رک
باهه لڳڻ کان پوءِ رک ٿيڻ ۾ دير ئي نه لڳي، دونهون اڏاميو جيڪو وڪڙ ڏيندو لفظ لفظ ٿي هوا ۾ ائين تحليل ٿي ويو جيئن ڪاغذن جا لفظ موت جي انتظار ۾ هيا. دونهون مري ويل لفظن جو روح هيو.
گذريل ويهن سالن کان الماڙيءَ جو خانو ، پراڻو سائي رنگ جو ڦاٽل ٿيلهو، بريف ڪيس جنهن جو هٿيو ڀڳل هيو ۽ شاپنگ بيگ جيڪو سلائي مشين جي ٽراليءَ جي هيٺين خاني ۾ پيل هيو، سڀ ڪاغذن ۽ فائيلن سان ڀرجي چڪا هيا.
هن جي طبيعت به ڪاغذن جيان وکريل هئي. سليقو سکيو ئي نه هيو. جيڪا شيءِ هٿ آئي اڇلائي ڇڏيندو هيو. سڀ کان سولو الماڙيءَ جو خانو هيو جنهن کي کولي، ڪاغذ، خط، وزيٽنگ ڪارڊ، فوٽو اسٽيٽ ٿيل ڪاپيون ۽ ٻيا سامان جن ۾ پينون، سڪا، کونئر جون دٻيون، ٺپا، پنچ مشين، پِنون، چاٻيون ۽ اسٽيل جا ڪوڪا شامل هوندا هيا وجهي ڇڏيندو هيو.
ويهن سالن کانپوءِ آخر اهڙو وقت آيو جو هن جي گهر ۾ ڪاغذن لاءِ جاءِ نه بچي، هن مجبور ٿي سڀ ڪاغذ ڪٺا ڪيا ۽ اهو سوچي الڳ ڪيا ته هو غير ضروري ڪاغذ لطيف ڏني حوالي ڪندو جيئن انهن کي باهه ڏئي فاني دنيا ۾ فنا ڪري سگهي. هن ڪاغذ ڪٺا ڪيا ۽ پوءِ چونڊ شروع ڪئي. سڀ ڪاغذ ملي چڪا هيا، ضروري ڪاغذ ۽ غير ضروري ڪاغذ، وقت ضروري ڪاغذن کي غير ضروري بنائي وجهندو آهي ۽ غير ضروري ڪاغذ ضروري ٿي پوندا آهن.
هن جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن جيڪي ڪاغذ ضروري هيا اهي هاڻي غير ضروري ٿي چڪا هيا ۽ جيڪي غير ضروري هيا انهن کي هاڻي قدر جي نظرن سان ڏسي رهيو هيو. هن جڏهن الماڙيءَ جي خاني مان، سائي رنگ جي پراڻي ٿيلهي مان، هٿئي ڀڳل بريف ڪيس مان، سلائي مشين جي ٽراليءَ جي هيٺين خاني ۾ شاپنگ بيگ مان، ڪاغذ ۽ فائيل ڪڍي گڏ ڪيا ته ڄڻ فرش تي گند جو ڍير لڳي ويو. هن ڪاغذ چونڊي ٻن هڙن ۾ بند ڪيا ته ٿوري دير کانپوءِ جڏهن لطيف ڏنو غير ضروري ڪاغذ ساڙي موٽندو ته هو ضروري ڪاغذن واري هڙ کولي سليقي سان ان بريف ڪيس ۾ وجهي رکندو جنهن جو هٿيو هو هڪ نه هڪ ڏينهن ان ڊکڻ کان ضرور ٺهرائيندو جيڪو ٽائون جي مک دروازي وٽ گهرن جا در ٺاهي انٽرلاڪ جي ٽن چاٻين مان هڪ چاٻي چورن حوالي ڪندو آهي. لطيف ڏني ٻاهر وڃي جڏهن هڙ کولي ڪاغذن کي ساڙڻ لاءِ کيسي مان ماچيس ڪڍي تيلي دکائي ته سڀ کان پهريون ان سگريٽ کي باهه ڏني جيڪو سندس وات ۾ جهليل هيو، پوءِ هن تيليءَ کي ڦٽو ڪيو. تيلي ڪاغذن مٿان ڪري، بندو خدا کي ڳولهيندو آهي ۽ تيلي ڪاغذن کي. جڏهن باهه ڀڙڪو ڏنو ته اهو سانجهيءَ جو وقت هيو. اولهه پاسي شفق جو رنگ سج جي سڙڻ ڪري هيو.
