خوشيءَ جي ڳالهه
ڊاڪٽر کيس صلاح ڏني ته “هو تفريح ڪري، سٺا ڪتاب پڙهي، دوستن سان گڏ رهي، پراڻا فلمي گانا نه ٻڌي، اهو فل سوٽ جيڪو پندرهن سال پهريون، بيوفا مديحا جي شاديءَ ۾ پائي ويو هيو، باهه ڏئي ساڙي ڇڏي. هر سال ڪمري کي نئون رنگ ڪرائي ۽ ڪوشش ڪري روز ڏاڙهي ڪوڙي، خدا ۾ يقين کي پختي ڪرڻ لاءِ ڏاڙهون کائي ۽ سوچي ته ان ۾ داڻا ڪيئن سمايل آهن.”
ڊاڪٽر اڪرم هن کي چئن قسمن جون گوريون لکي ڏنيون ۽ چيو ته “انهن مان هڪ قسم جون صبح، ٻئي قسم جون منجهند، ٽئين قسم جون رات ۽ چوٿين قسم جون تڏهن کائي جڏهن کيس خدشو هجي ته کل جو دورو اڻٽر ٿي ويو آهي ۽ اهو ڪنهن وقت به حاوي ٿي سگهي ٿو.”
گذريل ڪجهه سالن کان هن سان عجيب ويڌن هئي، طبيعت ۾ سانت کانپوءِ اوچتو کِل جو دورو ٿي پيو. کِل جو ختم نه ٿيندڙ دورو جيڪو شروع ٿي ٿيو ته رڪجڻ جو نانءُ نه پئي ورتو. ان خوف کان ته ماڻهو کيس چريو نه سمجهن هو اها سڃاڻپ ڪندو هيو ته جڏهن کيس کِل جو دورو پوڻ وارو هوندو هيو، هو ڀڄندو واش روم ۾ ويندو هيو ۽ اتي ڪموڊ تي ويهي کِل جو انتظار ڪندو هيو. جيئن ئي کيس کِل جو دورو پوندو هيو ته هو ضابطي کان ٻاهر نڪري ويندو هيو. هڪ دفعي هو مسلسل هڪ ڪلاڪ واش روم ۾ کلندو رهيو. ٻاهران هر حاجتمند در کڙڪائي هليو پئي ويو. جڏهن هڪ حاجتمند در کڙڪايو ۽ اندران کيس کِل جو آواز آيو ته ان سمجهيو شايد اندر ويٺل هن کي چريو ٿو سمجهي، ان ڪاوڙ مان در کي لت هنئين. اندر کِل بند ٿي وئي. در کي لڳندڙ لت ڪري هن جي وجود جو شيشو ڀڄي پيو ۽ کِل نڪري وئي.
ماڻهو کيس چريو نه سمجهندا هيا ڇو جو هن چريائپ کي لڪائڻ لاءِ هڪ سياڻپ ڪئي هئي. اها سياڻپ اها هئي ته هو اڳ ۾ ئي ٻئي کي چريو چئي ڇڏيندو هيو.
هڪ دفعي باس جي سس گذاري وئي، آفيس وارن سان گڏ جڏهن باس سان تعزيت ڪري رهيو هيو ته هن کي کِل اچي وئي. هن شڪر ڪيو ته اها کِل هئي، کِل جو دورو نه هيو، ماڻهو کِل برداشت ڪري سگهي ٿو، کِل جو دورو دل جي دوري کان گهڻو مختلف نه آهي. ڇو جو ٻنهي ۾ ساهه منجهندو آهي. کِل جي دوري ۾ ٻاهر ساهه منجهندو آهي ۽ دل جي دوري ۾ اندر ساهه منجهندو آهي. هن شڪر ڪيو باس اکيون ٻوٽي دعا گهري رهيو هيو. اکيون کولي دعا گهري ها ته هن جي نوڪري سلامت نه هجي ها. ٻاهر نڪري هن جي هڪ ساٿيءَ سوال ڪيو.
