ڪھاڻيون

روشنيءَ جو مينار

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جي 12 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منهنجي سامھون گذريو آهي، مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن جي ناول ”اڻويهه عورتون“ تائين هُن سان منهنجي دوستيءَ جو تسلسل رهيو آهي. هو هڪ آرٽسٽ تخليقڪار آهي، جنهن وٽ منظرنگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي. موضوعن جي وٽس ڪا بہ کوٽ ناهي، هو هڪ مصور وانگر عڪس چٽي ٿو. منظر اسان جي اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ڪردار ڄڻ آسپاس گهمندي محسوس ٿين ٿا. “
  • 4.5/5.0
  • 1969
  • 478
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book روشنيءَ جو مينار

زندگيءَ جو گڙ

[b]مايوس ماڻهو:
[/b] ڪو مايوس ماڻهو رلهي وڇائي پٽ تي ليٽيل هيو. ان کي لڳي رهيو هيو، هو هڪ اهڙي چوسول تي بيٺل آهي، جتان ويندڙ رستا اڳيان بند آهن. هو ڏاڍو منجهيل هيو. هن کي پنهنجين ناڪامين جو سبب نظر نه پئي آيو. هن ڪيترا دفعا خواب ۾ ڏٺو هيو، هلندو ڪاميابيءَ کي ڳولهيندو قسمت جي در تي اچي بيٺو آهي. قسمت جو در بند آهي ۽ کلڻ وارو آهي. قسمت جي در اندر زندگيءَ جو ذائقيدار ڳڙ آهي، جنهن کي حاصل ڪري هو ڪڏهن بک نه مرندو ۽ هڪ ڊگهي حياتيءَ جو مالڪ بڻجي دنيا ۾ جيئندو. پر هن اڳيان قسمت جو در نه کليو ۽ ڪاميابين کي ڳولهيندي ٿڪجي پيو.

[b]ڪوريئڙي جو ڄار:
[/b] جڏهن هو رلهي وڇائي پٽ تي ليٽيل هيو ته ڪو ڪوريئڙو هلندو مٿي چڙهي هن جي منهن وٽ آيو ۽ نڪ ۾ گهڙي اندر هليو ويو. هو گهڻو کنگهيو ۽ نڇون ڏنائين. آڱر نڪ ۾ وجهي گول ڦيرايائين. پر ٿيو ڪجهه به ڪين، ڪوريئڙو هن جي نڪ ۾ مٿي چڙهي مغز وٽ پهتو ۽ اتي ڄار اڻڻ لڳو. اهو سنهي تند ڪڍي ڪنهن ماهر ڪاريگر جيان ويو اڻندو ۽ ڄار ٺاهيندو. ماڻهو بي چين ٿي ويو ۽ جيئن ڄار ان جي دماغ ۾ اڻبو ويو هن جو ذهن تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳو. هو سوچيندو ويو. هن جي سوچن جا رستا کلندا ويا.

[b]هن سوچيو:
[/b] هو هڪ باز آهي ۽ ڪبوترن جا آکيرا تاڙي رهيو آهي. جيڪر ڪو ڪبوتر اڏامي اوچائيءَ تي اچي ۽ هو گهت هڻي ان کي کنڀڙاٽين کان جهلي ماس ۾ نوڪدار چهنب وجهي پٽي کائي کنڀن کي هوا ۾ وکيري ڇڏي ته اهي هيٺ دنيا مٿان گلن جيان وسي پون، پر هن کي ته قسمت جي دروازي جي ڳولها هئي. قسمت جو دروازو جنهن پويان زندگيءَ جو مزيدار ڳڙ هن جو انتظار ڪري رهيو هيو. جنهن کي کائي دنيا جو مزو ماڻڻ پئي چاهيو. ڇا هن جي اهڙي ڪرتوت سان قسمت جو دروازو نظر اچي ويندو ۽ ان جا تاڪ کلي پوندا؟ ڇا هو ڪبوتر ماري انهن کي کائي پيٽ ڀري من کي امن ۽ سڪون ڏئي سگهندو؟ هن کي انهن سوالن جا ڪي به جواب سمجهه ۾ نه آيا. ڪوريئڙو هن جي مغز ۾ ڄار اڻندو ويو ۽ هو سوچيندو ويو.

