موت کان پوءِ لکيل ڪهاڻي
شايد خدا جي قدرت هئي، منهنجو مقدر يا ڪو آسيب. مون جڏهن به ڪو ڊرائيور رکيو ته ساڻس عجيب ويڌن ٿي. اهو گاڏي هلائيندو هيو ته مان ان سان اڳين سيٽ تي ويٺل هوندو هيس. ان جي ڀڪ ۾ ويهي، سامهون ۽ پاسن کان لڳل شيشن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيو هيس. ٿورو به غافل ٿيندو هيس ته گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ويندي هئي، وري جڏهن ڌيان سان شيشن ۾ ڏسڻ لڳندو هيس ته ڄڻ گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي هئي. مونکي محسو ٿيندو هيو، ڊرائيور کي اکيون نه آهن اهو منهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي.
مون گذريل ڪجهه سالن اندر ڪئي ڊرائيور تبديل ڪيا. سڀني سان ساڳي ويڌن ٿي. انهن وٽ تصديق ٿيل ڊرائيونگ لائسنسز هيا. کين گاڏي هلائڻ جو تجربو هيو، پر پوءِ به اهي غلطي ڪري ويهندا هيا.
لزا کي روڊن تي ڳولهيندي جڏهن به اکيون هٽائيندو هيس ته ڊرائيور انڌو ٿي ويندو هيو. مان ننڍپڻ کان ڏاڍو حساس ۽ ڊنل رهيو آهيان. ننڍي هوندي سئي هڻائڻ ۾ خوف محسوس ٿيندو هيو. پنجن سالن جو هيس ته اڻويهن سالن جي اها ويڪسينيٽر وڻندي هئي جنهن جي ڪاري پيٽيءَ ۾ کير جهڙي اڇي ڪپهه اندر هڪ شفاف سئي ويڙهيل هوندي هئي. ان جو معصوم چهرو نور سان ڀريل هوندو هيو. جڏهن ٽڪا هڻڻ گهر ۾ داخل ٿيندي هئي ته مان رنڌڻي ۾ لڪي پوندو هيس. مون کي گهلي ان سامهون آڻيندا هيا، شرم کان اکيون هيٺ هونديون هيون. جڏهن ٻانهن وٽان قميص مٿي ڪندا هيا ته منهنجو ڪمزور ڏورو ائين هوندو هيو ڄڻ هڏي تي کل چڙهيل هجي. اها احتياط سان سئي هڻندي هئي ۽ مان محسوس ڪندو هيس سئي لڳڻ کان سئي هڻائڻ جو احساس وڌيڪ ڀوائتو آهي. مان اصل کان غمگين ۽ اداس رهيو آهيان، مونکي ان اداسيءَ جو سبب ڪڏهن سمجهه ۾ نه آيو. منهنجو پيءُهڪ ارڏو ۽ بي باڪ شخص هيو. ماءُ هڪ مسڪين ۽ ٻاجهاري عورت هئي. منهنجي طبيعت تي ماءُ جو اثر هيو. ڪڏهن محسوس ٿيندو هيو. منهنجي چهري مٿان ماءُ جو چهرو چڙهيل آهي. مان هڪ حساس دل عورت آهيان.
مون کي ڊرائيور ان ڪري رکڻو پيو جو گاڏي هلائي نه سگهندو هيس. مون کي ڊپ ٿيندو هيو. مون وٽ خود اعتماديءَ جي ڪمي هئي. هڪ ٻه دفعا ڪوشش ڪئي هئي ته گاڏي هلايان پر پيشانيءَ تي پگهر اچي ويو، چپ سڪي ويا ۽ گلو خشڪ ٿي ويو هيو. محسوس ڪيو هيم گاڏي قابوءَ مان نڪري ويندي ۽ ڪنهن وڏي نقصان ۾ پئجي ويندس.
لزا سان منهنجي محبت ايڏي پراڻي نه هئي، پر محسوس ٿيندو هيو اها مون سان هرپل رهي هجي، ان وقت کان جڏهن مان اڃان کيس ڏٺو به نه هيو، لڳندو هيم ڪا اهڙي خوبصورت ڇوڪري آهي جيڪا ڪٿي منهنجي انتظار ۾ آهي. لزا نيپئر روڊ جي آخري سِري تي جتي وڪٽوريا بيهنديون آهن، پٿر جي پراڻي عمارت ۾ رهندي هئي. ان عمارت جو هر پٿر دونهي ۾ ڪارو ٿي چڪو هيو، سندس تعلق اهڙي گهراڻي سان هيو جيڪو مغلن جي دور کان اتي آباد هيو، جنهن عمارت ۾ ڪنهن وقت هڪ رات جي ڪچن ڌاڳن سان پڪا راڳ ڳائي محفلون مچايون وينديون هيون. لزا ان ڪاري پٿر جي عمارت جي هڪ سوَ ستٽيهين نسل جو تخم هئي. بلڪل مختلف، هڪ يونيورسٽي گرل جيڪا سوشيالاجيءَ جي شاگرد هئي. لزا وٽ پنهنجيون سوچون هيون. پنهنجا احساس هيا. مون کيس يقين ڏياريو.
