشنيءَ جي لڪير تي ڇڪبو ويو. هن روشنيءَ جي مينار ڏانهن ونجهه هلائڻ شروع ڪيا. هن کي اميد جي ڪرڻ نظرا چي چڪي هئي. هڪ روشني جيڪا هن جي رهنماءُ هئي. هن کي رستو ڏيکاري رهي هئي. هن کي پڪ ٿي وئي ته انڌياري ڪائنات ۾ روشنيءَ جي چڻنگ موجود آهي جيڪا سمنڊ ڪناري بيٺل هڪ مينار مان بلند ٿي ڀٽڪيل انسانن کي رستو ڏيکاري رهي آهي. هو ونجهه هلائيندو جڏهن ڪناري کي ويجهو ٿيندو ويو ته هن اڳيان روشنيءَ جو هڪ ڊگهو مينار واضح ٿيندو ويو. اونداهي سمنڊ تي ڪرندڙ ان جي روشني لڏندڙ لهرن تي نانگ جيان وڪڙ ڏئي گهمي رهي هئي. هن کي دنيا ۾ اهڙي ئي رهنماءَ جي ضرورت هئي جيڪو هن کي رستو ڏيکاري سگهي. اوندهه مان ٻاهر ڪناري تي پهچائي سگهي. هڪ بلند مينار جيڪو ٻانهن جيان ڌرتيءَ مان نڪري عرش ڏي وڃي رهيو هيو ۽ ان تي ڪرڻا آڱرين جيان کليل هيا، هن کي خوشي محسوس ٿي. کيس منزل ملي چڪي هئي. سندس من ۾ روشنيءَ جي مينار لئي عقيدت پيدا ٿي. هو رنو ته سندس ڳوڙها پريان ايندڙ روشنيءَ ۾ چمڪندڙ ٽانڊاڻن جيان ڳلن تي چنبڙيل هيا. هن پهريون دفعو پنهنجا هٿ ڏٺا، ٻانهون ڏٺيون ۽ وجود جو هر حصو هن اڳيان نروار ٿي بيهي رهيو. هن جي وجود جي هر لڪير هن اڳيان واضح ٿي وئي. هو لڪيرن جي حدبندين ۾ روشن وجود جيان موجود هيو. ونجهه هلائيندو جڏهن ڪناري تي پهتو هر طرف روشني ڦهليل هئي. هن ڏٺو هيٺ واريءَ تي پيل سپ جي خول مان منڍي ٻاهر ڪڍي ننڍڙي جيت هن جو آڌرڀاءُ ڪيو. هو هليو ته پويان واريءَ تي سندس قدمن جا نشان ٺهندا ۽ ڊهندا ويا. هن اڳتي وڌي احترام مان گوڏن ڀر ويهي روشنيءَ جي مينار آڏو هٿ جوڙيا.
“اي روشنيءَ جا مينار!” هن ڳالهايو ته عقيدت مان سندس آواز ڳورو ٿي ويو ۽ ان جي مينار سان ٽڪرائڻ ڪري پڙاڏا پيدا ٿيڻ لڳا. “مان مايوس هيس، دربدر ڀٽڪيل هيس، مون انڌيرن ۾ ٿاٻا کائي زندگي بسر ڪئي. اوندهه ۾ رستو وڃائي ويٺل گمنام مسافر هيس. منهنجي مقدر جو سج ڪڏهن نه اڀريو. چنڊ رسي ويل محبوب جيان هيو، سڀ ستارا ڳوڙهن جيان سڪي چڪا هيا.” پوءِ هو رنو ۽ وري چيو “ڀلا تون ئي ٻڌاءِ ڏينهن بنا رات جو ڪهڙو وجود؟ ڏينهن جي احساس بنا اڻ کٽ رات جي موجودگي اوندهه کانسواءِ ڪجهه نه آهي. تون ئي سج آهين، تون ئي چنڊ، تنهنجي ئي روشني آهي جيڪا منهنجي نيڻن ۾ ستارن جيان چمڪي ٿي.”
هو جڏهن گوڏن ڀر روشنيءَ جي مينار آڏو جهڪيل هيو ته هن پويان سڀ گڏ ٿي ويا. هڪ دريائي گهوڙو، ڳوڙها ڳاڙيندڙ واڳون، راڳ ڳائيندڙ ڏيڏر، عشق ۾ ڦاٿل ٻه جل پريون، مڇون وٽيندڙ گهانگهٽ، هڪ ڄنگهه تي اکيون ٻوٽي مراقبي ۾ بيٺل ٻگهه ۽ مرڪندڙ ڪاڻي ٻلهڻ، هن روشنيءَ جي عظيم مينار کي ڀيٽا ڏيڻ لئي جڏهن مناجات پڙهڻ شروع ڪئي ته هن پويان بيٺل سموري مخلوق سُر ملايو.
“اي رهبر
اي روشنيءَ جا مينار!

