زندگي وڄ جو چمڪو
ڊاڪٽر سوچيندو، مرڪندو، انهن جي اندر کي چيري پڙهندو بند ڪندو ويو. ٻاهران گهنٽي وڳي، هو ويو ۽ واپس اچي پنهنجو ننڍڙو ڪاري رنگ جو ٿيلهو کڻي دروازي ڏانهن وڌي ويو، گهر ۾ موجود ڀاتين هن کي ويندي ڏٺو “ايمرجنسي ڪال” انهن دل ۾ سوچيو ۽ سڀ ائين هيو جيئن هوندو آهي.
گهر جي گهنٽي هن سان ڳالهائيندي آهي، ان ۾ سمايل سڏ هو محسوس ڪندو آهي. اهو دوست آهي، مائٽ آهي، فقير آهي، ڪنهن مصيبت جو ماريل مريض آهي. گهنٽي جي. سُر ۾ هو هر آواز کي سڃاڻندو آهي.
گهنٽي وڳي ته ان مان هڪ آهه نڪتي، هڪ دانهن، هڪ سڏڪو ۽ هو ڪجهه دير بعد اُهي آهون ٻڌي رهيو هيو هڪ ڪکائين گهر جي اڱڻ مان. گهر جيڪو بي ترتيب سوڙهين گهٽين اندر ائين هيو جيئن ڪنهن وڏي گٽر جي پائيپ ۾ وهندڙ تيز گندي پاڻيءَ بي ترتيب سوڙهين گهٽين اندر ائين هيو جيئن ڪنهن وڏي اڳيان رڪاوٽ بنجي ڪو پٿر اچي ويو هجي. رستا نڙگهٽ جيان هيا ۽ گهر جيڪو کوٽي سڪي جيان ڪنهن نڙيءَ ۾ ڦاٿل هيو. آهون چهبڪن جيان ان گهر جي اگهاڙين ڀتين تي ٿي وسيون.
ميرو پردو هٽائي هن کي آندو ويو ۽ ان کان اڳ جو هڪ پيلي بلب اڳيان بيهي سئيءَ ۾ دوا وجهي ان کي تيار ڪري عورت هڪ رڙ ڪئي ۽ هڪ زندگيءَ کي جنم ڏنو.
هن ڏٺو هڪ ننڍڙو ڪارو وجود آهستي پنهنجا هٿ هلائي رهيو هيو. ان جي وات ۽ نڪ مان اڇي گج ٻاهر نڪري رهي هئي. ٻار جا چپ نيرا ٿي رهيا هيا، ان جون ٻانهون ۽ ڄنگهون مڙي رهيون هيون. هن ٻار کي اونڌو ڪري ان جي پٺيءَ تي ٿڦڪا هنيا. ان جي نڪ ۽ وات مان گج صاف ڪئي. ان جي وات ۾ ڦوڪون ڏنيون. اڱڻ ۾ سمهيل ننڍڙي وجود ٿوريون اکيون کوليون. ان هيٺ ڏٺو پوءِ پاسي ڏانهن ۽ ائين ان جو اکيون گهمنديون مٿي هليون ويون. چنڊ، ستارا ۽ رات. ان جون اکيون ڦرنديون بند ٿي ويون. چپن جي نيراڻ وڌي وئي ۽ پوءِ ان جون وڪڙ کائيندڙ ڄنگون ۽ هٿ سڌا ٿي ويا. هو ڍرو ٿي آرام ۾ اچي ويو. جسم ڄمي ويو ۽ هر حرڪت پٿر ۾ تبديل ٿي ساڪت ٿي وئي. زندگي تخليق ٿي، اها گذري ۽ گذاري وئي. ڪجهه ساعتون ڪجهه گهڙيون، مينهن جي پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ڦوٽي کان به گهٽ وقت، شهاب ثاقب جيئن عرش ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ چڻنگ ۽ اها چڻنگ ڪيڏانهن وئي. هڪ ننڍڙو ڪارو وجود، نرم پٿر جو وجود. پيرن کي محسوس ٿيندڙ گرميءَ ۾ رجندڙ روڊ جو ڏامبر، وقت جيڪو ان جي اکين جي کلڻ سان پيدا ٿيو ۽ بند ٿيڻ سان فنا ٿيو. وقت جيڪو ڪجهه به نه آهي، زندگيءَ جي سفر جو اولڙو آهي. چڻنگ جيان دکيو ۽ وساميو. آهه جيان اڀريو ۽ لٿو. ڪنن کي بند ڪيو ڇا ڪنهن آهه ڏٺي آهي؟ ڪجهه نه آهي بس اکين کولڻ سان پيدا ٿي پيو آهي.
