ڪھاڻيون

روشنيءَ جو مينار

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي 12 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامھون گذريو آهي، مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول ”اڻويهه عورتون“ تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي. هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي. موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1969
  • 478
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book روشنيءَ جو مينار

سوا نيزي سج

ان قبيلي مٿان سج سوا نيزي هوندو هيو، ڌرتيءَ مان ڄر ائين نڪرندي هئي ڄڻ سکڻي دانگيءَ هيٺان باهه ٻرندي هجي. لڪ ۾ ڌوڙ اڏامي چونئرن اڳيان ڍينگرن سان پئي ٽڪرائبي هئي. پري کان ڀٽن وچ تي ٺهيل چونئرا ائين ڏسبا هيا جيئن رستن تي اس ۾ ويٺل فقير ميرا ٽوپ پائي سٺي وقت جو انتظار ڪندا هجن. اهو قبيلو اتي صدين کان آباد هيو. هو اتي جنم وٺندا ۽ فنا ٿيندا آيا هيا. انهن لاءِ زندگيءَ جو اهو ئي تصور هيو ته انسان ذات ڌرتيءَ تي هلندڙ ماڪوڙن جي قطار جيان آهي، جنهن جو هڪ سرو حياتيءَ جي سوراخ مان نڪري ٿو ۽ ٻيو سرو موت جي منهن ۾ وڃي ٿو.
هڪ وڏي ڀٽ تي عبادتگاهه هئي جنهن جو منارو لهندڙ سج اڳيان ائين ڏسبو هيو جيئن آڱر عرش ڏي اشارو ڪندي هجي. اهو سانجهيءَ جو وقت هيو جڏهن عبادتگاهه جو پيشوا هڪ ڊگهي سجدي کانپوءِ نرڙ مٿي کڻي سڌو ٿي ويٺو ۽ ان رب کان دعا گهري.
“اي رب ڪساوڙي جي پاڙن کي سگهارو ڪر جيئن ججهو رزق حاصل ٿئي کاري پاڻيءَ جي کوهه کي وڌيڪ ڪسارو نه ڪجانءِ، وبائن کان پناهه ڏجاءِ ۽ اگهاڙن جو ڍڪ ڍڪجانءِ.”
پيشوا دعا گهرندو ويو ۽ ڳوڙها هن جي اکين مان وهي هيٺ منهن جي گهنجن ۾ ڄڻ ناهموار ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جي ننڍڙين ندين جيان وهندا ويا. قبيلي جا ماڻهو عبادتگاهه ۾ ايندا هيا ۽ رب کان سٺن ڏينهن لاءِ دعائون گهرندا هيا. اهي چوندا هيا. “هڪ ڏينهن رب انهن جا ڏينهن ضرور ڦيريندو ۽ اهڙو وقت ضرور ايندو جڏهن انهن جي ڌرتيءَ تي مٺا خوشبودار ڦَل پيدا ٿيندا. کوهن ۾ اٻرندڙ کاري پاڻيءَ جي جاءِ تي صاف پاڻي هوندو. انهن جا گهر ماڪ ڀنل کٻڙجي پنن جهڙا ٿڌا هوندا، وبائون ختم ٿي وينديون ۽ انهن جا نسل صحتمند ۽ توانا هوندا.”
عورتون ۽ مرد صبح جو سوير ڀٽن تي چڙهي ڪساوڙي جون پاڙون ڳولهيندا هيا. انهن جي هٿن ۾ لوهه جون ٻاريون هونديون هيون. ڪساوڙي جون ٺوٺ پاڙون کوٽڻ ڪري انهن جا هٿ سخت ٿي چڪا هيا. انهن جي هٿن ۾ لڦون نه ٺهنديون هيون. انهن جا هٿ باهه ۾ پڪل ٺڪر جهڙا هيا. انهن جي هٿن تي ٺهيل قسمت جون لڪيرون پورجي چڪيون هيون، ڪساوڙي جون پاڙون کوٽي هو ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪپڙي جي پانڌ ۾ وجهندا هيا جڏهن انهن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل پانڌ ڪساوڙي جي پاڙن سان ڀرجي انهن جي گناهن جيان لڙڪندو هيو ته هو ڪساوڙي کي اس ۾ سڪائي ٻن وڏن پٿرن سان پيهي اٽو ٺاهيندا هيا ۽ پوءِ ان کي پچائي ڪمزور جانور جي ڇڊي کير سان واپرائيندا هيا.
