رت ڀريل راهون
ڪڏهن ڪڏهن مسافرن جي انڪار باوجود ڊرائيور زوريءَ وڃي ان مسجد وٽ ويگن کي بيهاريندا هئا، اهو اڪثر سياري جي موسم ۾ ٿيندو هيو جڏهن ماڻهن کي پاڻيءَ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي هئي. ڊرائيور ماڻهن کي چوندا هيا “صدقو ڏيڻ سٺي ڳالهه آهي اهو ئي ته اسان کي حادثن کان بچائي ٿو.” ماڻهن وٽ صرف انهن سان ها ۾ ها ملائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو هيو، ڇو جو اهي به ويگن جي تيز رفتاريءَ ڪري ايترا ته هيسيل هوندا هيا جو خدا کان پنهنجي زندگيءَ جي پناهه پيا گهرندا هيا ۽ هو به پنهنجي صدقي طور ڪجهه نه ڪجهه کيسن مان ڪڍي ان مجاور جي حوالي ڪندا هيا.
نيٺ اهڙو ڏينهن به آيو جو اها مسجد ٺهي راس ٿي، نئين رستي جي هڪ پاسي کان ٺهيل ننڍڙي مختصر مسجد جنهن جا نه منارا ايڏا وڏا هيا، جو پري کان نظر اچن ۽ نه ئي ان جي ڪا ايراضي وڏي هئي جو ان ۾ گهڻا ماڻهو هڪ ئي وقت عبادت ڪري سگهن. مسجد مختصر هجڻ جي باوجود اڪثر خالي هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ڪوراهگير نمازي نظر آيو ته بس نه ته اها ئي اداسي هر طرف ڇانيل هوندي هئي. ان جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پوڙهو مجاور ستت ئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ان جي قبر به مسجد جي ٻئي پاسي ڏانهن ٺاهي وئي، هاڻي اتي نه ته ڪو پاڻي پيئارڻ وارو بچيو هيو ۽ نه ئي اتي ڪا چندي ڏيڻ جي ضرورت هئي، مسجد مڪمل ٿي چڪي هئي ۽ پوڙهو مجاور فوت، ان پوڙهي مجاور کي ڄڻ خبر پئجي چڪي هئي ته هن جي حياتي پوري ٿيڻ واري آهي جنهن ڪري هن مسجد کي مختصر ڪري مڪمل ڪرايو ۽ پوءِ اطمينان سان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. هاڻي سواريون ان اسٽاپ تي گهٽ بيهنديون هيون ۽ آخر ڪجهه مهينن کان پوءِ اهڙو وقت به آيو هو جو هر ڪنهن اتي بيهڻ ڇڏي ڏنو ۽ هر ڪا سواري هڪ شهر کان رواني ٿي ۽ وڃي ٻئي شهر ۾ ٽڪاڻو ڪندي هئي. وقت گذريو ته ان روڊ تي هڪ اڌ حادثا اهڙا ٿيا جو ماڻهن جا لڱ ڏڪي ويا، ڪجهه ويگنيون تباهه ٿيون ۽ ماڻهن سان گڏ ڪجهه ڊرائيور به موت جي منهن ۾ هليا ويا. “اهو سڀ صدقو نه ڏيڻ جي ڪري آهي.” ڪجهه ڊرائيورن پنهنجو خيال ظاهر ڪيو “رستي ۾ هاڻي مسجد جي جاءِ تي ڪو پير هجڻ گهرجي جنهن جي چانٺ تي نذرانو ڏئي مصيبت بخشائي سگهجي.” پر افسوس جو ان روڊ سان ڪو به پير نه هيو بس هڪ اها چندي مان تيار ٿيل ويران مسجد ئي هئي جنهن کي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به چندي جي ضرورت باقي نه رهي هئي ۽ نه ئي اهو پوڙهو مجاور جيئرو هيو جنهن جي جهولي ۾ هو ڪجهه وجهي پنهنجي آفتن کي ٽاري سگهن.
