ڪھاڻيون

روشنيءَ جو مينار

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي 12 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامھون گذريو آهي، مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول ”اڻويهه عورتون“ تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي. هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي. موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1969
  • 478
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book روشنيءَ جو مينار

پيءُ

پيءُ کي مُئي ويهه سال گذري چڪا هيا. جڏهن پنجيتاليهن سالن جو هيو ته سندس پيءُ اٺهٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ائين هو پيءُ کان ٽيويهه سال ننڍو هيو ۽ پيءُ جي پهرين زال مان اڪيلي اولاد هيو. ويهه سال اڳ جڏهن سندس پيءُ گذاري ويو ته هن ان جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪئي هئي جنهن ڪري کيس محسوس ٿيندو هيو ته پيءُ گذاري نه ويو آهي پر جيئرو آهي. هن کي پيءُ کان نفرت هئي. پيءُ هن لاءِ خوف جي علامت هيو. پيءُ جنهن کي ڀنڀي ڏاڙهي ۽ نوڪدار مڇون هيون. ان جون اکيون اهڙن بلٽوري چدن جيان هونديون هيون جن کي ننڍي هوندي آڱر ۾ جهلي ٻئي چدي کي ڌڪ هڻندو هيو ته ڄڻ ان مان چڻنگون نڪرنديون هيون. چدا جيڪي پيءُ هن جي هٿن مان کسي باهه ۾ گرم ڪري ڏنڀ ڏنا ته اهي نشان عمر ڀر لاءِ سندس پٺيءَ تي رهجي ويا.
“اڙي معاف ڪر پوڙها... معاف ڪر.”
پيءُ کي هٿ ٻڌندو هيو ۽ کڙيون زمين تي هڻي روئندو هيو، جڏهن ٽن سالن جو هيو ته سندس ماءُ گذاري وئي. پيءُ کي ٻيا ٻار به هيا جيڪي ٻيءَ ماءُ مان هيا، ننڍو ماٽيلو ڀاءُ جيڪو هن کان پنج سال ننڍو هيو. ان کي پيءُ اهڙو ٽوپ آڻي ڏنو هيو، جهڙو انگريز عملدار سکر بئريج جي اڏاوت وقت مٿي تي پائي تيز اس ۾ بيهي هلندڙ ڪم جو جائزو وٺندا هيا. ننڍو ڀاءُ جڏهن اهو ٽوپ مينهن ۾ پائي بيهندو هيو ته پاڻي نيسارن جيان ان جي پاسن کان وهي ڪلهن تي ڪرندو هيو. هن کي ماٽيلو ڀاءُ ائين لڳندو هيو جيئن ساڌ ٻيلي جو ننڍو بت جنهن مٿان پاڻيءَ جو ڦوهارو وهندو هجي.
هن جي ماءُ جوانيءَ ۾ فوت ٿي وئي، اها انتهائي خوبصورت عورت هئي، پيءُ ان کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندو هيو، جڏهن پاڪستان ٺهيو هيو ته اها پنهنجي هڪ ساهڙيءَ سان آخري ملاقات ڪرڻ سندس گهر وئي هئي، جڏهن موٽي هئي ته پيءُ کيس ان رسي سان مار ڏني هئي جيڪو ان مينهن جي پيرن ۾ ٻڌندو هيو جنهن مينهن هڪ دفعي ڪونهي جي ڪسجي وڃڻ کانپوءِ کير ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هيو. پيءُ کي پلال جو ڪونهو ٺاهي ڀرسان بيهارڻو پيو هيو ته جيئن اها ان کي ڏسي کير ڏي.
ماءُ جي پٺيءَ تي رسن جا نشان هن جي يادن ۾ نانگن جيئن رهجي ويا. هن پيءُ کي هٿ ٻڌا.
“اڙي جان ڇڏ پوڙها... جان ڇڏ.”