ميگهي جو ڪٽنب به ان قبيلي جو حصو هيو، هن جو چونئرو به کليل آسمان هيٺان ڪٻ ڪڍي ويٺل انسان جيان هيو، ميگهي جو پٽ سخت بيمار هيو. هن جو ابهم پٽ جنهن جو قد اڃان ان ڪوڏر کان به ننڍو هيو جيڪا قبيلي جي ماڻهن کي دفنائڻ کان اڳ انهن جي قبر کوٽڻ جي ڪم ايندي هئي. ان کي گذريل ڪيترن ڏينهن کان بخار هيو. اهو چونئري ۾ و ڇايل کاٻر تي ليٽي هر وقت ٻيو کنگهندو هيو. ان جون اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون ۽ جسم جون پاسيريون ڳجهه جي کنڀن جهڙيون هيون، قبيلي جي حڪيم جڏهن ٻار کي ڏٺو ته هن ميگهي کي ٻڌايو.
“هن جو علاج صرف سنڪوڻي سان ممڪن آهي، سنڪوڻو جنهن جا پن سنها ۽ هيڊا ٿين ٿا پر ٽاريون ٿلهيون ٿين ٿيون. اهو ٻوٽو ڌرتيءَ تي ناياب آهي. مون پنهنجي عمر ۾ ان کي هڪ دفعو حاصل ڪيو ۽ وقت ٿيو ان ٻوٽي جو هڪ ڪک به مان وٽ نه آهي. جيڪڏهن تون همت ڪرين ته ان کي حاصل ڪري پٽ جي جان بچائي سگهين ٿو.”
حڪيم جي ڳالهه تي ميگهو سوچ ۾ ٻڏي ويو.
“مان ان جي ڳولها ۾ ضرور ويندس.” ميگهي چيو “پر اهو ڌرتيءَ جي ڪهڙي ڪنڊ تي حاصل ڪري سگهجي ٿو؟”
حڪيم هيٺ نوڙي ڌوڙ هٿ ۾ کنيي ۽ ان کي اڏاريو.
“تون هوا جي ڌوڙ واري رخ ۾ ويندين ته ڪجهه فاصلي کانپوءِ توکي هڪ ايڏي وڏي ڀٽ نظر ايندي جو اها توکي نِوڙي مٿي چڙهڻي پوندي ۽ ٻئي پاسي کان اونڌو ٿي هيٺ لهڻي پوندي. ان ڀٽ پويان ڪٿي به ڪو کوهه نه آهي. نه اتي ٿوهر آهي، نه ڪانڊيرو آهي ۽ نه ڪنڊي آهي، وڻ ناياب آهن، تون جيڪڏهن ڳولهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين ته اتي توکي ٻه ٻوٽا نظر ايندا، هڪ بيلا ڍوڻو ۽ ٻيو سنڪوڻو، بيلاڍوڻو زهر آهي، جيڪو هرڻ رڃ ۾ رلڻ کانپوءِ مايوس ٿي کائيندو آهي ۽ سنڪوڻو حياتي آهي جنهن ۾ تنهنجي ٻچڙي جو ڇوٽڪارو سمايل آهي.”
پوءِ جڏهن ميگهو اوڏانهن وڃڻ لئي تيار ٿيو ته هن بيمار پٽ جي پيشانيءَ تي چمي ڏني، هو چونئري کان ٻاهر نڪتو ته در تي بوندان مايوس بيٺل هئي.
“مون کي پڪ آهي ته منهنجي ڳولها ڪو رنگ ضرور لائيندي.” ميگهي چيو “تون گهٻراءِ نه... وقت ايندو جو مان ٻچڙي جي زندگيءَ جي ڳولها ۾ ڀٽڪي هڪ ڏينهن ان جي حياتيءَ کي هيسيل هرڻ وانگر ڄنگهن کان گهلي هت کڻي ايندس.”
هن جي ڳالهه ٻڌي بوندان پري ڀٽن ڏي نهاريو جتي سج پگهرجي هيٺ وهي رهيو هيو.
