تير جو نشان
ڳوٺ به ڇا هيو ڪل ملائي پنجويهه گهر هيا جيڪي ڄڻ جهان کان ڪٽيل هيا. اها آفيس لطيف جي قائم ڪيل هئي ۽ سڀ ڳوٺ وارا لطيف کي عزت جي نظرن سان ڏسندا هيا.
لطيف پارٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن هيو. جڏهن ڀٽو صاحب اقتدار ۾ هيو ته هن اٺ درجا پڙهي اسڪول ڇڏي ڏنو. اهو انڪري ته هاءِ اسڪول هن جي پهچ کان پري هيو. هڪ غريب هاريءَ جو پٽ هجڻ ڪري کيس ايترا پئسا نه هيا جو پري وڃي تعليم حاصل ڪري سگهي، هو ننڍڙي ڳوٺ جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيل شخص هيو.
ڀٽو صاحب جڏهن نئين ديري اچي کليل ڪچهري ڪندو هيو ته هو ڳوٺ جا مسئلا هڪ سادي ڪاغذ تي لکي ماڻهن جي هجوم ۾ بيهندو هيو. ڀٽو صاحب پاڻ پنهنجي هٿن سان ماڻهن کان درخواستون وٺي سيڪريٽريءَ کي ڏيندو هيو. هن کي خوشي ٿيندي هئي ڀٽي صاحب پنهنجن هٿن سان سندس درخواست ورتي آهي. هو ڀٽي صاحب جو مداح هيو ۽ تن ڏينهن پارٽيءَ ۾ هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان شامل ٿيو.
ڀٽي جي اقتدار کان پوءِ هن ضياءَ جي ڏينهن ۾ ڦٽڪا کاڌا ۽ ٻه مهينا جيل ويو. ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ۾ هڪ گولي سندس ٻانهن کي ڇُهندي زخمي ڪري وئي. هو ٻانهن ڏيکاري چوندو هيو “هيءُ نشان ڪنهن بيماريءَ کان بچاءَ جي ٽُڪي جو نه، پر گوليءَ جو آهي. جيڪڏهن بيماريءَ کان بچاءَ جو ٽڪو لڳندو آهي ماڻهو بيماريءَ کان پاڪ ٿي ويندو آهي ۽ هيءُ گوليءَ جو نشان ان ڳالهه جي گواهي آهي ته مان هاڻي گولين کان پاڪ ٿي چڪو آهيان، اهي هاڻي اثر نه ڪنديون.”
لطيف پارٽيءَ جو سچو ڪارڪن هيو، هو وڏن ليڊرن جي پجيرن پويان ائين ڊڪندو هيو جيئن اڏامندڙ ڌوڙ ۾ کيس تازگيءَ جو احساس ٿيندو هجي.
هن ڳوٺ ۾ اها آفيس بينظير جي شهادت کانپوءِ قائم ڪئي هئي. شهادت کان پوءِ ٽي مهينا بينظير جي مزار تي ويهي ڳوڙها ڳاڙيا هيا. جڏهن سامت ۾ آيو ته گهر جا ٽپڙ وڪڻي ان ڪچي رستي واري عمارت مٿان آفيس کولي، هن امام بخش ڊکڻ کان ديال جي ڪاٺ مان هڪ تير ٺهرائي ٽي رنگ ڀرايا ۽ اهو تير جيڪو پارٽيءَ جو نشان هيو اهڙيءَ جاءِ تي هڻڻ چاهيو جيئن سڀني جي نظرن سامهون هجي. ڳوٺ جي هڪ بزرگ لعل محمد کيس صلاح ڏني ته اهو هيٺ ڏاڪڻ وٽ لڳڻ گهرجي، ان جا ٻه فائدا ٿيندا. هڪ ته اهو پارٽيءَ جو نشان هوندو، ٻيو ته ان تير جي نوڪ اشارو ڪندي ته “آفيس مٿي آهي.”