هو نڪتو ۽ ٿڪيل قدمن سان سوچيندو ڳوٺ ٻاهران واهه جي ڪپ تي ٺهيل جهوپڙيءَ نما ڪاٺ جي ٺهيل هوٽل ۾ اچي ويٺو. مينهن شروع ٿي چڪو هيو ۽ هن اتي ڪجهه گهڙيون گهارڻ مناسب سمجهيون. مينهن جا ڦڙا هوٽل جي شيشن مٿان ڪري هن ڏانهن چمڪندڙ گول اکين سان حيرت مان نهارڻ لڳا. اکيون ٻه معصوم اکيون جيڪي شيشي مٿان موجود بوندن جيان ٿي چمڪيون. هن جو دماغ ٻه اکيون هيون. هن جا عضوا هن جون سوچيون ٻن اکين ۾ تبديل ٿي ويا. اکيون جيڪي گول ڦري ويون، هيٺ، پاسي ۽ مٿي ۽ وري واپس اچي ٻوٽجي ويون. وڄ جو چمڪاٽ ٿيو ۽ هن اکيون پٽي نهاريو. روشني پيدا ٿي ۽ وري اوندهه اچي وئي.
هن چانهه جي ڪوپ مان ڳيت ڏئي ڍڪ اندر ۾ اوتيو، هن محسوس ڪيو ڪنهن خوف کان هن ڳيت ڏني هجي ۽ خوف هن جي اندر ۾ داخل ٿي رڳن ۾ گردش ڪرڻ شروع ڪري ڏني هجي. هن کي مينهن جون بوندون نهاري رهيون هيون. هزارين تازا ڄاول ٻار ٻاهران شيشي تي پنهنجا نرڙ ۽ ڳل رکي هن کي چمڪندڙ اکين سان نهاري رهيا هيا. اکيون جيڪي وڄ ۾ چمڪي رهيون هيون. اکيون جيڪي وڄ جي چمڪي سان جاڳي ۽ ٻوٽجي رهيون هيون. اکيون جيڪي کن پل لاءِ وايو منڊل ۾ جاچي رهيون هيون.
اکيون جن ۾ موجود هر شيءِ سمائجي وئي. انهن ۾ اندر قيد ٿي وئي، ڌرتيءَ کي ڇهندڙ ننڍڙي آڱر، هوا کي محسوس ڪندڙ چمڙي، ساهه لاءِ جدوجهد ڪندڙ نڙي ۽ اکيون جن ۾ قيد ٿيل عڪس ڄمي ويا، ديوارن ۾ دفن ٿي ويا. پٿر سان ملي پٿر ٿي ويا.
پٿر تي ٺهيل جيوت جا عڪس جيڪي ڪائنات ۾ امر ٿي ويا اڻ مٽ ٿي ويا.
“اي زندگي تون ڇا آهين؟” هن سوچيو ۽ وڄ جو چمڪاٽ ٿيو. گجڻ جو گوڙ ٿيو. زندگي روشنيءَ جيئن جاڳي ۽ گجڻ جيئن گوڙ مچائي اجهامي وئي. کن پل جو سوجهرو ۽ وري اوندهه جو راڄ. اوندهه جنهن پويان ڪائنات لڪيل آهي. ڪائنات وڄ جي چمڪي ۾ به آهي ته اماس ۾ به. زندگي روشني آهي ۽ وقت روشنيءَ ۾ سفر ڪري ٿو. زندگي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين جاڳ جو سفر آهي، ٻرندڙ ڪاٺيءَ مان ٽڙڪو ڏئي اڀرندڙ چڻنگ جو سفر آهي.
انڌيارو جنهن کي ٻه ڇيڙا نه آهن جنهن جو ڪو به انت نه آهي انڌيارو جنهن جي ڪاري چادر ۾ هر شيءِ ويڙهيل آهي. رئي سان منهن ڍڪي گوندر ۾ ويٺل بيواهه آهي. سانت آهي. ننڊ آهي. ننڊ ۽ اوندهه ۾ اربها صدين جو سفر اک ڇنڀ آهي. ننڊ ۾ سَمي جو ڪو به ڪاٿو نه آهي. ماپ جو ڪو به مقدار نه آهي.