“پر ان کي ڪير حاصل ڪري سگهيو آهي؟” بوندان چيو “ائين نه ٿئي جو تون راهن ۾ ڀٽڪي ڪنهن رڃ جو شڪار ٿي وڃين.”
“نه... مان ضرور موٽندس.” ميگهي چيو “اهڙو ڏينهن ايندو جڏهن ڪاميابي منهنجي هٿن ۾ هوندي.”
رواني ٿيڻ کان اڳ هن ڪساوڙي جون مانيون ويڙهي هڙ ۾ وڌيون. هن ٽهڪندڙ کوهه جو ٻاڙو پاڻي پيتو ۽ پوءِ سوا گز نيزي هيٺان هلندو ڀٽن پويان گم ٿي ويو.
ميگهي کي رڻ وئي ڪئي ڏينهن لنگهي ويا، هو نه موٽيو، بوندان بيمار پٽ مٿان ويهي هن جو انتظار ڪندي رهي، هن جي پٽ جي حالت وقت سان خراب ٿيندي وئي، ان جو منهن هيڊو ٿي چڪو هيو، هڙٻاٽون نڪري آيون هيون ۽ پيٽ وڃي پٺ سان لڳو هيو. ان جي بچڻ جي ڪا اميد نه رهي هئي. اهو لاچاريءَ مان ماءُ ڏي هيڊين اکين سان نهاريندو هيو ته ماءُ جي دل ڄڻ جهٽڪي سان بند ٿي ويندي هئي.
ماڻهو همدرديءَ طور پيٺل ڪساوڙو ۽ کير هن کي ڏئي ويندا هيا، هوءَ کير ٻار کي پيئاريندي هئي ۽ ڪيساوڙي جون رکيون مانيون کائي ٻاڙو پاڻي پي وقت جو انتظار ڪندي هئي.
“امان بابا ڪڏهن ايندو؟” ٻار ڪڏهن ماءُ کان سوال ڪندو هيو.
ٻار جي سوال تي ماءُ ڏاڍي ڏکي ٿي ويندي هئي. هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هيا.
“هڪ ڏينهن ضرور ايندو” هوءَ چوندي هئي “دلجاءِ ڪر... همت کان ڪم وٺ”
هوءَ پٽ جي مٿي تي پيار مان هٿ ڦيريندي هئي.
بوندان بيمار پٽ کي اڪيلو ڇڏي ڀٽن تي ڪڏهن ڪيساوڙو گڏ ڪرڻ نه وئي. هوءَ هر وقت پٽ جي تيمارداريءَ ۾ مصروف هوندي هئي. قبيلي جا ماڻهو پنهنجن ڪمزور ڪلهن ۾ کوهه جي واڍ وچڙائي ان کي ڇڪي پاڻي جو ڏول ٻاهر ڪڍندا هيا. اٻريل نمڪين پاڻي اهي ڪڙو منهن ڪري پي ويندا هيا. قبيلي جا جانور اڪ جا پن چٻاڙيندا هيا ۽ اتي اڪ ايڏا سگهارا هوندا هيا جو انهن جي ٿڙ ۾ مڙس جو ڀاڪر نه پوندو هيو. انهن جون ٽاريون سج کي ڇهنديون هيون ۽ انهن ۾ بيٺل ڏوڏا جڏهن ڦاٽندا هيا ته هوا ۾ هزارين ٻجارا مري ويل ڪوريئڙن جي روح جيان اڏامندي نظر ايندا هيا. جانورن جي وات ۾ ڦلوسڻا ڳاڙهن جيتن جيان اڀريل هوندا هيا. انهن جا کُر ٽيڙا ۽ ڪمزور هيا. اڌ اگهاڙا ڪمزور ماڻهو ائين ڏسبا هيا جيئن ڌرتيءَ تي مئل پکي پر کولي پيا هجن. قبيلي جي حڪيم وٽ هڪ لٺ هوندي هئي جنهن سان هو ڀٽن تي گهمندي نظر ايندو هيو. ڪڏهن ڪو شخص هن کي روڪي ڄنگهه جو زخم ڏيکاريندو هيو جنهن ۾ ڪيڙو پيل هوندو هيو. حڪيم پنهنجي لٺ تي ڪيڙي کي چاڙهي ويڙهي ٻاهر ڪڍندو هيو.