“تعزيت وقت دعا گهرندي هو ڇو کليو؟”
هن وراڻيو “دراصل مان روئڻ پئي چاهيو، پر روئڻ جي حسرت وڌي وڃي ته اها کل ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.”
ڳالهه تي هن جو ساٿي مرڪيو، ڇو جو ماڻهو مرڪندو تڏهن آهي جڏهن کيس نه کِلڻو هوندو آهي، نه روئڻو.
هن ڊاڪٽر اڪرم جي صلاحن تي عمل ڪيو. هڪ مزاحيا فلم ڏٺي ۽ صفا نه کليو. هن اهو فل سوٽ جيڪو پندرهن سال پهريون مديحا جي شاديءَ ۾ پاتو هيو ان کي هڪ خالي پلاٽ ۾ باهه ڏئي ساڙيو ته کيس دونهي مان بيوفائيءَ جي بوءِ آئي. فل سوٽ جي کيسي مان اهو آخري الوداعي خط ڪڍڻ هن کان وسري ويو، جنهن ۾ اهو لکيل هيو ته “معاف ڪجانءِ پياري مان فل سوٽ، بغير ٽاءِ جي انڪري پائي آيس ته منهنجو اهڙو عمل گواهي ڏئي ته اها جاءِ ڳچيءَ چوڌاري اڃان به خالي آهي جتي تنهنجين ٻانهن کي ٽاءِ جيان ڪنڌ جي حصار ۾ ويڙهي نه سگهيس.”
هو خط کيسي ۾ اهو سوچي وجهي آيو هيو ته جڏهن مديحا بند لفافو وٺندي ته هو کيس اهو الوداعي لفافو ڏيندو ۽ هوءَ پڙهي پڪ ڪندي ته مان هاڻي صفا هٿ کڻي ويو آهيان. ڇو جو مون کيس ٽاءِ سان تشبيهه ڏئي ان کي سوٽي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. الوداع مديحا، حسرت هوندي ته قيامت کانپوءِ جنت ۾ ملنداسين. جتي مون کي تنهنجي ضرورت محسوس نه ٿيندي. ڇو جو اتي سڀ خواهشون انڪري فنا ٿيل هونديون جو خواهشن کان پهريون هر حسرت جو پورائو ٿي ويندو. مهرباني ڪري ستر حورن جو ذڪر پنهنجي ذهن ۾ نه آڻجانءِ.
هو کِلي ٿو ۽ کِل دوري ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. هن جي وات جون ڄاڙيون ڪتي جي ڄاڙين ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن، ڪوشش ڪري ٿو “هڪل” ڏئي کِل کي روڪي سگهي. ڄاڙيون هن جي وس نه آهن. کِل جون لهرون پيرن وٽان پيدا ٿي، مٿي جسم تي چڙهنديون، ڄاڙين وٽ اچن ٿيون ۽ کِل جي صورت ۾ خارج ٿين ٿيون. وري ٻيون لهرون اڀرن ٿيون... وري ٻيون لهرون... ۽ وري ٻيون لهرون.
اندر ئي اندر سوچي ٿو “ڌوڙ پئي آهي ڊاڪٽر اڪرم کي”
چڱو ٿيو اهو آچر جو ڏينهن هيو ۽ ايڏي شدت سان کِل جو دورو پيو هيو. جيڪڏهن موڪل جو ڏينهن نه هجي ها ته کيس وڏي خواريءَ کي منهن ڏيڻو پوي ها. آفيس ۾ ڪير کِلي ها مرڪندڙ چهرن جي سامهون.