وقت موجود زندگيءَ سان لاڳو آهي. روشني جيڪا وڄ جي چمڪي مان پئدا ٿي ۽ وڄ جنهن جي چمڪڻ جو وقت مقرر آهي ۽ پوءِ اوندهه جنهن کي رهڻو آهي، جيڪا موجود آهي، جيڪا حقيقت آهي.
هو سوچيندو رهيو، ايتري ننڍڙي زندگي، جيوت جو مختصر سفر، ٻوسٽ ۾ بيٺل حواسن کي هوا جي تازي جهوٽي ڇهيو ۽ پري هليو ويو. هيءُ ڇا ٿي ويو؟ اهو ڪير هو؟ ائين ڇو ٿيو؟ حواس بدحواس ٿي ويو. حواس جيڪو پس گردائيءَ مان جاڳي ٿو. حواس جيڪو جيوت جي بقاءَ لاءِ جدوجهد مان شعور وٺي ٿو. حواس جيڪو عقل جي رهنمائي ڪري ٿو. عقل جيڪو رولاڪ پکيءَ جيان اڏامي ٿو. حدن کي تجاوز ڪري ٿو. عقل جيڪو سمجهه جي چيلهه ۾ رسو وجهي تيز ڊوڙي ٿو ۽ ان کي گهلي آنڊا ڪڍي ماري ٿو. عقل جيڪو حواسن کان ٻاهر ڌڪا هڻي ٿو ۽ ڌُڪا جيڪي تيرن جيان پنهنجن نشانن کي ڳولهي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي ڪڏهن لڳي به پون ٿا ته مستقبل جي رڙ نڪري وڃي ٿي.
حواس جيڪي روشنيءَ جي روح سان جاڳيا، روشني جيڪا سيني مان لنگهي پٺيءَ مان پار ٿي وئي. زندگي درد جيان جاڳي، ڪنجهي ۽ ان هٿ پير هنيا، حواس جن محسوس ڪيو. ننڍڙا توانا احساس، انهن ڇا محسوس ڪيو.
هو منجهي پيو ۽ چانهه جي ڪوپ مان سپ ڀري ٻاهر نهاريو. اوندهه ۽ مينهن جي بوندن جي ڪرڻ جو آواز، اوندهه ۾ ڏسڻ جا حواس اکين ۾ قيد آهن. پر بوندن جو احساس؟ شايد عقل ان احساس کان پهريون آشنا آهي. بوندن جي ڪِرڻ جو آواز اوندهه ۾ ڪجهه نه ڏسندڙ اکين کي ڏسڻ جي سگهه ڏئي ٿو. عقل احساس جي دائري ۾ رهنمائي ڪري ٿو.
هن اڳيان وڄ چمڪي، زندگي ظاهر ٿي ۽ اجهامي وئي. شيشي تي چنبڙيل بوندون اکيون ڦاڙي ڏسي رهيون هيون. ننڍڙيون گول اکيون، انهن ڇا محسوس ڪيو؟ هن جي تصور جي دائري ۾ اهڙو ڪو به عڪس نه هيو جنهن جي معيار تي هو انهن اکين جي پيدا ٿيندڙ احساس کي سمائي سگهي. ان جي زندگي، ان جا حواس جن ڪائنات کي اک ڇنڀ ۾ ڏٺو، ان جي حواسن هر عڪس کي، آواز کي، ڇهاءَ کي، ڇا محسوس ڪيو. مٿان بيٺل چنڊ کي، تارن کي، هوا کي، ماءُ جي هٿن مان نڪرندڙ پيار جي لهرن کي، اهو سڀ ان لاءِ ڇا هيو؟ چنڊ، ان جي پيلاڻ، ان جي گولائي، روشني، ستارن جا اکين ۾ لهندڙ ڪرڻا، رات جي وڻ مان اوندهه جا ڇڻندڙ پن. ان ڇا محسوس ڪيو؟ ان جا ڇا احساس هيا؟