ان رستي سان هڪ ڳوٺ هيو جنهن ۾ هڪ اڌ عمر جو اپاهج فقير رهندو هيو، جڏهن هو پنجن سالن کان گهٽ عمر جو هيو ته پوليو جي بيماريءَ سبب هن جو چيلهه کان هيٺيون ڌڙ بيڪار ٿي ويو هيو، جنهن کان پوءِ هو هٿن جي سهاري ريڙهيون ڏئي پيو گهمندو هيو، هو ان ڳوٺ ۾ پلجي وڏو ٿيو هيو. جيستائين هن جا ماءُ پيءُ جيئرا هيا، اهي هن کي پيا کائڻ لاءِ ڏيندا هيا، پر اهي مرڻ کانپوءِ غربت جي ڪري ايترو به ڇڏي نه ويا جو انهن جي اپاهج پٽ جي ڪم اچي سگهي سو ٻئي ڪا واٽ نه ڏسي هن پنڻ شروع ڪيو، ڳوٺ جا ماڻهو هن کي ايترو ڏيندا هيا جو هن جو پيٽ گذر ٿي سگهي، هو ڌڪن ٿاٻن ۾ پلجي پنهنجي اڌ عمر کي اچي رسيو هيو. هڪ ڏينهن هن کي خبر پئي ته ڳوٺ کان نئون رستو ٺهيو آهي جيڪو شهر جي طرف ٿي ويو، هن جي دل ۾ به شهر گهمڻ جو شوق پيدا ٿيو هو. ڳوٺ وارن کان ڀاڙي ڪرائي جيترا پئسا گڏ ڪري ريڙهيون ڏيندو اونهاري ۾ ٽاڪ منجهند جو ڳوٺ جي ڪچي رستي کي گيساڙيندو اچي پڪي سڙڪ تي پهتو ۽ پاسو وٺي هڪ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان ويهي ڪنهن سواريءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوري دير گذري ته اتان هڪ ويگن اچي لنگهي، ڊرائيور جي ٽاڪ منجهند جو ڪنديءَ جي وڻ هيٺان هڪ فقير تي نظر پئي ته هن گاڏيءَ کي بريڪ هنيو ۽ هيٺ لهي هو ڪجهه روپيا ان اپاهج آڏو رکي واپس گاڏيءَ ۾ هليو ويو. اپاهج شخص پهريون ته گاڏيءَ کي بيهڻ وقت اهو سمجهيو ته اها هن کي شهر کڻي هلڻ لاءِ اتي رڪي آهي، پر جڏهن ڊرائيور هيٺ لهي هن کي ڪجهه روپيا ڏئي هليو ويو ته هن جي حيرت جي انتها نه رهي، پر پوءِ هو خوش ٿيو هن روپيا پهريون دفعو ڏٺا هيا، هن کي انهن جي ڪڏهن به ضرورت محسوس نه ٿئي هئي. کاڌو هن جي ضرورت هوندو هيو جيڪو ڳوٺ مان هن کي ملندو هيو باقي هو پئسا وٺي ڪيڏانهن ڪري ها، هن ڪجهه دير سوچيو ۽ پوءِ روپيا کڻي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا، ٿورو وقت گذريو ته ٻئي ويگن اچي هن جي اڳيان رڪي ۽ ڊرائيور ڪجهه پئسا ڪڍي هن کي ڏنا، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ته هن جي دل مان شهر گهمڻ جو شوق بلڪل نڪري ويو ۽ شام ٿيندي ٿيندي هن وٽ چڱا چوکا پئسا گڏ ٿي ويا ۽ پوءِ اهو هن جي روز جو معمول بڻجي ويو، هو روز ڳوٺ کان ريڙهيون پائي اچي پڪي سڙڪ تي ان ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان ويهندو هيو ۽ شام تائين هن جي ڦاٽل گودڙيءَ جا کيسا ڪنن تائين ڀرجي ويندا هيا.