[b]پوءِ سوچيو:
[/b] هو هڪ نانگ آهي ۽ گرڻ پکيءَ جا آنا اڳري رهيو آهي. آنا هن جي پيٽ ۾ هضم نه ٿي رهيا آهن. اهي هن جي بک نه ماري رهيا آهن. انهن جي پاڻياٺ هن جي اندر جي اڃ نه اجهائي رهي آهي. اهي کائڻ باوجود به بکايل آهي. هو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان گرم واريءَ تي رڙهندو اڳتي وڌي رهيو آهي. کيس من ۾ اها باهه آهي ته ڪو جانور نظر اچي ته ان کي ڏنگي پنهنجي انا کي سڪون پهچائي سگهي. کيس پري پري تائين سڃ نظر اچي رهي آهي. جيئن جانور هن جي اچڻ جو ٻڌي پٽ خالي ڪري ڏور ڀڄي ويا هجن. سندس من چاهيو ته پاڻ کي ڏنگي خودڪشي ڪري، پوءِ سوچيائين نانگ زهر کائي مري نه سگهندا آهن. هن کي جيئرو رهڻو آهي ۽ قسمت جي دروازي جي ڳولها ڪرڻي آهي، جنهن اندر هڪ نئين زندگي آهي. هڪ نئون پيغام آهي ۽ اتي زندگيءَ جو ڳڙ ميسر آهي جيڪو حياتيءَ لاءِ ضرور آهي. ڪوريئڙو ڄار اڻندو ويو ۽ هو سوچيندو ويو.

[b]وري سوچيو:
[/b] هو هڪ شينهن آهي ۽ ٻيلي ۾ بي ڌڙڪ گهمي هرڻ ماري رهيو آهي. هرڻ تيز ڊڪندي ٽپا ڏئي ڪاغذن جيان هوا ۾ اڏامي رهيا آهن ۽ هو مضبوط چنبن سان انهن کي پڪڙي مروڙي رهيو آهي. ڇا هو هرڻ جو گوشت کائي قسمت جو در ڳولهي سگهندو؟ هرڻ جي رت ۾ شرافت جي بوءِ آهي. ان جو زخمي گوشت عزت جيان بيڪار آهي. هن کي ته زندگيءَ جي ڳڙ جي ڳولها آهي جنهن کي کائي هو جيئرو رهي سگهي. هن جي جدوجهد جو مقصد ته هڪ مٺو ذائقو آهي جنهن کي ڳولهيندي هو ٿڪجي چڪو آهي.

[b]سوچيو ۽ سوچيو:
[/b] هو هڪ ڍڳو آهي جنهن کي مضبوط سڱ آهن. هن جي سوچ هڪ فرلانگ تائين محدود آهي. عقل کان وانجهيل آهي ۽ دماغ مائوف آهي. هن جا سڱ بيڪار ۽ مڏا آهن. هو موهن جي دڙي جي ڏاند گاڏي ڇڪيندي عمر وڃائي ويٺو آهي ۽ هڪ ڏينهن ڪاتيءَ هيٺان اچي بي گناهه ماريو ويندو. هن سوچيو، شرافت سٺي شيءِ نه آهي. دنيا جون سڀ مصيبتون اٻوجهه لئي آهن. جڏهن دنيا جا مظلوم ظالم جو روپ اختيار ڪن ٿا ته امن ڳولهي لهن ٿا. هو ڍڳو بڻجي ڪڏهن به قسمت جو در ڳولهي نه ٿو سگهي. قسمت جو در جنهن اندر اچ وڃ آهي، کاڄ آهي، خوراڪ آهي ۽ زندگيءَ جو مٺو ڳڙ آهي. جنهن جو ذائقو سوچي هن جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ڪوريئڙو هن جي مغز ۾ ڄار اڻندو رهيو.