ان آچر واري ڏينهن جڏهن کل جو دورو بند ئي نه پئي ٿيو ته کيس محسوس ٿيو. ڇڙو هو نه کلندو هجي پر هن جي تصور ۾ سڀ کلندا هجن. ٽائپسٽ هڪڙو، جيڪو صفا هلڪڙو هيو، گهمندو هيو، لڳندو هيو جادوءَ جي ننڍي ڪوٽ ۾ سنهڙو ماڻهو اڏرندو هجي. ڊسپيچر محمد بخش جنهن ٽهڪ پئي ڏنا ته پنا پئي اڏريا. پٽيوالو محمد قائم، جيڪو پنهنجي ان ڳالهه تي قائم هيو ته “صاحب چانهه اهڙي پيئاريندو مانءِ جو گهرواري وسري ويندئي.”
هو کِلي کِلي سوچي ٿو، ڀلا گهرواريءَ جو چانهه سان ڪهڙو تعلق؟ ان جو تعلق مڙس سان هوندو آهي ۽ مڙس چانهه انڪري پيئندو آهي جيئن گهرواريءَ سان تعلق برقرار رهي. ڪير سمجهائي پٽيوالي قائم کي، جنهن هڪ دفعي آفيس جي ڀت تي بيڪار اکرن ۾ اهو لکي هنيو ته “نماز قائم ڪيو.”
هو کِلندو رهيو ۽ دل ۾ ڊاڪٽر اڪرم کي لعنت ملامت ڪندو رهيو ته شايد غلط دوائون لکي ڏنيون ۽ انهن جو سائيڊ افيڪٽ ٿيو جو هن جي کِل وڌي وئي. هن اهي چوٿين قسم جون گوريون به کاڌيون هيون جيڪي ڊاڪٽر اڪرم ان تنبيهه سان ڏنيون هيون ته جڏهن کيس کِل جو دورو پوڻ محسوس ٿئي ته اڳ ۾ ئي کائي ڇڏي. اهي گوريون کائڻ کانپوءِ کيس محسوس ٿيو. گلابي رنگ جون گوريون آنڊي ۾ وڃي اتان سڄي جسم ۾ گلابي رنگ جيان ڦهلجي ويون آهن. هن کي لڳو ڏک جو منحوس چهرو گلابي رنگ جو رئو پائي پلنگ تي ڪنوار جي روپ ۾ ويٺل آهي. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن جي شادي ٿي آهي، ڇو جو هو ڪنوارو هيو ۽ مديحا جي بيوفائيءَ کانپوءِ کدڙو ٿي چڪو هيو. هن جا خصيا اهڙا ته نرم ٿي چڪا هيا جيئن اکين جا ٻه ڳوڙها لڙڪندا هجن.
هن پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻي پي نه سگهيو، کيس سانجهيءَ تائين کِل جو دورو مسلسل هلندو رهيو، هو منجهند جي ماني کائي نه سگهيو. رات ٿي وئي ۽ رنڌڻيءَ جي ڪنيءَ مان ڪوآواز آيو.
هو ڪنڊن پاسن، پڌر ۽ رنڌڻي کان واش روم، هڪ ڀت کان ٻئي ڀت، ڪمري کان ڪمري، بستري ۾ ليٽي ۽ وهاڻن ۾ منهن لڪائي ايڏو ته کِليو جو کِل کان هن جي وهندڙ ڳوڙهن ۾ چادرون ائين آليون ٿي ويون جيئن هن انهن تي پيڙائن سان ريپ ڪيو هجي.
هن سوچيو، کِل جي دوري مان جان ڪيئن ڇڏائجي، اهو سوچي هن زندگيءَ جا ڏک ياد ڪرڻ شروع ڪيا. ڀوڳنائون، ذلتون، ملامتون جيڪي کيس زندگيءَ ۾ نصيب ٿيا.