روڊ جي ڊرائيورن کي مسجد جي مجاور کان پوءِ پهريون دفعو پنهنجو صدقو لاهڻ لاءِ هڪ اهڙو ماڻهو ملي ويو هيو جيڪو انهن جي صدقي جو مستحق هيو. پئسن ڏيڻ کانپوءِ هو اطمينان سان گاڏي هلائيندا هيا، هنن کي پڪ هئي ته هاڻي هو حادثي کان محفوظ آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو ان اپاهج شخص کي خيرات ڏيڻ کانپوءِ پٺي ٺپڻ لاءِ به چوندا هيا، “خدا خوش رکندئي ٻچا” هو جواب ۾ چوندو هيو ۽ هڪ ماهر فقير وانگر پٺي ٺپندو هيو، پئسي سان گڏ هاڻي ان فقير ۾ اهي سڀ گُر اچي ويا جيڪي پئسا ڪمائڻ لاءِ ضروري هوندا آهن. “خدا بابا جي سِر جو خير ڪندو.” هو چوندو هيو. “خدا هر حادثي کان محفوظ رکندو.” “خير سان وڃو خير سان اچو.” هن ڊرائيورن جي ڏکندڙ رڳ کي ڄڻ ڳولي لڌو هيو، رستي تي جيڪڏهن ڪو حادثو به ٿي ويندو هيو ته ويگن جا ڊرائيور ان کي پنهنجي ذاتي غلطي سمجهي وساري ڇڏيا هيا، يا هو چوندا هيا ته خدا جي لکئي کي ڪير ٿو ڊاهي سگهي، اهو سڀ لکيل هيو جيڪو ٿي گذريو. اهو ان ڳالهه جو قصور وار ان اپاهج فقير کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندا هيا جنهن کي ڏنل صدقي جي صورت ۾ هو پاڻ کي هر مصيبت کان آجو سمجهندا هيا، ڪڏهن ڪو وڏو حادثو ٿي گذرندو هيو جنهن ۾ ڪوراهگير يا مسافر موت جي منهن ۾ هليو ويندو هيو ته ڊرائيور کي اهڙي صورت ۾ پنهنجي ويگن جي مالي نقصان سان گڏ جيل جو منهن به ڏسڻو پوندو هيو ۽ پوءِ ويگن ڊرائيور اسٽاپ تي ويٺا ان متعلق ڳالهيون ڪندا هيا.
“ڊرائيور ته ڀلو هيو، پر خبر نه آهي ائين ڇو ٿيو؟” ڪو ئي انهن مان چوندو هيو ۽ ٻيو ڪنهن گهري سوچ مان ٿڌو ساهه ڀري ڳالهه کي اڳتي وڌائيندو هيو “جيڪو مقدر ۾ لکيل هوندو آهي اهو ضرور ٿيندو آهي، ماڻهو پاڻ کي ڪيترو به بچائي.”
“فقير بابا جو خير” ڪوئي ڊرائيور وري سڀ ڪجهه وساري سگريٽ جو سوٽو هڻندي چوندو هيو “فقير بابا جي صدقي اسان جو خير.” ۽ پوءِ ڄڻ فقير بابا جي قسمت جا دروازا کلي پوندا هيا، هر ايندڙ ويندڙ ڊرائيور اتي ترسي ڪجهه نه ڪجهه هن جي حوالي ڪندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن ڪو تڪڙ هوندي تيزيءَ مان ويندي به ويگن جي دريءَ مان روپيو اڇلي ڏيندو هيو جيڪو اتي گڏ ٿيل ماڻهن مان ڪوئي هن کي کڻي آڻي ڏيندو هيو، رونشي طور ڪئي ماڻهو ڳوٺ مان نڪري اچي فقير جي آس پاس بيهندا هيا ۽ هر ايندڙ ويندڙ سواريءَ کي پيا غور سان ڏسندا هيا، هو حيرت ۽ تعجب مان ان اپاهج فقير کي ڏسندا هيا جيڪو ميرا ڦاٽل ڪپڙا پنهنجي اڌ مئل ڍڍريءَ تي پائي ٻئي هٿ بند ڪيو صرف هڪ آنڱر مٿي ڪري ڪنڊيءَ جي ڇانوَ ۾ ويٺو هر ايندڙ ويندڙ سواريءَ کي ڏسڻ بدران ڪنڌ هيٺ ڪيو ڪن خيالن ۾ گم هوندو هيو.
وقت سان گڏ آس پاس جي ڳوٺن ۾ اها خبر پوندي وئي ته ڦلاڻي ڳوٺ جو پينو فقير ڪيئن روڊ تي ديرو ڄمائي ويهڻ کانپوءِ هڪ پئسي وارو شخص ٿي پيو آهي.
