ڪھاڻيون

روشنيءَ جو مينار

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي 12 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامھون گذريو آهي، مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول ”اڻويهه عورتون“ تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي. هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي. موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1969
  • 478
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book روشنيءَ جو مينار

سکر-پهرين جون 2001

هو آفيس مان نڪتو ته ساڍن ستن هزارن جي پي سلپ هن جي کيسي ۾ موجود هئي. هو اهو سوچي مرڪيو ته سندس مهيني جي پگهار بئنڪ ۾ جمع ٿي چڪي هوندي. هو ڪاريڊور ۾ اڳتي وڌيو ته هن کي هوءَ نظرا چي وئي.
هوءَ... جنهن کي هو بي پناهه چاهيندو هيو، جيڪا بي حد خوبصورت هئي، جنهن آڏو هو ڪڏهن به پنهنجي پيار جو اظهار نه ڪري سگهيو، هن همت ڪري اڳتي وڌي هن کي سلام ڪيو ۽ هوءَ بيهي رهي.
هنن ڪجهه رواجي جملا ڳالهايا ۽ پوءِ هن ان کي هوٽل ۾ ماني کائڻ جي دعوت ڏني.
هوءَ مرڪي، هن جي مرڪ ۾ رضامندي هئي.
“ها اڄ پهرين تاريخ جي خوشيءَ ۾ ماني ٿي وڃي” هن چيو ۽ ڪجهه گهڙين کانپوءِ هو ٻئي هڪ ٿڌي هوٽل جي انڌياري ڪنڊ ۾ هلڪي سائي رنگ جي روشنيءَ هيٺ آهستي ڳالهائي رهيا هيا. هو مرڪي رهيا هيا ۽ هلڪا ٽهڪ ڏئي رهيا هيا.
هوٽل ۾ پليٽن مٿان چمچن جو ناچ بک جي مندر ۾ وڄندڙ سڪون جي گهنٽين جهڙو هيو. سگريٽن جو دونهون ۽ کاڌي مان ايندڙ سِرڪي جي بوءِ، گرم چانهه جي ڪوپن مان چيلهه لوڏائي مٿي اٿندڙ ٻاڦ، خوشي ۽ سرور کان هن جو پورو جسم ڄڻ خمارن ۾ بدلجي پکي جي هوا ۾ لڏڻ لڳو.
کاڌو کائيندي ڪيترا دفعا هنن جي هٿن هڪ ٻئي کي ڇهيو ۽ اکين هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪيو.
هنن چانهه پيتي ۽ هوٽل کان ٻاهر آيا، تيز اڇي اُس سندن اکين تي ڪو به اثر نه ڪيو. ٽاڪ منجهند هئي ۽ روڊ سنسان هيا. وڻ تي ويٺل ڪانءَ ڌرتيءَ تي سهڪندڙ ڪتن جي ريس تي وات کولي سهڪي رهيا هيا، انهن جون زبانون ڏڪي رهيون هيون.
هو ان کي گهر تائين ڇڏڻ آيو، اتي موڪلائڻ کان اڳ ڀت جي اوٽ ۾ پاڇي هيٺان بيهي هن ان جي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ زور سان جهليو ۽ پوءِ همت ڪري پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو. ان هن سان اکيون ملايون، پوءِ مرڪي ۽ شرمائي هلي وئي. هن محسوس ڪيو ان جي اکين مان انڪار ٽٽل تاري جيئن اوندهه ۾ روشنيءَ جي لڪير ٺاهي انڌيارن ۾ فنا ٿي ويو. ان جي رضامنديءَ جي مرڪ کي هن پنهنجي چپن تي محسوس ڪيو، جنهن کان هن جي جسم ۾ ٿڌ جي ڌرڙي جاڳي ۽ سندس هر انگ سڪون کان لذت ۾ اچي ويو. هن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هوءَ هلي وئي پر هن محسوس ڪيو جيئن هوءَ هن جي دل ۽ وجود ۾ موجود آهي. هوءَ هن سان گڏ آهي، بلڪل ان پي سلپ جيان جيڪا ساڍن ستن هزارن جي صورت ۾ هن جي کيسي اندر موجود هئي.