هن جي دماغ جون رڳون ڌنوڻ لڳيون، وڄ چمڪي ۽ اجهامي. هن وڻ ڏٺا. ڌرتيءَ تي بيٺل دٻن ۾ پاڻيءَ جا ڦوٽا ڏٺا. هوا ۾ لڏندڙ گل ڏٺا ۽ شيشي تي چمڪندڙ بوندون ڏٺيون. هن وڻن بابت سوچيو، وڻ بلند آهن. ساوا آهن. حواسن کي وصف ڏيڻ لاءِ عڪسن کي الفاظ ڏنا ويا آهن. مون کي ڪنهن سائي رنگ ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايو ته سائو آهي. ڌرتيءَ کان مٿي اڀرندڙ عڪس کي اوچائيءَ جو نالو ڏنو ويو، ائين گلاب کي سامهون رکي چيو ويو ته ڳاڙهو آهي. ڀلا پيدائشي انڌي انسان کي رنگن جي ڪهڙي ڄاڻ، ان صرف اونداهه جي ڪاراڻ کي ئي محسوس ڪيو هوندو. پيدائشي ٻوڙو جنهن جي ڪنن جي پردن سان آواز ٽڪرائجي گونجيا ئي نه آهن ته ان جي زبان کي آوازن جي ڪهڙي ڄاڻ. پر ان ڇا محسوس ڪيو. ان ٻار جي ڦرندڙ اکين چنڊ تي پيرا ٺاهيا. انهن اکين چنڊ کي ڪيئن ڏٺو. نه ان جي حواسن کي ان عڪس جي پيلاڻ جي، نه گولائيءَ جي ۽ نه روشنيءَ جي لفاظيءَ جو علم هيو. انهن اکين چنڊ کي ڪيئن محسوس ڪيو ۽ ستارا روشنيءَ جا ساڪت ٽٻڪا. ان جي حواسن اهي ڪيئن پنهنجي ذهن ۾ قيد ڪيا. رات جي ڪاراڻ جنهن لاءِ نون پيدا ٿيندڙ حواسن لاءِ ڪو به نالو نه آهي. بس هڪ غير وضاحتي احساس آهي. انهن گول ڦرندڙ اکين وايو منڊل ۾ لفظن بنا حواسن تي پيدا ٿيندڙ عڪسن کي ڪيئن محسوس ڪيو. هن چانهه جو ڍڪ ڀريو ۽ شيشي ٻاهران نهارڻ چاهيو. اوندهه جو احساس ۽ شيشي تي وهندڙ پاڻيءَ جي بوندن جو احساس. بوندون اکيون آهن ۽ اکيون ڳوڙهن جيان وهي رهيون آهن. هن پنهنجيون اکيون بند ڪيون ۽ چنڊ کي مٿان بيٺل تصور ڪيو. ٻه نيون پيدا ٿيل اکيون گول ڦري ويون. آهه ڪيڏو نه وڻندڙ عڪس آهي. اهو بي نانءُ عڪس. هن تصور ڪيو ۽ سوچيو اهو عڪس ان حالت ۾ سڀ کان افضل آهي. حواسن ۾ قيد ٿيندڙ عڪس جنهن جو ڪو به نانءُ نه آهي، نه رنگ آهي، نه روشني، نه گولائي، اهو جيئن آهي تيئن آهي. نالي کان پاڪ، گمنام، صرف منهنجو تصور ان کي محسوس ڪندڙ. ڪيڏي نه وڏائي آهي ان ۾، اوندهه، ڪاراڻ سڀ لفظ غلافن ۾ قيد آهن. رات کي لفظ ڏيڻ بنا محسوس ڪرڻ جو مزو، ستارا اوندهه مان هيٺ ڪري رهيا آهن. روشن ٽٻڪا، ڪنهن نانءَ بنا بلڪل نوان لڳي رهيا آهن. جسم کي محسوس ٿيندڙ هوا، نه ٿنداڻ کي الفاظ آهن ۽ نه ئي ڪوساڻ کان ذهن آشنا آهي، بس هڪ خوبصورت ڇهاءُ آهي. جسم تي ڦرندڙ ماءُ جي هٿن جي ڇهاءُ کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪي به لفظ نه آهن. آهه، اهو ڪيڏو نه نئون احساس آهي، اهو سڀ مون لاءِ آهي، خاص مون لاءِ!
