ڪھاڻيون

روشنيءَ جو مينار

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي 12 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامھون گذريو آهي، مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول ”اڻويهه عورتون“ تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي. هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي. موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1969
  • 478
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book روشنيءَ جو مينار

انساني نسل جو آخري ساهوارو

الواصف بن لوبان کي جڏهن زنجيرن ۾ جڪڙي اهرمن آڏو پيش ڪيو ويو ته هن جا لڱ زنجيرن جي وزن کان ڍرا ٿي چڪا هيا ۽ جسم رهڙجي چڪو هيو. بن لوبان کي اگهاڙي پٺيءَ پويان ازدها جي پڇ کي چهبڪ جيئن استعمال ڪر ائين ٿي لڳايو ويو جو هن جي چمڙيءَ جا ٽڪر هوا ۾ ٿي اڏاميا ۽ پوءِ بن لوبان ٿڪجي هارجي گوڏن ڀر ڪريو ته هن نماڻين اکين سان اهرمن کي عرض ڪيو “ته ڇا تون منهن جو ديوتا نه آهين؟... تون ئي ته مونکي اها طاقت عطا ڪئي جو آئون بڙ جي وڻ کي حڪم ڪيو ۽ اهو چيرجي ويو. ان وڻ تي ويٺل ڪانءَ اڏاڻا ۽ انهن تنهن جي طاقت جي گواهي ڏني ۽ جڏهن منهنجا دشمن ڳولهيندا اچي اتي پهتا ته انهن خاموشي اختيار ڪئي. ڇا منهنجي حڪم ۾ تنهنجي حڪمت ۽ گُر سمايل نه هيا؟... آئون اشارو ڏنو ۽ وڻ ٻه اڌ ٿي ويو. ڇا منهنجي شڪتيءَ ۾ تنهنجي شڪتي شامل نه هئي؟”
۽ پوءِ جڏهن بن لوبان ڳالهائي ٿڪجي پيو ۽ هن ڪنڌ نوائي پنهنجي ڪلهي تي رکيو ته اهرمن پر جلال آواز ۾ هن کي مخاطب ٿي ڄڻ اڀ کي ٿي لرزايو “بن لوبان تون مصيبت جي گهڙيءَ ۾ غافل ٿئين، تون ٻاڏائڻ کان لاتعلق رهين. تون پنهنجو حڪم هلايو. اهرمن توکان وسري ويو. ڇا توکي خبر نه هئي ته اسان ٻانهي کي شڪتي ۽ حواس ڏئي امتحان ۾ وجهندا آهيون ته ڇا هو اوکيءَ ويل اهرمن کي وساري پاڻ ته حاڪم نه ٿو ٿي ويهي ۽ بيشڪ تون ائين ئي ڪيو جنهن جي توقع تومان ڪونه ٿي رکي وئي!”
اهرمن آڏو پيش ٿيڻ کان اڳ بن لوبان ٻن حصن ۾ ورهايل هيو. آري رڙ جيان مٿي بلند ٿي هن جي جسم مان پار ٿي چڪي هئي. هن جي جسم جو هڪ حصو نيڪي هيو ۽ ٻيو بدي هيو. جڏهن اهرمن وري هن جا ٻئي حصا هڪ ٻئي سان ٿي ملايا ته هن رڙ ڪئي. “اي اهرمن بديءَ واري حصي کي دوزخ جي ڳجهن حوالي ڪِر جيئن آءُ فقط نيڪو ڪار ئي رهي سگهان.” اهرمن کي مٺيان لڳي ۽ پوءِ هن بن لوبان کي وراڻيو “اسان هر شيءِ تنهنجي ڀلي لاءِ ٺاهي ته جيئن تون گناهن جي هوندي ثوابن جي تميز ڪري سگهين. بيشڪ ڪا شيءِ مونکان ڳجهي نه آهي. آئون اهرمن آهيان ۽ هر شيءِ ڄاڻان سڄاڻان ٿو.”