سڀ سڙي ويو، پراڻا ڪاغذ، خط، وزيٽنگ ڪارڊز ۽ ڪجهه فوٽو جيڪي رنگين نه هيا، ان ڪيمرا جا نڪتل هيا جيڪا فوٽ پاٿ تي هاٿي جي سونڊ جيان رکيل هوندي هئي ۽ ان ۾ هڪ همراهه چيلهه تائين اندر وڃي سامهون ويٺل جو پينسل سان فوٽو ٺاهي ٻاهر نڪرندو هيو. مري ويل ماڻهن جا رهجي ويل فوٽو ائين لڳندا آهن ڄڻ واقعي ئي مري ويا هجن.
لطيف ڏني جي وات ۾ جهليل سگريٽ جو دونهون ڪاغذن جي ٿڌي ٿي وڃڻ کانپوءِ گهڻي دير هو مٿي ٽيريس ۾ بيهي محسوس ڪندو رهيو. جڏهن لطيف ڏنو هٿ ڇنڊي هليو ويو ته هو هيٺ لهي آيو ۽ ڪپڙا ڇنڊڻ لڳو ڇو جو اهي پراڻن ڪاغذن جي ڊس ۾ ميرا ٿي چڪا هيا. هن هٿ نه ڇنڊيا جيڪي ويڻين تائين ميرا هيا ڄڻ انهن تي دستانا چڙهيل هجن جيڪي هن مٽيءَ کان بچاءَ لاءِ هٿن تي چاڙهيا هجن.
جڏهن هو رک مٿان بيٺل هيو ته شفق اوندهه ۾ تبديل ٿي رهيو هيو. سانوڻ جي مند پري هئي پر ضروري نه آهي ته ڪوئل سانوڻ ۾ ٻولي، ڇو جو اها ان وقت ٻولي رهي هئي جڏهن هو سڙيل ڪاغذن جي رک تي بيٺل هيو، هلڪي هوا تي اڃان به ڪا چڻنگ اڏامي سندس سٿڻ جي پانچي کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
اها رک نه هئي، هن جو ماضي هيو، ماضي ائين هوندو آهي ڄڻ رک، جيڪڏهن رک نه هجي ته ماضي کوٽي نه سگهبو آهي. ماضيءَ کي کوٽڻ لاءِ رک هجڻ ضروري آهي ۽ هن آڏو رک هئي. ڪڏهن انسان جو قدر ان جي مرڻ کان پوءِ ٿيندو آهي جيئن هن کي ڪاغذن جو قدر انهن جي سڙڻ کان پوءِ ٿي رهيو هيو. هن رک ۾ ڏٺو، اتي سڀ سڙي ويل ڪاغذ هڪ جهڙا هيا، رسو سڙي وڃي ته وڪڙ ڏسي لڳندو آهي اها رسي جي رک آهي، ڪاغذن جي رک ۾ لفظن جا وڪڙ محفوظ نه رهندا آهن.