هن تصور ڪيو، آسمان مان مينهن بدران الفاظ عڪسن مان ڇڻي ڌرتيءَ تي ڪري رهيا آهن. هر عڪس ڌوپجي نئون ٿي ويو آهي. حواس هڪ نئين ڪائنات سان آشنا ٿي رهيا آهن. ڪجهه نه هوندي سڀ ڪجهه موجود آهي. ماحول ۾ تازگي آهي. نوان احساس اڀري رهيا آهن. نظر هر شيءِ کي وري غور سان جاچڻ شروع ڪيو آهي. هو منهن جي مٿان ۽ قدمن هيٺان ڇا آهي. هيءُ آس پاس، هو ڊوڙندڙ، گهمندڙ، سمهندڙ، مرندڙ سڀ آهي، سڀ نه آهي، لفظ احساس کي روپ ڏين ٿا. لفظن بنا احساس نوان ٿي پيا آهن. هن چنڊ جو تصور ڪيو. ان جي گولائي، پيلاڻ، روشني عرش تان ڇڻي هيٺ اچي هن جي قدمن ۾ ڪريا. مٿي ڇا بچيو؟ هن ڏٺو، ڪجهه به نه! چنڊ غائب ٿي ويو. هڪ نئين شيءِ جو ظهور ٿيو. هڪ شيءِ جيڪا حقيقت آهي. جنهن جي تخليق هاڻي ٿي آهي. مان ان کي مرندڙ اکين ۽ ذهن سان تصور ڪرڻ چاهيان ٿو. هن سوچيو، هن تصور جي گهرائيءَ ۾ وڃڻ چاهيو. ٻه اکيون گول ڦري ويون. هن کي مونجهه محسوس ٿيڻ لڳي، ڪيڏانهن ويو اهو عڪس، اهو احساس، هوا جي جهوٽي ۽ ماءُ جي هٿن جو جسم تي ڇهاءُ. عمر هن جو تصور پراڻو ڪري ڇڏيو هيو. تازو جنم وٺندڙ ذهن نوان احساس ۽ الفاظن بنا عڪس، هن سوچيو ۽ ڄڻ چريو ٿي پيو. درد کان مٿو هيٺ ڍرڪي پيس. وڄ چمڪي، روشني هرشيءِ کي باهه لڳائي هڪ ڪنڊ کان ٻئيءَ ڪنڊ تائين ڊوڙندي هلي وئي. هن چانهه جو ڪوپ کنيو ۽ ڍڪ ڀريو.
ٻار جنهن ماءُ جي پيٽ کان قبر جي پيٽ تائين سفر ڪيو. زندگي صدين تي مشتمل ۽ ڦهليل ڄڻ ننڊ ۾ خواب جيان جاڳ. خواب جيڪي زندگيءَ جي علامت آهن. موت خوابن بنا ننڊ آهي. عڪس وصفن بنا خواب ۾ خوابن جهڙا آهن. زندگي ڊيڄاريندڙ خواب جو ڇرڪ، ڇرڪ هڪ ڌماڪو، جنهن کان ذهن اکين جون دريون کولي جاڳيو، هن ڏٺو ۽ وري گِهل جي طوفان ۾ ويڙهجي اوندهه جي کوهه ۾ هيٺ لهندو ويو.
زندگي ننڊ ۾ ڀريل ڇرڪ، وايو منڊل جا ڊيڄاريندڙ اثرات، جيڪي آهي ڪجهه نه آهي، اهو ڏسڻ سان جڙي ٿو. جيڪي آهي ان کي حواس تخليق ڪن ٿا. روشنيءَ جو وجود اک کلڻ سان آهي. اوندهه اک جي بند ڪرڻ سان آهي. اسرارن جا سڀ اثرات حواسن سان ٺهن ٿا. جيڪو جتي آهي اهو منهنجي ڏسڻ سان موجود آهي. ڪائنات نه آهي، ڪائنات منهنجا حواس آهن. چنڊ، بي نانءُ چنڊ، پيلاڻ کان سواءِ، گولاڻ کان سواءِ، ٻه ننڍڙيون ڦرندڙ ۽ مرندڙ اکيون ڏسن ٿيون. ڏسڻ سان سامهون ڪجهه نروار ٿيو آهي جڏهن ته اهو ڪجهه نه آهي. ڌرتي جنهن کي ننڍڙي آڱر ڇهي ٿي اها ڪجهه نه آهي ڇهڻ سان تخليق ٿي آهي. وايو منڊل جا سڀ اثر جاڳ جو ردعمل آهن. آواز کليل ڪنن مان ٺهي ٿو. آواز جنهن کي نه بوءِ آهي نه جسم نه ذائقو. ڀرسان روئندڙ ماءُ جو آواز، سڏڪن جو اثر ٻڌڻ سان آهي، جيڪي آهي هئڻ سان آهي. سڀ ذهن ۾ آهي ٻاهر ڪجهه نه آهي. هر شيءِ ۾ موجود، وجود ئي وجود. وجود وڄ. جيان چمڪي عڪسن کي روشنيءَ جو روپ ڏئي ٻاهر اڇلي ٿو. وجود جيڪو اوندهه ۾ ڇرڪ ڀري ٿو. چوڌاري اوندهه آهي ڪجهه نه آهي. جيڪي آهي تجلي آهي. روح بادل جهڙو مادو آهي. وڄ زندگي آهي چمڪو آهي. تخليق ذهن ۾ آهي. رنگ اکين ۾ آهن. رنگ جن کي نانءُ مليو ۽ انڊلٺ جي ترتيب ۾ تبديل ٿيا. نانءُ ۽ لفظن بنا انهن اکين رنگن کي ڇا نانءُ ڏنو.