اهو سندس زندگيءَ جو عظيم ڏينهن هيو. هڪ محبوبا جي پيار جو اظهار ۽ کيسي ۾ ڳاڙهن نوٽن جي احساس جي رسيد، هو موج ۾ جڏهن گهميو پئي ته سندس پنهنجي چال ڪنهن بدمست مڪني هاٿي جي لوڏ جهڙي پئي محسوس ٿئي. سرور کان جسم ۾ سيءُ پئي ٿيو. سندس اکين ۾ اعتماد جا ڳوڙها اٽڪيل هيا جنهن کان اهي چمڪي رهيون هيون. هن جي ڳٽن ۽ ڪنن وٽ خون جي گردش وڌڻ ڪري هو تازو توانو پئي محسوس ٿيو. هڪ مرڪ جنهن کي لڄ کان هو لڪائڻ پيو چاهي، اها نه چاهيندي به سندس چپن تي چنبڙي پئي.
هو هلڪيون وکون کڻي پنهنجي ڪوارٽر ڏانهن مڙيو، هن مٿان سج سندس وجود سان گڏ پئي سفر ڪيو. سج جي هن سان ڪا خاص محبت هئي اهو پوري قوت سان هن جي دماغ مٿان جيئن ڪنهن نظر نه ايندڙ تند سان ڳنڍيو پيو هيو، پر هو موج ۾ جهومندو چپن کي گول ڪري سيٽيءَ سان گڏ هٿ سان چپٽي وڄائي هلندو پئي ويو.
سال پهريان هن پنهنجي موٽرسائيڪل جيڪا هڪ دفعو هن کان ڦر ڪري ڀنگ جي عيوض واپس ڪئي وئي هئي، سا وڪڻي ڇڏي، هن پاڻ کي پنڌ گهمڻ جو عادي بڻايو هيو ۽ هو پنڌ گهمندي پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ۽ توانو محسوس ڪندو هيو. جڏهن هو ڪوارٽر تي پهتو ته ڄڻ هن کي اوچتو خيال آيو. رستا ۽ واٽون ڪيترا نه سنسان ۽ ويران هيا. روڊ جو ڏانڀر ان جي هٿن جيان نرم هيو. هر شيءِ پناهه گاهه ۾ موجود سهڪي رهي هئي جيئن هن ۾ اندر هوءَ سهڪي رهي هئي ۽ ان جي ساهه کڻڻ جو احساس هو پنهنجي ڪنڌ وٽ محسوس ڪري رهيو هيو. روڊ سنسان هيا، ڪو به نه هيو پر هوءَ هن سان ساڻ هئي. هن جي گرم پاڻيءَ جهڙي وجود ۾ برف جي ڳنڍي جيان ترندڙ، رجندڙ ۽ پاڻيءَ جو روپ وٺندڙ. پاڻي جنهن جو ڪو به روپ نه آهي ڪا بناوٽ نه آهي. جنهن ۾ آهي تنهن جهڙو آهي.
هو ڪوارٽر ۾ ليٽيو رهيو، خوشي ۽ سرور کان ننڊ هن جي اکين کان ڪوهين ميل ڏور هئي. ڪجهه ڪجي، گهمجي ڏسجي، ملجي، هن ٽهڪ ڏنو ۽ اٿي کڙو ٿيو. منٽن ۾ تيار ٿيو ۽ پئسن سان گڏ هن جي نظر پي سلپ تي پئي. هن ان کي پنهنجن چپن تائين آڻي چميو ۽ ويڙهي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. هن آئيني اڳيان اچي، ڦڻي ڏني ته هو پاڻ کي تمام صحتمند نظر آيو. هن ڪوارٽر کي تالو هنيو ۽ چوڪيدار کي ڳولهڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائي. اتي ڪو به ڪونه هيو، رستا سنسان هيا. اس جي ٽهڪندڙ چانديءَ ۾ هن پاڻ کي ان سون جيان محسوس ڪيو جيڪو ڪنهن اونداهي ٿڌي لاڪر ۾ پرسڪون پيو هوندو آهي.
