ڪھاڻيون

روشنيءَ جو مينار

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي 12 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامھون گذريو آهي، مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول ”اڻويهه عورتون“ تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي. هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي. موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1969
  • 478
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book روشنيءَ جو مينار

ٻپهري ۽ پوسٽ

سڀني جون اکيون آپريشن ٿيٽر جي مک دروازي ۾ کتل هيون. هر ٿوري دير کانپوءِ ساون ڪپڙن وارو شخص اوچتو در کولي ائين پئي ظاهر ٿيو جيئن حياتيءَ جا ڏينهن سندس ڍلي پاجامي جي کيسي ۾ پيل هجن ۽ انهن کي نوٽن جيان ورهائيندو هجي. ان در وٽ بيهي مريض جو نانءُ پئي کنيو ته مريض جي عزيزن جون دليون ڄار ۾ ڦاٿل مڇيءَ جيان پئي ڦتڪيون. ان ساون ڪپڙن واري اطلاع ڏيندڙ شخص جي منهن تي ڪو به تاثر نه هيو. اهو ان جو ڪم هيو. آپريشن ٿيٽر جي ٽيبل تي پيل مريض جي يا آپريشن کانپوءِ انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ٿيڻ کانپوءِ ان جي حالت جي باري ۾ اطلاع ڏيڻ ان جي فرض ۾ شامل هيو. ان وڏي اسپتال جو آپريشن ٿيٽر پهرين منزل تي ان طرف هيو جتي املتاس جي وڻن جون ٽاريون گيلريءَ کي ڇهي رهيون هيون. ڪل ملائي اٺ بينچون آپريشن ٿيٽر ٻاهران رکيل هيون. جتي ماڻهو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ويٺل هيا. اتي گول اڇي رنگ جي ٿنڀي وٽ پالش ٿيل ڪاٺ جي ناسي تختن تي قرآن مجيد ۽ سيپارن جا نسخا رکيل هيا. اهي نسخا آپريشن ٿيٽر اندر موجود مريضن جا عزيز دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ هٿن ۾ جهلي جهيڻي آواز ۾ ائين پڙهندا هيا جيئن سانجهيءَ ويلي بڙ جي گهاٽي وڻ ۾ جهرڪيون اوندهه ٿيڻ کان اڳ چهچي لڪڻ لاءِ جاءِ ڳولهينديون هجن.
پيڙا ۽ وسوسن جي عذاب کان بچڻ لاءِ اهو سٺو عمل هيو ته اهي هنج ۾ قرآني نسخا رکي انهن جو ذڪر ڪن ۽ آپريشن ٽيبل تي پيل مريض لاءِ دعا گهري دل کي مطمئن ڪن، ائين ڪرڻ سان انهن کي دلي سڪون ۽ وڍ ڪٽ لاءِ ٽيبل تي پيل پنهنجي عزيز جي حق ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جو احساس ٿي پيدا ٿيو.
اتي بغداديءَ جو نبي بخش به ويٺل هيو. ٿلهن چپن گهنڊڙي وارن وارو جنهن کي “نبو” چوندا هيا. ان جي سڄي زندگي لياريءَ جي گهٽين ۾ گذري. گهٽيون جيڪي ڪتي جي ننهن سان کوٽيل هيون. جيئن ڪتو فارغ ٿيڻ کان اڳ کوٽي گند دفنائيندو آهي، ائين گهٽيءَ جي هر کڏ ۽ هر اڀار ۾ ماڻهن جون حسرتون ۽ اميدون دفن هيون. اتي دُٻن جي پاڻيءَ جو رنگ انساني چمڙين جهڙو هيو ۽ ڦاٽل انساني ڪپڙن جو رنگ پراڻن بوٽن پويان اڏامندڙ ڌوڙ جهڙو، چاڪيواڙي، بهار، آگرا تاج ۽ بغداديءَ جي گهٽين ۾ ماڻهو اڏامندڙ مکين ۾ تبديل ٿي چڪا هيا. اتي گند جا ڍير هيا ۽ مکين لاءِ گند وڏو روزگار هيو.