هن واقعي کانپوءِ هن ڪڏهن پيءُ کي پيءُ نه ڪوٺيو، هن کان ڪا اهڙي خطا به نه ٿي هئي، جنهن عيوض ايڏي سزا ڀوڳڻي پئي. اها سڄي حرڪت دادن شاهه جي هئي، جنهن گهٽيءَ ۾ کڏون کوٽي انهن ۾ پاڻي وجهي مٿان ڪک ڪانا رکي ڇڏيا هيا، ڪو به اتان لنگهيو پئي ته سندس پير کڏ ۾ هليو پئي ويو. هن کي دادن شاهه سان ٽهڪ ڏيندو ڏسي ڪنهن کيس پيءُ کي ٻڌايو ته “تو واري پٽ رڻ مچائي ڏنو آهي، ڪو به شريف ماڻهو گهٽيءَ مان لنگهي نه ٿو سگهي.”
هو ٻاهر ويو ۽ پٽ کي نڙيءَ کان جهلي گهر وٺي آيو، بهار جي موسم ختم ٿيڻ واري هئي ۽ روڊن تي انبڙين جا انبار لڳا پيا هيا، پيءُ به منجهند جو چٽڻيءَ لاءِ ٻه چار انبڙيون وٺي آيو هيو. هن پٽ کي مينهن واري رسي سان ٻڌو ۽ پوءِ انبڙيءَ جي ڦار ڪٽي کيس هٿ ۾ ڏيندي چيائين “انبڙي چٽ... جي رنو آهين ته صفا نه ڇڏيندو سانءِ.”
هو انبڙيءَ جي ڦار چٽڻ لڳو ۽ پيءُ هن کي ڦٽڪي سان مارڻ لڳو.
“مونکي نه مار... بابا مونکي نه مار.” هن چيو ۽ انبڙي جي ڦار اڇلي روئڻ لڳو.
پيءُ هن کي منع ڪئي.
“مونکي بابا نه ڪوٺيندو ڪر... تون سوئر جو تخم آهين.”
ان ڏينهن کانپوءِ هن پيءُ کي پيءُ نه ڪوٺيو، هو ان کي پوڙهو چوندو هيو، پوڙهو جنهن جي ڏاڙهي شيشي مان نظر ايندڙ دٻي اندر ان پشم گولي جهڙي هئي جيڪو هٿ ۾ جهلڻ سان سکر جي اس ۾ رجي ويندو هيو. هن جي تصور ۾ پيءُ جو چهرو به اهڙو ئي هيو. باهه ۾ ٻرندڙ، ريشو ريشو ٿي وهندڙ ۽ ريسائيڪل ٿي جڙندڙ.
توڙي جو پيءُ کي مئي ويهه سال گذري چڪا هيا پر کيس محسوس ٿيندو هيو اهو هر قدم پويان پيرن جا نشان سنگهندو اچي رهيو آهي. هو پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪندو هيو يا اهڙو چور جنهن پيءُ جو اهو رسو چوري ڪيو هجي جيڪو مينهن کي ٻڌندو هيو.
هو پيءُ جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هيو، اکين سان دفن ٿيندي مٽي ورندي ڏسي نه سگهيو هيو، ان جو سبب اهو هيو ته جڏهن ان جو موت واقع ٿيو ته هو شهر ڇڏي چڪو هيو. هن کي پوڙهو ڪرايي جي ان جاءِ جي اڇي چوني واري ڀت تي ظاهر ٿيندي نظر آيو هيو جنهن جاءِ ۾ هو زال سان اچي رهيو هيو. اهڙي احساس کان پوءِ ته پوڙهي جون اکيون انهن جي اوگهڙ ڏسي رهيون آهن. هن جو وجود بجلي بند ٿي وڃڻ کانپوءِ ٽيپا ٽيپا ٿي رجندڙ فريزر جهڙو ٿي ويو هيو.
“اڙي جان ڇڏ پوڙها... جان ڇڏ.”