ڪجهه ڏينهن گذريا ته هڪ ٻئي ڳوٺ جو انڌو فقير به لٺ کڙڪائيندو اچي نئي سڙڪ تي هڪ بيدمشڪ جي وڻ هيٺان اچي پڙاءُ ڪيو. هن اهو ئي طريقو اختيار ڪيو جيڪو هن کان پهريون ان اپاهج فقير اختيار ڪيو هيو، هو ڦاٽل ڪپڙا پائي وڻ جي هيٺان مٽيءَ تي پلٿ ماري ٻئي هٿ هڪٻئي ۾ ڀيڪوڙي صرف هڪ آنڱر مٿي ڪري ويهي رهيو، ڪجهه وقت ته هو ڊرائيورن کي پنهنجي تيز رفتار ويگنن ڪري صحيح صورت ۾ نظر نه آيو نيٺ هڪ ٻن وارن کانپوءِ هو به انهن جي نظرن جو مرڪز بڻجي ويو، ڪجهه ڊرائيور به هن وٽ اچي بيهڻ لڳا ۽ هن جون دعائون به هڪ نئين صدا سان گڏ شامل ٿي ويون، سواريون ڄڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويون، ڪجهه صدقي جو پئسو انڌي فقير جي حصي ۾ اچڻ لڳو ته ڪجهه وري اپاهج فقير جي حصي ۾، اپاهج فقير جي اڌ ڪمائي ڄڻ انڌي فقير ڏي هلي وئي جيڪا هن آهستي آهستي محسوس ڪئي. هن ڏٺو ڪجهه ويگنيون هن وٽ بيهڻ کان سواءِ ئي سڌيون هليون پئي ويون. اها پوءِ هن کي خبر پئي ته اتان کان ڳچ ميل پري هڪ انڌي فقير اچي ساڳي روڊ جي پاسي کان آستانو ٺاهيو آهي. پهريون ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي پر هو ماٺ ۾ مصلحت سمجهي چپ ٿي ويو. هن کي اڃا به ايترو پئي مليو جيترو هن پنهنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هيو، ٻئي طرف انڌي فقير جي قسمت به کلي وئي، هن به صدقي جي عيوض ۾ ڊرائيورن جي جان مال لاءِ هٿ کڻي پئي دعائون گهريون.
رستي جي ڀرپاسن وارن ڳوٺن جي اپاهج ماڻهن ۾ اها ڳالهه باهه وانگر پکڙجي وئي ته نئي سڙڪ تي ويهندڙ فقيرن کي پنهنجي ضرورتن کان گهڻو ڪجهه ملي وڃي ٿو، ان ئي سڙڪ جي ٺهڻ کان اڳ غربت انهن ڳوٺن ۾ ماتا جي بيماريءَ جيئن ڦهليل هئي. سڙڪ جي ڪري جڏهن انهن ڳوٺن جو رابطو شهرن سان وڌيو ته روزگار جا ذريعا کلي پيا، توانا ۽ صحتمند ماڻهو ته محنت ڪري پيٽ پالي پئي سگهيا پر ڳوٺ جي اپاهج ماڻهن لاءِ هاڻي اها سڙڪ پنهنجي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لڳي، انهن ان ڳالهه کي وڏي نعمت سمجهيو ته خدا ان پڪي روڊ جي صورت ۾ هنن لاءِ به هڪ راهه ٺاهي آهي، جنهن جي ذريعي هو پيٽ پالي سگهن ٿا، پوءِ اهڙو وقت به آيو جو ان پڪي سڙڪ جي آس پاس ٺهيل ڳوٺن وٽ سواءِ ڪجهه ڳوٺن جي ڪونه ڪو اپاهج ماڻهو ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ بيٺل پيو ڏسبو هيو، هونئن ته هڪ شهر کان پئي شهر تائين ويندڙ ان ستر ڪلوميٽر ڊگهي روڊ جي پاسن کان پنجاهه کان مٿي ڳوٺ هيا پر ڳوٺن جي تعداد جي لحاظ کان فقيرن جو تعداد ايڏو وڏو نه هيو، انهن جو تعداد آهستي آهستي وڃي اٽڪل پندرهن کي لڳو هيو، وقت سان گڏ فقيرن جو وڌندڙ تعداد ڊرائيورن لاءِ ڄڻ پنهنجي دلچسپي