“لزا پيار اڳيان معاشري ۾ ڪنهن به ڪلاس جي ڪا اهميت نه آهي. پيار ڪنهن به تفريق بنا هر سوسائٽيءَ ۾ موجود رهي سگهي ٿو.”
لزا پنهنجين آڱرين کي مهٽڻ لڳي، سندس وڌيل ننهن ائين هيا جيئن آڱرين جي سِرن تي چنڊ چڙهيل هجن.
هن چيو “مان محبت ڪري به، انڪري نه ٿي ڪري سگهان جو محبت هڪ بي نانءُ شيءِ آهي.”
“پر لزا” مون چيو “توکانسواءِ زندگي ائين هوندي جيئن يادن بنا سوچون”
لزا هلي وئي. لزا جنهن مون کي پنهنجا چپ ان شرط تي چمڻ ڏنا هيا ته مان چُمين جي قيمت عيوض ڪنهن به پيار جو ڍونگ ڪري کيس متاثر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندس. ضروري نه آهي ڪنهن به ڀاڪر کان پوءِ اهو روائتي جملو ورجهائجي جنهن جو مطلب آهي. “توسان پيار ڪيان ٿو.” لزا کري عورت هئي.
ان پيار کي ايترو سستو نه سمجهيو هيو جو هڪ ڀاڪر عيوض خريد ڪري سگهجي. هڪ دفعي لزا چيو هيو “همبستري مانيءَ ڳڀو آهي. ڇو جو اهي سڀ ضرورت جي دائري ۾ اچن ٿا.”
مون کيس سمجهايو هيو “لزا پيار چڻنگ آهي، چڻنگ دکي، دکائيندي آهي، تون پيار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر”
مون کي هاڻي اهي ڀاڪر ياد آهن جيڪي لزا کي پاتا، هوءَ يونيورسٽي ڇڏي هلي وئي. مان کيس ڳولهيندو رهيس. کارا در کان مٺو در، دربدر، نيٽي جيٽي، بندر ڪيٽي، چورنگيون، چاڪيواڙا، ڪياماڙي، پٽيل پاڙا، گلشن ملير، مائي ڪولاچي، پوري ڪراچي، روڊ سان بيٺل هر خوبصورت عورت ڏسندو هيس ته متان لزا نه هجي. گاڏي هلندي جڏهن به پري منهن ڪري نهاريندو هيس ته گاڏي ڊرائيور جي قابوءَ مان نڪري ويندي هئي.
مون پنهنجي موت کان ٽي مهينا پهريون ڊرائيور بدلايو هيو. الهرکيي کي ڊرائيور رکيو هيم. الهرکيي کي اکين جي چڪاس لاءِ ڊاڪٽر وٽ وٺي ويم، ڊاڪٽر الهرکيي جون اکيون تپاسيون ۽ چيو “الهرکيي جون اکيون بلڪل ٺيڪ آهن، اهو اوري ۽ پري صحيح ڏسي سگهي ٿو.”
الهرکيي به ٻڌايو “اجايو وهم ٿا ڪريو، مون ويهه سال روڊن تي گاڏي هلائي آهي. ڪڏهن به تِر جيترو نقصان نه ٿيو.”
مون کي اعتبار نه آيو. مون الهرکيي کي هڪ ڪاري بورڊ اڳيان ويهاريو ۽ چاڪ سان بورڊ تي ٽبڪو هڻي پڇيو “الهرکيا توکي اڳيان ڇا ٿو نظر اچي؟”
“سائين ٽبڪو ٿو نظر اچي” الهرکيي جواب ڏنو.
مون کيس ڪاوڙ مان ڏٺو ۽ چيو “ڇڙو ٽبڪو ٿو نظر اچي، باقي هيڏو وڏو ڪارو بورڊ نظر نه ٿو اچي؟”
الهرکيو صفا وسامجي ويو ۽ وائڙن جيان مون ڏانهن ڏسڻ لڳو، دراصل مون اهو الهرکيي سان ڄاڻي واڻي مذاق ڪيو هيو جيئن کيس ڏسڻ جو قدر ٿئي. مون کي پڪ هئي ته الهرکيو بلڪل ٺيڪ آهي. اهو چڱيءَ طرح ڏسي سگهي ٿو، پر جڏهن ان گاڏي هلائي ته سڀ ڪوڙ ثابت ٿيو.
