گواهه جيڪو مجرم هيو!
هن تي الزام هيو، هو ملزم هيو، مجرم ثابت ڪرڻ لاءِ چئن گواهن جي ضرورت هئي. هن جي عاشقيءَ جا چار گواهه جيڪي سندس دوست هيا.
اها عمارت هن جي تصور ۾ جهڙ جي پاڇن جيان ڪڏهن ظاهر پئي ٿئي ته کيس اهي چار چهرا ياد پئي آيا، جن جون اٺ اکيون عشق جو جائزو وٺي رهيون هيون. اها عمارت هن جي چئن گواهن جي پناهگاهه هئي ۽ اربيلا جيڪا سورج مکيءَ جيان هئي، اها عمارت اڳيان گهمندي هئي ته ائين لڳندو هيو جيئن ڏينهن تتي جي چانڊوڪيءَ ۾ سڀ رستا ويران ٿي ويا هجن. ويرانيءَ جو سبب اهو هوندو هيو ته اربيلا جي موجودگيءَ ۾ ان کانسواءِ ڪا به شيءِ ڏسڻ لائق نه رهندي هئي. ان جو نظارو اکيون ۽ چپ تخليق ڪندو هيو. انسان عشق ۾ انڌو ٿي ڏسڻ لائق ٿئي ٿو. اربيلا جون ٻه اکيون ٻه جهان هيون. هڪ اک ماريندي هئي، ٻئي اک جيئاريندي هئي. جنت ۽ دوزخ، وفا ۽ بي وفائيءَ جا نانءُ آهن.
اهي چار گواهه ڇڏي، هو پنهنجي عشق جو پنجون گواهه ٿي پئي سگهيو پر ملزم پنهنجي گواهي پاڻ نه ڏيندا آهن. ڇهين گواهه اربيلا هئي پر وقت ٿيو اها هن کي وساري ويٺي هئي.
يادون دماغ جي ريح آهن. ياد نه ڪرڻ مٿي ۾ سور جو سبب هوندو آهي. هو اربيلا کي ڪيئن وساري پئي سگهيو پر اربيلا هن کي وقت سان وساري ويٺي. اربيلا جي يادن ۾ هو فوت ٿي چڪو هيو، سندس لاش وقت جون ڳجهون کائي چڪيون هيون. قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني اها آهي ته جنهن کي توهان سڀ کان وڌيڪ سڃاڻيندا هجو، اهو توهان کي نه سڃاڻي! اڪيلائي انسان کي گناهن جي احساس ۾ مبتلا ڪري وجهندي آهي. هو اڪيلو هيو ڪنهن نه ڪيل گناهه جي زير اثر پاڻ کي ڏوهي سمجهي عشق جي عدالت ۾ هڪ ملزم جيان بيٺل هيو. سوچيائين، جيڪر چئن گواهن جي پيش ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي مجرم ثابت ڪري ڦاسيءَ جو سزا وار ٿي سگهي. اهو سوچي انهن چئن گواهن کي ياد ڪيائين جيڪي هن جا دوست هئا، ان جهڙيالي عمارت جا رهندڙ هيا جنهن ۾ هن انهن سان وقت گذاريو ۽ ان اڳيان انڌيرن ۾ ويڙهيل انهن رستن تي گهمندي هو اربيلا جي عشق م مدهوش ٿيڙ کائيندو رهيو.