هن چيو هيو ۽ جڏهن سڌو ٿيو هيو ته کيس پيٽ ۾ اهڙو وڪڙ پيو هيو جو ان مان ان حقي جي گُڙ گُڙ جهڙا آواز آيا هيا. جيڪو پيءُ ان اوطاق ۾ پيئندو هيو، جنهن اوطاق ۾ هن ماٽيلي ڀاءُ جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جا ڪپڙا ٻارن ۾ ورهايا ويا. ننڍو ماٽيلو ڀاءُ ڇهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. تڏهن سکر جي ٿرمل پاور هائوس جي بجلي اڌ شهر روشن ڪندي هئي. انهن گهٽين تائين اها نه پهتي هئي. تڏهن اوندهه جو احساس نه هوندو هيو. اوندهه جو احساس تڏهن جاڳيو جڏهن انهن گهٽين ۾ بجلي آئي، ڏينهن جو گهر جي اڱڻ ۾ لڳل نم هيٺان آرام ڪبو هيو ۽ رات جو هٿ بتيون ٻرنديون هيون. جڏهن ننڍڙو ماٽيلو ڀاءُ گذاري ويو ته ڪمري جي ڀت ۾ مسجد جي محراب جهڙي جاري ۾ هيڊي لاٽ واري هٿ بتي ٻري رهي هئي. ڪمري ۾ روئندڙ عورتون سٿيل هيون جن کي مختلف رنگن وارا رئا پاتل هيا پر هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ سڀني رئن جو رنگ هيڊو هيو. هيڊن چهرن تي هيڊا ڳوڙها نم مان ڪرندڙ هيڊين نمورين جهڙا هيا.
هٽلر جي مڇن جهڙي عطائي ڊاڪٽر ماٽيلي ڀاءُ کي آخري سئي هنئي، جڏهن اهو ڪاري پيٽي کڻي پيءُ سان ٻاهر نڪتو ته پويان ماٽيلي ڀاءُ آخري هڏڪي ڏني ۽ ان جون اکيون ڪاٺي ڇيڻن واري باهه جي دونهي ۾ ڪاري ٿي ويل ڇت تان ڦرنديون بند ٿي ويون. هن محسوس ڪيو هيو. ماٽيلو ڀاءُ هن جي بد دعائن ڪري مئو هيو، هن ان کي ڪيترا ڀيرا بددعائون ڏنيون، جڏهن اهو رات جو چانورن سان سنڌڙي انب کائيندو هيو. هن کي کائڻ لاءِ ڀينڊيون به نصيب نه ٿينديون هيون. هڪ دفعي هو کاڌو اڌ ۾ ڇڏي پاخاني ۾ ويو ۽ اتي لڪي رب کان دعا گهري.
“هيءُ ڪهڙو انصاف آهي؟ خدا ان کي مار، جيئن ان جي ماءُ کي اهو احساس ٿئي ته اولاد ڪهڙي شيءِ هوندي آهي، پوءِ چاهي اها پنهنجي هجي يا پرائي.”
نيٺ هن جو ماٽيلو ڀاءُ مري ويو، جنهن سان هو کيڏندو هيو ۽ ڪڏهن ان جي ٻاتي ٻوليءَ تي ٽهڪ ڏيندو هيو، هو تڏي کي تڏو چوندو هيو ۽ ننڍو ماٽيلو ڀاءُ تڏي کي... چوندو هيو.
هن جو ماٽيلو ڀاءُ دنيا ۾ نه رهيو پر ان جا ڪپڙا ۽ اهو ٽوپلو رهجي ويا، جيڪي پيءُ ان جي دفنائڻ کانپوءِ اوطاق ۾ ورهايا، جڏهن پيءُ ماٽيلي ڀاءُ جا ڪپڙا ۽ ٽوپلو ٻارن ۾ ورهائڻ وارو هيو ته هن جي ڀرسان ٻيءَ ماءُ مان اهي ڀينر موجود هيون جن جا نالا خيرالنساءِ ۽ زليخا هيا، سندس من چاهيو ته هو ڀينرن کي چوي ته اهي پيءُ کي سفارش ڪن ته ننڍي ڀاءُ جو ٽوپلو جيڪو کيس ڏاڍو وڻندو هيو اهو هن حوالي ڪري، پر هو انهن کي چئي نه سگهيو هيو، ننڍيون ڀينر ڀاءُ جي ورهائجندڙ ڪپڙن کي ڏسي سڏڪي رهيون هيون. اهي غم ۾ ائين ورتل هيون جيئن کين غم ماتا جي مرض جيان ڳوڙهن جي ڦلوسڻن سان منهن تي حملو ڪيو هجي. اهو ٽوپ ان ڇوڪري جي حصي ۾ آيو جيڪو هن جي ماءُ جي اباڻن مان هيو.
هڪ دفعي هو ان ڇوڪر سان ڏاڪڻ تي کيڏي رهيو هيو. ڇوڪر کي ساڳيو ٽوپ پاتل هيو. هن جون نظرون ٽوپ ۾ هيون، هن هر هر سٽ ڏئي اهو ٽوپ لائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ڇوڪر کي هٿن ۾ ڳاڙهي شربت وارو شيشي جو گلاس هيو. اهي ڏاڪڻ ۾ کيڏندا رهيا، جڏهن اهو ڇوڪر ڏاڪڻ تي هڪ ڏاڪو مٿي چڙهيو ته هن کيس پويان پيرن کي ڇڪيو. ڇوڪر ڏاڪڻ تان رڙهندو اچي هيٺ پيو. ڪا خبر نه ٿي پئي ته ان جي وات مان رت پئي وهيو يا شربت. هن ڇوڪر کي نه ڏٺو پر ٽوپ کي ڏٺو جيڪو ڏاڪڻ جي ڪنڊ ۾ پيو هيو جنهن لاءِ کيس دل ۾ وڏي عزت ۽ جاءِ هئي. هو ان ٽوپ کي کڻي نه سگهيو، گهر وارا ڀڄندا آيا، ٿوري دير ۾ پيءُ آيو. هن کي چماٽ هڻي ٻانهن کان ڇڪيائين، هو رنو ۽ رڙيون ڪيون، کٽ جي ٻانهيءَ ۾ چمبڙي پيو. پيءُ هن جا هٿ ڇڏايا ۽ ڇڪي ڪلهي تي کنيائين. سندس پاتل سائي گوڏ مٿي ٿي وئي. اها هن لاءِ شرم جي ڳالهه هئي ته پاڙي وارا هن جي اوگهڙ ڏسي رهيا هيا. کيس اهو احساس ته هو اڳيان پويان ظاهر ٿي رهيو هيو، هن کي وڏي هوندي ڊگهي گهير واري سٿڻ پائيندي به ڪڏهن نه وسريو. گهر جي اڱڻ ۾ پيءُ هن کي ساڳي رسيءَ سان مار ڏني جنهن رسيءَ سان سندس ماءُ کي ڪٽيندو هيو.
“اڙي معاف ڪر پوڙها... معاف ڪر.”
هو رڙيون ڪري رنو، پوءِ هن خيالن ۾ پاڻ کي رسي جي پينگهه تي جهوليندي ڏٺو، سندس سامهون مڱ بيٺل هئي. پينگهه جي هوا ۾ هو اڏندڙ گوڏ سان هر هر سٿر ڍڪي رهيو هيو. هن جي مڱ جنهن جو قد ان بالٽيءَ کان ٿورو وڏو هيو جيڪا پيءُ مينهن ڏهي کير سان ڀري صندل تي ويهي وڪڻندو هيو. ان جو قد شاديءَ کانپوءِ ايڏو نه وڌيو، جڏهن جوان ٿي ته سندس ڪُڙتي جي پاسي واري کيسي جيتري مس هئي.