لڳين ٿو ائين
عرش جي دسترخوان تي
ستارن جا انگور
چنڊ جي ڦار
اي روشنيءَ جا مينار!

تون هادي
تون رهنماءُ
اڏامان پيو ڪک جيان
هئي انڌيري واءُ
هيس بيوس
پهچايئي پار
اي روشنيءَ جا مينار!

ڪاري ڪنڊي ڦاٿل
هئي ماس جي ٻيري ۾
چنڊ هيو بيدي جيان
اوندهه جي آکيري ۾
ڦٽي روشني
سورج لڌي سار
اي روشنيءَ جا مينار!”

حمد ۽ ثنا کانپوءِ هو اٿيو ۽ ويجهو وڃي روشنيءَ جي مينار جو جائزو ورتو. اهو پٿر جو مينار هيو جنهن جي عظمت آسمانن کي ڇهي رهي هئي. ان جي چوٽيءَ تي ويڪري روشندان ۾ ڄڻ سج پئي ٻريو. ان سج جي تجليءَ ۾ هر شيءِ روشن هئي. ڌرتي آسمان ۽ گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ جون لهرون، روشنيءَ ۾ سمنڊ مرگهيءَ جي مريض جيان ڇڙيون هڻي ڦتڪيو پئي ۽ سندس وات مان وهندڙ گج لهرون ڌوئي صاف ڪري رهيون هيون. هر شيءِ مينار جي حشمت کان لرزي پئي. اولهه جي واءُ مينار سان ٽڪرائجي ٻه اڌ پئي ٿي ته گهوگهٽ پئي ڪيائين مينار جي عظمت ڏسي هو وري جهڪيو ۽ سجدو ڪيو.
“اي روشن مينار” هن چيو “تون ڪيڏو نه عظيم آهين، ڪيڏو نه شاندار آهين، تون روشنيءَ ۾ وهنتل خواب آهين، ڪنهن چراگاهه ۾ سراب آهين، تون انڌيارن کي مات ڏني، تون اکڙين کي جوت ڏني، مان ڪجهه نه هيس، تنهنجي روشنيءَ ۾ نکري پيس.”
هو سجدي مان اٿي سڌو ٿي ويٺو ۽ سوچيو “هيءُ عظمت جو مينار ٻاهران ايڏو روشن آهي ته پڪ سان اندر نور کانسواءِ ڪجهه نه هوندو. سندس من نور ۾ وهنجڻ چاهيو. مينار سان ملي هڪ ٿيڻ چاهيو، سوچيائين ان روشنيءَ جي مينار کي پنهنجو آستان بنائيندو، ان ۾ گهر جوڙيندو ۽ زندگيءَ جا بچيل ڏينهن اوندهه کان پري روشنيءَ ۾ گهاري سرخرو ٿيندو، اهو سوچي هلندو مينار وٽ آيو، ڏٺائين هڪ در هيو جيڪو بند هيو، ان کي کولڻ کان اڳ سندس دل ڌڙڪڻ لڳي، خوف محسوس ٿيو، متان در کي ڌڪو ڏئي کوليان ته ان مان روشنيءَ جو سيلاب نڪري لوڙهي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري، اهو سوچي چپ ڪري بيهي رهيو. هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرايائين کيس مينار کانسواءِ سٺي پناهگاهه ڪٿي نظر نه آئي. چيائين “جنهن دڳ ڏيکاريو سوئي پناهه ڏيندو، جنهن انڌيارن کان بچايو سوئي روشني عطا ڪندو.”
هن همت ڪئي در کي ڌڪو ڏنو، در چيڪٽ ڪري کلي ويو، پير پير ۾ ڏئي اندر داخل ٿيو، در سمنڊ کان ايندڙ تيز واءُ جي جهوٽي ۾ بند ٿي ويو. هن ڏٺو اندر اوندهه کانسواءِ ڪجهه نه هيو. روشنيءَ جو مينار جهڙو ٻاهران روشن هيو تهڙو اندران اوندهه سان ڀريل هيو. هر طرف ڪاري اوندهه ڦهليل هئي. هن پير هڻي محسوس ڪيو هيٺ ڏاڪو هيو، اهو سوچي ان تي چڙهيو ته متان مٿي روشني هجي ۽ کيس اوندهه کان پناهه ملي پوي. هو انڌي جيان ڀتين کي هٿ ڏئي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳو، جيئن مٿي ويندو ويو اوندهه وڌندي وئي. روشنيءَ جي ڳولها ۾ مٿي چڙهندي ٿڪجي پيو. ان ڏاڪڻ جو انت ڪٿي نه هيو. اها لامحدود هئي. ان جي حد ڪٿي نه هئي. ان جي انتها جي ڪنهن کي خبر نه هئي. هر ڏاڪو راز هيو ۽ هر وک ڳجهارت. هو اوندهه جي ڄار ۾ وچڙي چڪو هيو.