درد جو سبب صرف مديحا ئي ته نه هئي. مديحا درد جو ننڍو مثال هئي. مديحا سان مشابهه ڪيتريون بيوفائيون زندگيءَ جي راهن تي وار کولي بيٺل هيون. هن ياد ڪيو، سندس زندگي ڏکن سان ائين ڀريل هئي جيئن پاڻيءَ جي دلي ۾ وڌيڪ جاءِ نه هجي. ننڍي هوندي سندس ماءُ مري وئي ته گهر جي اڱڻ ۾ لڳل ناز بوءِ جون ڏانڊيون وڏيون ٿي ويون. مٿان بيٺل نم سڄو ٻور ڇاڻي ڇڏيو. کٽ تي پيل جنازي ڀرسان پڃري اندر طوطو بيقراريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن وکون کڻي رهيو هيو، جيئن اهو به دري کلڻ جي انتظار ۾ هجي ۽ اڏامي ويل پاڇي پويان اڏرڻ جي جستجوءَ ۾ هجي. جيڪر هو به ماءُ سان گڏ مري سگهي ها، هن جي پيءُ ٽن مهينن اندر ٻي شادي ڪئي. هن ياد ڪيو. پيءُ جي لڳندڙ ٿڦن ڪري ڳٽن وٽ سنهين سئين جو احساس، اکين ۾ ڳوڙها، وات مان اڏرندڙ ٿڪ، يتيميءَ جو احساس، ماٽيلي ماءُ کجيءَ جي ٿڙ جهڙي هوندي آهي. پيءُ کي ياد ڪري هو کِل ۾ ٻڏي ويو، سندس پيءُ چپ مٿي ڪري مڇن جو جائزو وٺندو هيو، دنيا عجيب تماشو آهي. هر ماڻهوءَ جو قد ننڍو ۽ مٿو وڏو آهي.
هو کِلندو رهيو۽ کِل جي دوري ڪٿي به ڪو رڪجڻ جو اشارو نه پئي ڏنو. ماڻهوءَ جا درد دفتر جا پنا آهن، درد اهڙي باهه آهي جنهن ۾ زندگيءَ جا ڪارا چٺا سڙن ٿا. درد اسان جي وجود جا فائيل صاف ڪري ٿو جيئن انهن ۾ پڇتاءَ جو غير قانوني مواد نه هجي، پر دردن جي رک هر شيءِ کي ڪارو ڪري ڇڏي ٿي. درد آسيب آهي جيڪو ماڻهوءَ ۾ سمائجي ٽهڪ ڏئي ٿو.
سٺو ٿئي ها ننڍي هوندي سوٽ سان شادي ڪري ڇڏي ها، گهٽ ۾ گهٽ مديحا جو منهن ته ڏسڻو نه پوي ها. هن جي مٿي تي ڪڏهن ڪنهن شفقت جو هٿ نه ڦيريو جنهن ڪري سندس وار سدائين وکريل هيا. ماما ننڍي هوندي دفن ٿي ويا. چاچا جهڙا هيا تهڙا نه هيا، ڇو جو اهي سندس پيءُ جا ڀائر هيا، خيراتي اسڪول ۾ پڙهندي کيس محرومين جو احساس ايڏو ته وڌي ويو جو فيصلو ڪيائين ته ڪا به شيءِ خيرات ۾ نه گهرندو ۽ کسي وٺندو. هن ۾ هوڏ اچي وئي. اندر جي ان احساس کان ته جيڪي آهي کسجي نه وڃي. هن ۾ حسد، ساڙ ۽ بغض جنم ورتو.
جڏهن يارهن سالن جو هيو ته کيس جنسي تشدد جو نشانو بنايو ويو. هن وٽ نفرتن جا انبار هيا. کيس وس نه پڄندو هيو، ڇو جو خدا هن کي ماڻهو ٺاهيو. جيڪڏهن بگهڙ ٺاهي ها ته هو ڪنهن به ماڻهوءَ جي رڍ کي نه بخشي ها.
هو جڏهن هاڻي يارهين گريڊ جو هيو ته سندس ڪمائي ڪنهن وڏي آفيسر کان گهٽ نه هئي. هن کي بدلو وٺڻو هيو ۽ جام رشوت وٺي رهيو هيو. هو ذرا ذرا هيو ۽ هڪ هڙ ۾ ٻڌي پاڻ کي کڻي هلي رهيو هيو.