پوءِ اهرمن هن کي ٻيهر ٺاهيو ۽ مٽيءَ سان ڳنڍي ٻه حصا پاڻ ۾ ملايا ته هو مڪمل ٿي پيو. پر جڏهن اهرمن جي خليفي زرتشت هن جي جسم کي ڇهيو ته هن جي جسم کي ويڙهيل زنجيرن پويان ڳنڍ جو نشان اڃان به واضح هيو. خليفي رڙ ڪري اهرمن کي التجا ڪئي، “بيشڪ اهرمن تنهنجي حڪمت جي توکي ئي خبر پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪير وهنجي ۽ هن جا لنڱ آلا نه ٿين. هو گهمي ۽ هن جي قدمن جا نشان نه ٺهن، ڌرتتيءَ ۾ ڌرتيءَ تي هن پاڇو نه ٺهي ۽ گپ ۾ ڊوڙي ته گندگيءَ جون ڦينگون نه بلند ٿين؟! اي اهرمن هن جي جسم جي لڪير کي ميسار ۽ هن جي تڪليف واري ڏور کي ڍرو ڪر.”
بيشڪ اهرمن پنهنجن سچن بندن جي پڪار کي ويجهو ڀائين ٿو ۽ جڏهن خليفي هن کي ٻاڏايو ته هن جو جلال جهڪو ٿيو. پوءِ هو اٿي اڳتي آيو ۽ جڏهن هن بن لوبان جي سيني تي هٿ ڦيريو ته ڪا وڇوٽي نه رهي. هو هڪ ٿي پيو. پر پوءِ به جسم سان ويڙهيل زنجيرن ڪري هن جو خوف پيرن تي ٽمندو رهيو.
اهرمن هن کي معاف نه ڪيو ۽ جڏهن زنجيرن ۾ هٿ وجهي هو سنگ مرمر جي فرش تي گهليو ويو ته پويان هن جي رت مان ٺهندڙ ليڪو ڪنهن زخمي نانگ جي صورت ۾ فرش تي ڪريل نظر آيو.
پوءِ هن کي هن جي اعمالن جي پهاڙ تي چاڙهي ڪاري پٿر سان ٻڌو ويو. جڏهن ڏينهن جو ڳجهون هن جو جيرو کائينديون هيون ته رات جو وري جيرو ٺهي پوندو هيو.
ڇا هن کي ڪئي سال اتي ڳجهن حوالي نه ڪيو ويو؟ ۽ پوءِ جڏهن هڪ سزا پوري ٿي ته هن کي وري اهڙي هنڌ آندو ويو جتي هڪ وڏو پٿر هن حوالي ڪري حڪم ڪيو ويو ته هو ان کي مٿي پهاڙ طرف گهلي ۽ جڏهن اهو اتي پهچي وڃي ته وري واپس هيٺائين طرف آندو وڃي. بن لوبان ڪئي ورهيه ان عمل ۾ گذاريا. پر هو نه بخشيو ويو ۽ آخر هن لاءِ اها سزا تجويز ڪئي وئي ته هن کي ڪاري سمنڊ جي ڪاري مڇيءَ جي پيٽ ۾ اڇلايو وڃي.
۽ پوءِ بن لوبان بدبودار مڇيءَ جي پيٽ ۾ وقت گذاريو. نه هو ڊوڙي سگهندو هيو ۽ نه سنئين طريقي ويهي سگهندو هيو. هو اپاهج بنجي ويو. هن جون اکيون روشنيءَ لاءِ سڪنديون رهيون ۽ ساهه بدبودار مڇيءَ جي پيٽ ۾ گهٽجندو رهيو.
تڏهن هن اهرمن کي ٻاڏايو “اي اهرمن اهو ڪيئن ممڪن آهي ته آئون توکي راضي ڪري سگهان. هڪ مڇيءَ اندر موجود هجان ۽ جسم ۾ بدبوءِ نه رهي. ڇا اهو ممڪن آهي؟ اوندهه هجي ۽ آئون ڏسي سگهان؟ مان اپاهج آهيان... محدود آهيان. منهنجيون ٻانهون مڇي جي جسم ۾ جڪڙيل آهن!”