[b]هو سوچيندو ويو:
[/b] هو هڪ ٿوهر آهي جنهن جي جسم تي وار سخت ڪنڊن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هو هڪ اهڙو ٿوهر آهي جيڪو وچ بيابان ۾ واريءَ جي دڙي تي بيٺل آهي. ان ٿوهر جون لامون هن جي عضون جهڙيون آهن. اتي ڄنگهون آهن. ٻانهون آهن ۽ هڪ منڍي آهي، جيڪا ڌڙ تي رکيل آهي. پاڻيءَ جي اڻاٺ جو هن مٿان ڪو اثر نه ٿي رهيو آهي. هو پريان بيٺل هرڻ جي اک ۾ نظر ايندڙ رڃ اندر هڪ سرسبز مجسمي جيان بيٺل آهي. هن جي وجود تي اڀريل ڪنڊن جي خوف کان ڪاريهر پاسو ڪري رڙهي رهيا آهن. سندس مٿان اڏرندڙ ڳجهه جون بي آب اکيون صبح جي نيراڻ ۾ هن جي جسم تي ماڪ جون چمڪندڙ بوندون ڏسي رهيون آهن. هو دنيا جو نرڄو ۽ نفرت لائق ٻوٽو آهي. جنهن حالتن سان بغاوت ڪري پاڻ کي هڪ سخت گير شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. يا هو ڪنهن شهيد جو مجسمو آهي. جنهن جي وجود ۾ لڳل هزارين تيز ڪنڊن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هن جون ٻانهون عرش ڏي بلند ٿيل آهن ۽ کليل هٿن سان خدا کان معافي وٺي پنهنجي بگڙيل وجود جي شڪايت ڪري رهيو آهي. هن سوچيو جيڪڏهن ٿوهر آهي ته پوءِ قسمت جو در ڪيئن کڙڪائي سگهندو؟ هو هلڻ کان معذور ۽ نفرت لائق آهي. هن جي وجود جا ڪنڊا مخلوق کي ڊيڄاري رهيا آهن، ڪو به هن ويجهو اچڻ پسند نه ڪري رهيو آهي. هو واريءَ جي دڙي اندر ڄميل آهي. وک هن جي وس ۾ نه آهي. جڏهن هو چُري نه ٿو سگهي ته آخر اڳتي وڌي قسمت جو در کڙڪائي زندگيءَ جو مٺو ڳڙ ڪيئن حاصل ڪري سگهندو؟
زندگيءَ جي مٺي ڳڙ کي ياد ڪري هن جي وات ۾ وري پاڻي ڀرجي آيو. هو سوچيندو رهيو ۽ ڪوريئڙو ڄار اڻندو رهيو. هن جو مغز مڇي جيان هيو. جيڪا ڦٿڪي ساهه کڻي رهي هئي.

[b]نيٺ ڇا ٿيو؟:
[/b] هو هڪ انڌي ۾ تبديل ٿي ويو جنهن کي هر شيءِ واضح نظر اچي رهي هئي. هو ڪاري رات جيان هيو جنهن ۾ چڻنگ دکي رهي هئي. هڪ نارنگي چڻنگ جنهن ۾ هر شيءِ ٻري رهي هئي. هن کي لٺ رستو ٻڌائي رهي هئي. رستو جنهن جي پاسن کان ٽپا ڏيندڙ بکايل ٽانڊاڻن جي پيٽ ۾ بک جي باهه ٻري رهي هئي. هو هڪ انڌو هيو جيڪو ڏسي رهيو هيو. جنهن لٺ سهاري هلي رهيو هيو اها لٺ هن کي هٿ کان جهلي اڳتي گهلي رهي هئي. رستو جيڪو قسمت جي در تي کٽي رهيو هيو. جنهن در پويان زندگيءَ جو ڳڙ هيو. حياتيءَ جو پيغام هيو، هو اوندهه ۾ ڏسندو لٺ سهاري اڳتي وڌندو رهيو. هن محسوس ڪيو جيئن رات جي اوندهه ۾ عرش جو ٽٽل تارو آهي ۽ چڻنگ جيان دکندو تيزيءَ سان هيٺ ڪري رهيو آهي.
“اي لٺ” هن لٺ سان ڳالهايو “قسمت جو در اڃان گهڻو پري آهي؟ زندگيءَ جو ڳڙ اڃان ڪيترو ڏور آهي؟”
لٺ جيڪا هن کي هٿ کان وٺي اڳتي ڌڪي رهي هئي ان چيو.
“سامهون جتي ستارا پاڻ ۾ ملي مختلف شڪليون ٺاهي رهيا آهن. اتي قسمت جو در آهي.”
لٺ جي ڳالهه تي هن پري اوندهه ۾ ڏٺو، اتي هر طرف ستارا چمڪي رهيا هيا. اتي ستارن جا شينهن هيا، وڇون هيا، ڪتيون هيون، ٽيڙو هيا ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ عجيب شڪلين وارا عڪس هيا. اهو سوچي ته سندس منزل ويجهي آهي هو مرڪيو.
“اي لٺ” هن چيو “ڇا قسمت مون لئي در کولي انتطار ۾ هوندي يا اڃان انتظار ڪرائيندي؟”
لٺ تي هن جي مظلوميت ۽ التجا جو ڪو اثر نه ٿيو. لٺ ڏاڍي سخت هئي.
“پهچائڻ منهنجو ڪم آهي.” ان چيو “باقي تنهنجي قسمت”
لٺ تيزيءَ سان هلندي هن کي گهليندي جڏهن در ٻاهران پهتي ته اهو بند هيو. انڌي کي اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو.
“اي لٺ” هن چيو “ڇا منهنجي قسمت خراب آهي، جو در منهنجي پهچڻ تي نه کليو آهي؟”
لٺ مغروريءَ مان ٽهڪ ڏنو.
“قسمت جا در ماڻهن لاءِ نه کلندا آهن پر قسمت ماڻهن جا در کوليندي آهي.”
لٺ جي ڳالهه هن کي سمجهه ۾ نه آئي، هن اڳتي وڌي ڏٺو، قسمت جو در ڏاڍو مضبوط ۽ لوهه جو هيو. سندس من چاهيو ته هو ان سان مٿو ٽڪرائي.
“اي لٺ” هن وري پڇيو “مون کي ٻڌاءِ مان زندگيءَ جو ڳڙ ڪيئن حاصل ڪري سگهان ٿو؟ ان در اندر ڪيئن داخل ٿي سگهان ٿو؟”
“ان لاءِ توکي ڏاڍو ننڍو ٿيڻو پوندو” لٺ چيو.
“اهو ڪيئن؟” هن پڇيو.
“هو ڏس” لٺ هن کي اشارو ڪندي چيو “بند دروازي ۾ چاٻيءَ جو سوراخ. توکي ايترو ننڍو ٿيڻو پوندو جيئن ان سوراخ ۾ داخل ٿي تون اندر پهچي سگهين.”
لٺ جي چوڻ تي هن ڪوشش ڪئي ۽ هو ننڍو ٿي هڪ جيت ۾ تبديل ٿي ويو. پنهنجن نازڪ ڄنگهن سان هلندو مٿي در تي چڙهيو ۽ چاٻيءَ واري سوراخ مان ٽپي اندر هليو ويو. جڏهن ٻئي پاسي پهتو ته وري ڪڏهن ماڻهو نه ٿي سگهيو. هو جيت هيو. هڪ ننڍڙو پٽ تي ڪريل چانور جي داڻي کان ٿورڙو ڊگهو ۽ ڪڻڪ جي داڻي کان ٿورڙو ٿلهو. هو رڙهندو اڳتي وڌيو ۽ زندگيءَ جو ڳڙ ڳولهڻ لڳو. هن کي زندگيءَ جو ڳڙ ڪٿي نظر نه آيو. هو مايوس ٿي ويو، هن حياتيءَ ۾ پهريون دفعو رب کي ياد ڪيو. ان ننڍڙي جيت جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون. هن ڪنڌ مٿي ڪري جيئن رب کي ٻاڏايو ته هن ڏٺو سندس مٿان ڳڙ ڪوريئڙي جي تند ۾ لڙڪي رهيو هيو.
“اي رب” هن چيو “مون کي کنڀ ڏي جيئن مٿي پهچي اهو ڳڙ کائي سگهان.”
هو رب کي پڪارڻ لڳو ۽ ڳوڙها هن جي اکين مان وهي هيٺ ڪرڻ لڳا. رب هن جي دعا قبول ڪئي ۽ کيس کنڀ نڪري آيا، هو مک ۾ تبديل ٿي ويو. اڏاڻو ۽ وڃي ڪوريئڙي جي تند ۾ لڙڪندڙ ڳڙ کي چنبڙيو.
ڪوريئڙو هن جي مغز ۾ ڄار مڪمل ڪري چڪو هيو.