مان ان سان اڳين سيٽ تي ويٺل هيس. گاڏي صفورا چورنگيءَ کان يونيورسٽي روڊ تي آئي ته موسميات وٽ مون نظرون هٽائي جيئن فٽ پاٿ تي بيٺل هڪ لزا جهڙي عورت کي ڏسڻ شروع ڪيو ته گاڏي الهرکيي جي هٿن مان نڪري وئي.
“ڏٺئي” مون ڪاوڙ مان چيو “ائين ئي ٿيو جنهن جو مون کي شڪ هيو.”
الهرکيو گگ مگ ٿي ويو.
“صاحب يقين ڪر” هن چيو “مون سان زندگيءَ ۾ ائين ڪڏهن نه ٿيو.”
هڪ دفعي جڏهن بندر روڊ تي وڃڻو هيو. گاڏي جيل چورنگيءَ وٽ پهتي. بهادر آباد ويندڙ روڊ وٽ مونکي لزا جهڙي عورت نظر آئي، جيئن ڪنڌ ورائي ڏٺم. الهرکيي کان هينڊل تين هٽيءَ واري روڊ طرف مڙي ويو. مون ڪنڌ سڌو ڪري رڙ ڪئي. “اڙي الهرکيا، ايڏانهن ڪيڏانهن؟”
منهنجيءَ رڙ تي الهرکيي کي هوش اچي ويو ۽ ان گاڏي گرومندر واري رستي کان ڦيري نمائش چورنگيءَ تي آندي.
ٿي سگهي ٿو توهان منهنجيءَ ڳالهه کي ڪوڙ سمجهندا هجو. پر مان لزا جو قسم کڻي چوان ٿو ته اهو سڀ سچ آهي. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو آهي. مون کي ڪا خبر نه آهي ته ڪوڙ ڇا ٿيندو آهي. ننڍي هوندي جڏهن سڀ ٻار اسڪول ۾ ڪوڙ ڳالهائيندا هيا ته مون سچ ڳالهائي ماسترن جون مارون کاڌيون ۽ جڏهن هاڻي مان دنيا ۾ موجود نه آهيان. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته مرڻ کان اڳ سچ ڳالهائڻ عيوض مون کي نوڪريءَ مان چار دفعا اهو چئي ڪڍيو ويو ته “تون جاهل ۽ نڪمو آهين، تنهنجي ڪري سڄي آفيس جو ماحول خراب ٿي ويو آهي.”
مان ڇا ڪيان؟ سچ ڳالهائڻ منهنجي عادت هئي، ائين جيئن نماز پڙهڻ ڪنهن جي عادت هوندي آهي. مان عادت جي ڳالهه ڪريان ٿو، عبادت جي نه. عادت ۽ عبادت ۾ فرق آهي.
اها ستاويهه جنوريءَ جي سرد رات هئي جڏهن مان الهرکيي سان ڊفينس وڃي رهيو هيس. الهرکيو گاڏي هلائي رهيو هيو ۽ منهنجيون نظرون شيشن ۾ کتل هيون. گاڏي روڊ تي شرراٽ ڪندي پئي وئي. هر طرف سڃ جو احساس هيو. روڊن تي گاڏيون گهٽ هيون. مان بت بڻيو سيٽ تي ويٺو هيس ۽ پٿر جهڙين سخت اکين سان ڪنڌ هڪ هنڌ ڪري ڏسي رهيو هيس. گاڏي جڏهن ڪالاپل وٽ پهتي ته اوچتو ويراني ۾ هڪ عورت بيٺل نظر آئي. ڪراچيءَ جي ويران روڊن ۽ پلين تي رات جو اڪثر وشيائون بيٺل هونديون هيون، جيڪي گاڏيءَ کي هٿ ڏئي ان ۾ چڙهي پونديون هيون، مون غور سان ڏٺو، اها لزا هئي، سندس چپن تي تيز سرخي لڳل هئي. ناسي وار ڪلهن تي لڙڪي رهيا هيا. ڪپڙا تنگ هجڻ ڪري جسم جو هر انگ نمايان هيو. گاڏي جيئن ويجهو پهتي ته ان بازاري عورت جيان هٿ ڏئي چپ گول ڪري چُمي هوا ۾ اڇلائي، مان ڪنڌ ورائي ان کي ڏسندو رهيس، گهڙي نه گذري ته ڌماڪو ٿيو، گاڏي ٽڪرائجي وئي، الهرکيو بچي ويو، مان مري ويس.