هن جي عشق جو پهريون گواهه اهو شخص هيو جنهن کي ڪاري ڏاڙهي ۽ لڙڪندڙ مڇون هيون. اهو جوانيءَ ۾ ٿلهو متارو شخص هيو، جيڪو پوءِ مٺن پيشابن جي بيماريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن ان صابڻ جهڙو ٿي ويو جيڪو روزگار ڪمائيندڙ هٿن جي ڌوپجڻ ڪري ڳري چٽ ٿي ويندو آهي. اهو هڪ خوش دل شخص هيو جنهن جي ٽهڪن سان عمارت گونجندي هئي. اها پراسرار عمارت واري ڪاليج جيڪا شهر کان ٻاهر هئي ۽ ان جا پروفيسر وقت کان اڳ ٺوڙ ها ٿي وڃڻ ڪري ٽوپ پائيندا هيا. اتي هاسٽل ۾ ڪل ملائي ٻائيتاليهه ڪمرا هيا. ڪمرن جي ڀڳل درين تي لڳل ڄارين مان اندر ويٺل ائين ڏسبو هيو، جيئن ڪو پتنگ ڄاري ۾ ڦاٿل هجي ۽ اندر ويٺل ٻاهر ڏسندو هيو ته ائين سمجهندو هيو جيئن ڄاري ۾ ٻه اکيون ڦاٿل هجن. ان ٿلهي متاري خوش دل شخص سان هن جي ملاقات اتي ئي ٿي. اهو ڪمري اڳيان وڪڙ ڏئي ويندڙ ڪاريڊور هيو جتي هو ڪرسي وجهي ٻاهر گهمندڙ ماڪوڙن جو جائزو وٺي رهيو هيو، جيڪي ڄڻ يونيفارم ۾ فوجين جيان قطار ڪري وڃي رهيا هيا. پر هن ويجهو نه اچي رهيا هيا ڇو جو کيس لانگ بوٽل باتل هيو. انهن ڏينهن هو ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هيو. اهو ٿلهو متارو شخص ان ڪاريڊور مان لنگهيو ته سندس نظر هن تي پئي ۽ هلندي ائين رڪجي ويو جيئن رستو ڀلجي پيو هجي. اهو هن ويجهو آيو ۽ سوال ڪيائين
“منهنجي داخلا دير سان ٿي آهي، رهڻ لاءِ ڪمرو نه آهي، ڇا تون مدد ڪري سگهندين؟”
هن ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو، هن کي خبر نه هئي ته اهو شخص جيڪو گهري ناسي رنگ جي وڳي ۾ ملبوس هيو ۽ منهن تي بي ترتيب ڏاڙهي ۽ مڇون هيون، اهو اڳتي هلي هن جو دوست ٿيندو ۽ ان عشق جو پهريون گواهه جيڪو عشق چار ٽڪر ٿيڻو هيو ۽ انهن چئن ٽڪرن مان هڪ ٽڪر ڪنهن صليب جيان ان شخص جي ڪلهن تي هوندو جيڪو ان وقت سندس سامهون پناهه لاءِ واجهائي رهيو هيو.
“ڪٿان آيو آهين؟” هن کائنس سوال پڇيو.
“مٿان کان هيٺ” ان چيو.
“ڪاڏي ويندين؟” هن وري سوال پڇيو.
“هيٺان کان مٿي” ان جواب ڏنو.
هو لاجواب ٿي ويو ۽ ڪمري ۾ اها جاءِ ڏنائينس جيڪا کٻي پاسي هئي، کٻي پاسي دل هوندي آهي ۽ اها ڪمري جي دل هئي، پر هن جي دل ۾ هوءَ هئي، اربيلا، جنهن لاءِ دل جي وسعت ناڪافي هئي. جڏهن انسان بيوفا کي دل ۾ جاءِ ڏيندو آهي ته دل کي بي وفائيءَ جي عادت ٿي پوندي آهي. موت جو سڀ کان وڏو سبب دل جي بي وفائي آهي. دل اوچتو ڌڙڪڻ جي خاتمي جو اعلان ڪري ڌرتيءَ کي ڌڙڪائي وجهندي آهي ۽ پوءِ انسان مٽيءَ جي ڌڙڪن بنجي ويندو آهي.
اربيلا سان عشق جو پهريون اقرار تڏهن ٿيو جڏهن ان نم جي وڻ هيٺان بيٺل هئي جنهن مان بغير سبب جي ٻور پئي ڇڻيو. ان جون اکيون ستارن کي رستو ڏيکاري رهيون هيون، سندس هڪ ڪلهي تي فرشتو ويٺل هيو ۽ ٻئي ڪلهي تي فرشتن جي منصف قبيلي جو سرواڻ. هن جڏهن اربيلا جي هٿن کي ڇهيو ته ان جا ٻه هٿ هڪجهڙا نه هيا. هڪ ٿڌو ۽ ٻيو گرم هيو. هن ڏٺو اتي بيٺل سندس عشق جي پهرين گواهه ان دوست جا ناسي ڪپڙا نيرا ٿي ويا ۽ ڪاري ڏاڙهيءَ ۾ ڪجهه وار چانديءَ جيئن چمڪڻ لڳا. هو خوشيءَ جي شدت کان رُنو ته ڳوڙها وهي سندس منهن ڊاهي ويا.