لفظن جا وڪڙ يادن ۾ سمائجي مغز ۾ محفوظ هوندا آهن ۽ هاڻي سڙي وڃڻ کانپوءِ انهن جو دونهون هن جي دماغ مان نڪري رهيو هيو. هن ياد ڪيو، اها اڇن لفافن جي رک هئي، گلابي لفافن جي رک هئي، نيرن لفافن جي رک هئي، ڪارن لفافن جي رک هئي، ان ۾ اهي سڀ نظم سڙيل هيا جيڪي فريدا جي وڇوڙي کان پوءِ بي اثر ٿي ويا. اهي ڪهاڻيون سمايل هيون جيڪي هن فريدا کان پوءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ نه پئي چاهيون. هو شاعر يا ڪهاڻيڪار ته نه هيو پر کيس ٻڌائڻ لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻين کانسواءِ ڪجهه نه هيو. هن فريدا کي خط لکيا ۽ لکندي هو ان حد تائين ليکڪ ٿي سگهيو ته فريدا ڏي خط لکي سگهي. خط لکڻ جي حسرت ۾ هن ڪيترا خط ڦاڙي ڇڏيا، نيٺ هن ڏي ٽي خط لکيا، جن جو چئن خطن ۾ جواب مليو، انهن خطن جا رنگ هن جي پيار ڪهاڻيءَ سان ملندڙ هيا. اڇي لفافي وارو خط جنهن ۾ پيار جو پهريون اظهار هيو.
پوءِ گلابي لفافي وارو خط جنهن ۾ دعوت هئي ته ان وقت ملاقات ڪري جنهن وقت مينهن نه وسندو هجي ڇو جو ملاقات لاءِ دير سان پهچڻ جو سبب موسم هوندي آهي. هن فريدا سان پهرين ملاقات هڪ باغ ۾ ڪئي، جتي بيد مشڪ جا وڻ ائين بيٺل هيا جيئن انهن پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ ڪنهن ٻئي وڻ کي اڀرڻ جي اجازت نه ڏني هجي، سڀ وڻ بيد مشڪ جا وڻ هيا ۽ گلن جا ٻوٽا سدا بهار کانسواءِ سڀ سڙيل هيا. هن فريدا سان پيار جو اظهار ڪيو پوءِ اڇو لفافو مليو جنهن ۾ فريدا پيار جو اقرار ڪيو. هو خوش ٿيو ۽ لفافو چمي الماڙيءَ جي ان خاني ۾ وجهي ڇڏيو جتي اڃان ڪاغذ ڪٺا ٿي رهيا هيا، خانو ائين خالي هيو جيئن جاڳڻ کانپوءِ دل، ڇو جو سمهڻ کان پوءِ دل خوابن ۾ ورهائجي ويندي آهي.
اوندهه ڦهلجي رهي هئي، وقت سان رک ۽ رات ۾ ٿورو فرق رهجي ويو هيو. رک رات کان وڌيڪ ڪاري هئي ۽ رات رک کان وڌيڪ سرمئي، ڪٿان ڪوئل ڪوڪ ڪئي ۽ هن جي دل مان سٽ نڪتي.
رک ۾ سڀ رنگ هڪ رنگ ۾ تبديل ٿي چڪا هيا، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سالن کان جيڪي سڀ وسري چڪو هيو، اهو رک ڏسڻ سان ڇو ياد اچي رهيو هيو. ڪاغذ هوا ۾ اڏرندا آهن ۽ هوا رک ۾ اڏرندي آهي. دنيا ۾ سڀ کان هلڪي شيءِ هوا آهي ۽ ڪائنات ۾ سڀ کان هلڪي شيءِ يادون. يادن ۾ چنڊ سمائجي سگهي ٿو ۽ هوا ۾ ان جي حاصل ڪرڻ جي حسرت.
هو فريدا ڏي خط لکندي ليکڪ ٿي پيو هيو، هن فريدا کي ياد ڪري هڪ نظم لکيو هيو جيڪو هن کي ياد نه هيو، ذهن تي زور ڏنائين ۽ ورجهايائين.
“مان قبرستان آهيان
جتي تنهنجي ياد جا
نانگ گهمن ٿا
هٿ جي لڪير جا
چانڊوڪين ۾
نانگ گهمن ٿا.”