هو هليو ۽ شهر جي پهاڙيءَ واري حصي کان ڏاڪڻين تان لهندو اچي وچ شهر ۾ بيٺل ٽاور وٽ پهتو. هن ٽاور جي گهڙيال ڏانهن نهاريو. ساڍا ٽي ٿيا هيا ۽ پوءِ پنهنجيءَ واچ ۾ ٽائيم ڏٺو، هن جي واچ به ساڳيو ٽائيم ڏيکاري رهي هئي جيڪو ٽاور جي گهڙيال ۾ هيو. هن کان ٽهڪ نڪري ويو. اهو گهڙيال گذريل پندرهن سالن کان بند هيو. ان جا ڪانٽا زنگجي چڪا هيا پر عجيب اتفاق هيو. هن دل ۾ خوشي محسوس ڪئي. ڪائنات جي هر شيءِ سندس ها ۾ ها ملائي رهي هئي. هن آڏو پيار ۽ هڪجهڙائيءَ جو اظهار ڪري رهي هئي.
شهر جي مرڪزي حصي هجڻ ڪري اتي ڪافي ماڻهو موجود هيا. بازارون کليل هيون ۽ گڏهه پنهنجن گاڏن ۾ جڪڙيل هوندي به ڊگهين عمارتن جي پاڇن ۾ پنهنجن مالڪن سان اگهور ننڊ ۾ ستل هيا.
هن محسوس ڪيو جيئن هيءُ شهر پگهر جي سمنڊ ڪناري اڏيل ڪو تفريحي مقام هجي جتي جا سڀ ماڻهو ان سمنڊ ۾ وهنجي ڪناري تي پهتا هجن. هن پنهنجي پيشانيءَ کي هٿ هنيو، اها خشڪ هئي. هن هيٺ روڊ ڏانهن نهاريو ۽ پنهنجي صورت ڏسي حيران ٿي ويو. ڀڳل روڊن تي گٽر سکڻي ڪنيءَ جيئن ابامي رهيا هيا. ڪاري پاڻيءَ جي وچ ۾ بيٺل ٽاور مان ڄڻ روشنيءَ جا شعاع نڪري ڀٽڪيل ٻيڙن کي راهه ڏيکاري رهيا هيا. هر شخص پاڻيءَ ۾ ائين گهمي رهيو هيو جيئن اهو پاڻي انهن جي زندگيءَ جو حصو بنجي ويو هجي.
هو به پاچا مٿي ڪري بوٽن سميت پاڻيءَ ۾ گهڙي پيو ۽ هڪ اڻ ڄاتل سرور کان ٿڌ سندس جسم ۾ پيرن کان اڀري جسم مان لنگهي دماغ تائين پهچي وئي. هو ڪاري پاڻيءَ ۾ ٻين جيان گهمندو، گول دائرا ٺاهيندو سينيما گهر تائين وڃي پهتو. هن کيسي ۾ هٿ وجهي ٽڪيٽ لاءِ پئسا ڪڍيا ته پي سلپ به هن جي هٿ ۾ اچي وئي. هن ٿڌو ساهه کنيو، ساهه ۾ هن کي انهن هٿن جي خوشبوءِ محسوس ٿي جن کي هن ڇهيو هيو. هن جون اکيون اڌ ٻوٽجي ويون. هن تصور ۾ هڪ چهرو ڏٺو جنهن جا چپ مرڪي رهيا هيا، اکيون شرمائي رهيون هيون. هو سينيما هال ۾ اندر وڃي هڪ سيٽ تي ويٺو. سينيما جي ڇت ۾ پنکا پنهنجي پوري رفتار سان گول ڦري رهيا هيا. هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هر ماڻهوءَ جا ڪپڙا ائين آلا ٿي چڪا هيا جيئن مٿان پکن مان هوا نه پر پاڻي ڪرندو هجي، جنهن کان هر وجود آلو ٿي ويو هجي. هرڪو پنهنجي قميص جي پاند سان پاڻ کي هوا ڏئي رهيو هيو. فلم شروع ٿي ته هن ان جي هر منظر مان مزو ورتو هو اداڪارن جي گفتگوءَ تي کليو ۽ غمگين ٿيو. فلم ختم ٿيو ته هن پاڻ کي پگهريل وجودن جي سيلاب ۾ لڙهندو محسوس ڪيو، هو ڄڻ مونجهه جي طوفان ۾ تازي هوا جي جهوٽي جيان ٻاهر نڪتو. هو خوش هيو. ماڻهو ان فلم تي تبصرا ڪندي ان کي بور چئي رهيا هيا، پر هن کي اها فلم بي حد وڻي هو ان فلم مان ڏاڍو لطف اندوز ٿيو.
هو سينيما مان نڪتو ته سانجهي ٿي چڪي هئي. سج پنهنجي ترڪش مان باهه جا تير وسائيندو اولهه ڏي وري چڪو هيو. هن نظر مٿي ڪري ٽاور جي چوٽيءَ ڏانهن نهاريو، اتي لڳل سياسي پارٽين جا جهنڊا هن کي اهڙي گناهگار جيئن نظر آيا جيڪو پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪندي ڪنڌ هيٺ ڪري سزا جو منتظر هجي. انهن جهنڊن جي وجود مان ساهه نڪتل هيو، هوا بند هئي ۽ اهي لهرائي نه رهيا هيا، اهي بي جان هيا، پورو شهر پٿر بڻجي چڪو هيو. گندي پاڻيءَ ۾ هوا جون لهرون شهر جي بلبن تي چمڪي هيٺ مٿي نه ٿي رهيون هيون. اتي وڻن جو ڪو به وجود نه هيو، اتي روڊن مٿان رسن سان ٻڌل ڪپڙي جا بينر هيا جيڪي لوهه ۾ تبديل ٿي چڪا هيا.
رات ٿوري گهري ٿي ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي، اوندهه ۾ اضافو ٿيو ته آسمان ۾ ستارا گهاٽا ٿي ويا. اهي ستارا ڄڻ رُسي ويل چنڊ جي راهن ۾ گلن جيان وڇائجي ان جي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيا هيا.
ڪاري پاڻيءَ ۾ گهمندڙ ماڻهن جا وجود به ڪارا ٿي ويا. هن کي هر منظر ڏاڍو خوابناڪ پئي نظر آيو. هر طرف ڪارنهن جو احساس ۽ رڙيون ڪري بجلي پيدا ڪندڙ جنريٽرن جو ڪارو دونهون. هر طرف هڪ زوڪٽ ۽ ڪنن ۾ هٿوڙن سان لڳندڙ ڪلين جهڙو آواز، بجليءَ جا جنريٽر جن جي طاقت سان هلندڙ ٽيوب لائيٽس جي روشني هن کي ڪنهن جي چپن جيان مرڪندي نظر اچي رهي هئي. ڪاري اوندهه جنهن ۾ هو ڪنهن جي وارن جو چڳون ڳولهي رهيو هيو. پيرن کي محسوس ٿيندڙ روڊن تي بيٺل پاڻيءَ جو ڇهاءُ هن کي ڪنهن جي هٿن جي ڇهاءَ جهڙو محسوس ٿي رهيو هيو. آسمان ۾ ستارا هن کي ڪنهن جي خوبصورت اکڙين جهڙا لڳي رهيا هيا ۽ دل جي مٿان قميص جي کيسي ۾ موجود پي سلپ ڪنهن برف جي ڳنڍي جيان رجي رهي هئي.
هن مهراڻ مرڪز وٽ هڪ هوٽل اڳيان گرم تنور وٽ ڪنهن کي مانيون ورهائيندي، پوڙهن، نوجوان عورتن ۽ ٻارن کي هڪ ٻئي سان وڙهندي ۽ ڌڪا کائيندي ڏٺو. هن اتي روز ائين ڪيترا بکايل مانيءَ تي وڙهندي ڏٺا هيا، پر هو دل ۾ ٽهڪ ڏئي ڪڏهن به نه کليو هيو. اڄ اهو منظر ڏسي هو وات تي هٿ رکي کليو. خوبصورت بکايل ناريون، معصوم ٻار ۽ ڏڪندڙ ڪراڙا هن کي ڪنهن ڍونڍ تي ويٺ ڳجهن جيان نظر آيا.
هو اڳتي وڌيو ته ڪنهن عورت معصوم بيمار ٻار کي هن ڏانهن وڌائي خيرات گهري “دوا جا پئسا نه آهن... خدا جي واسطي ڪجهه خير ڏي.”
هن جي دل ۾ ڪهل جاڳي هو بيٺو ۽ ڪجهه روپيا ان عورت کي ڏنا. هن پاڻ کي ڪڏهن به ايڏو کليل دل وارو ۽ سخي محسوس نه ڪيو هيو، پر اڄ هن جي دل چئي رهي هئي ته هو پئسا ڪڍي ڪنهن تي گهوري هوا ۾ اڇلائيندو وڃي.
عورت کي پئسا ڏئي هن ڏاڍي خوشي محسوس ڪئي. هن کي پنهنجي ان خوشيءَ ۾ ٻه مرڪندڙ چپ نظر آيا ۽ هو به مرڪڻ لڳو. هو جهومندو اڳتي وڌيو، هن کي ٿوري بک محسوس ٿي. هن سوچيو ڪنهن هوٽل تي ويهي ماني کائجي. هو اوندهه ۾ جنريٽرن جي دونهي ۾ ڪنهن پاڇي جيان اڳتي وڌي اهڙي روڊ تي آيو جتي پاڻي نه هيو پر گندگيءَ جا ڍير هيا. رستو کڏا کٻا ۽ هيٺ مٿي هيو. هو آرام ۽ مزي سان هوٽل ڏانهن هلندو پئي ويو. خوشيءَ کان هن جي اندر ايترو ته اعتماد اچي چڪو هيو جو هن جو هر قدم لاپرواهيءَ ۾ کڄي رهيو هيو. اوندهه ۾ هن جون اکيون پوريل هيون ۽ سرور ڪنهن خمار جيان هن جي دماغ ۾ داخل ٿي چڪو هيو. هن کي هلندي ڪنهن رڙ ڪري اچي ٻانهن کان جهليو “صاحب کليل گٽر...” هن کي ڄڻ تمام پري کان ڪو آواز آيو. “خيال ڪريو اڄ صبح به هڪ ٻار ان ۾ ڪري مري چڪو آهي... ٿورو ڏسو.”
هن ڏٺو، هن اڳيان هڪ وک تي گٽر واڳونءَ جيان وات ڦاڙيو ڄڻ اوندهه ۾ ستو پيو هيو. هن کان ذري گهٽ ٽهڪ نڪري ويو.
“تنهنجي مهرباني ادا” هن کلندي ان ماڻهوءَ کي چيو ۽ ماڻهو هن کي حيرت مان ڏسندي هليو ويو.
هو هوٽل ۾ پهتو ته بيري هن اڳيان گلاس ۽ شيشي جو جڳ رکيو. هن شيشي جي گلاس ۾ پاڻي اوتي چپن تائين آندو. ميرانجهڙو پاڻي، هن جي ڪوهيڙي ۾ نظر ايندڙ چهري جهڙو پاڻي، جنهن ۾ غلاظت هن جي ياد جيان تري رهي هئي. هن اکيون بند ڪيون ۽ گلاس کي وات تي چاڙهي پاڻي اندر اوتي ويو. ٿوري دير کانپوءِ بيرو هن وٽ کاڌي جو آرڊر وٺڻ آيو ته هن جي دل چاهيو هو ان سان ٿورو مذاق ڪري.
“پاڻي ايڏو ميرو هيو جو مون سمجهيو تون ٿاڌل کڻي آيو آهين.”
هن بيري کي چيو.
“بس سائين اسين مجبور آهيون... جيڪو ميونسپل جي نلڪن مان اچي ٿو، اهو حاضر آهي.”