هو سوچيندو ويو ۽ هن جي ذهن ۾ بي چينيءَ جا سرڪندڙ نانگ مٿي ۾ ڏنگ هڻڻ لڳا. درد کان هن جي جسم مان ڌرڙيون ٿي نڪتيون.
هو هلندي هلندي ڄڻ واٽ وڃائي ويٺو. وائڙن جيان چوواٽي تي بيهي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. وڄ چمڪي ته هن ڪنڌ ڌوڻي اکيون مهٽيون. شيشي تي ڄميل بوندون بي جان اکين جيان سڪي رهيون هيون. مينهن بند ٿي چڪو هيو، هن ڪوپ مان چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪائونٽر تي پئسا ڏنا ۽ جيئن ئي واپس مڙيو ته سامهون لڳل آئيني ۾ هن کي پنهنجو منهن نظر آيو. جهور پوڙهو ميڻ بتيءَ جي پيلي باهه ۾ ٻرندڙ گهنجيل چهرو، هو ڏسي کليو، سندس وات ۾ پاسن وارا ڏند ڀڳل هيا. هن پنهنجو بئگ سنڀاليو ۽ واپس هلڻ شروع ڪيو. پرڀات کان پهريون جڏهن هو گهر پهتو ته هن جي عمر چوهتر سال ٿي چڪي هئي.
هوا تيز هئي ۽ آسمان صاف هيو. رستن جي آلاڻ برسات جي تاريخ بنجي وئي. هو ٿڪيل قدمن سان گهر ۾ داخل ٿيو ته اڱڻ ۾ اڃان به چانڊوڪي هئي. اهڙي ئي چانڊوڪي جنهن چانڊوڪيءَ ۾ هو گهر کان ٻاهر نڪتو هيو. وقت ڪجهه نه آهي بس حياتيءَ جو سفر آهي. ڪائنات وجود سان وجود ۾ اچي ٿي ۽ وجود جي فنا سان فنا ٿئي ٿي. هن سوچيو وقت چنڊ جيان ساڪت آهي ۽ وجود اڀري ۽ غروب ٿئي ٿو. وقت پٿر جيان بيٺل آهي وجود حياتيءَ جي صورت ۾ گذري ٿو. زندگي اک آهي ۽ حياتي اک ڇنڀ، آيو ۽ ويو ٻه ڳنڍيل لفظ آهن. فاصلو دورين کي ملائيندڙ زنجير آهي. اڱڻ جي چانڊوڪيءَ ۾ بيهي هن محسوس ڪيو هو آيو نه آهي، ڄڻ وڃي رهيو آهي. هن ڏڪندڙ ڄنگهن کي محسوس ڪيو ٿڪاوٽ کان هن جو جسم ٽٽي رهيو هيو. منهن تي هٿ ڦيري گهنجن کي محسوس ڪيو. ڏاڙهيءَ کي هٿ ۾ وٺي ان جي اڇاڻ طرف ڏٺو. هيءُ ڇا؟ هن جي ذهن ۾ سوال اڀريو. ڇا زندگي تصور ۾ گذري وئي؟ ڇا هو ويو ۽ ايڏو وقت ويو؟ نه هو ته اتي ئي بيٺو آهي. وڃڻ جي تياري ڪندي هو وقت مٿان گذري ويو. هو اتي ئي بيهي سوچيندو رهيو ۽ پوءِ اوچتو هيٺ ڪري پيو. گهر وارا ڊوڙندا هن مٿان آيا. هن جو هڪ هٿن سيني تي هيو ۽ ٻيو ڌرتيءَ کي ڇهي رهيو هيو. هن جون اکيون گول ڦري ويون. آواز هن جي ڪنن سان ٽڪرايا ۽ هن مٿي ڪاراڻ ڏٺي چمڪندڙ ستارا ڏٺا ۽ چنڊ ڏٺو. هن جون اکيون واپس مڙي بند ٿي ويون. جسم ڍلو ٿي ويو. هن کن پل ۾ اهو ڪجهه محسوس ڪيو جنهن لاءِ سڄي زندگي پتوڙيندو رهيو. پر اهو سڀ هو ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهيو.