عشق جو اظهار
اهو لقاءُ حيرت ۽ خوف جو سبب هيو جڏهن منهنجي کٻي هٿ پويان ڪاري تِرَ ڪنهن جيت جيان چرپر ڪئي. تر جيڪو کٻي هٿ جي پٺئين پاسي هيو، اوچتو هيڏانهن هوڏانهن چريو. اهڙو منظر ڏسي منهنجي جسم مان ڌرڙي نڪري وئي.
سخت اونهاري جو ڏينهن هيو، گرمي ايڏي هئي جو لڳي پيو هر شيءِ سڙي ويندي. مان بستر تي ٽيڪ ڏئي ويٺل هيس. پکو هليو پئي پر پگهر جسم تان خشڪ ئي نه پئي ٿيو.
مون ڏٺو گوڏي تي رکيل هٿ پويان ڪارو تِر چريو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڪنهن ننڍڙي جيت جيان تيزيءَ سان گهمڻ لڳو.
اهو اهڙي پريشان ڪاري جيت جيان هيو جنهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيڏانهن وڃي.
منهنجا لڱ سُن ٿي ويا، خيال آيو ته سڄو هٿ کٻي هٿ تي چرپر ڪندڙ ڪاري جيت تي وهائي ڪڍان، سوچيم اهو تِر آهي، جيت نه آهي. وري سوچيم تِر آهي ته پوءِ جيت ۾ تبديل ڪيئن ٿيو؟
مون سڄو هٿ کڻي گوڏي تي رکيل کٻي هٿ جي پٺ کي ڇُهيو. اهو تِر هيو، ساڪت تِر، هڪ هنڌ ڄميل، جنهن ۾ ڪا چرپر نه هئي.
ان ڏينهن سوڀيا سان ملاقات ڪرڻي هئي. ملڻ جو واعدو هيو. گرمي به گهڻي هئي، رستو به ڏکيو هيو پر مون کي پڪ هئي ته سوڀيا سان ملاقات کان پوءِ موسم تبديل ٿي ويندي. اهو هڪ پارڪ هيو. جنهن جي وچ تي سينوريل ڍنڍ هئي. ڍنڍ جو پاڻي سدائين سائو هوندو هيو. ڪناري سان بيد مشڪ هيٺان هڪ بينچ هئي. اتي مون هر دفعي سوڀيا سان عشق جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪڏهن عشق پهريون ٿيندو آهي ۽ اظهار پوءِ ڪرڻو پوندو آهي. سوڀيا سان عشق ڪندي مون ڪڏهن اهڙو اظهار نه ڪيو ۽ نه ئي سوڀيا ڪو اهڙو تاثر ڏنو ته ان جو مون سان عشق آهي پر ملاقاتن جي سلسلن ۾ ڪو اهڙو جذبو ضرور هيو جيڪو نه ملڻ ڪري هڪ بي چيني ۽ تانگهه جي صورت ۾ موجود هوندو هيو.
منهنجي تصور ۾ سائي ڍنڍ ڪناري بينچ تي ويٺل سوڀيا مرڪي ۽ مون ڏٺو پگهر ۾ آلي هٿ پويان تِر ڪنهن جيت جيان هلندو منهنجي اگهاڙي ٻانهن تي چڙهي آيو. منهنجون نظرون جيت جي چرپر تي ٽڪيل هيون. اهو هيڏانهن هوڏانهن گهميو ٿي، وري چپ ڪري هڪ هنڌ بيهي ٿي رهيو، وري تيزيءَ مان گول ڦري هڪ هنڌ ڄمي ٿي ويو.
ڄائي ڄم کان منهنجي جسم تي ٻيا به ڪيترائي تِر آهن. ڪي اهڙا تِر به هيا جيڪي مٽجي چڪا آهن. مون کي ياد آهي سڄي هٿ جي چيچ تي تِر هوندو هيو، جيڪو هاڻي نه آهي. کٻي کڙيءَ مٿان، دن ڀرسان، کاڏيءَ جي پاسي کان تِر هيا، جيڪي وقت سان مٽجي چڪا آهن. تِر جسم جا نقطا هوندا آهن، انهن ۾ شخصيتن جو مفهوم سمايل هوندو آهي، تِر مٽجي وڃن ته شخصيت جي معنا بدلجي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مان بي معنا ٿي پيو آهيان، ڪو ئي مون کي سمجهي نه سگهيو آهي. سوڀيا مون ڏي ائين ڏسندي آهي ڄڻ ڪو منجهيل جملو هجان جنهن ۾ نقطن جون غلطيون هجن.
پگهر جسم مان وهي رهيو هيو ۽ کٻي هٿ جو تِر منهنجين نظرن اڳيان چرپر ڪري رهيو هيو.
تِر ننڍي ڪاري جيت جيان ٻانهن تي آيو ۽ پوءِ ڏوري وٽ بيهي ڄڻ مون کي ڏسڻ لڳو. جيتن جون اکيون انڪري تيز هونديون آهن جو سنهيون هونديون آهن. شيءِ جيتري سنهي هوندي ايتري اندر ۾ پيهجي ويندي. نظرن کي به چهنب هوندي آهي. طوطي جي ڳاڙهي چهنب سائي مرچ ۾ گهري ويندي آهي.
گرميءَ جو احساس وڌي ويو آهي، هن سال گرمي تمام گهڻي پئي آهي ۽ گذريل سال به ڪنهن ساڳيو جملو چيو هيو ته هن سال گرمي تمام گهڻي پئي آهي. موسمن جو اسان جي عيبن تي اثر آهي. گرمي اگهاڙو ڪري ٿي ۽ سردي ڍڪ ڍڪي ٿي.
گرمي گهڻي آهي ۽ مان اڌ اگهاڙو آهيان. اڌ اگهاڙپ جو سبب اڌ اونهارو آهي. اميد ته گرمي نه وڌندي ۽ اڌ اگهاڙو هوندس. مون لاءِ گرمي مسئلو نه آهي، پر اهو خوف مسئلو آهي جيڪو ٻانهن تي گهمندڙ تِر ڪري پيدا ٿيو آهي.
ڪارو تِر ڦڙتيلي جيت جيان گهمي، هڪ هنڌ بيهي وري گهمي رهيو هيو، ڄڻ هڪ هنڌ بيهي ڪجهه سنگهندو هجي. تِر هلندو منهنجي ڪلهي وٽ پهتو. مون ٽيڏي اک ڪري ڏٺو اهو ڪارو تِر ٽٻڪي جهڙو هيو جيڪو مون کي پريشان ڪري رهيو هيو. تِر مٿي چڙهي ڳچيءَ ڏي سُريو ته منهنجين نظرن کان اوجهل ٿي ويو. انسان پنهنجو ڪنڌ ڏسي نه سگهندو آهي ڇو جو ڪنڌ ٻين لاءِ هوندو آهي. خوبصورت ٻانهن لاءِ يا ڦاهيءَ لاءِ.
مون هٿ هڻي ڪنڌ کي ڇُهيو ۽ پوءِ کٻي هٿ پويان ڏٺو، کٻي هٿ پويان منهنجو پيدائشي تِر نه هيو. جيت جيان مٿي چڙهي ڪنڌ وٽ پهتل تِر کي ڏسڻ لاءِ آئيني جي ضرورت پئي، مان ٽپو ڏئي اٿيس ۽ آئيني اڳيان بيٺس. مون ڏٺو ته ڪنڌ اڳيان کٻي پاسي ڳچيءَ وٽ موجود هيو. مون ان کي مهٽيو. هر هر آڱر هڻي محسوس ڪيو. اهو جيت نه هيو، تِر هيو، مون لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي ته هٿ پويان هڪ تِر جيت جيان هلندو ڳچيءَ جي کاٻي پاسي پهچي ڄمي ويو هيو.
ان ڏينهن جڏهن سائي ڍنڍ ڪناري بيد مشڪ هيٺان رکيل بينچ تي سوڀيا مون سان گڏ ويٺل هئي ته اوچتو منهنجي نظر سندس ڪنڌ جي کٻي پاسي ڳچيءَ تي پئي، ڇرڪ نڪري ويو، ڇو جو کيس اتي تِر هوندو هيو، جيڪو نه هيو. اهو تِر منهنجين نظرن جو مرڪز هيو. ڳچيءَ جو خوبصورت تِر جنهن کي ڏسي سوچيندو هيس ته ڪڏهن ان کي چُمندس. مون پريشان ٿي سوڀيا کان پڇيو.
“سوڀيا تنهنجي ڳچيءَ جو تِر ڪيڏانهن ويو؟”
سوڀيا مون ڏانهن پيار مان ڏٺو ۽ پوءِ کٻو هٿ ڏيکاريندي چيو.
“خبر نه آهي اهو تِر ڳچيءَ وٽان هلندو کٻي هٿ پويان ڪيئن پهتو؟”
•