پوءِ بن لوبان هڪ ڊگهي عرصي تائين قيد ٿي ويو، اوندهه هن کي پنهنجي وڌندڙ وارن جي چڳن جيئن محسوس ٿي. هن کي لڳو هو وارن ۾ ويڙهجي چڪو آهي. اوندهه آهي جيڪا هن جو ڪفن بنجي چڪي آهي. هن جڏهن اکيون ٿي بند ڪيون ته هن جي مقدر جون محبوبائون اوندهه جي چنڊ جيان ٿي اڀريون ۽ جڏهن اکيون ٿي کوليون ته هن جا گناهه سڙيل سج جيان ڪاري آسمان تي ٿي نظر آيا.
بيشڪ بن لوبان اهرمن کي ٻاڏائيندو ۽ تڙپندو رهيو. پر هن جي آس پاس جڏهن اوندهه ۾ ڪا به تبديلي نه آئي ته هن محسوس ڪيو ٻه روشنيءَ جا ترورا هن جي دماغ ۾ جاڳيا آهن.
هن ڏٺو پريان ڪو قافلو آهي جيڪو هن اڳيان واضح پيو ٿيندو وڃي. اهو قافلو جڏهن ويجهو آيو ته هن سڃاتو، اهو قافلو يعقوب جي يارهن پٽن جو هيو جيڪو مصر طرف روانو ٿي چڪو هيو. هن يوسف کي فرعون جي درٻار ۾ ڏٺو جيڪو هڪ وزير جي ڪرسيءَ تي براجمان ويو. اهو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجن يارهن ڀائرن ۽ انهن جي اهل وعيال کي پنهنجي سيني سان لاتو، بيشڪ عقل وارا ڄاڻن ٿا ته وقت نه گذرندو آهي واقعا گذرندا آهن.
جڏهن بني يعقوب، موسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ڪنعان جو رخ رکيو ته بن لوبان ان قافلي جو آخري مسافر هيو. هو گناهن جو طوق پائي قافلي پويان ائين ٿي آيو جيئن انسانن جي نسل جو آخري ساهوارو هجي. چاليهه سال ريگستان ۾ رلندي جڏهن من وسلوا کي نازل ڪيو ويو ته هن جي حصي ۾ هڪ داڻو به نه آيو ۽ هن جا آنڊا هڪ ڊگهي نانگ م تبديل ٿي ويا. تڏهن موسيٰ هن وٽ آيو ۽ آڱر جي اشاري سان کيس مصر ڏانهن اشارو ڪندي چيائين “گناهگارن لاءِ ڪنعان جي سرزمين تي ڪا به گنجائش نه آهي. وڃ مصر جي فرعونن جي زمين تنهنجو انتظار ٿي ڪري.”
هو جڏهن واپس موٽيو ته آخري فرعون جو اهرام ڄڻ هن جي پٺيءَ تي لکيو ويو ۽ جڏهن پٿر جون ڇپون رکي هن کي مٿاهينءَ طرف ڊوڙايو ويو ته هن جي ڪرنگهي ۾ سڱ نڪري آيا.
بن لوبان جنهن جو ڪرنگهو مڇيءَ جي پيٽ ۾ ڪنڊن جيان هيٺ لهي ويو ۽ مڇي درد کان ڦتڪڻ لڳي. هو اٿيو ۽ هن پنهنجن ڊگهن ننهن سان مڇيءَ جو گوشت کوٽي وات ڏي وڌايو ته هن جي منهن مان آنڊن جو نانگ سٽ ڏئي اهو کسي ويو. هن جي اکين ۾ ڳاڙهيون رڳون سنهن ڪيڙن جيان چرڻ لڳيون. هو اوندهه ۾ ڏسڻ جي قابل ٿي ويو.
هو اهرمن کي ياد ڪري رنو ته گناهه هن جي اکين مان ڇڻيا ۽ رت جو ڪارو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو.
بن لوبان بدبودار مڇيءَ جي جسم جو حصو ٿي ويو. هو رنو ٿي ته روئڻ جا پڙاڏا هن تي چٿر ڪرڻ لڳا ۽ جڏهن کليو ٿي ته ڄڻ اوندهه جا پڙاڏا هن تي ٿي کليا.
بن لوبان جي دنيا مڇيءَ جو پيٽ هئي. هن جو تند ناڙي جي صورت ۾ دن وٽان شروع ٿي مڇيءَ جي آنڊن سان ملي چڪي هئي. پهريون هن ناخوش گذاريو ۽ پوءِ هو ان جو عادي ٿي ويو. هن نوان حواس ماڻيا. هو سمهيو ته هن جي نيڻن مان هزارين نيڻ گلن جيان ڦٽي پيا. هن جي خوابن مان ڪئي ڪردار جاڳيا ۽ حقيقت جو روپ وٺي هن آڏو آيا. هن خاموشيءَ ۾ ڀڻڪيو ته هن جي ڀڻڪ هزارين لفظن کي جنم ڏنو. هن سوچيو ته هن جي سوچ جي هزارين ڪرڻن ڪئي دماغ تخليق ڪري وڌا. هو جاڳيو ته اڪيلو نه هيو پر جاڳ ۾ هو پري پري تائين موجود هيو. هزارين دماغ سج جيان ڪپيل ڪنڌن تي رکيل هيا. پوءِ به بن لوبان پنهنجي اهرمن کي نه وساريو. هن هميشه ڇوٽڪاري لاءِ هٿ مٿي کنيا. جڏهن هن جا هٿ مٿي بلند ٿيا ته سندس آڱريون ڪرڻن جيان مڇي جي وجود کان پار ٿي ويون.
هزارين ورهيه بن لوبان جي جسم مان پگهر جيان وهي ويا. هن جي جسم جي پگهر مان انگورن جي ول ڦٽي ۽ مئخانا آباد ٿيا، راتيون جاڳي پيون ۽ تماڪ سڙڻ لڳو. هن جي سيني جي وارن کي ساڙي شهر آباد ڪيو ويو. چمنين مان زهر دونهون ٿي مٿي اڀريو ته هن جا ڦڦڙ تازي ڪنڌ لٿل جسم جيان ڦتڪڻ لڳا. هن جو وجود ڊهڻ لڳو ۽ جيئري رهڻ لاءِ ٺهڻ لڳو.
هن ڏٺو اوندهه ۾ ستارا مٿي اڀري سرطان ٺاهي رهيا آهن، اهي ستارا هيٺ لهندا هن جي وجود ۾ گم ٿي ويا. هن هٿ هڻي سرطان جي ڳوڙهن کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ هن سٽ ڏئي هڪ ڳوڙهيءَ کي پٽي جسم کان ڌار ڪيو. ان ڳوڙهيءَ جون پاڙون جسم مان ڇڪجي ٻاهر نڪري آيون. هن ڏٺو اها ڳوڙهي هڪ ڪيڪڙي ۾ تبديل ٿي وئي.
“بيشڪ انهن لاءِ هر شيءِ ۾ سبق موجود آهي پر اهي نه ٿا سوچن ۽ پنهنجي اهرمن جي ناراضگيءَ جو سبب نه ٿا ڄاڻن.”
هن پريان ايندڙ آواز کي ڪنايو. هو جيئن ئي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ هن جي جسم جي ٽڪڙن جا هٿ ڄڻ هڪ ٻئي مان ڇڏائجي ويا هو ذرا ذرا ٿي وکرجي ويو. هڪ وڏو ذرو ننڍن ۾ ورهائجي گهٽجي ويو. هن همت ڪئي پاڻ کي وري گڏ ڪيو ۽ ٺهي پيو. هو اهڙو ٺهيو جو وري ڪو به ڌماڪو هن کي الڳ ڪري نه سگهيو. هو ناسور جيئن ڳوڙهن ۾ تبديل ٿي ويو، پوءِ ائين ٿيو جو بن لوبان جو جسم بگڙجندو ويو. هن جو دماغ پٿر جو ٿي ويو ۽ دل ٽامي ۾ تبديل ٿي ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو. هن جي وجود جي کل چهبڪ سٺا ۽ ماحول جي تابڪاري محسوس ڪري ڪنهن ڪاٺ جي ٿڙ جهڙي ٿي وئي، ان تي بغاوت جا ڇوڏا نڪري بيهي رهيا. هو ڪيترو وقت سرطان جا ڳوڙها پنهنجي وجود مان چونڊي سمنڊ حوالي ڪندو رهيو.
پوءِ بن لوبان اڳيان اهو راز منڪشق ٿيو ته ساهواري جو هر حصو بغاوت مان پروان چڙهي ٿو.
بن لوبان مڇي جي وجود ۾ هزارين سال گذرڻ کانپوءِ هڪ نئين وجود ۾ تبديل ٿي ويو. وقت سان گڏ هن جو وجود سرطان جيئن وڌندو ويو.
۽ پوءِ گهڻن سالن جي سفر کان پوءِ هن جي وجود وڌي مڇيءَ جو پيٽ ڦاڙي وڌو، بن لوبان مڇيءَ جي پيٽ مان آزاد ٿيو. هن ٻاهر نڪري تازو پاڻي پنهنجي جسم سان محسوس ڪيو ۽ اهرمن جو شڪر ادا ڪرڻ بجاءِ پنهنجي وجود تي فخر ڪيو. هن جو ڪارو ناسي وجود جيڪو سخت کل هيٺان پٿرن جي ڍير جيان موجود هيو، اهو سمنڊ جي لهرن ۾ ڪنهن ٻيٽ جيان هيٺ مٿي ٿي ترڻ لڳو.
هن جو وجود جنهن ۾ جيرو سائي پتي ۾ تبديل ٿي ڳجهن کي موت جي دعوت ڏيڻ لڳو. هن جا هٿ ڪنهن وڏي پٿر کي مٿي چاڙهي آسانيءَ سان اڇلائي پئي سگهيا ۽ ڪنهن ازدها کي چهبڪ جيئن هن جي پٺيءَ تي وسايو وڃي ها ته هوند اهو ازدها گوشت جي سوين ذرن ۾ تبديل ٿي اڏامي وڃي ها. پوءِ بن لوبان جڏهن اهرمن جي طاقت جي لڪير کي اورانگهيو ته اهرمن جو منهن لهندڙ سج جيان لال ٿي ويو. قهر آسماني وڄ جيان لڪيرون ٺاهيون ۽ سمنڊ جو پاڻي لهرون ٿي ڦتڪڻ لڳو.
اهرمن جلال ۾ آيو ته سوين قهر مينهن جيان وسي پيا، هزارين سزائون طوفانن جو روپ وٺي سمنڊ مٿان گول ڦري پاڻيءَ جا ڪُن ٺاهڻ لڳيون. ڪائنات ڏڪي وئي. ابابيل آيا... هاٿي آيا... ڀولا ۽ باندر آيا... نوح جو ٻيڙو آيو... ياجوج آيا... ماجوج آيا... ڄڻ ته قيامت آئي.
پوءِ جڏهن سڀ لنگهي ويا ته بن لوبان سمنڊ جي سطح تي نروار ٿي پنهنجي نرڄو جسم سان اچي ڪناري تي پهتو. هن وک وڌي ۽ ڪناري ڀرسان بيٺل ڪارن جبلن طرف وڌيو.
جڏهن هو اتي هڪ پٿر تي ويٺو ته ائين ٿي ڏٺو جيئن هو به هڪ پٿر هجي.
تڏهن زرتشت هٿ ادب جا ٻڏي سر جهڪائي اڳتي وڌيو ۽ چيائين
“اي اهرمن بيشڪ سزا ۽ قهر جو مستحق انسان آهي، نه ڪي ٻيو. تون بهتر ڄاڻيندڙ آهين ۽ تون بهتر ڄاڻين ٿو ته بن لوبان انسانيت جي دائري کان نڪري چڪو آهي. هو هڪ پٿر ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.”
۽ پوءِ ائين ٿيو جو اهرمن جو ڪو به قهر ڪارگر نه رهيو. بيشڪ سڀ ذلتون انسان لاءِ آهن ۽ بن لوبان انسان نه رهيو، هو پٿر ۾ تبديل ٿي ويو.