ورجهائيندي محسوس ڪيائين کيس صحيح ياد نه آيو، ان جو وزن ائين نه هيو، هن پندرهن سال پهريون اهو نظم لکيو هيو ۽ ٻه دفعا پڙهيو هيو، سوچيندي وري ذهن تي زور ڏنائين.
“تون ۽ مان نه آهيون
پر پاڇن جا
نانگ گهمن ٿا
“نه” شايد... لاشن جا
نانگ گهمن ٿا.”
“نه” غلط بلڪل غلط
هن گلابي لفافي ملڻ کان اڳ ان جي جواب جي ڪوشش ۾ هڪ نظم لکيو هيو، جيڪو کيس ياد نه هيو، هن رک ۾ اکيون وڌيون اتي اوندهه کانسواءِ ڪجهه نه هيو، سندس اکيون اهو ڪاغذ ڳولهڻ لڳيون جيڪو فريدا ڏي موڪلي نه سگهيو. هن کي فريدا جون اکيون ياد آيون جن ۾ رک ڀريل هئي ۽ رک جي ڪجل ڌارائن ۾ لفظ پڙهيا.
“ٻارهين بجي ملياسين
تو چيو “اچ زندگيءَ جو
سفر شروع ڪيون.”
مون “ها” ڪئي
۽ پوءِ
هڪ وڳو.”
ڪوڪي ۾ لڳل گهڙيال ئي نئين زندگي شروع ڪري سگهندو آهي. انسان جي زندگيءَ جا ڪانٽا انتها تي پهچي موت جو گهنڊ وڄائين ٿا، هو فريدا سان نئين زندگي شروع ڪري پئي سگهيو پر نه ڪرڻ جو سبب ڪارو لفافو هيو، جنهن کيس اها ڪهاڻي لکڻ تي مجبور ڪيو ته هڪ جاءِ ۾ عاشق رهندو هيو ۽ ٻئيءَ جاءِ ۾ محبوب، ٻن جاين جي وچ واري وٿيءَ ۾ نانگ رهندو هيو. اهي ڀت اورانگهي نه سگهندا هيا، نانگ انهن لاءِ وڇوڙي جو سبب هيو.
رات گهري ٿي چڪي هئي، ڪاغذن جي رک ۾ جڏهن ڪا چڻنگ نه بچي ته هن جي دل مان هڪ چڻنگ اڏامي پڇڙ تاري جيان هيٺ ڪري، کيس رک سان پيار ٿي ويو. اها رک هن جي زندگيءَ جو سرمايو هئي. هن رک ۾ هٿ وڌا، رک فريدا جي وارن جهڙي نرم هئي، هن رک کي اکين تي رکيو ۽ پوءِ منهن تي ملي ڇڏيو. هو روئڻ لڳو. سندس من پڇتاءَ ۽ ڏک سان ڀرجي آيو.
هو روئندو ڪمري ۾ آيو. اتي ٻئي هڙ پيل هئي، هڙ کي اهو سوچي کوليائين ته ضروري ڪاغذ ان بريف ڪيس ۾ وجهي رکي سگهي جنهن جو هٿيو ڀڳل هيو. هن جيئن ئي هڙ کي کوليو ته ڏسي هن کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. ان هڙ ۾ سڀ محفوظ هيا. اهي سڀ غير ضروري ڪاغذ جيڪي ساڙڻ لاءِ هن لطيف ڏني کي چيو هيو. لطيف ڏني اها هڙ نه ساڙي هئي، پر غلطيءَ سان ٻي هڙ ساڙي هئي جنهن ۾ جائداد جا ڪاغذ، ڊگريون، مارڪ سرٽيفڪيٽ، پاسپورٽ، ڊرائيونگ لائسنس ۽ انشورنس جا ڪاغذ شامل هيا.
•