لطيف کي اها صلاح سٺي لڳي ڇو جو نه ته آفيس جو ڏس ڏيڻ لاءِ هن کي الڳ بورڊ ٺهرائڻو پوي ها ۽ بورڊ ٺهرائڻ جيترا پئسا هن وٽ نه هيا. هن ساڳي تير تي اهو لکرائي ته “آفيس مٿي آهي.” هيٺ ڏاڪڻ وٽ هڻائي ڇڏيو. اهي غريب ڳوٺاڻان جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هيو اهي پنهنجن اڳواڻن جا ڏک ونڊي کائيندا هيا. اليڪشن جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪو اڳواڻ ڳوٺ ايندو هيو ته کين ڪوڙا دلاسا ڏئي گم ٿي ويندو هيو.
لطيف ڳوٺ جا مسئلا درخواستن جي ڪفن ۾ ويڙهي اڳواڻن جي دفترن ۾ پوري ايندو هيو، نه اتي ڪڏهن ڪو اسڪول ٺهيو، نه روڊ پڪو ٿيو ۽ نه ڪنهن کي نوڪري ملي. اهي ڳوٺاڻا پوءِ به ووٽ ساڳي پارٽيءَ کي ڏيندا هيا. سندن سيني ۾ ڪڏهن پارٽيءَ لاءِ عزت گهٽ نه ٿي.
عمر جي آخري ڏينهن ۾ لطيف جڏهن به آفيس ايندو هيو ته ڪاٺ جي تير تي نظر پوڻ سان کيس لڳندو هيو هر شيءِ پراڻي ٿي چڪي آهي. تير جو رنگ اس ۽ مينهن ۾ هلڪو ٿي اڍڙي چڪو هيو ۽ رنگ جي وٿين مان ڪاٺ ڪنهن پوڙهي جي گهنجن جيان ڏسبو هيو. اتي سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جي روَ بچي هئي باقي ڪاري رنگ جي جهلڪ ۾ وڏو سوڳ سمايل هوندو هيو. لطيف ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويندو هيو ته سندس ڏڪندڙ ڄنگهون جسم جو وزن جهلي نه سگهنديون هيون. هن جي پهچڻ سان اتي ويٺل اٿي کيس سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هيا ۽ هو ڪنهن ڊٿل عمارت جيان ڇڳل ڪرسيءَ تي ڪِري پوندو هيو. آفيس جي ڀتين تي شهيدن جا فوٽو ائين لڳل هوندا هيا جيئن انهن مان تازو رت وهي ڀت تي رڙهندو هجي.
لطيف جي ڪيترن ڪوششن باوجود انهن ڳوٺاڻن جو آواز ڳوٺ جي سرحدن کان پار پهچي نه سگهيو. هڪ دفعي مرڪزي آفيس جو عهديدار ڳوٺ جي دوري تي آيو ۽ ان ڏهه هزار روپيا آفيس جي مرمت لاءِ ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر اهڙي امداد گهڻو وقت گذرڻ کانپوءِ به ڳوٺ نه پهتي.
نيٺ لطيف گذاري ويو. هن جي جنازي ۾ ڳوٺ وارن کانسواءِ ڪو به شريڪ نه ٿيو. لطيف جو موت ڳوٺ وارن لاءِ الميو هيو، انهن جو محبوب اڳواڻ دنيا مان موڪلائي ويو هيو. انهن جي دل ۾ لطيف لاءِ عقيدت ۽ پيار هيو. سندن خواهش هئي ته هو پنهنجي ان اڳواڻ کي سٺي طريقي دفنائي سگهن. لطيف جي مڙهه کي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. غريب ڳوٺاڻن وٽ ايترا پئسا نه هيا جو سندس قبر کي پڪو ڪرائي مٿان قطبو لڳرائي سگهن. ٻي ڪا واهه نه ڏسي ڳوٺاڻن آفيس هيٺان ڏاڪڻ وٽ لڳل ڪاٺ جو تير پٽي، ان کي سڌو ڪري قبر تي کوڙي ڇڏيو. تير تي لکيل هيو.
“آفيس مٿي آهي.”
•
(مرڪزي خيال ورتل)