وڃائي ويٺو، هو هاڻي ان پراڻي اپاهج فقير وٽ به ڪڏهن ڪڏهن بيهڻ لڳا نه ته جنهن کي چاهيندا هيا تيز رفتار هلندڙ ويگن مان هڪ روپيو دريءَ کان ڪڍي اڇلائي ڇڏيندا هيا ۽ فقير روپئي مٿان اونڌا ٿي وڃي ائين ڪرندا هيا جيئن هنن جو اپاهج جسم سندن بوج برداشت نه ڪري هڪدم هيٺ جهڪي ويو هجي. ڊرائيورن لاءِ اهو سڀ ڪجهه مشڪل ٿي ويو ته هو ساڳي وقت فقيرن جي ايڏي وڏي تعداد ۾ پئسا ورهائي سگهن، يا هو هر فقير آڏو ويگن بيهاري هن کان پاڻ لاءِ دعا پني سگهن ڇو جو انهن ويگنين ۾ سفر ڪندڙ مسافرن ۾ اڪثريت اهڙن سرڪاري ڪامورن جي هوندي هئي جيڪي هڪ شهر کان ٻئي شهر نوڪري ڪرڻ ويندا هيا ۽ پوءِ ساڳي ڏينهن واپس ٿيندا هيا، هر ڪنهن ان ڳالهه کي پئي محسوس ڪيو ته فقيرن جي ايڏي وڏي تعداد کي منهن ڏيڻ انهن کان محال آهي هو ايڏو وقت سيڙائي نه پئي سگهيا، اهو سڀ ڪجهه ان روڊ جي ڊرائيورن پنهنجو پاڻ فقيرن جي وڌندڙ تعداد سان گڏ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هيو. روڊ جي پاسن کان بيٺل فقيرن کي گهڻي تعداد هوندي به پهريون ايترو ڪجهه ملي ويندو هيو جو هو پنهنجو گذر سفر سٺي نموني سان ڪندا هيا. پر آخر اهڙو وقت به آيو جو انهن جو گذران مشڪل ٿي ويو. هو ڳوٺن کان صبح جو ٺهي سنڀري نڪرندا هيا ۽ شام تائين انهن کي ٻن ٽن روپين کانسواءِ ڪجهه به هٿ نه ايندو هيو. روڊ جي آس پاس پيدل ماڻهن جو گهڻو لنگهه به نه هوندو هيو جو هو انهن تي به ڪجهه بار رکي پنهنجو گذران ڪري سگهن، هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ان سنسان روڊ تان هڪ ويگن ڌوڙ اڏائيندي لنگهيندي هئي ۽ پوءِ اها ئي چپ هر طرف ڇائنجي ويندي هئي رڳو جهرڪيون ۽ ڪانءَ پيا لنوائيندا هيا، انهن کي محسوس ٿيو جيئن پهريون سڻڀو ٽڪر اڻڀو ٿي ويو هجي ۽ هاڻي اهو اڻڀو ٽڪر به هنن جي وس کان ٻاهر ٿي ويو هجي. انهن ۾ هڪ مايوسيءَ جي لهر ڊوڙي وئي، هو چاهڻ لڳا ته کين ٻيو نه ته کائڻ لاءِ ئي ڪجهه ملي وڃي ۽ پوءِ جڏهن ويگن انهن کي ڪجهه ڏيڻ کانسواءِ ڌوڙ اڏائيندي لنگهي ويندي هو ته هو ان ڊرائيور، ويگن ۽ مسافرن کي پيا پٽيندا هيا “شل قرآن ڪندو اها صحيح سلامت نه هوندي، الله ان ڊرائيور جي پاڙ پٽيندو.” هو هٿ کڻي پيا خدا کان ان جي لاءِ بددعا پنندا هيا، هو چاهيندا هيا ته روڊ تي ڪو وڏو حادثو ٿئي جيئن هڪ دفعو وري ويگن ڊرائيور ڊڄي پنهنجي ويگنين جو صدقو ڪڍن ۽ انهن جو گذران ٿيڻ لڳي، پر ويجهڙوائي ۾ ڪو اهڙو واقعو به نه ٿيو. آخر بک کان مجبور ٿي فقير پري کان ايندڙ ويگن کي ڏسي وڻ جي ڇانوَ ڇڏي اچي روڊ تي چڙهي بيهندا هيا ۽ پري کان ڊرائيور کي هٿ جي اشاري سان الله جي واٽ ۾ ڪجهه ڏيڻ لاءِ چوندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڊرائيور رحم کائي هلندڙ ويگن مان روپيو ڪڍي انهن ڏي اڇلي ڏيندو هيو نه ته اهو پاسو ورائي تيزيءَ سان انهن جي ڀرسان نڪري ويندو هيو ۽ پوئتي بيٺل فقير بددعائن سان گڏ انهن کي گاريون به ڏيندو هيو. انهن ڳوٺن جي فقيرن هونئن ته مدتن کان پئي ان بکئي حال ۾ زندگي گذاري پر هڪ هٿ آيل شيءِ کي هو ڪنهن به صورت ۾ واپس ڪرڻ لاءِ تيار نه هيا. انهن پهريون دفعو روپين کي ڇهي ڏٺو هيو. انهن جي خوشبوءِ کي محسوس ڪيو هيو، هاڻي هو ڪنهن به صورت ۾ ان ڳالهه لاءِ تيار نه هيا ته هو پنهنجي پراڻن وٿاڻن تي موٽي ان کان وڌيڪ بدحال زندگي گذارين، نئي صورت حال انهن کي جذباتي ڪري ڇڏيو هيو هو گهڻي کان گهڻا پئسا هٿ پيا ڪرڻ چاهين پر انهن وٽ اڳي جيترو به نه رهيو هيو، هو پريشانيءَ جي عالم ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا وار پٽي خدا کان ڪنهن وڏي حادثي جي دعا گهرندا هيا، هو ويگنين جي ڪڍ ڊوڙندا هيا، من ان جي دريءَ مان هڪ روپيو اڏامندو اچي هيٺ ڪري، منڊا فقير پنهنجا آستان ڇڏي وچ روڊ تي هٿ مٿي ڪري پنهنجي منڊي ڄنگهه جي گهوڙين کي ٽيڪ ڏئي بيٺل پيا نظر ايندا هيا، انڌا فقير ويگن جو زوڪٽ ٻڌڻ سان وٺي روڊ ڏي ڊڪندا هيا ۽ الله جي واسطي انهن کان ڪجهه نه ڪجهه وٺڻ جي اميد ۾ پيا صدائون هڻندا هيا، هر فقير ۾ هڪ مايوسيءَ اچي پڙاءُ ڪيو هيو، هو بلڪل چريا ٿي ويا، بک ۽ بدحاليءَ ڪري انهن جا حواس بلڪل خطا ٿي ويا.
نيٺ ان روڊ تي هڪ حادثو ٿيو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ تيز رفتار ويگن هڪ انڌي فقير سان وڃي ٽڪرائي جيڪو ان جو زوڪٽ ٻڌي هٿ مٿي ڪري ڊڪندو صدائون هڻندو روڊ طرف آيو ۽ انڌي هجڻ ڪري تيز رفتار ويگن سان وڃي ٽڪرايو، ويگن هن کي پنهنجي ڦيٿن سان ڪجهه پنڌ تائين گهليندي وئي ۽ پوئتي هن جي ڪپڙن جيان چچريل هن جي وجود کانسواءِ ڪجهه نه بچيو، ويگن ۾ ڪجهه مسافر هڪدم لڳندڙ بريڪ ڪري زخمي ٿيا ۽ پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. ان واقعي کان پوءِ ڊرائيور ڪجهه ڊڄي ويا، هڪ دفعو وري فقيرن کي ايترو ڪجهه ملڻ لڳو جو هو ڪجهه دير لاءِ مايوسين مان ٻاهر نڪري آيا، ڊرائيورن پنهنجي بهتري ان ۾ سمجهي ته هو صدقو ڪڍن ان ۾ ئي سندن نجات آهي. پوءِ جيتري دير انهن فقيرن کي خيرات ملندي رهي ڪو به حادثو نه ٿيو، انڌا، منڊا، لولا لنگڙا فقير انهن لنگهيندڙ ويگنين لاءِ پيا دعائون ڪندا هيا. “بابا جي ويگن جو خير، سِر جو خير، خير سان اچو، خير سان وڃو.” ۽ جڏهن صدقو بند ٿيندو هيو ته ڪونه ڪو حادثو ٿي پوندو هيو، ڪنهن لنگڙي فقير جي ٻئي ڄنگهه به حادثي جي نذر ٿي ويندي هئي، يا ويگن جا ٽائر ڪنهن لولي فقير جي رت ۾ رڱجي ويندا هيا ۽ صدقو ٻيهر شروع ٿي ويندو هيو.