نبي بخش جي پٽ گل محمد کي گولي لڳي هئي، گولي گل محمد جو سخت سينو پار نه ڪري سگهي هئي ۽ اها هن جي ڦڦڙن ۾ ڦاٿل هئي. گولي ڄڻ هيٺ مٿي ٿيندڙ سيني اندر ساهه کڻي رهي هئي. گل محمد زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ هيو. اهو آپريشن ٿيٽر جي ٽيبل تي ليٽل هيو ۽ ڊاڪٽر اها گولي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا جيڪا هڪ نسل پرست جي پستول مان نڪري هن جي سيني ۾ گهڙي وئي هئي. شهر جي هڪ نسل پرست تنظيم جا ڪارندا جن کي روڪڻ لاءِ ڪو به قانون نه هيو، اهي ماڻهن جو شڪار ائين ڪندا هيا جيئن جهنگ ۾ تترن جو شڪار ڪندا هجن. ڪجهه ڏينهن اڳ انهن لياريءَ جي ڪڇين تي هٿ رکيو ۽ اتان جي آباديءَ کي ورهائي پاڻ ۾ وڙهائي وڌو. اهڙي ڇڪتاڻ ۾ ڪيترائي بي گناهه ڪڇي قتل ٿيا ۽ ٻورين ۾ بند بلوچن جا ڳڀا ڳڀا ٿيل لاش لياري نديءَ مان مليا.گل محمد کي گولي ان وقت لڳي جڏهن هو جهونا مسجد پويان منظور هنگوري جي دڪان تي پنڪچر ڳنڍي رهيو هيو. منظور هنگورو هن کي هڪ پنڪچر تي ويهه روپيا ڏيندو هيو. سانجهيءَ تائين ڪل ملائي ٻه اڍائي سئو روپيا ٿيندا هيا ۽ انهن جو پيٽ گذر ٿيندو هيو. هو ان ڏينهن پنهنجن خيالن ۾ گم ٽيوب ۾ هوا ڀري پاڻيءَ جي هوديءَ طرف کڻي وڃي رهيو هيو ته پريان گولين جا آواز اٿيا. ڀاڄ پئي، ماڻهن دڪانن جا شٽر بند ڪيا ۽ ڪجهه ماڻهو ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري وائڙن جيان اتي بيهي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳا. گل محمد ان وارتا کي دل ۾ نه ورتو. هن سوچيو ائين ٿيندو رهندو آهي پاڻ ئي ٿوري دير ۾ ماٺ ٿي ويندي. هو ٽيوب کڻي اڃان پاڻيءَ ۾ وجهي ئي رهيو هيو ته نسل پرست تنظيم جا ڪرندا هن مٿان اچي بيٺا ۽ کيس گريبان ۾ هٿ وجهي گاڏيءَ طرف گهلڻ لڳا. گل محمد انهن کي گار ڏني ۽ ٻانهون ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. نسل پرستن وٽ ٽائيم نه هيو. انهن پستول سڌو ڪري کيس سيني ۾ گولي وهائي ڪڍي، رت اڀاميو ۽ گولي هن جي سخت هڏي کي پار ڪري پويان نڪري نه سگهي. اها ڦڦڙن ۾ ڦاسي پئي. هوا سان ڀريل ٽيوب گل محمد جي هٿن مان ڇڏائجي پاڻيءَ جي هوديءَ ۾ ڪري پيو ۽ ان مان بلبلا نڪرڻ لڳا.
گل محمد کي اسپتال آندو ويو ۽ هو آپريشن ٿيٽر جي ٽيبل تي هر ايندڙ ويندڙ ساهه سان زندگي ۽ موت جون گهڙيون ڳڻڻ لڳو. آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ کيس سرجن شڪيل شيخ ٻڌايو هيو ته “بابا مريض جي حالت تشويشناڪ آهي، هن جي بچڻ جي اميد روپئي مان چار آنا آهي. توهان ان جا والد آهيو دعا ڪندا ته خدا ان جي مدد ڪري.”