ڪڏهن وقت واڱڻ جيان ڪارو ٿي ذائقو بدلائي وجهندو آهي ۽ ڪڏهن گهڙيون گهگهرو ٻڌي پنهنجي جهنڪار سان جڳ جاڳائي وجهنديون آهن. ڪڏهن ڪو عرض ٻڌي رات رهي پوندو آهي پر وقت ڪنهن جي ڪو نه ٻڌي. وقت کي ڪن هجن ها ته سج آسمان ۾ ڄمي برف ٿي وڃي ها. وقت رات نه رهندو آهي پر وقت ڪنهن فقير جيان رات کي لٺ سان هڪليندو هليو ويندو آهي.
اهو شخص جنهن سان هن زندگيءَ جا ٻارنهن سال گذاريا، کيس ويهن سالن کان ڪٿي نظر نه آيو آهي. اهو شايد خواب هيو، ڪنهن خواب جي ابتي تعبير ڪو جهڙ جيڪو وسي پاڻي ٿي ويو يا پاڻي جيڪو جهڙ ٿي انهن اکين ۾ لهي ويو جيڪي مدتن کان بند آهن ۽ اهي بند اکيون اهڙي شخص جون آهن جيڪو دنيا مان موڪلائي ويو، کيس پڪ آهي ته ان جو وجود وقت جو حصو نه رهيو آهي. وقت جيڪو وجود جو اهڙو گواهه آهي جنهن جي زبان ڪٽيل آهي. وقت منافق، وقت مشرڪ، وقت ڪافر، هن دوست کي ياد ڪري وقت کي پاراتو ڏنو.
“اي وقت شل تنهنجا پير وڍجن”
هن جي عشق جو پهريون گواهه، هڪ لاپتا، لامڪان، ٻاڦ جيان تحليل ٿي ويل شخص، جنهن جي ڏاڙهيءَ جا وار سندس دماغ ۾ نوڪدار سُئين جيان چڀيل آهن.
هن جي عشق جو ٻيو گواهه ماتا جي سينورن وارو جوان هيو جيڪو نفرتن کي ياد ڪري پيار جا گيت ڳائيندو هيو. سيڊول جسم وارو اهڙو جوان جنهن جا ڏورا وٽيل ۽ ڇاتيءَ جو سخت ماس سيني جي وارن هيٺان ائين هوندو هيو جيئن ناسي گاهه هيٺان ٺوٺ زمين. اهو ڳائيندو هيو ته ان پراسرار عمارت جا اهي ڏار ظاهر ٿي پوندا هيا جن اندر لڪيل پکين جون اکيون آزاديءَ جي انتظار ۾ هونديون هيون. ان جي ڳائڻ تي وڻ لڏندا هيا ۽ بي وقت ماڪ ڇڻي پوندي هئي. اهو هڪ غريب ڳوٺاڻو شخص هيو جيڪو اهڙا سگريٽ پيئندو هيو. جن کي فلٽر نه هوندا هيا. ان جي ڪمري ۾ گهڙڻ سان ڪوڙو دونهون شراب جي پهرين ڍڪ جيان لهي ويندو هيو. عمارت جي چوٿين ماڙ تي رهندڙ ان شخص هڪ دفعي اڌ رات جو پاڻيءَ سان ڀريل گهگهي مٿان انڪري اڇلائي هئي جو ان نفرت وچان هر شيءِ تباهه ڪرڻ پئي چاهي. دنيا ۾ ماڻهو دل نه، چهرو ڏسن ٿا. دل عشق جي ڇيڻيءَ سان تراشيل هجي ته ان تي ماتا جا نشان هوندا آهن. جڏهن ماڻهوءَ جي چهري ۾ ڪا ڪثر رهيل هوندي آهي ته مالڪ چهرو ٻيهر تراشيندو آهي. ان جي چهري جا چگهه مالڪ جي ترميم هيا انڪري چگهن ۾ ضرور ڪا حڪمت هئي.