ڪئي ڏينهن لنگهي ويا، سوا گز نيزي تي بيٺل سج هيٺان بوندان پري ڀٽن ۾ ڏسندي رهي، پر ميگهو موٽي نه آيو، سڀني سمجهيو شايد هو راهه وڃائي ڪنهن رڃ ۾ رلي ويو آهي. جڙي ٻوٽين جي ڳولها ۾ هو وڃي موت جي ويجهو ٿيو آهي. ٻار آخري وقت تائين پيءُ جو انتظار ڪندو رهيو. هن جون اکيون هر هر چونئري کان ٻاهر ڏسنديون رهيون پر اتي هر طرف مايوسيءَ جي مٽيءَ کانسواءِ ڪجهه نه هوندو هيو.
اهو ٽاڪ منجهند جو وقت هيو، جڏهن ڪنڊيءَ تي ويٺل ڪانءَ جون اکيون انڌيون ٿي چڪيون هيون. بوندان پٽ مٿان ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺل هئي. اوچتو ٻار کي رت جي الٽي آئي ۽ هو اکيون ڦيرائي ويو. بوندان هن کي ڪنڌ هيٺان ٻانهن وجهي مٿي کنيو ته هن جو ڪنڌ هڪ پاسي لڙي ويو. بوندان رڙيون ڪري روئي مدد لاءِ پڪارڻ لڳي. قبيلي جا ماڻهون اتي پهتا. انهن ڏٺو روئندڙ ماءُ جي ٻانهن ۾ سمهيل ٻار دنيا مان موڪلائي چڪو هيو. بوندان مسلسل روئندي رهي، هن کي ڪو به پرچائي نه سگهيو. سانجهي ٿي وئي ۽ سج ڌرتيءَ ۾ لهي ويو.
ٻار جي موت کانپوءِ ڄڻ ڪساوڙي جون پاڙون ڪوڙيون ٿي ويون، ان مان ڌرتيءَ جو ذائقو موڪلائي ويو. قبيلي وارا ڪساوڙو پيهي مانيون پچائي کائيندا هيا ته ڄڻ انهن ۾ بوندان جي ڳوڙهن جي بوءِ هوندي هئي. کوهه جي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو ۽ جانور موڳا ٿي ويا.
هڪ سرءُ ۾ اهڙا مڇر پيدا ٿيا جيڪي قبيلي وارن پهريون ڪڏهن ڪو نه ڏٺا هيا، انهن جي چڪ پائڻ سان سڀ ماڻهو ننڊ جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويا. اهي سدائين سمهيا پيا هوندا هيا ۽ انهن کي کائڻ پيئڻ جو ڪو به فڪر نه هوندو هيو. هڪ ڏينهن قبيلي جو پيشوا عبادتگاهه ۾ ويو، هن رب اڳيان سجدو ڪري ان کان گناهن جي معافي ورتي.
“بيشڪ رب اسين گناهه گار آهيون ۽ ڀوڳي رهيا آهيون. توکان معافيءَ جا طلبگار آهيون، ڪيئن به آهيون، تنهنجا بندا آهيون، تون ڇوٽڪارو ڏئي ۽ پار ڪر، وبائون ٽار ۽ سهل پيدا ڪر.”
عبادتگاهه ۾ پيشوا ٻئي هٿ کڻي سڏڪندو رهيو، هو جڏهن عبادتگاهه مان ٻاهر نڪتو ته هن جي نظر چونئرن وچان لنگهيندڙ رستن تي پئي، رستا ويران هيا، اتي ڪوئي نه هيو. قبيلي جا سڀ رهاڪو ننڊ جي غشيءَ ۾ هيا ۽ بيمار جانور اوڳاڇي نه رهيا هيا، اهي ڪنڌ لاڙي ويٺل هيا، قبيلي جي حڪيم وٽ اهڙي ڪا به جڙي ٻوٽي نه هئي جو اها ماڻهن کي ڏئي انهن کي بيماريءَ مان نجات ڏياري سگهي.