گل محمد کي آپريشن ٿيٽر ۾ اڌ ڪلاڪ گذري چڪو هيو پر ان جي خير جي خبر نه آئي هئي. ساون ڪپڙن وارو شخص جڏهن به در وٽ آيو ٿي ته سڀني جون اکيون اوڏانهن پئي کڄي ويون. هر ڪنهن کي پنهنجي مريض جي خيريت بابت اطلاع جو انتظار هيو. اهو رڙ ڪري مريض جو نالو وٺي ان جي عزيزن کي صورتحال کان واقف ڪري رهيو هيو. جن ماڻهن کي اطلاع نه پئي مليو اهي در تائين پئي ويا ۽ ساون ڪپڙن واري کي عرض پئي ڪيائون.
“گهڻي دير ٿي وئي آهي، مهرباني ڪري اهو ٻڌاءِ ته اسان جي مريض جي حالت ڪيئن آهي؟”
ان ڪنهن به تاثر کانسواءِ ماڻهن ڏي ڏٺو پئي ۽ پوءِ بند ٿيندڙ در پويان غائب ٿيندي چيو پئي.
“ٻه چار منٽ انتظار ڪيو، واپس اچي ٻڌايان ٿو.”
نبي بخش ڪنهن به اطلاع کانسواءِ بينچ تي خاموش ويٺو رهيو. هوا گيلريءَ ٻاهران املتاس جي پنن کي ڇهندي ويٺل ماڻهن سان ٽڪرائجي رهي هئي. نبي بخش جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون باهه ڏيڻ کان اڳ بس جي سيٽ تي هاريل پيٽرول جيان چمڪي رهيون هيون. نبي بخش اتي ويٺلن ڏانهن ڏٺو. انهن ۾ اڪثريت اڌ وهيءَ جي ماڻهن جي هئي. چار کن اهڙيون عورتون هيون جن جا ٻار گيلريءَ ۾ لڳل لوهه جي ڄارين تي هر هر پير رکي مٿي ٿي چڙهيا ۽ انهن جو سڄو وقت انهن کي روڪڻ ۾ ٿي گذريو.
آپريشن ٿيٽر ٻاهران ويٺل سڀ شخص قرآني نسخا پڙهڻ ۾ مشغول هيا ۽ اهي هٿ کڻي ان مصيبت جي گهڙيءَ ۾ خدا کي مدد لاءِ ٻاڏائي رهيا هيا. نبي بخش بظاهر ته خاموش ويٺل هيو پر سيني اندر هن کي دل مان ڦٿل گدري جي بوءِ اچي رهي هئي. هن کي پٽ جي حياتي عزيز هئي. هن پاڻ سڄي زندگي چاڪيواڙي ۾ جانورن جي کلن جي دڪان تي مزدوري ڪئي. هو جانورن جون کلون گڏ ڪري انهن کي لوڻ ڏئي پاسي سان رکندو هيو ۽ شام جو ان سزوڪيءَ واري حوالي ڪندو هيو جيڪا چمڙي جي رنگائيءَ واري ڪارخاني کان ايندي هئي. هاڻي هن ۾ ڪم ڪرڻ جي سڪت نه رهي هئي، کيس ٺري پيئڻ جي عادت جوانيءَ کان هئي جيڪا هاڻي ماني کائڻ کانپوءِ پٽ جي حاصل ٿيل پسئن مان پوري ٿي ويندي هئي. هن جو پٽ آمدنيءَ جو واحد ذريعو هيو. ان کانسواءِ هن جي زندگي ائين هئي جيئن بکايل جي پٽ ۾ ڪيڙا.
سڀ قرآن پڙهي رهيا هيا. نبي بخش سوچيو جيڪر هو به قرآن پڙهي سگهي ۽ مصيب جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجيءَ دل کي اطمينان ۽ پٽ کي دعا ڏئي سگهي. پر هو پڙهيل نه هيو. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن قرآن هٿن ۾ نه کنيو ۽ کيس خبر نه هئي ته نماز ڪيئن پڙهبي آهي. هن ڪڏهن رمضان ۾ روزو نه رکيو ۽ حج هن لاءِ ائين هيو جيئن آواري ٽاور جو بوفي جتي ست جنم ڪوشش ڪرڻ باوجود به هو پهچي نه سگهي ها. هن ننڍي هوندي پيءُ جي جيئري ماءُ کي زڪوات وٺندي ڏٺو ۽ ماڻهن هن کي يتيم سمجهي ٺري جي بوتل خيرات ۾ ڏني.