اهي سياري جا ڏينهن هيا جڏهن پيءُ جي بيماري ان حد کي پهتي ته جو اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي ويو. هو اوني ٽوپ پائي تڙڪي تي ويٺل هوندو هيو ۽ ان جا سٿر کليل هوندا هيا. هو ڇن جي بيماريءَ ڪري سٿر ملائي نه سگهندو هيو. سُريل گوڏ مان ان جا ظاهر ٿيندڙ خصيا ايڏا ته وڏا هوندا هيا جيئن اتي هن اهڙي هڙ لڪائي هجي جنهن ۾ سندس زندگي ڀرجي جمع پونجي سمايل هجي. نوجوان ننهن ايندي ويندي منهن تي رئو ڏئي شرمائيندي هئي ۽ هو ان ڏي ائين ڏسندو هيو جيئن ڪنهن وسري ويل چهري کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
هو پيءُ کي سهارو ڏئي سول اسپتال وٺي ويو، پيءُ سٽ ڏئي هن کان ٻانهن ائين ڇڏائي جيئن کيس پڪ ٿي وئي هجي ته اهو پٽ نه عزرائيل آهي جيڪو دوزخ جي در تائين هن جي رهنمائي ڪندو هجي. آپريشن کانپوءِ پيءُ حد کان وڌيڪ صحتمند ٿي ويو، هن جو بت ڀرجي ويو ۽ چهري جا گهنج ختم ٿي ويا. هڪ ڏينهن جڏهن هو دير سان گهر موٽيو ته ننڍي قد واري زال اڪيلائيءَ ۾ روئي کيس دانهن ڏني.
“چاچا منهنجين ڇاتين ۾ هٿ وڌا آهن.”
هن اها آخري رات پيءُ جي گهر گذاري، صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ هن ڪاري چادر زال کي ڏني ۽ ٻئي خاموشيءَ سان گهر کان نڪري ويا هيا. پوءِ هن کي سڄي زندگي زال جي ڇاتين تي پيءُ جي آڱرين جا نشان ائين نظر آيا جيئن اهي اهڙي ملڪيت جا دستاويز هجن جيڪي هن کي پيءُ پاران ورثي ۾ مليا هجن.
پيءُ کي مئي ويهه سال گذري چڪا هيا، پر کيس ڄڻ پڪ هئي ته اهو جيئرو آهي ۽ ان گهر ۾ رهي ٿو جنهن ۾ هو رهيل آهي. ڀنڀي ڏاڙهي ۽ نوڪدار مڇن وارو پيءُ جنهن جي ڳچيءَ ۾ رسو مفلر وانگر پيل آهي. جيڪو هن جي مفلسيءَ تي ٽهڪ ڏئي ٿو ۽ پنهنجي بي وسيءَ تي روئي ٿو. پيءُ جي ڪٽيل منڍي هر هنڌ ٽنگيل آهي. پکي ۽ بلبن واري جاءِ تي، الماڙيءَ ۾ ڪپڙن هيٺان ۽ پاڻيءَ جي اڌ ڀريل بالٽيءَ ۾، پيءُ ٽاڪ منجهند جو در کي لٺيون هڻي خيرات گهرندڙ فقير جيان تنگ ڪري ٿو ۽ پيءُ ڀت جي اوٽ ۾ بيهي سندس زال کي ڪنڪر هڻي شرارت مان مرڪي ٿو.
“اڙي جان ڇڏ پوڙها... جان ڇڏ.”
زال هن کي سمجهائي ٿي.
“ايڏو چريو نه ٿيءُ، پوڙهي کي مئي ويهه ورهيه گذري چڪا آهن.” هو ان سان سهمت نه ٿو ٿئي ۽ چوي ٿو.
“پوڙهو منهنجي ڪرسيءَ سامهون پلنگ تي ويٺل آهي.”
هڪ ڏينهن کيس پڪ ٿي وئي ته پيءُ جيئرو آهي.
هن ڏٺو ڪمري ۾ سندس سامهون پيءُ ويٺل آهي، ان کي مٿي تي اوني ٽوپ پاتل آهي. ان جا سٿر کليل آهن. ان جا سريل گوڏ مان ظاهر ٿيندڙ خصيا ايڏا ته وڏا آهن. جيئن اتي هن اهڙي هڙ لڪائي هجي جنهن ۾ هن جي زندگيءَ جي جمع پونجي سمايل هجي. هن آئيني کان اکيون پري ڪيون ۽ چيو “اڙي جان ڇڏ پوڙها... جان ڇڏ.”