“اي پيشوا... رب کان ميگهي جي سلامتيءَ جي دعا گهر.” حڪيم عبادتگاهه ٻاهران بيٺل پيشوا کي چيو “شل هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ۽ بيمارن کي شفا ملي”
ميگهو نه موٽيو، قبيلي جا سڀ جانور مري ويا، کير ناياب ٿي ويو. ڪيساوڙي جون رکيون مانيون ماڻهن کان هضم نه ٿيون. انهن ڪساوڙي جي گرهن کي ٽهڪندڙ پاڻيءَ سان نڙيءَ مان هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هو اوڪارا ڏئي ساڻا ٿي پيا. ڪنهن ڀٽن تي بيٺل ڳردار ٿوهر کي ان جي ڪنڊيدار کل لاهي ڳڀا ڪيو ۽ باهه تي ٽهڪائي ڪساوڙي سان کاڌو، پوءِ سڀني ان تي عمل ڪيو، هو ڀٽن تي بيٺل ڳردار ٿوهر کائڻ لڳا.
قبيلي جو روحاني پيشوا سانجهيءَ وقت عبادتگاهه مان ٻاهر نڪتو ۽ جانٺ تي ويهي روئڻ لڳو. هو رب مان مايوس ٿي چڪو هيو. هن جي دعائن ۾ ڪو اثر نه هيو. حالتون بدتر ٿي چڪيون هيون. پيشوا روئندو رهيو ۽ هن جي اکين ۾ ترندڙ ڳوڙهن اڳيان لهندڙ سج لڏڻ لڳو. اوچتو هن جي نظر پري ڀٽن تي پئي. اتي ڪو ڪارو پاڇو لهندڙ سج اڳيان قبيلي ڏانهن وڌي رهيو هيو. پيشوا اکيون اگهي اٿي بيٺو، اهو جڏهن ويجهو آيو ته پيشوا جي رڙ نڪري وئي. هن ڏٺو اهو ميگهو هيو، جيڪو تيزيءَ سان قبيلي طرف وڌي رهيو هيو.
“جاڳو... قبيلي وارو جاڳو” هن زور سان چيو “اٿو ۽ ڏسو، هو اچي ويو، جنهن جي هٿن ۾ ڇوٽڪارو آهي.”
ڳوٺ جو حڪيم به پهچي ويو، جڏهن ميگهو آيو ته هن جي هڪ هٿ ۾ سنڪوڻو هيو ۽ ٻئي هٿ ۾ بيلاڍوڻو، بوندان هن کي پري کا ڏسي ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. هو اڳتي وڌي ان ويجهو آيو.
“هو دنيا مان هليو ويو” بوندان روئندي چيو “تون گهڻي دير ڪئي، ان تنهنجو انتظار ڪيو، هو هاڻي نه رهيو آهي.”
ميگهي ٻڌو ۽ هو گوڏن ڀر جهڪي هيٺ ويهي رهيو جيئن ڳولها جي سفر ۾ پهريون دفعو ٿڪجي پيو هجي. هن مايوسيءَ مان پنهنجن هٿن ۾ جهليل ٻنهي ٻوٽن کي ڏٺو، پوءِ هن سنڪوڻو حڪيم کي ڏنو ۽ بيلاڍوڻو پاڻ سان گڏ کڻي چونئري ۾ آيو. چونئري ۾ هن جو پٽ نه هيو. ان جو بستر خالي هيو. هو خالي بستر جي ڀر ۾ ويهي ڍاڍيون ڪري رنو، هو زندگيءَ جي جدوجهد مان مايوس ٿي چڪو هيو، بوندان ۽ ميگهي مري ويل پٽ جي بستر تي ٻه ٽهڪندڙ کاري پاڻيءَ جا کونجا ڀري پنهنجي اڳيان رکيا، ميگهي بيلاڍوڻو وچ تي رکيو ۽ هو ٻئي ڏانڊين مان پن پن پٽي وات ۾ وجهي چٻاڙڻ لڳا، انهن وات تي کونجا چاڙهي پاڻي پيتو ۽ اتي ئي ٿڌا ٿي ويا.
حڪيم سنڪوڻو قبيلي وارن کي پياريو ۽ نوبنا ٿي ويا، ننڊ جو حملو ختم ٿي ويو ۽ هو جاڳي پيا.
ميگهي جو ڪٽنب دنيا مان ختم ٿي چڪو هيو. ان جي چونئري ٻاهران نانگ ائين گهمڻ لڳا جيئن ڪنهن انسان جي ذهن ۾ يادون چرنديون آهن. اتي ميگهو نه هيو، بوندان نه هئي. انهن جو بيمار پٽ نه هيو. پر نانگن جون خالي اڱڻ ۾ پاتل يادين جون لڪيرون هيون.