ان کان اڳ جو بيرو وڌيڪ ڳالهائي هن ان کي مانيءَ جو آرڊر ڏنو، ان جي وڃڻ کانپوءِ هن کي کل اچي وئي. بيري جو تيز ۽ تڪڙ ۾ وضاحتي انداز هن کي ڪنهن مسخري جهڙو محسوس ٿيو. هن کي خبر هئي ته شهر جي واٽر سپلائي ۽ سيوريج زير زمين پاڻ ۾ ملي چڪيون هيون. ميونسپل جي نلڪن ۾ گٽرن جو پاڻي اچي رهيو هيو پر پوءِ به هو بيري کي ڀوڳ ڪرائي ڏاڍو لطف اندوز ٿيو.
هن ماني کاڌي ۽ هڪ ويران گهٽيءَ مان واپس ڪوارٽر ڏانهن وڃڻ لاءِ ٿوري پنڌ وارو رستو اختيار ڪيو. هو گهٽيءَ ۾ ٿورو پنڌ اڳتي وڌيو ته برقعي ۾ ڪا عورت هن کي پاڻ ڏانهن وڌندي نظر آئي. ان عورت هن کي روڪيو. هو بيٺو ته ان پنهنجي منهن تان ڪپڙو هٽائي پنهنجيون ڪجهه مجبوريون بيان ڪيون.
“مان توسان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيان.” ان عورت چيو ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ ڄڻ هن جي جسم مان ساهه ئي نڪري ويو.
“آخر توکي ڪهڙي مجبوري آهي جو تون ان ڪم لاءِ تيار آهين؟” هن ڪجهه ڊڄندي ان عورت کان پڇيو.
“مونکي ڪجهه پئسن جي ضرورت آهي، منهنجو مڙس فوت ٿي چڪو آهي، ٻار بکايل آهي.” عورت جواب ڏنو.
هن جو خوف ۽ جهجهڪ ختم ٿي ويا. هڪ ٽهڪ هن جي وات مان نڪري ويو.
“ڇا ته زمانو اچي ويو آهي... مانيءَ لاءِ عورت پنهنجو پاڻ کي منهنجي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي.” هن سوچيو ۽ ڪجهه پئسا ڪڍي ان عورت کي ڏنا. عورت اهي پئسا پنهنجن ڏڪندڙ هٿن سان ورتا ۽ پوءِ هوءَ حيرت مان ٽهڪ ڏئي اڳتي ويندڙ شخص کي ڏسندي رهي، جنهن کي انڌياري گهٽيءَ ۾ گم ٿيندي ڪا به ويرم نه لڳي.
هو مستيءَ ۾ جهومندو جڏهن پنهنجي ڪوارٽر تي پهتو ته رات جا يارنهن وڄي چڪا هيا. هن ڪپڙا بدلايا ۽ اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ليٽي پيو. هوا بند هئي هن اٿي پاڻي پيتو، هن پاڻ کي ڏاڍو توانو ۽ اڻ ٿڪيل پئي محسوس ڪيو. سندس ڏاڍو سٺو ڏينهن گذريو هيو. هن پاسو ورائي اوٻاسي ڏني.
“اڄ ڪيڏي نه شاندار موسم هئي.” هن دل ۾ چيو ۽ پوءِ هن کي جلدي ننڊ جو گيرٺ اچي ويو.
هو صبح سان اٿيو ته هن کي لڳو رات جهڙي ننڊ هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڪئي هئي. پرسڪون سٺن خوابن واري ننڊ، هن چانهن تيار ڪري پيتي، هو تيار ٿيو ته روز جيان هاڪر اخبار هن جي در کان اڇلي هليو ويو. هن اخبار هٿن ۾ کنئي ۽ ان جون سرخيون پڙهڻ لڳو. هڪ خبر جي سرخيءَ تي اچي هن کان رڙ نڪري وئي.
“ڪالهه سکر شهر ۾ گرميءَ سبب ٽي ماڻهو مري ويا.” هن خبر پڙهي ۽ پوءِ حيرت مان هن جو ٽهڪ نڪري ويو.
“ڪمال آهي... ايڏو ڪوڙ.” هن چپن ئي چپن ۾ چيو ۽ پوءِ اخبار کي پاسي سان رکي ڇڏيو.