انهن ڏينهن عمارت چوڌاري هيڊا پن هاريل هوندا هيا. سرءُ جو سج وڻن جي ڏارن مان ڇڻندو هيو. سرءُ جي سج ۽ بهار جي چنڊ ۾ ڪو فرق نه هيو، سواءِ ان جي ته هڪ جي هيڊاڻ ٻئي جي هيڊاڻ کان ٿوري وڌيڪ هئي، جيئن اربيلا جو چهرو ۽ هن جو چهرو، بيوفائي اهڙي ڏائڻ آهي جيڪا پيار جو رت چوسي وٺي ٿي. اهو شخص گواهه هيو ته اربيلا سان هن جو عشق روح جي گهرائين تائين ڦهليل هيو.
اهو شخص هن جو ست سال دوست رهيو. ٽاڪ منجهند جو جڏهن شهر جي روڊن جو ڏانڀر رجندو هيو ته ان هن سان رولاڪيون ڪيون. حبس ۽ ٻوسٽ سان ڀريل سينما گهرن ۾ ڪاريون فلمون ڏٺيون. پرهجوم هوٽلن ۾ ڀونپوءَ واري فوني تي هندستاني راڳ ٻڌا ۽ سگريٽن جي دونهي ۾ دود پتي چانهه پي سدائين اربيلا کي ياد ڪيو. هاڻ کيس ڪا خبر نه هئي ته اهو شخص ڪٿي آهي جيڪو هن جي عشق جو ٻيو گواهه هيو.
هن جي عشق جو ٽيون گواهه هڪ سانوري رنگ وارو شخص هيو جيڪو کلندو هيو ته سندس ڄامڻي رنگ واريون مُهارون ظاهر ٿينديون هيون اهو هڪ ذهين شخص هيو، فلسفو ائين سمجهي ويندو هيو جيئن منجهيل مسئلو نه هجي. انگريزي روانيءَ سان ڳالهائيندو هيو. ان به پيار ڪيو هيو پر پيار جو اظهار نه ڪري سگهيو. تعليم پوري ٿيڻ جي آخري ڏينهن جڏهن هرڪو سامان سهيڙي رهيو هو ته ان ٽيبل تي مسلسل ٽي ڏينهن ويهي انگريزيءَ ۾ هڪ خط تيار ڪيو، جنهن ۾ پيار جو اظهار هيو. هو جڏهن خط کڻي هاسٽل پهتو ته کيس خبر پئي هن جي محبوبا سامان سهيڙي رواني ٿي چڪي آهي. هو مايوس ٿي موٽيو ۽ اهو خط ان تنور ۾ اڇلائي ساڙي ڇڏيو جنهن ۾ مُنو بورچي نان پچائيندو هيو. ان جا پڪل نان کائي هو ٿلهو ٿي پيو ۽ کيس رت جي دٻاءَ کانپوءِ دل جي بيماري ٿي پئي.
اهو ذهين شخص جنهن سان هن جا خدا جي وجود متعلق بحث ٿيا، اهي سڀ وقت گذارڻ جو سٺو بهانو هيا. جڏهن هو اربيلا جي عشق ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺو هيو ته ان شخص کيس ميهوگني ٻڙي واري منڊي تحفي ۾ ڏني هئي، جنهن جي پائڻ کانپوءِ هن جا حواس بحال ٿيا هيا ۽ آئينو ڏسي پاڻ سڃاتو هيائين. ان دوست کيس صلاح ڏني هئي ته
“اهڙي عشق کان جنهن ۾ انسان پاڻ وڃائي ويهي شادي سٺي آهي جنهن ۾ انسان پاڻ ڳولهي لهي ٿو.”