قبيلي تي وبائي حملي جي اثر کانپوءِ به اتان جون حالتون بدلجي نه سگهيون، ماڻهون سوا گز سج هيٺان ٿوهر چٻاڙي رهيا هيا ۽ اٻريل کارو پاڻي پي رهيا هيا. انهن عبادتگاهه وڃڻ ڇڏي ڏنو هيو. رب ۾ انهن جو عقيدو ختم ٿي چڪو هيو. هڪ ڏينهن پيشوا عبادتگاهه جو در بند ڪري ماڻهن وٽ آيو. پگهر ۾ ٻڏل بدبودار ماڻهو هن چوڌاري ڪٺا ٿي ويا “ان کانسواءِ ڪو به چارو نه آهي ته هتان هلي ڪنهن اهڙي هنڌ آباد ٿجي، جتي تناور اَڪ جي ڏانڊين مان وهندڙ کير جي جاءِ تي جانورن جو کير هجي ۽ باهه تي اٻريل ٿوهر بدران ڪيساوڙي جون خوشبودار پاڙون هجن.” پيشوا چيو.
سڀني هن جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اتان جا سڀ رهاڪو هليا ويا، چونئرا ويران ٿي ويا، تيز هلندڙ لڪ ۾ عبادتگاهه جا منارا ڊهي هيٺ ڪري پيا، ٿوهر گهاٽا ٿي ويا، ڀٽن تي ڪساوڙي جون پاڙون چونڊڻ وارو ڪو به نه بچيو، کوهه جو کارو پاڻي اٻرندو ڪنارن کي اچي لڳو، جانورن جا ڍانچا اس ۾ خشڪ ٿي ويا ۽ ڳجهون هزارين ميل پري اڏامي ويون.
گهڻن ڏينهن کانپوءِ اتي ڪوئلي جهڙن ڪارن ماڻهن جو هڪ ٻيو قبيلو اچي پهتو، اهي پريان ڌوڙ ۾ سهڪندا پئي آيا، انهن جي جسم تي ماس نه هيو. اهي هڏا وان پڃرا ڏسجي رهيا هيا. انهن جون اکيون ڏرا ڏئي ويل هيون ۽ انهن جا ڏند ٻاهر نڪتل هيا. ائين پئي لڳو ڄڻ انهن گهڻي عرصي کان ڪجهه نه کاڌو هجي. قافلي ۾ شامل عورتن جي هنج ۾ بک ۽ اڃ کان مري ويل معصوم ٻارڙن جا لاش هيا. اهي جڏهن اتي پهتا ته سڀ اٻرندڙ کوهه جي کاري پاڻيءَ تي اچي ڪريا. انهن پنهنجن ڪمزور ڪارن ڪلهن ۾ واڍ وجهي کوهه مان پاڻي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. انهن پنهنجي اڃ اجهائي ۽ کاري پاڻيءَ جا ڇنڊا منهن کي هنيا، جڏهن سامت ۾ آيا ته چوڌاري ڏٺائون. چونئرا خالي پيل هيا ۽ ڊهي ويل عبادتگاهه جو در بند هيو. انهن اتي چونئرا وسايا ۽ عبادتگاهه جو در کولي ان جي مرمت ڪئي، اهي ڀٽن تي ويا ۽ ڪيساوڙو چونڊي ان مان ماني پچائي، ڪنڊيدار ٿوهر ڇلي باهه تي ٽهڪائي وڏي مزي سان کاڌو، هو ڏاڍا خوش هيا، هڪ ڏينهن اهي عبادتگاهه ۾ ويا ۽ انهن سجدو ڪري رب جا ٿورا مڃيا.
“شڪر آهي تنهنجو اي رب... تون اسان کي ان لائق سمجهيو، اسان جون دعائون قبول ڪيون ۽ اسان جا ڏينهن بدلايا، ڪساوڙو ڏنو، ڳردار ٿوهر ڏنو ۽ پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ڏنو، ڌرتيءَ تي ڀلا ان کان وڌيڪ ڪهڙي جنت ٿي سگهي ٿي.”