هو اٿيو ۽ قرآني نسخن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو، ڪي سائز ۾ ننڍا هيا ۽ ڪي وڏا. ڪي سنها هيا ۽ ڪي ٿلها. هن هڪ سنهو سيپارو کنيو ۽ واپس اچي بينچ تي ويٺو. هن ٽيڏي اک ڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو کيس ائين لڳو ڄڻ ماڻهو هن ڏانهن ڏسندا هجن. نبي بخش سيپارو کولي اکرن کي ڏٺو. هن محسوس ڪيو اکر ننڍن ٻارن جيان هٿ کڻي هن جي پيشانيءَ جو پگهر اگهڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. اهي مرڪندا هجن ۽ ستارن جيان اکيون ٽمڪائي هن جي دل وندرائڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. هو ورق اٿلائي رهيو هيو ته آپريشن ٿيٽر جي در وٽ ساون ڪپڙن وارو ظاهر ٿيو ۽ وڏي آواز ۾ چيو.
“گل محمد”
“جي حضور” هن چيو ۽ اٿي در تائين ويو.
“ادا تنهنجي مريض جي حالت ٺيڪ نه آهي، گولي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيون پيا، گولي ڏکي هنڌ ڦاٿل آهي. وڌيڪ جيڪا خبر هوندي توکي ٻڌائينداسين.”
گل محمد سيپارو هٿ ۾ جهلي واپس اچي بينچ تي ويٺو. هو ڄڻ پٽ مان آسرو لاهي ويهي رهيو. هن جي اندر هڪ ننڍڙو ٻار سڏڪڻ لڳو. اهو ڇهن مهينن جو ٻاڙ هيو جنهن جا پير ننڍا هيا ۽ ان جي هڪ هٿ ۾ پستول جي گولي هئي. ننڍڙي هٿ ۾ گولي ميزائيل جيڏي هئي. نبي بخش سوچيندو ويو. هن کي ٺري جي ٻاڙ لڳي. هن جي هٿن ۾ سيپارو جهليل هيو. هن ڪنڌ هيٺ ڪري اکيون سيپاريءَ ۾ کپائي ڇڏيون ٽيڏي اک سان ڏسي محسوس ڪيائين ماڻهو ڄڻ هن ڏانهن رحم جي نظرن سان ڏسي رهيا هيا. هن ڌيان سيپاري جي اکرن ڏانهن ڪيو ۽ آڱر کڻي انڌي جيان اکرن تي ڦيرائڻ لڳو.
ٿوري دير ۾ وري در کليو، ساون ڪپڙن وارو نروار ٿيو، نبي بخش سوچيو خير نه آهي شايد گل محمد گذاري ويو. ساون ڪپڙن واري آواز ڏنو.
“حاجي منظور”
“جي... سائين” هڪ ٻچي ڏاڙهيءَ وارو شخص جنهن کي اڇي ٽوپي پاتل هئي ڊڪندو اوڏانهن ويو.
“بابا توهان جي مريض کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ مان جنرل وارڊ ۾ موڪليو ويو آهي. هاڻي هو بهتر آهي.”
حاجي منظور جي چپن جي مرڪ ايڏي ته ڦهلجي وئي جو هن جا ڏند ظاهر ٿيڻ لڳا.
“شڪر ٿي رب... تنهنجو شڪر” هن چيو ۽ پوءِ واپس ڊڪندو اتي بيٺل عزيزن ڏانهن ويو جن ڀاڪر پائي کيس مبارڪ ڏني. نبي بخش اڪيلو هيو. هن جي ڪٽنب جو ڪو به فرد اتي موجود نه هيو جيڪو ڏکي وقت ۾ هن کي آٿت ڏئي سگهي. هن جهڙي معمولي ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن به ڏينهن سيڙائڻ نه پئي چاهيو. منجهند جي مانيءَ کان اٽڪل پندرهن منٽ اڳ سندس ننڍي ڀاءُ جو فون آيو هيو جيڪو بندر روڊ تي جنريٽرن جي دڪان تي ڪم ڪندو هيو. هن کيس ٻڌايو ته “گل محمد جي حالت خراب آهي ڪڏهن به ڪو وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو.”
سندس ڀاءُ دلداري ڏيندي چيو هيو
“همت کان ڪم وٺ، زندگيءَ ۾ ڏکيو سکيو وقت ايندو آهي، خدا پاران چڱائي ٿيندي.”
ان ڳالهه کي ٻه ڪلاڪ گذري چڪا هيا. خون جون چار بوتلون چڙهي چڪيون هيون جيڪي ليبارٽريءَ وارن ان شرط تي ڏنيون هيون ته جڏهن توهان جا ماڻهو ايندا ته رت جو گروپ ٽيسٽ ڪرائي واپس ڪندا. پر هن کي خبر هئي ته اهي ماڻهو ڪڏهن به نه ايندا، جيڪڏهن هن جو پٽ فوت ٿي ويو ته ايمبولنس ۾ پٽ جي لاش مٿان روئندڙ هو اڪيلو شخص هوندو.
پٽ جي موت جو سوچي نبي بخش جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هن هٿ هڻي ڳوڙهن کي ڏٺو. زندگيءَ ۾ ڏکن هوندي هو گهٽ رنو هيو، هن کي ڳوڙها بي جان محسوس ٿيندا هيا. گهڻي وقت کان پوءِ جڏهن اندران گل محمد جي حال جي ڪا خبر نه آئي ته هو آسرو لاهي ويٺو، هن سيپاري کي بند ڪري سيني سان لاتو، سندس من چاهيو ته زمين تي ليٽي ٻارن جيان ليٿڙيون پائي زور سان روئي، جڏهن در کليو ۽ ساون ڪپڙن وارو ظاهر ٿيو ته نبي بخش ڊڪندو اوڏانهن ويو.
“سائين گل محمد جي خبر ڏي... منهنجي پٽ گل محمد جي”
ساون ڪپڙن واري کيس ڪوڙو منهن ڪري هٿ سان پري بيهڻ جو آواز ڏنو.
“اڳتي نه اچ... ڳاڙهو ليڪو لتاڙڻ منع آهي.”
“پر منهنجوگل محمد ؟” هن وري پڇيو.
“ٿورو انتظار ڪر، توکي ٻڌايان ٿو.” ان چيو ۽ پوءِ آواز ڏنو.
“رحمت علي”
کارا در جو هڪ ميمڻ ڊڪندو اوڏانهن ويو.
“جي سائين” ان در وٽ پهچي چيو.
“بابا توهان جو مريض آپريشن کانپوءِ هوش ۾ نه ٿو اچي، کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. دعا ڪندا.” ساون ڪپڙن واري چيو ۽ پوءِ وري در پويان غائب ٿي ويو.
کارادر جو ميمڻ روئڻ لڳو ۽ کيس عزيز سيني سان لائي دلداري ڏيڻ لڳا. نبي بخش روئي رهيو هيو پر ان کي دلداري ڏيڻ وارو ڪو به نه هيو. هن مايوس ٿي وري سيپاري جي سٽن تي آڱر ڦيرڻ شروع ڪئي. هن جا ٻه ڳوڙها اکين مان ڪري ورقن ۾ جذب ٿي ويا. هو نسورو روئي رهيو هيو. اکر هن کي پرچائي رهيا هيا. کيس ٻوسٽ ڪري مونجهه محسوس ٿي رهي هئي.
جڏهن ٽيون دفعو ساون ڪپڙن وارو دروازي وٽ ظاهر ٿيو ته ان سڏ ڪيو. “گل محمد” ۽ پوءِ سمجهي ويو ته هيءُ ان ساڳي شخص جو پٽ آهي. جنهن جي پيءُ ڪجهه وقت اڳ دروازي ڏانهن لور ڪئي هئي. نبي بخش کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ساون ڪپڙن واري جي چپن تي مرڪ اچي وئي. هن کيس ٻڌايو ته “تنهنجي پٽ جي سيني مان گولي ڪڍي وئي آهي. هاڻي سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.”
نبي بخش اهڙي خبر ٻڌڻ کانپوءِ دل جي ڌڙڪن کي قابو ڪندي، ڳورين ڄنگهن سان هلندو بينچ تي اچي ويٺو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن جي جسم ۾ رڪيل پگهر مينهن وسڻ کان اڳ ڪولين جيان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ هو لاشعوري طور سيپاري سان پگهر سڪائڻ لڳو.