هن کي اها صلاح صفا نه وڻي هئي. جواب ڏنو هيائين.
“عشق ۽ شاديءَ جا منهن اتر ۽ ڏکڻ طرف آهن.”
سندس دوست مذاق ۾ چيو هيو.
“اوڀر ۽ اولهه ڪنهن جا منهن آهن؟”
هن وراڻيو هيو “سج هڪ هنڌ بيٺل آهي.”
سندس اهو دوست ٻه سال اڳ فوت ٿي چڪو هيو، کيس اهڙي خبر تڏهن پئي جڏهن هو سعودي عرب کان موٽيو هيو، ريالن تي ٺهيل بادشاهن جي تصويرن مان هڪ تصوير ان دوست جهڙي هئي پر هن جو دوست اهڙو بادشاهه هيو جنهن جي دل سون جي هئي ۽ فرشتا چوري ڪري ويا.
چوٿون گواهه هڪ ڪاري رنگ وارو شخص هيو جيڪو اڇا ڪپڙا پائيندو هيو. اهو شاعر هيو، سندس شاعر هجڻ جو سبب ان جو پيءُ هيو جيڪو شاعر هيو. ان جو پيءُ وڏو شاعر ۽ وقت جو پهلوان هيو. پيءُ جي برعڪس هو سنهي جسم وارو هيو. ان جي ڪاري رنگ جو سبب شايد اڇا ڪپڙا هيا پر هو حاسد صفا نه هيو. دل جو صاف، اڇو اجرو، جيڪو هن جو سٺو دوست ثابت ٿيو.
جڏهن هو اربيلا سان عشق ڪندو هيو ته هن جو اهو دوست به اربيلا تي عاشق ٿي پيو. اربيلا کي ڪنهن شخص کان نفرت هئي ته اهو هن جي ڪاري رنگت وارو دوست هيو. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو جنهن شخص کان اربيلا نفرت پئي ڪئي هن کي به ان کان نفرت ڪرڻ گهربي هئي پر هن ائين نه ڪيو. اربيلا سان ان شخص جو پيار کيس جنسي تسڪين پهچائيندو هيو. دل ۾ ان دوست خلاف اهڙو حسد اڀاريندو هيو جو کيس اربيلا سان پيار وڌي ويندو هيو. هو جڏهن دوست جي زبان مان اربيلا متعلق پيار جا جملا ٻڌندو هيو ته اهي کيس اهڙي لذت سان همڪنار ڪندا هيا جو سندس اکيون بند ٿي وينديون هيون ۽ وات ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ جا ڍڪ ڀريندو هيو.
هن جو اهو دوست جنهن کي خبر هئي ته اربيلا کائنس نفرت ڪري ٿي، گهڻو وقت جيئرو نه رهيو، اهو ان پيڙا ۾ مبتلا رهيو ته اربيلا متعلق هن جا اقرار سندس دوست جي عشق کي وڌيڪ پختو ڪري رهيا آهن. هڪ ڏينهن اهو ان پل تي ويو جتان ٻاڦ واري ريل روز هڪ وڳي لنگهندي هئي. آپگهات ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي ڪشمڪش ۾ هو اتي ٻي وڳي پهتو. ان ڏينهن ريل ليٽ هئي، پريان ڪارو دونهون ڇڏيندي آئي ۽ پل تي بيٺل اهو شخص دونهي ۾ گم ٿي ويو. ريل جا سورهن گاڏا لنگهي ويا. ان ڳالهه کي سورهن سال ٿي چڪا آهن.
چئن گواهن جي غير موجودگي ۽ چئن ڏينهن جي زندگيءَ ۾ اربيلا جي عشق جو داستان ڪلهه جي ڳالهه آهي. هو پنهنجي عشق جو پاڻ گواهه آهي، پاڻ ملزم ۽ پاڻ مجرم. دنيا ۾ هن جي عشق جو ڪو گواهه نه آهي. ڪي مري چڪا آهن، ڪي وساري چڪا آهن، سواءِ هن جي جيڪو نه وساري چڪو آهي، نه مئو آهي ۽ نه جيئرو آهي.