وري مديحا کي ياد ڪري هن جي کِل انڪري وڌي وئي جو ياد نه ڪرڻ باوجود اها هر هر ياد اچي رهي هئي. هر ڏک جي ياد کانپوءِ ڪهڙو ضرور هيو مديحا جي تذڪري جو؟ هو سمجهي نه سگهيو ته آخر مديحا جو مثال ڏک جي هر چوڻيءَ ۾ ڇو موجود هيو؟ جڏهن ته مديحا واقعي ئي ڏک جو هڪ ننڍڙو مثال هئي. ان جي جسم جا تر هو پيٽ تي ڪوِلين جيان گهمندي محسوس ڪري ٿو. کيس ڪتڪتائيون اچن ٿيون. کِلي کِلي پلنگ تي ڪِري پوي ٿو.
“يا خدا پناهه” هو چوي ٿو “توبهه ڪئي.”
ٻيا درد ياد ڪري ٿو، درد اثر وڃائي ويٺا آهن. نه کِل رڪجي ٿي، نه ڳوڙها اچن ٿا. نه ڏک محسوس ٿئي ٿو. نه اداسي ڇائنجي ٿي.
لک ٿورا سائين محمد پنهل جا، جنهن يتيم سمجهي اوطاق تي نوڪر رکيس، ايندڙ ويندڙ جي خدمت چاڪري ڪري پڙهي پيو. محمد پنهل هر سال يارهينءَ تي واڙي ۾ مينهن جو کير ورهائيندو هيو ۽ اڄ هن کي يارهين گريڊ جي نوڪري هئي، هو ننڍي آفيس جو نوڪر هيو پر سندس ڪمائي وڏي هئي. ڊاڪٽر اڪرم جي چوڻ تي هن جيڪو فل سوٽ ساڙيو هيو. اهو موساجيءَ کان پنجويهن هزارن ۾ سبرائيو هيو. موساجيءَ هن کي ڏهين جو نوٽ واپس ڪندي چيو هيو “هي ڏهه روپيا نه سمجهجانءِ، پر ڏهه عهد ناما سمجهي ان ڳالهه تي عمل ڪجانءِ ته ايندڙ سال به سياري ۾ موساجيءَ کان فل سوٽ سبائڻو آهي.”
هن اهو چئي ڏهه روپيا وٺڻ کان انڪار ڪيو ته “بيوفا مديحائن جي شادي هڪ دفعو ٿيندي آهي، هر سال ٿئي ها ته بيوفائي پنهنجو نالو بدلائي وجهي ها.”
هن کي موساجيءَ تي ڏاڍي کِل آئي، جنهن مذاق ۾ کيس پنهنجي عصا اولاري هئي.
اسر جي آذانن کان اڳ ڪڪڙن ٻانگ ڏني، سج اڀرڻ کان اڳ کيس من ۾ ڏک جي باک ڦٽي، سڀ ڏک بند دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي ويا. هن جي کِل ختم ٿي وئي ۽ روئڻ شروع ڪيو. روئي روئي ساڻو ٿي پيو. سوچيائين هڪ بلا مان جان ڇڏايم، ٻي بلا چنبڙي پئي.
کيس روئڻ جو دورو پئجي ويو، دل ۾ چيائين
“رستن، روڊن ۽ گهٽين مان روئندو آفيس ڪيئن ويندو؟”
هو زار قطار روئندو رهيو، سوچيائين ڇو نه زندگيءَ ۾ خوشيءَ جون گهڙيون ياد ڪيان، جيئن روئڻ رڪجي سگهي.
اهو سوچي زندگيءَ تي نظر ڪيائين، کيس خوشيءَ جي ڪا به ڳالهه نظر نه آئي.